سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر 1995ع

باب: --

صفحو :5

تبسم حق نواز سمو

ماٽيجي ماءُ

مُنير هڪ محنتي ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو، سندس پيءُ هڪ اعلى عهدي تي هو، ان ڪري کيس پڙهڻ لاءِ هر سهولت مُهيا هئي. ۽ پڙهڻ لاءِ خرچ به ملندو هوس. جنهن ڪري هو تمام محنت ۽ چاهه سان پڙهندو هو، ۽ سندس ذهن پرسڪون ماحول هئڻ سبب هر وقت هوشيار ۽ تيار رهندو هو، ڇو ته سندس خاندان ٽن فردن تي مُشتمل هو، پيءُ ماءُ ۽ پاڻ، موڪل وقت گهر پهچندو هو ته اڳ ۾ ئي سندس ماءُ سان پيرين پئي ملندو هو، هنن جو خاندان تمام گهڻين خوشين سان ڀريل هو، پر شايد خدا کي اهي خوشيون منظور نه هيون ۽ سندن خاندان هي خوشين جو انبار ڪلهن تي سهي نه سگهي ۽ منير جي ماءُ کيس هميشه يتيم بڻائي، سڪون جي ننڊ سُمهي پئي. ماءُ جي وفات کان پوءِ مُنير ڪجهه اُٻاڻڪو رهڻ لڳو، پر سندس پيءُ قرب ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڪئي، ۽ کيس پيار ڪندو رهيو.

مُنير اڃا به ان ڏينهن بي چين ٿي ويو، جنهن ڏينهن کان اهو ٻڌو هئائين ته سندس پيءُ ٻي شادي ڪري رهيو آهي. هو هڪ ذهين ڇوڪرو هو ۽ ماٽيجي ماءُ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، قصا ۽ ڊراما ڏٺا ۽ ٻُڌا هئا، جن تي ٻار تي ظلم ٿيندي ڏيکاريو ويندو آهي. ان ڪري مُنير نه ٿي چاهيو ته هن گهر ۾ ماٽيجي ماءُ جي صورت ۾ ڪا ظالم عورت شامل ٿئي. هن گهڻي مخالفت ڪئي، مگر سندس پيءُ آڏو دال نه ڳري، اهوئي ٿيو، جنهن جو مُنير کي ڊپ هو، پوءِ ته ان ڏينهن کان پوءِ مُنير نه گهر ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ نه ئي تعليم ۾ ماٽيجي ماءُ به ”ماءُ“ جيترو قرب ڏيڻ ٿي چاهيو، مگر ان کان اڳ جو هو ڪجهه مُنير کي چئي، هو گهران مُنهن خراب ڪري نڪري ويندو هو، يا ته کيس اهڙو جواب ڏيندو هو، جو هوءَ ويچاري خاموش ٿي ويندي هئي. مُنير سمجهندو هو ته سندس ماٽيجي ماءُ کيس قرب ڏيئي مٿانهن ڪنٽرول ڪري ويندي. هڪ ڏينهن مُنير رات دير تائين ٻاهر رهيو ۽ نيٺ گهر ويو ته مٿانئس پاڙي جي ڪُتن حملو ڪري ڏنو ۽ کيس شديد زخمي ڪي ڇڏيو سندس جسم مان ڪافي مقدار ۾ رت وهي چُڪو هو، ان ڪري کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، مُنير کي رت جي تمام سخت ضرورت هئي، جنهن ڪري ايمرجنسيءَ ۾ سندس ماٽيجي ماءُ رت ڏيئي، هن جي جان بچائي وڌي. مُنير هوش ۾ آيو ته ماٽيجي ماءُ جا ٿورا مڃڻ لڳو، ۽ سندس هنج ۾ اکيون بند ڪري سُمهي پيو.

