سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1985ع

باب: --

صفحو :5

آمريڪي خلاباز ”ڪمانڊر نيل آرم اسٽرانگ“ پهريون انسان آهي، جنهن 10. جولاءِ سنه 1969ع ڌاري چنڊ تي قدم رکيو. اُن وقت کان هن وقت تائين ڪيترائي آمريڪي خلاباز چنڊ جي مختلف حصن تي لهي چڪا آهن ۽ انهن معلوم ڪيو آهي ته چنڊ جي ويران ٽڪرين تي زندگيءَ جو ڪو به نمونو نٿو ملي. خلاباز چنڊ تي پنهنجو کاڌو، پاڻي، ۽ ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن کڻي ويندا آهن، ۽ سردي ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ خاص قسم جو لباس پائي ويندا آهن. هيءُ خلاباز چنڊ جي ٽڪرين جا ڪيترائي نمونا کڻي آيا آهن. انهن شين جو مطالعو دنيا جا سائنسدان ڪري رهيا آهن.

چنڊ گرهڻ

جڏهن ڌرتيءَ پنهنجي محور تي گردش ڪندي، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي، تڏهن سج جا ڪرڻا چنڊ تائين نٿا  پهچي سگهن ۽ چنڊ تي اونداهي ٿي وڃي ٿي ۽ چنڊ صاف نظر نه ايندو آهي. چنڊ جي اهڙي حالت کي ”چنڊ گرهڻ“ سڏبو آهي.

علم

 

- علم هڪ اهڙو سمنڊ آهي جنهن کي ڪو به ڪنارو ڪونهي.

- علم حاصل ڪرڻ جو مقام عبادت کان به بلند آهي.

علم هڪ لازوال دولت آهي.

- قرآن مجيد دنيا جي سڀني علمن جو سرچشمو آهي.

- علم حاصل ڪيو جيڪڏهن توهان مالدار آهيو ته هي توهان جي لاءِ زينت بنجي ويندو جيڪڏهن غريب آهيو ته روزي جو ذريعو ٿيندو.

 (علي حسن عباسي، راڻيپور)

انور علي مهر ”شاد“ اُٻاوڙو                   اچو ته سنڌ گهمون

 

خانپور مهر

 

خانپور مهر شهر، ضلعي سکر جو مشهور و معروف شهر آهي. هي شهر گهوٽڪي کان ڏاکڻي طرف 24 ڪلوميٽر پري آهي. هن شهر جي آدم شماري اٽڪل 20- 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. هي شهر آباد ۽ سرسبز آهي. هتان جا رهواسي گهڻو ڪري هارپو ڪم ڪندا آهن. هن شهر ۾ اٽڪل 8 مسجدون آهن ۽ ٻه مندر آهن. هتان جي جامع مسجد تمام سهڻي نموني جي ٺهيل آهي. هتان جي ”مهراڻ“ هوٽل سڀني هوٽلن مان مشهور هوٽل آهي. هتي به ٽرڪن جو ايجنسيون آهن، جتي روزانو سوين ٽرڪون اچن وڃن ٿيون. هتان جي سبزي مارڪيٽ تمام مشهور آهي، جتي وڏو واپار ڪيو ويندو آهي. هتي ڪمند گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندو آهي. هتان جي مٺائي تمام مشهور آهي، جيڪا ٻين شهرن ۾ به سوکڙي طور موڪلي ويندي آهي. هتي واٽر سپلاءِ لاءِ هڪ واه آهي، جنهن کي بنبلي مائينر چئبو آهي. هتي هڪ ڦٽين جي فيڪٽري پڻ آهي.

سرڪاري جاين ۾: پوليس ٿاڻو، جيل خانو، پوسٽ آفيس، انجنيئري بنگلو، ٽائون ڪاميٽي، هڪ هاءِ اسڪول، هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ پرائمري گرلز اسڪول شامل آهي.

گهمڻ جون جايون: هتي گهمڻ جون ڪيئي مشهور جايون آهن جن ۾ خانڳڙهه، جتي سردار غلام محمد خان مهر جو بنگلو، باغ ۾ مڇين جو تلاءُ ڏسڻ وٽان آهي. ان کان علاوه هتان جو انجنيئري بنگلو ۽ اسپتال جيڪا زير تعمير آهي، ڏسڻ وٽان آهي.

