سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1985ع

باب: --

صفحو :3

زاهده گوپانگ

وئڪيشن

قربان کي اونهاري جي وئڪيشن ڇا ملي ڄڻ ته عيد ٿي ويس وئڪيشن جي خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي.

ٻه مهينا موڪلن هئڻ ڪري استاد سڀن ڇوڪرن کي هوم ورڪ به سرس ڏيئي ڇڏيو جيئن ڇوڪرا رلن نه ۽ کين سمجهائيندي سڀن کي چيائين ته ”ٻارو وئڪيشن رڳو گهمڻ ڦرڻ ۾ نه وڃائجو“ اسڪول جو ڪم پهريائين ڪري پوءِ خرب سير ڪجو“ سڀن جا چهرا گلن جيان ٻهڪي رھيا ھئاـ قربان ته خيالن ئي خيالن ۾ الائجي ڪٿي پهچي چڪو ھو. ھو سوچي رھيو ھو”خوب گھمندس، صبح جو جيڏي مهل وڻيم اوڏي مهل اٿندس اصل مزا ٿي ويا.

وئڪيشن جي پهرين ڏينهن يارھين بجي تائين ستو پيو ھو ان کان پوءِ پهريون ڏينهن ائين گذاريائين شام جو سندس استاد جا چيل لفظ ذھن جي اسڪرين ته تري آيس. ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي. واقعي مون کي ڪجھ اسڪول جو ڪم ڪرڻ گهرجي.“ هن پنهنجا ڪتاب ڪڍيا اڃا ٿورو  لکيائين مس ته سندس دوست رشيد اچي ويس. ”واهه سائين واهه هاڻي سان ئي ڪتابن کي چنبڙيو پيو آهين يار ڇڏ کڻي هاڻي ڪتابن جي پچر، هيڏا سارا ته ڏينهن پيا آهن.“ رشيد قربان کان ڪاپي کسيندي چيو قربان مٿو کنهندي چيو يار چوين سچ ٿو جبل جيڏا ٻه مهينا  آهن هل ته هاڻي ڪا سٺي فلم ڏسي اچون ڪتاب اتي ٽيبل تي ڇڏي رشيد سان فلم ڏسڻ هليو ويو. ائين روز پيو سوچيندو هو ته هيترا ڏهاڙا آهن. هڪ مهينو ائين کن پل ۾ گذري ويو. قربان ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي گهمڻ ويندو هو. ڪتابن کي ڀُلجي به هٿ نه لاتائين اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماروٽ حنيف وئڪيشن جا باقي ڏينهن هنن وٽ گذارڻ آيو. هاڻي ته سائين قربان جا مزا ٿي ويا. ڪڏهن فلم تي ڪڏهن پارڪ ۾ حنيف سان گڏ گهمندو وتندو هو هڪ ڏينهن حنيف پڇيس ”يار قربان ٻڌ ته سهي، جڏهن کان آئون آيو آهيان توکي ڪتاب هٿن ۾ به نه کڻندي ڏٺو اٿم. ڀائيان ٿو ته تو به مون وانگر اسڪول جو ڪم اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو آهي“ حنيف جا لفظ قربان جي ذهن ۾ هٿوڙي وانگر لڳي رهيا هئا. وڃايل وقت جو احساس شدت سان ٿي رهيو هيس لڄي ٿيندي چيائين ”نه دوست، مون ته هيڏا سمورا ڏينهن ائين رلڻ ۾ گذاري ڇڏيا مان سوچيندو هيس ته اڄ نه ته سڀاڻي. ائين وقت اڏامندڙ پکي وانگر اڏامندو رهيو ۽ مون کي خبر ئي نه پئي، هاڻي ته باقي پندرنهن ڏينهن وڃي بچيا آهن ”حنيف وراڻيو“ واقعي وڏي غلطي ڪئي آهي. ڀاءُ وقت ڪنهن لاءِ ترسندو ناهي وقت سان گڏ وک وک ۾ ملائي هلڻ سان ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي. اڃا به وقت نه ويو اٿئي.“ قربان وڃايل وقت جو احساس ڪندي اٿيو ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ڇنڊي اسڪول جو ڪم شروع ڪيائين.