ظهير احمد سومرو

ٻوڙو

محمد بخش عرف ٻوڙو جنهن جو پيءُ هن جي ننڍپڻ ۾ ئي هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪري وڃي ٿو ۽ هن کي اڪيلو ڪري وڃي ٿو. محمد بخش عرف ٻوڙو پنجن سالن جو آهي، هن جي دل ۾ ٻين ٻارن وانگي تمنا آهي ت هو اسڪول ۾ پڙهي، سٺا سٺا ڪپڙا پائي نوان نوان رانديڪا وٺي، پر سندس ماءُ اهو سڀ خرچ برداشت نه ٿي ڪري سگهي ۽ ننڍڙو محمد بخش هڪ هوٽل تي وڃي ٻاهر واري ٿو ڪري، هڪ معصوم ٻار پير اگهاڙا، ڪٽلي ۽ ڪوپ هٿ ۾ سڄو ڏينهن دڪانن تي ڦرندو وتي ٿو. ڪڏهن ڪو ڇڙٻ ڏيندس پر هو هميشه پنهنجي ڪم ۾ مگن هو، شايد اِهو سوچيندو هو ته ما پڙهي ته نه سگهندس، پر ڪجهه ٿي ضرور ويندس، هو مسلسل سڄو ڏينهن محنت ڪندو هو، پر جڏهن رات ٿيندي هئي ته مسجد ۾ وڃي قرآن شريف جي تعليم پڻ وٺندو هو۽ نماز ته پنج ئي وقت پڙهندو هو، آخر ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي ترقي ٿي ۽ ٻاهر واري مان اسٽان وارو ٿي ويو، پر ايتري قدر جو هاڻ هو ٻڌڻ به گهٽ لڳو هو ۽ سڀئي ٻوڙو ٻوڙو چوڻ لڳس، پر هو ڪنهن جي به ڳالهه جو نوٽيس نه وٺندو هو، ڪير ڇا پيو چئي ان سان ان کي ڇا، هن جي ته چهري مان هڪ جستجو هڪ مهم جوئي جو تاثر ظاهر ٿيندو هو ۽ هاڻ اگر توهان جو گذر ڪڏهن کاهي روڊ تان ٿيندو ته توهان کي ننڍي هوٽل نظر ايندي، ٻوڙا او ٻوڙا ٻڌين نه ٿو، ٻوڙا هڪڙي چانهه موڪل، ها اها هوٽل هاڻ ٻوڙي جي پنهنجي هوٽل آهي، جنهن جو ملڪ هو پاڻ آهي،بس هن جي وات تي فقط هڪڙي ڳالهه هوندي آهي ته محنت ۾ عظمت آهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي ضرور پڙهايو.

واقعي ساٿيو جنهن ڪم کي دل لڳائي ڪبو ته سچ پچ ته ان جو ڦل ضرور ملندو.

شمس الدين سومرو

ڪوڙ جي سزا

ننڍڙي هوندي مان، صديق ۽ حفيظ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هوندا هئاسين. اسڪول، مسجد شريف ۾ قرآن شريف پڙهڻ کان سواءِ شام جو سير تفريح ۽ ٽيوشن تي به گڏ ويندا هئاسين، اسان کي سائيڪل هلائڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڪيڏيءَ مهل حفيظ، ڪيڏيءَ مهل صديق، ته ڪيڏيءَ مهل مان، پنهنجي خرچيءَ جا پئسا بچائي، هڪ نه ٻئي ڏينهن سائيڪل ضرور هلائيندا هئاسين.

هڪ ڏينهن اسڪول جي در وٽ نئون چڻن وڪڻڻ وارو اچي ويو. چڻا اهڙا ته مزيدار هئا، جو جنهن وٺي ٿي کاڌا، تنهن چپ ٿي چٽيا، اسان ٽنهي مان پهرين مون پنهنجي خرچيءَ مان چڻا ورتا. پوءِ حفيظ ۽ پوءِ صديق جي خرچي به چڻن ۾ پوري ڪئي سين. اسڪول جو وقت ختم ٿيو ته گهر آياسين. ماني ٽڪي کائي، آرام ڪري مسجد ۾ قرآن شريف جو سبق وٺي، اچي ٻاهر ٿلهي تي ويٺاسين ۽ سوچ ويچار ڪرڻ لڳاسين ته ”اڄ سائيڪل ڪيئن هلايون“! صديق چيو ته ”پئسا اُڌارا ٿا وٺون، سڀاڻي واپس ڏئي ڇڏينداسين.“