خانپور مهر شهر کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ لاءِ وڏا اُپاءَ ورتا پيا وڃن. خانپور مهر شهر ۾ پيٽرول پمپ ۾ سئنيما نه هئڻ ڪري شهرين کي گهوٽڪيءَ وڃڻو پوندو آهي هاڻ عنقريب سئنيما ۽ پيٽرول پمپ ٺاهيو ويندو. جنهن جي خانپور مهر کي وڏي ضرورت آهي.

خانپور مهر شهر هاڻي ترقي جي راه تي گامزن آهي، انشاءُ الله اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن هي شهر ضلعي سکر جو بهترين ۽ مشهور ترين شهر ڳڻبو.

ماڻڪ- موتي- لعل

 

1- سڀ کان ڪمزور شخص اُهو آهي، جيڪو پنهنجي راز جي حفاطت نه ڪري سگهي.

2- علم بنا انسان اهڙو آهي جهڙو خوشبوءِ بنا رنگين گل.

3- علم هڪ اهڙو گل آهي جيڪو ڪڏهن به ڪومائجي نٿو.

4- ”گُل“ ۽ ”ٻارڙا“. انهن کان محروم هجڻ، زندگي کان محروم هجڻ آهي.

5- پراڻي ڪاٺي ٻارڻ لاءِ، پراڻا دوست ڀروسي لاءِ، پراڻا ڪتاب مطالعي لاءِ بهترين ساٿي آهن. (عمرخيام)

6- فن جو پهريون ۽ آخري مقصد سونهن آهي. (گوئٽي)

7- هر ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پهرين سچائي ڳوليو. (بقراط)

8- بيشڪ دير تائين سوچيو، پر جيڪو فيصلو ڪيو اهو اٽل هجي. (فرينڪلن)

9- دشمن کان خطرناڪ اهو آهي جيڪو دوست بنجي ڌوڪو ڏيئي . (ٽيپو سلطان)

10- لالچي ۽ حاسد، دنيا ۾ ڪڏهن به سُکيا ڪونه هوندا.

(رابعه بصري)

سهيڙيندڙ: جيئل داس، وارهه
 

انٽرويو: نور محمد سومرو                       (اسان جا اديب)

نصير مرزا

نصير مرزا جو ستارو ڪينسر (سرطان) آهي ۽ هو خوش آهي ته ان ستاري تحت پيدا ٿيندڙ ماڻهو، سدائين ٻار رهندا آهن. نصير مرزا 29 سال اڳ ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ ادبي خاندان (مرزا قليچ بيگ) ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ ڪجهه وقت استاد پوءِ پبلڪ رليشن آفيسر ۽ اڄڪلهه ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام پروڊيوسر آهي. ٻارن سان سندس لڳاءُ ۽ پيار جو ثبوت اِهو ڏئي سگهجي ٿو ته، هُن وڏن سان گڏوگڏ ٻارن لاءِ به شعر لکيا آهن. ويجهڙائي ۾ ڪي نوان گيت، نظم نه لکڻ جي باوجود هو پُراميد ۽ خوش آهي ته هن وٽ ريڊيو حيدرآباد جو ٻارڙن وارو پروگرام آهي. ۽ هر جمعي تي اِهو پروگرام نشر ڪرڻ کان پوءِ، هُن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ، هُن ٻارن لاءِ ڪو پيارو پيارو نظم لکي ورتو آهي. ’گل ڦل‘ جي پڙهندڙن لاءِ مون ڀاءُ نصير کان جڏهن هيٺيان سوال ڪيا ته، پاڻ نهايت پيار سان اُنهن جا جواب ڏنائين.