اسان کي به گهرجي ته وقت کي ائين هرگز نه وڃايون، ڇو ته وقت تمام قيمتي آهي.

غلام فاطمہ شورو

 

والدين، استاد ۽ ٻارن لاءِ

 

ٻار کي ڪڏهن به گهٽ روشني ۾ پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. پڙهڻ وقت ٻار کي ميز تي رکيل ڪتاب تي مٿو رکي پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته جڏهن ٻار پڙهندو هجي، ته روشني مٿان يا ساڄي پاسي کان هئڻ گهرجي. ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته جڏهن ٻار پڙهندو هجي ته ان وقت  ڪتاب ۽ اک جي درميان گهٽ ۾ گهٽ 14 انچ جو فاصلو هجڻ گهرجي. ٻار کي هدايت ڪئي وڃي ته پڙهڻ وقت ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پاڻ کي آرام ڏيڻ ۽ تازو ساهه کڻڻ جي لاءِ ڪجهه سيڪنڊ اکيون بند ڪري.

ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته روشني ڪتاب تي پوي ۽ اکين تي نه پوي.

کير پيئندڙ ٻار يا وڏي ٻار کي سمهڻ جي حالت ۾ تيز روشني يا تيز اُس واري چشمي وغيره سان سج گرهڻ ڏسڻ نه گهرجي ڇو ته اک جي روشني ختم ٿي سگهي ٿي.

ڄمڻ کان پوءِ، ٻار جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ سال به سال تمام ٻارن جي لاءِ لازمي آهي ته اهي نظر ڪنهن ماهر کان ٽيسٽ ڪرائين.

ٻار کي ڪڏهن به هلندڙ ريل گاڏي يا ٻي سواري ۾ پڙهڻ نه ڏجي، ڇو جو هلندڙ گاڏي جو اثر به اکين تي پئجي سگهي ٿو.

ٻار کي ڪڏهن به پينگهي ۾ پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

جڏهن ٻار کي هوا کارائڻ يا گهمائڻ جي لاءِ ٻاهر وٺي وڃو ته ان جو سائي گاهه، ساون وڻن ۽ ٻوٽن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهرجي.

ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته ٻار هر صبح ۽ شام جو ٿڌي پاڻي سان پنهنجون اکيون صاف ڪري.

ٻار کي بدن جي صفائيءَ تي زور رکڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه به اکين کي بيماريءَ کان بچائي ٿي.

ان ڳالهه جو خيال رکجي ته ٻار ڪنهن ٻئي جو رومال يا ٽوال استعمال نه ڪري.

ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻار خراب هٿ اکين کي نه هڻي.

جيڪڏهن ٻار جي اکين ۾ مٽي يا گند ڪچرو پئجي وڃي ته ٻار کي اکين کي هٿ نه هڻڻ ڏجي. اکين مان پاڻهي پاڻي وهندو ته مٽي يا ڪچرو پاڻ ئي نڪري ويندو جي ائين نه نڪري ته اکين واري ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.

ٻار کي اکين ۾ ڪڏهن به اهڙي دوا نه وجهو جيڪا ڊاڪٽر يا حڪيم لکي نه ڏني هجي.

اکين جي ڊاڪٽر کان سواءِ ٻيو ڪنهن کان به اکين جو آپريشن نه ڪرائجي.

اکين جي ڊاڪٽر کان اکين جي ٽيسٽ ڪرائجي. بغير نمبر جي چشمو نه وٺڻ گهرجي. بغير نمبر جي چشمو فائدي بدران نقصان پهچائيندو. جيڪڏهن ٻارن جي مٿي ۾ اڪثر سور پئي ٿو ته ان جو مطلب ته ٻار کي چشمي جي ضرورت آهي.

ٻار جيڪڏهن ٽيڏو هجي ته توهان ائين نه سمجهو ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. ائين هرگز نه ٿيندو آهي. اکين جي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري آهي.

جيڪڏهن ٻار جي اکين ۾ سور هجي ته اهو ٻار انڌو ٿي سگهي ٿو تنهنڪري جلدي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن ٻار جي اکين ۾ ڦلو پئجي ويو ته اهو انڌو ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ڊاڪٽر سان مشورو ڪجي.