مون جواب ڏنو ته ”اوڌر وٺڻي ناهي.“ تنهن تي حفيظ چيو ته ”يار سڀ ڳالهيون ڇڏيو، منهنجي ماءُ سان منهنجو ڏاڍو پيار آهي، ان ڪري توهان اُن وٽ وڃو ۽ وڃي چئوس ته ”حفيظ کي سائيڪل سوڌو ٻاهر روڊ تي پوليس وارو جهلي بيٺو آهي ۽ چوي ٿو ته ٻه رپيا ڏيو ته پوءِ ڇڏيندس.“ اها ترڪيب اسان کي وڻي ويئي، مان ۽ صديق، حفيظ جي ماءُ، ماسي سَڀائيءَ وٽ روئندا وياسين ۽ چيوسينس ته ”حفيظ سائيڪل تي چڙهي روڊ تان پئي ويو ته، سائيڪل وڃي هڪ پوليس واري کي لڳي، ۽ هاڻي پوليس وارو کيس جهلي بيٺو آهي ۽ چوي ٿو ته ٻه رپيا ڏيو ته پوءِ ڇڏيندس. ماسي هاڻي خدا جي واسطي اسان کي ٻه رپيا ڏي ته پوليس واري کي ڏيئي، حفيظ کي گهر وٺي اچون.“

ماسي سڀائي اها ڳالهه ٻڌي رنڀ ڪئي: ائي صدقي وڃان ٻچي تان، ٻه رپيا ته ڇا سوين رپيا پنهنجي ٻچي تان لٽائي ڇڏيان ايئن چئي يڪدم رئي جي پلاند مان ٻه رپيا ڇوڙيندي منهنجي هٿ تي رکيائين ۽ چيائين ته وڃي حفيظ کي وٺي اچو. مئي پوليس واري جو خدا ٻيڙو تاري، ٻار تان به ڪونه مڙيو.

اسان کي جو ٻه رپيا مليا ته ٺينگ ٽپا ڏيندا، مين روڊ وٽ لڪل حفيظ وٽ آياسين ۽ يڪدم وڃي مجيد سائيڪل واري کان سائيڪل کنئين سين، پروگرام ائين ٺهيو ته اٺ اٺ آنن جي واري واري سان سائيڪل هلائينداسين ۽ باقي اٺن آنن ي شيءِ وٺي کائبي. پهرين مون سائيڪل هلائي، پوءِ صديق سائيڪل هلائي، ُن بعد آخر ۾ حفيظ جو وارو آيو، حفيظ سائيڪل هلائڻ ۾ مڙيوئي ٿورو ڪچو هئو، ان ڪري جيئن سائيڪل گهٽيءَ مان ڪڍي، مين روڊ تي آيو ته هڪ ٽرڪ جي زوردار هارن سندس مٿيون منجهائي ڇڏيون ۽ سائيڪل جو هينڊل هٿ مان ڇڏائجي ويس ۽ سامهون ايندڙ ماڻهوءَ کي ٽڪر هڻي پاڻ به ڪري پيو ۽ اُن کي به ڪيرائي ڇڏيائين. مان ۽ صديق، حفيظ کي پٽ تان کڻڻ لاءِ اڳيان وڌياسين ۽ هُن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته اُٿيو ته سهي پر ساڄي ٽنگ زمين تي ٽڪائي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته سندس ساڄي ٽنگ ڀڄي پيئي هئي. رستي تي گاڏيون بيهجي ويون، ٽريفڪ رڪجي ويئي، ايتري ۾ هڪ پوليس وارو به اچي ويو ۽ حفيظ کي سهارو ڏيئي گهر وٺي آياسين، ماسي سڀائي جيئن ئي گهر وٽ پوليس کي ڏٺو ته گارين ۽ پٽن پاراتن جو وسڪارو لڳائي ڏنائينس، ته تو منهنجي ٻچي کي جهليو آهي، ٻه رپيا به کانئس ورتا اٿئي، ۽ منهنجي ٻچي کي ماري اُن جي ٽنگ ڀڃي هتي وٺي آيو آهين. آئون توکي مار ڏيندس، آئون توکي سزا ڏيندس، اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ پوليس واري جي چُپُ کي ڏسي، حفيظ شرمنده ٿيندي، پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان پوليس واري کي پٽ پاراتا نه ڏيو، ڇاڪاڻ جو هي بيگناهه آهي. ڏوهي اسان سڀ آهيون، مون هنن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي صلاح ڏني ۽ مون کي ڪوڙ جي سزا ملي آهي، نه ڪوڙ ڳالهائي پئسا وٺون ها، نه سائيڪل هلايون ها، نه منهنجي ٽنگ ڀڄي ها.