س: پنهنجي ننڍپڻ ۽ اُن ماحول جي باري ۾ ٻڌايو، جنهن ۾ اوهين وڌي وڏا ٿيا آهيو؟

ج: توهان جي اِنهيءَ سوال تي، مون کي خوامخواه اُهي زمانا ٿا ياد اچن، افسوس جيڪي هاڻي ڪڏهن به موٽي ڪونه ايندا. ننڍپڻ جي يادن جي پنهنجي مخصوص خوشبوءِ ٿيندي آهي ۽ اها خوشبو، ماڻهو پوءِ ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي، اُن جو پيڇو ناهي ڇڏيندي منهنجو ننڍپڻ ٻن خوبصورت واهن واري، هڪ پُرسڪون ڳوٺڙي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ گذريو آهي جنهن جي چوڦير باغ، اڏون، درگاهون ۽ قبرستان پکڙيل آهن. مان اِن ئي ڳوٺڙي جي کُڙکٻڙ رستن تي ڀاڙي واري سائيڪل هلائيندي ڀائرن ۽ سوٽن سان گڏ، پاڻي جي اڏن ۾ تِڙ ڳندي، بُلبليون ۽ تِتر ڦاسائيندي پنهنجو ننڍ پڻ گذاريو آهي. ٻٻرن ۽ ديوين جي جهُرمٽ ۾ گهريل اسان جي هن ڳوٺ ۾ سج لهندي ئي عجب سمان ٿي ويندو هو- شام ٿيڻ سان ماڻهو گهرن ۾ اچي ويندا هئا ۽ پريان الائي ڪٿان باغن مان گدڙن جا آواز اچڻ شروع ٿي ويندا هئا، ۽ امان چوندي هئي ته ”ابا، اِهي چورن جا آواز اٿئي.“

ادبي خاندان ۾ پيدا ٿيڻ جي باوجود سچ ٻڌايانوَ ته، لکڻ پڙهڻ جو شوق مون کي بنهه ڪونه هو. ها شوق هئم ته، پنهنجن سوٽن ۽ ڀائرن وانگر، ڪبوترن، ڪتن هرڻن، مورن ۽ ڪڪڙن پالڻ جو يا گل ٻوٽا پوکڻ جو (اڃا به اٿم هي شوق) پاڙي ۾ گهڻو تڻو منهنجي دوستي به اهڙن ئي ڇوڪرن سان هئي، جيڪي ڀاڙي واري سائيڪل هلائڻ، پکين ۽ جانورن پالڻ جو شوق رکندا هئا. افسوس جن وڻن هيٺان ويٺس، راند ڪيم اڄ اهي ڪٿي به نظر نٿا اچن، جن کڙکٻڙ رستن تي سائيڪل هلايم اهي چارائي گم ٿي ويا آهن، ۽ ڪجهه به  باقي نه رهيو آهي. منهنجا همعصر پکي، ڪتا، ٻلا، مور، هنج پکي الائي ڪاڏي گُم ٿي ويا آهن. بهرحال جڏهن ٻيو ڪجهه ساڳيو نه رهيو ته مان به اُهو ڪٿي رهيس! ننڍپڻ جا شوق به ويا ننڍپڻ سان!(الا) اِتي مون کي پنهنجي دوست ادل سومري جو هڪ شعر ٿو ياد اچي:

ڪيڏو پيارو هو ننڍپڻ

ڪوئي خواب لڳو ٿي ڄڻ.

س: پوءِ توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو ۽ لکڻ ڇو ضروري سمجهو؟