جيڪڏهن ٻار ڪنهن شيءِ کي پڪڙڻ چاهي ۽ ان جي بجاءِ ٻئي کي گهوريندو هجي ته سمجهجي ته ان ۾ قصرالمصر جي شڪايت آهي.

ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻار کي نوڪدار يا خطرناڪ شيءِ مثلاً چاقو، قينچي، تيرڪمان وغيره نه ڏيڻ گهرجي.

ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻار کي صحيح غذا  پروٽين ۽ وٽامن ملي رهي آهي. ڇو جو ان جي ڪمي اکين ۾ خرابي پيدا ڪري سگهي ٿي.

خيال رکڻ گهرجي ته ٻار جي صحت جو خيال صحت جي اصولن مطابق هئڻ گهرجي.

استاد ڇا نه ڪن

1- اٺن سالن جي عمر جي ٻار کان روزانو گهڻو ڪم نه وٺڻ گهرجي ۽ ان کي گهمڻ ڦرڻ جي ترڪيب ڏني وڃي.

2- انهن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل نه ڪيو وڃي جن جون اکيون خراب هجن اهڙو ٻار سڀن لاءِ خطرناڪ آهي.

استادن جا فرض

جيڪڏهن ٻار ۾ ڪا خرابي نظر اچي ته استاد کي کپي ته ان جي والدين يا اسڪول جي پرنسپال کي اطلاع ڏين. اهي هي آهن:

جيڪڏهن هو ڪتابن يا ننڍين شين کي اکين جي ويجهو ڪري ڏسندو هجي.

جيڪڏهن هو ڪنهن راند ۾ حصو نه وٺندو هجي جنهن ۾ هن کي پري تائين ڏسڻ جي ضرورت هجي.

جيڪڏهن ان جون اکيون روشني جي بغير چمڪنديون هجن.

جيڪڏهن هو پڙهڻ وقت چڙندو هجي يا پڙهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو هجي.

اکين کي هر هر مهٽيندو هجي يا اکين جي ڇپرن کي هيٺ مٿي ڪندو هجي.

جيڪڏهن ڪنهن ويجهي شيءِ کي ڏسڻ وقت ٽيڙو ٿيندو هجي يا مٿي کي هيٺ جهڪائيندو هجي يا وري پري جي شين کي ڏسڻ لاءِ اکين کي مهٽيندو هجي.

نه ڏسڻ جي شڪايت ڪندو هجي يا هو هڪ شيءِ کي ٻه ڏسندو هجي.

اکين ۾ خارش ٿيندي هجيس يا گهڻي ڪم ڪرڻ سان کيس مٿي ۾ سور ۽ الٽي به ٿيندي هجيس.

از: آرٽر ايس- ميڪسويل

مترجم: مشتاق علي وڳڻ

ممنوعا سواري

 

ڪئالن هڪ ننڍڙو ۽ سٺو ڇوڪرو هو سندس پيءُ کيس سندس ڇهين سالگرهه تي، سائيڪل وٺي ڏني. هو سائيڪل وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڄو ڏينهن سائيڪل هلائيندو هو. پهريائين هو ماءُ کي ڪم ڪار ۾ مدد ڪندو هو، پر هاڻي سڄو ڏينهن سائيڪل جي پٺيان هو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪئالن اگهاڙن پيرن سان ۽ هٿ ڇڏي سائيڪل هلائڻ لڳو.

ڪئالن اڪثر ڪري سائيڪل تي اسڪول ڏانهن ويندو هو ۽ واپس اچڻ تي شام جو گهر کان ٻاهر سائيڪل هلائيندو هو.

”ڪئالن،“ سندس ماءُ چيو، جيئن ئي هو منجهند جو اسڪول کان واپس آيو.

”آءٌ توسان سائيڪل بابت ڪجهه ڳالهائڻ گهران ٿي.“

”ڇا، سائيڪل بابت؟“

”ها“ سندس ماءُ چيو.