اها ڳالهه ٻُڌي، ماسي سڀائي جيئن ئي ڏوئي کڻي اسان کي مارڻ لاءِ آئي، ته مان ۽ صديق هڪ منٽ ۾ اتان ڀڄي نڪتاسين، حفيظ جي ٽنگ جو ٽي مهينا علاج پئي هليو ۽ پوءِ اسان ٽنهي ڄڻن ڪوڙ ڳالهائڻ کان توبهه ڪئي.

اعجاز ناجي جوڻيجو

ننگرپارڪر

هي شهر هڪڙي ٽڪريءَ جي ويجهو آهي، جنهن کي ڪارونجهر چوندا آهن اُتي مهاديو جو مندر آهي، ۽ تيرٿ جي جاءِ کي سرڌار چوندا آهن. هي هر سال شو جو ميلو لڳندو آهي، انهيءَ جي ويجهو هڪڙو قلعو هوندو هو، جو چندن پٽ گوبندراءِ جي جوڙايو هو، ۽ جو سن 1859ع ۾ انگريزن سوڍن جي فساد ڪري ڊهرايو هو. سرڌار جي ڏکڻ ڏي هڪڙي پهڻ جي ڳئون آهي، جنهن جي ٿڻن مان پاڻي وهي هڪڙي حوض ۾ ٿو اچي، ٻي هڪڙي تيرٿ جا جاءِ آهي، جنهن کي انچلي سر ٿا چون، جتي مهاديو جو لنگ آهي.

ننگر پارڪر کان ستن اٺن ڪوهن تي قديم شهر پاري ننگر جو هوندو هو، جو پنجين ڇهين عيسوي صديءَ جو ٻڌل چوڻ ۾ ٿو اچي. اهو هينئر ڦٽو پيو آهي، جين ماڻهن جا اتي مندر آهن. انهيءَ هنڌ کي ويرا واهه ٿا چون، انهي کن ست اٺ ڪوهه اتر لهندي ڏي گوري آهي، جتي هڪڙو قديم مندر هوندو هو. چون ٿا ته اٽڪل پنج سئو ورهيه ٿيندا ته پاري ننگر جو هڪڙو ماڻهو منگهواو سوال، پٽن ڏي ڪو مال خريد ڪرڻ ويو. اتي غيبي خبر مليس ته هڪڙي مورت ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ پوريل آهي، هن ڪنهن تجويز سان اُها وڃي ڪڍي ۽ گاڏيءَ تي کڻائي اٿي هليو، جتي اها گاڏي ڀڄي پيئي، اتي هن کي غيب مان خبر ملي ته اها مورت اتي زمين ۾ گهڙي ويئي. اتي هن کڻي مندر بنايو. ڪي چون ٿا ته اهو پارسناٿ جو مندر آهي ۽ پارسناٿ جي مورت اهو ماڻهو ڪٿان خريد ڪري آيو هو. اها ڳالهه سنه 1376ع ۾ ٿي. انهيءَ مورت يا بت کي هڪڙو وڏو هيرو ڀَرتي ۽ ٻه ڇاتيءَ تي ها. ورهين کان پوءِ اها مورت کڻائي ويرا واهه ۾ آيا، جتي زمين ۾ لڪائي ڇڏيائون، جين ڌرم جا ماڻهو اتي تيرٿ لاءِ ايندا آهن.