ج: مون مٿي جيئن ٻڌايو ته، مان سنڌ جي هڪ ادبي خاندان ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ ان حوالي سان مون کي وهم آهي ته ادب منهنجي رڳن ۾ ڄائي ڄم کان موجود آهي پر ڇاڪاڻ ته لکڻ هڪ ڏات هڪ صلاحيت آهي ۽ اها ماحول ۽ تربيت جي ٻل تي ئي اُسرندي ۽ نسرندي آهي، ۽ اهو ادبي ماحول جنهن مون کي اديب بنايو، اُهو هو سائين نثار خسينيءَ جو ساٿ ۽ ڪمپني. مان تڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ۽ نه صفا ٻار هئس ۽ نه پوري طرح جوان ۽ تن ڏينهن ۾ مون اڃا پنهنجو پورو شهر به ڪونه ڏٺو هو. گهران اسڪول، اُتان گهر ۽ شام جو اوطاق ۾ پکين سان گڏ، يا پوءِ سائين نثار وٽ پرڀات آرٽ سرڪل جي آفيس ۾، سائين نثار ڪتابن سان منهنجي اهڙي ته دوستي ڪرائي ڇڏي جو، اُنهن ڏينهن ۾ مان درسي ڪتاب ردي واري کي وڪڻي ڪهاڻين جا ڪتاب اخبارون (جن ۾ ٻارڙن جا صفحا نڪرندا هئا) خريد ڪري پڙهڻ لڳو هئس. مون کي ياد آهي ان زماني ۾ مان پنهنجي چاچي سان گڏجي، ڀٽائي جي روضي  تي به ويو هئس ۽ مون کيسي مان قلم ڪڍي، روضي جي ”ڄاريءَ“ سان اُهو ”ڇُهيو“ هو ۽ دل ۾ دعا گُهري هئم ته: ”شال ليکڪ ٿيان“ سو بس جهڙو تهڙو، ڪچو پڪو ليکڪ ٿي ويس پر...! لکڻ مون ڇو ضروري سمجهو؟ اُن جو جواب ته، نهايت سولو، نهايت آسان آهي منهنجا دوست! پنهنجي ڳوٺ جي رنگارنگي ماحول ۾ ساه پساه کڻندي، طبيعت شاعراڻي ته ننڍي لاڪرئي هئي، سو ظاهر آهي طبيعت کان مجبور ٿي نظم لکيم. ڪهاڻيڪار هجان ها ته، پڪ سان ڪهاڻيون ئي لکان ها.... اَڇا ٻڌو! پهرين نظم لکڻ جو تجربو به عجيب ٿيو هئم، رمضان جو مهينو هو ۽ شايد عيد کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي . مان پنهنجي وڏي ڀاءُ لاءِ دڪان تان ”شيونگ ڪريم“ پئي وٺڻ ويس. گهٽيءَ مان لنگهندي اوچتو الائي ڪيئن ذهن ۾ لفظ گڏ ٿيندا سِٽون بنجدا ويا، ۽ هڪ ڪچو ڦڪو نظم تيار ٿي ويو. اهو نظم پوءِ ڇپيو به هو: ”روشن تارا“ نالي هڪ رسالي ۾. اِهو ڪتاب پرڀات آرٽ سرڪل وارن جاري ڪيو هو.

س: پنهنجي ننڍپڻ جي ڪِن دلچسپ ۽ دکدائڪ واقعن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو 1967ع ۾ ڪراچي وارو سمنڊ ڏٺو هو. چانڊوڪي رات هئي. ۽ سمنڊ مستيءَ ۾ هو. رات جو سمنڊ جي هيبت ناڪ ڦهلاء، گجگوڙ ۽ دهشت منهنجي اندر ۾ بي انتها خوف ڀري ڇڏيو. پوءِ گهر موٽي هنڌ تي ليٽي اکيون پوريم ته، ائين لڳو ڄڻ سمنڊ منهنجي مٿان چڙهندو اچي. مون وٺي رڙيون ڪيون.... بچايو....بچايو....۽ ان کان پوءِ الائي ڪيترا ڏينهن ان ڊپ ۾ تپيو پيو هئس. هڪ ٻيو واقعو ته، ننڍي هوندي منهنجي سائيڪل جي ڦيٿي هيٺان، هڪ ننڍڙي پتڪڙي ڏيڏري اچي ڇيڀاٽجي وئي. مون اِها ڳالهه وڃي جڏهن پنهنجي ڀيڻ نرجس کي ٻڌائي ته، ڊيڄاريندي چيائين ”ٻچؤ! ڄاڻ ته ڪڇ ۾ ڪڇوراڙي نڪرندئي، ڏيڏريءَ کي مارڻ جو ٻارن کان ائين الله سائين اِجهو ائين بدلو وٺندو آهي.“ افسوس پوءِ اها ڪڇوراڙي منهنجي بدران منهنجي اُن ئي پياري ڀيڻ جي ڪڇ ۾ ئي نڪتي ۽ الاهي سارن علاجن کان پوءِ مس مس وڃي ختم ٿي.....

س: جيڪڏهن توهان ليکڪ نه ٿيو ها، ته ڇا هجو ها!