”آءُ ڏاڍي خوش آهيان، جو تون سائيڪل جي هئڻ سان ڏاڍو خوش آهين. پر آءٌ توکي چوان ٿي ته، توکي هٿ ڇڏي سائيڪل هلائڻ نه گهرجي. خوصوصاً تو جهڙي عمر واري ٻار لاءِ اها خطرناڪ آهي. ها، ٻي تون اها به غلطي ٿو ڪرين ته، اگهاڙن  پيرن سان سائيڪل ٿو هلائين.“

”انهيءَ سان ڇا ٿيندو؟ منهنجا هم عمر ٻار به سائيڪل ايئن ئي هلائين ٿا“

”اها خطرناڪ ڳالهه آهي، هڪ ڏينهن ضرور تنهنجو پير ڦيٿي جي آريءَ ۾ يا آڱوٺو چين ۾ ڪپبو.“

”آءٌ ته هميشہ ايئن ئي سائيڪل هلائيندو آهيان بيوقوف ٿورو ئي آهيان، جو پير يا آڱوٺو ڪپبو.“

”مون کي اميد آهي ته، تون ايئن نه ڪندين ۽ ها، آءٌ نه ٿي چاهيان ته، تون سواءِ اسڪول وڃڻ جي باقي ٻئي هنڌ، مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ وڃين.“

”تنهن جو مطلب ته آءٌ ڪيڏانهن به توهان کي ٻڌائڻ کان سواءِ نه  ٿو وڃي سگهان“

”ها، ڪيڏانهن به“

”اوهه“ ڪئالن دانهن ڪئي.

”اهو تو لاءِ سٺو آهي، منهنجا پيارا ڪئالن.“ سندس ماءُ چيو.

ڪئالن ماءُ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ سائيڪل ڪاهي چڪر ڏيڻ لڳو. ڏهن پنڌرهن منٽن بعد هو گهر جي وڏي گيٽ کان ٻاهر نڪري ويو پر جلد ئي واپس آيو. هو دانهون ڪري رهيو هو ۽ سندس پير مان رت وهي رهيو هو.

”ڇا ٿيو؟ سندس ماءُ پڇيو.

”تو ڇا ڪيو آهي؟ مون سمجهيو هو ته تون باغيچي ۾ کيڏي رهيو آهين.“

ڪئالن پير ڏانهن ڏسي، سور کان دانهن ڪئي ۽ ماءُ کي ٻڌائڻ شروع ڪيائين.

”آءٌ جيئن ئي اگهاڙن پيرن سان ۽ هٿ ڇڏي سائيڪل هلائي رهيو هئس ته، اوچتو هئنڊل اتي جو اتي ڦري ويو ۽ سائيڪل ڪري پئي، جيئن ته آءُ سائيڪل تيز هلائي رهيو هئس، سو ڪرڻ سان سائيڪل ڪجهه اڳتي هلي ويئي، نتيجي ۾ منهنجو پير پينڊل سان لڳي، وڃي چين ۾ لڳو ۽ منهنجو آڱوٺو ڪپجي پيو.“

سندس ماءُ زخم کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪئالن سور کان دانهن ڪئي.

”تمام بري طرح ڪپيو آهي؟“ ڪئالن پڇيو ”ها، تمام بري طرح.“ سندس ماءُ چيو. ڪئالن جي هڪ پاڙيسريءَ، ”ايمبيولينس“ (مريضن ۽ زخمين کي کڻڻ واري گاڏي) لاءِ ٽيليفون ڪئي.

”بهتر آهي ته توکي اسپتال کڻائي هلجي.“ سندس ماءُ چيو.

”مون ائين ڇو ڪيو؟ امڙ جو چوڻ نه ورتم؟ ڪاش آءٌ سندس چوڻ وٺان ها“ ڪئالن افسوس ظاهر ڪيو.

”پٽ ڏس، تو نافرماني ڪئي، اها نافرماني جي سزا آهي.“

”آءٌ توبهه ٿو ڪيان ته، آئينده ايئن نه ڪندس. جيئن توهان چوندا تيئن ڪندس.“

ٿوري ئي وقت ۾، ايمبيولئنس اچي ويئي ۽ ڪئالن کي، سندس ماءُ اسپتال ڏانهن کڻائي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com