انهن کانسواءِ ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي جهونا ڪوٽ ۽ قبا ۽ قبرون آهن، اهي ڪوٽ اڪثر ڪري ميرن، ٽالپرن جا جوڙايل آهن، جيئن ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇري جا ڪوٽ نئين ڪوٽ ۾ ته مير علي مراد ميرپور واري جو ڪوٽ جڙيل آهي. رڻ جي ڪناري سان به ڪيترائي جهونا ڦٽل ڳوٺ آهن. رحمڪي بازار ۾ اهڙا جهونا نشان ۽ قبا ۽ قبرون ۽ مسجدون گهڻيون آهن.

(تاريخ ريگستان تان ورتل)

عبدالجبار عبد

”ٻار گلن جا هار“ تي هڪ نظر

نالو ڪتاب جو : ”ٻار گلن جا هار“ (شاعري)

ليکڪ:  غلام محمد غازي

سائيز:  ڊيمي

ڇپائي: ڪمپيوٽر تي

پنو: اوچو

ٽائيٽل:  رنگين پاٺي سان

صفحا: 37

قيمت: 15 رپيا

ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪرڻ لاءِ هر ليکڪ کي ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو، ته ٻار اسان کان ڇا ٿو گهري؟ ان ڏس ۾ موجوده دؤر ۾ ڪن اديبن ۽ شاعرن طرفان سٺيون ڪوششون ڪيون ويون آهن. اهڙن ليکڪن ۾ اسان جو نوجوان شاعر غلام محمد غازي به هڪ آهي. تازوئي هن صاحب جو شاعريءَ جو مجموعو ”ٻار گلن جا هار“ نهايت گهڻين ئي دلچسپين ۽ رنگينين سان مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي.

برادرم غازي صاحب جي مذڪوره ڪتاب تي سرسري نظر وجهڻ سان، ان ۾ اوڻايون نه هجڻ جي برابر ۽ خوبيون تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون.

ڪتاب جي منڍ ۾ مانواري شاعر ”پنهنجي پاران“ جي عنوان سان ڪتاب جا پيش لفظ لکيا آهن، جنهن ۾ هو صاحب پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ معلومات فراهم ڪندي لکي ٿو.

”ڪجهه عرصو اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدؤ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ شاخ طرفان ڪتاب ”ٻارگلن جا هار“ کي شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تحت هي ڪتاب سيد مهراڻ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪتاب ڇپائي اوهان آڏو پيش ڪيو آهي.“

هاڻي انهن سٽن ۾ هي جملو: ”جنهن تحت هي ڪتاب سيد مهراڻ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪتاب ڇپائي اوهان آڏو پيش ڪيو آهي“ ٻوليءَ جي لحاظ کان درست نٿو لڳي. هڪ ته هن لفظ ”ڪتاب“ ٻه ڀيرا استعمال ڪيو ويو آهي، ۽ ٻيو ته پڙهندڙ ڪجهه مغالطي ۾ ٿو رهي، ته سيد مهراڻ ڪو ماڻهو آهي يا ”سيد مهراڻ سنڌي سنگت“ ڪا ادبي تنظيم آهي، جيتوڻيڪ مانوارو شاعر ساڳين ئي سٽن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدوءَ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو حوالو اڳ ئي ڏنو آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن سيد مهراڻ جي پويان ٿوري دم جي نشاني هجي ها ته پڙهندڙ ڪنهن مغالطي ۾ نه اچي ها.