ج: ليکڪ نه هجان ها ته، نصير مرزا بدران... نصيربيگ مرزا ته هجان ئي ها. پر هڪ دلچسپ حقيقت ٻڌايانو ته ...مثال طور منهنجي دل چاهيندي آهي ته مان ڪنهن ميربحر جي گهر ۾ پيدا ٿيان ها. ۽ ننڍڙو مانجهي هجان ها. يا ڪو ننڍڙو ”شيدي“ هجان ها، جنهن کي پاڙي جا ڇوڪرا ”ڏاڏا“ ”ڏاڏا،“ چئي چيڙائين ها، ۽ مان به کين ”ڏاڏي، ڏاڏي“ چئي جوابي ڪاروائي ڪريان ها. يا مثال طور ڪنهن ٻڪرار جو پٽ هجان ها ۽ سڄو ڏينهن جهنگ ۾ ٻڪريون ويٺو چاريان ۽ چنگ ويٺو وڄايان ها ۽ شام جو ڪاٺيون ڪري، ڀَري مٿي تي رکي گهر موٽان ها.

س: ٻارن لاءِ اڄڪلهه جو ڪجهه لکجي پيو اُن کان مطمعن آهيو؟

ج: بلڪل.... ۽ خوش به آهيان ته اسان جي ننڍپڻ واري زماني جي ڀيٽ ۾ ٻارن لاءِ هاڻي ڪافي ڪجهه لکجي رهيو آهي. اسان بي شڪ ڀاڙي واري سائيڪل هلائي. انبن جي ٻورن مان طوطن جا ٻچا چورايا، گُليل سان جهرڪين جو شڪار ڪيو، ڪئرم ۽ لُوڊو راند ۾ وقت وڃايو، پر افسوس ان وقت ۾ نه ٽي وي تان روشن تارا ايندو هو ۽ نه وڊيو گيم جو رواج هو هن دؤر ۾ ٻارن جي ذهني سکيا لاءِ ٽي وي سان گڏوگڏ اخبارون ۽ ٻارن جا مختلف رسالا.... ۽ خاص ڪري گل ڦل ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه موجود آهي. اِهو سڀ ڪجهه ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ جوان ٿي ويا آهيون. افسوس جو پوءِ گل ڦل وري ٻيهر تڏهن وڃي جاري ٿيو هو، جڏهن اسين ٻار نه رهيا هئاسين. ۽ ڏٺو وڃي ته اسان جي زماني کان زمانو ته وري به بهتر زمانو آهي. ”ادل“ ڌڙاڌڙ ٻارن لاءِ عمدا عمدا نظم لکي، ٻارن جي ادب کي مالا مال ڪري پيو. اڪبر جسڪاڻي، الاهي بخش ٻانڀڻ، شمس سومرو ۽ ٻيا ٻارن لاءِ ڪهاڻين لکڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهن. ۽ اهو ڊاڪٽر اينيمري شمل به ته چيو آهي نه ته...”سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ ڇپيل مواد جو تعداد حيرت انگيز حد تائين موجود آهي. ۽ ڊاڪٽر شمل جي ان راءِ سان مون کي ڪو گهڻو اختلاف به  ڪونهي. (تحقيق ته هن صحيح چيو آهي)

س: سنڌ جي ادبي ادارن ۽ ريڊيو، ٽي ويءَ ٻارن جي ذهني سکيا وڌائڻ ۾ جيڪو هٿ ونڊايو آهي، ان کان اوهين مطمعن آهيو؟

ج: نه.... بلڪل ئي نه ! پر بابو! مان اِها راءِ ڏيندڙن مان به ڪونه آهيان ته، ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي. يا ڪجهه به ڪونه پيو ٿئي. ها! ايترو چئي سگهان ٿو ته ڪنهن ترتيب، ڪنهن تسلي تحت ڪونه پيو ٿئي. ٽي ويءَ جو روشن تارا، ريڊيو حيدرآباد جو ”ٻارن جي ٻاري“ ڪراچيءَ جو ”ٻارن جي دنيا“ اخبارن جا صفحا ادبي بورڊ جو ”گل ڦل“ اهي سڀ بي شڪ ٻارن جي ذهني سکيا ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائن پيا، پر سنڌ جيڪا سمونڊ آهي ٻارن جو، اُنهن لاءِ اِهو سڀ ڪجهه ناڪافي آهي. خاص ڪري اشاعت جي ميدان ۾ ته ادبي  ادارن جي ڪارڪردگيءَ ساراه جوڳي بلڪل ئي ڪونهي. ادبي بورڊ، ٽيڪسٽ بورڊ، سنڌ الاجي... اهڙا ادارا به.... پر افسوس ٻارن جي ادب لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ هنن وٽ صرف نيڪ جذبو ڪونهي.