ساڳئي ئي صفحي تي مانوارو شاعر لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب جي ٽائيٽل ۾ اسڪيچز وغيره جي تياريءَ ۾ پنهنجي محسن استاد هارون چني جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن ”ٻار گلن جا هار“ جي ٽائيٽل ۾ اندروني تصويرون تيار ڪرڻ ۾ پنهنجو قيمتي وقت صرف ڪيو. ان ۾ ”تصويرون“ جي بدران لفظ ”تصويرن“ اچڻ کپندو هو.

صفحي نمبر 4 تي ”ڀٽ تي هلو“ نظم ۾ هڪ بند هن طرح آهي:

جاٿي ليطفي لات آه،

تون تون جي جاٿي ڏات ئآه.

ان ۾ لفظ ”جاٿي“ استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور تي ”جتي“  جاتي، استعمال ٿيندو آهي.

صفحي نمبر 27 تي ”مائو“ جي عنوان سان نثراڻو نظم آهي، جنهن ۾ مانواري شاعر لکيو آهي ته:

گهوٽڪيءَ جو کائو مائو،

مٺڙو مٺڙو واهه واهه،

بابي آئيندو آهي اڄ،

هن بند ۾ جيڪو لفظ ”آئيندو“ استعمال ڪيو ويو آهي، سو غلط آهي، جڏهن ”آندو“ درست رهندو.

موجوده دور ۾ جيئن ته ڊش اينيٽنا، وي سي آر ۽ وڊيو گيم جي وبا جيڪا اڀري آهي، اسان جو ٻار ڪتاب کان دور ٿيندو پيو وڃي، ۽ وڏو الميو اهو آهي، ته اسان جي درسي ڪتابن ۾ پڻ ٻارن جي لاءِ اهو دلچسپيءَ وارو سامان ڪونه آهي، جنهن وسيلي ٻار ڪتاب ڏانهن راغب ٿئي، جنهن ڪري ٻار ڏينهون ڏينهن ڪتاب کان دورو ٿيندو پيو وڃي، اهڙي دؤر ۾ ضرور ان ڳالهه جي آي ته، ٻارن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندا وڃن، جن جي پڙهڻ سان، ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي. ان ڏس ۾ اسان جي دوست محترم غلام محمد غازي صاحب جو هي ڪتاب هڪ اهم ڪڙيءَ جي حيثيت رکي ٿو. غازي صاحب پنهنجي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ ۽ وندر جو سمورو سامان مهيا ڪيو آهي.

ٻارن ۾ سير ۽ سفر ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو گهڻو شوق هوندو آهي. غازي ان ڳالهه کان پوءِ طرح باخبر آهي، هو ٻارن کي ڀٽ ڌڻيءَ تي وٺي وڃي ٿو ۽ سکر شهر جو پڻ سير ڪرائي ٿو.

ڀت تي هلو اي ٻارو!

اڳتي وڏو اي ٻارو،

اڳيان چوي ٿو:

دل خوش ڪيو درگاهه تي،

سرهاڻ هاريون ساهه تي.

سکر جي شهر معصوم شاهه جو منارو سنڌ جو هڪ اهم تاريخي يادگار آهي، تنهن جو ۽ گهنٽا گهر سکر جو سير هن طرح ٿو ڪرائي:

هل ته ڏسو اڄ سکر شهر جو معصوم شاهه جو منارو،

وچ شهر ۾ نظر اچي ٿو، گهنٽا گهر پيارو.

سکر جي ٻين اهم تفريحي جاين جو سير هن طرح ڪرايو اٿس:

سهڻو سهڻو سائو سائو سنڌوءَ جو ڪنارو،

لب – مهراڻ سڏجي ٿو سو نرمل آهي نيارو.

سنڌوءَ جي ڇولين ۾ آهي ڇوهه وڏو اي غازي،

ساڌ ٻيلو آ درياءَ وچ ۾ سونهن ڀريو آ سارو.

باغ ۾ جيئن ته قسمين قسمين وڻ، ٻوٽا ۽ گل ڦل هوندا آهن، ان ڪري ٻارن کي باغ جو سير ڪرڻ ۾ پڻ مزو ايندو آهي. ٻارن جي ان دلچسپيءَ کي مد – نظر رکندي غازي ٻارن کي باغ ۾ پڻ وٺي وڃي ٿو:

هلي باغ ۾ روح ريجهائجي،

اچو ٻارڙو ڪا هوا کائجي،

هي موتيو هي نرگس هي رابيل آهي،

ڏسو ٻارؤ قدرت جو ڇا رکيل آهي،

هي احسان الله جو ڳائجي.

باغ ۾ فطري حسن جي عڪاسي هن طرح ڪئي اٿس:

چتونئڙن ۽ چيهن جو چهڪار آهي،

عجب هي ته ساوڪ جو سينگارآهي،

هتي ويهي جيڪر بدن ٺارجي.

ٻارن جي راند روند نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٻارن جي وندر سان گڏوگڏ سندن جسماني ورزش جو پڻ راز، لڪل آهي. غازي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ٻارن جي لاءِ راندين جو پڻ انتظام ڪيو آهي هو ٻارن کي اهي سڀ رانديون ٿو ڪرائي، جڪي رانديون سنڌ جا ٻار کيڏندا آهن:

لڪ لڪوٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند

آءُ سرمد کيڏون ڀائو، لڪ لڪوٽيءَ راند،

پنهنجي ديس جي آهي سڻي، ڪوڏي ڪوڏي راند،

وجهوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند،

 

هو ڏس ننڍڙا کيڏن بيٺا، وجهوٽيءَ راند،

۽ ٿا ڪيڏن جوڙا ٺاهي، ڏڪر اٽيءَ راند

لاٽونئڙو ڦيرائڻ ۽ ڊڪ ڀڄڻ

هوشو هيمو سارنگ گڏجي، لاٽون ٿا ڦيرائن،

شرط رکي هڪ ٻئي سان پوءِ هي ڊوڙون ٿا پئن،

 

ملهه ۽ ڪشتي راند

ملهه ۽ ڪشتي کيڏڻ جي لئه، سندرا ٿا پيا ساهن،

هر هڪ پنهنجي راند کٽڻ لئه، ڦيريون ٿا پيا پائن.

گڏوگڏيءَ راند

تنهنجي گڏي راڻي، منهنجو گڏو راجا،

تن جا آ شادي، وڄن ٿا باجا،

ادڙي ڳائي، ويٺي سهرا،

جمهريون پائي، ڏي ٿي ڦيرا.

ٽيليويزن گهر ۾ ٻارن جي وندر جو اهم ذريعو آهي، ٻار ڏاڍي شوق سان ٽيليويزن جا پروگرام ڏسندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٽيليويزن اچي ويئي ته ٻارن جي لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويئي، اهڙو اظهار هن طرح ڪيو اٿس:

گهر ۾ هُل هنگاما آهن،

بابي آندي ٽيليويزن،

اوڙي پاڙي وارا آيا،

ڪهڙا تو هي رنگ رچايا،

هاڻي هلندا گيت ۽ گانا

ڌوڻي ٿو ڪنڌ ويٺو نانا.

ٻارن جي انهن دلچسپين ۽ رنگينين سا گڏوگڏ مانواري شار ٻارن جي اصلاحي پهلوئن کي به ڪونه وساريو آهي، ڪتاب جي شروعات ئي الله سائين جي تعريف سان ڪئي اٿس، ان کان پوءِ دُعا ڏني اٿس، گويا ٻارن کي اها تعليم ڏني اٿس ته جيڪو به ڪم ڪجي ته ان جي شروعات الله سائينءَ جي نالي سان ڪجي.

ٻارن کي سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان بچڻ جي نصيحت ڪندي چوي ٿو:

سچ وڏي شيءِ ٻارو آهي

سچ ڇڏي ٿو قسمت ٺاهي،

سچ آ ٿڌڙو ٿانءَ

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۽ ڇائي،

ڪوڙ مان ڪنهن ڪوڏي نه ڪمائي،

سچ ٿو ٺاري هانءَ،

ٻارن ۾ محنت جو جذبو هن طرح ٿو اُڀاري:

محنت جڳ ۾ مان وڌائي،

عزت عظمت شان وڌائي،

ڌرتيءَ کان ٿي عرش رسائي،

سهڻو ئي انسان بنائي.

استاد جيئن ته قوم جو معمار آهي، اهوئي ٻارن کي معاشري ۾ اٿڻ ويهڻ جا آداب سيکاري ٿو ۽ کين تعليم واري زيور سان آراسته ڪري ٿو. ان ڪري استاد جو رتبو به نهايت اوچو آهي. ان ڪري ٻارن کي استاد جو ادب ڪرڻ لاءِ هن طرح تلقين ڪري ٿو:

ادب ڪيو استاد جو ٻارو، قوم جو آ معمار،

مالهيءَ جيان استاد اسان جو، ديس جو آ سينگار،

هنر نوان سيکاري ۽ ٿو، ذهنن کي ڦيرائي،

ڌرتيءَ تان هو کڻي اسان کي، عرش تي پهچائي،

حڪم مڃيندو ان جو جيڪو، سرهو رهندو سو،

فيض ملي ويندو آ ان کي، خادم رهندو جو

هڪٻئي سان ميٺ محبت وارو سلوڪ رکڻ ۽ ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ پڻ نصيحت ڪري ٿو، چوي ٿو:

ميٺ محبت سان ڳالهايو،

ڪينو ڪين رکو اي يارو،

ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا سڀئي،

ساٿي بڻجي ڪيو گذارو.

موجوده دؤر ۾ جيئن ته اسين فرقن ۽ ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهيون. خاص ڪري رنگ ۽ نسل جو فرق پوري دنيا ۾ ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. غازي کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس آهي. هو رنگ ۽ نسل جو فرق ختم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو:

رنگ نسل جو فرق مٽايون، سوچ اها تون ڌار،

مذهب آهي پيار اسان جو، اهڙو رک وهنوار.

وطن جي حب ايمان جو جزو آهي، انڪري غازي به پنهنجي ديس سا بي انتها پيار ڪري ٿو:

هتان جي مٽي آ مشڪ عمبر،

ملن ٿا لک جنهن ۾ لعل گوهر،

اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسانجو،

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

هو ڪينجهر جون لهرون، هو منڇر جو زور،

هو باغن ۾ بلبل، هو جهنگن ۾ مور

نه هوندو اهڙو، ناميارو وطن.

صفائي جيئن ته ايمان جو جازو آهي، ان ڪري هر انسان جي لاءِ صفائي نهايت ضروري آهي، ٻارن ۾ صفائي جو گڻ پيدا ڪرڻ لاءِ غازي چوي ٿو:

صفائي سان سهڻو لڳي آدمي ٿو،

ندي نور جي ٿي وهائي صفائي،

لکين جيوڙا گندگيءَ ۾ پلن ٿا،

انهن کان ٿي بلڪل بچائي صفائي.

خدا ڀي صفائي ۾ راضي رهي ٿو،

يقينن ٿي جنت پسائي صفائي.

ان کان علاوه مانواري شاعر جا ٻيا سڀ نظم، جهڙوڪ، سارنگ، ڦوٽا، ڦريون، ڦرڻي، آڀون، شال هجون گڏ، مٿي سان موڙ ٻڌ، باغي آهيان، عيد، ٻاجهاريون ٻوليون، ٻالڪ، گل، سهڻا ٻار، اسڪول، ڇورو ٻار، ڇوڪر ڇولن وارو، قول، سهانو صبح، آزادي، سرمايو ۽ چانڊوڪي وغيره، نواڻ ۽ ٻارن جي دلچسپين ۽ رنگينين سان ٽمٽار آهن. سندس نظمن ۾ هڪ هڪ لفظ موتين جي مثال آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com