س: اوهان کي پنهنجي آس پاس جون ڪهڙيون شيون وڻنديون ۽ موهينديون آهن؟

ج: امان ۽ حضرت امام حسين ڪويل جي ڪوڪو، موتئي جي خوشبوءِ، ڪيسوڦل جا گل، جَرڦل، سُرندي جا سُر، مور جا پَرَ، پنهنجي ڀيڻ  نرجس ۽ پنهنجو پروگرام ٻارن جي ٻاري ۾ ايندڙ پيارا پيارا ٻار.

س: ٻارن لاءِ ڪو پيغام !

ج: پيارا ٻارو! هڪڙو گلاب جو ٻوٽو پوکيو. اُن جي شاخن تي جڏهن گُل ٽڙندا ته، خوشي پيدا ٿيندي ۽ پوءِ سڄي سنڌ ان خوشبوءِ سان واسجي ويندي،

پنهنجو پاڻ ٻارن لاءِ ڪا دعا:

شال وڏا ٿي هُو، اهي ئي ڪجهه ٿين، جيڪي هو پاڻ به چاهن ٿا!

سهڻا سخن

·       سڀ کان زياده ڪامل ايمان ان شخص جو آهي جنهن جو اخلاق سڀ کان بلند آهي.

·   سچائي جو مقابلو دنيا جي ڪابه طاقت نٿي ڪري سگهي.جنهن سچي دل سان خدا کي تسليم ڪيو اهو جنت جو حقدار آهي.

·       ماءُ پيءُ جون دعائون وٺو ته هميشه گلن وانگر ٽڙندا رهندؤ.

·       علم هڪ اهڙو گل آهي جيڪو ڪومائجڻ کان پوءِ به خوشبو ڏئي ٿو.

·       دشمن جي دل کي مهرباني ۽ احسان سان جيتيو ۽ دوست کي نيڪ سلوڪ سان.

- جيئل داس، واره

 

خليل لاکو

ٻار، راند ۽ معاشرو

 

ٻار، معاشري جي پيڙهه جو پٿر (Basic Unit) آهي راند، زندگي جي روزمره جي ٿڪاوٽ ۽ جسماني طبيعت لاءِ ضروري آهي.

معاشرو فطرت جي هڪ اهڙي تخليق آهي، جنهن ۾ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هرجيو رهي ٿو.

ٻار، جيڪو هن ڪائنات ۾ تخليق ٿيڻ ساڻ، فطرت جي حسين ۽ جليل القدر هستي ماءُ جي گود ۾ اچي ٿو. اتي هو پنهنجي جسم ۽ ذهن جي حقيقي پرورش پائي ٿو. جسماني طور هو تڏهن صحتمند رهندو، جڏهن کيس والدين طرفان صحيح خوراڪ مُيسر ٿيندي، ذهني پرورش تڏهن صحيح پائيندو جڏهن کيس مليل ماحول پرامن، باعزت ۽ صفائيءَ وارو هوندو. ٻار جيئن پوءِ تيئن وڏو ٿيندو ويندو ته، سندس جسماني واڌ سان گڏ، ذهن به کُلندو. هاڻي جنهن ماحول ۾ هو رهي ٿو ته والدين کيس اسڪول به اماڻين ٿا. اتي هو هڪ جيڏن، پئسي وارن، غريبن، ٻين ذاتين وارن ۽ ننڍن وڏن ٻارن سان رهي ٿو ۽ پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ٿو. هاڻي ٻار اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ گهر اچي ٿو ۽ شام جو دوستن ۽ هڪ جيڏن سان نڪري ٿو . شهري زندگي ۾ شام جو ٻار، ميدان تي ويندو ۽ ڪرڪيٽ يا ٻي راند ۾ جنبي ويندو، پر ٻهراڙيءَ جو ٻار يا کڏ جي ڪپ تي، ڊٻ (وارياسو علائقو) تي يا زمين تي وڃي راند رچائيندو. اتي اٽي ڏڪر، ملهه يا ڪٻٽي راند ڪري ٿو ۽ شام جو گهر ۾ ٿڪل ٽٽل موٽي اچي ٿو. هوڏانهن شهري ٻار، مختلف رانديون کيڏي، رات جو گهر پهچي ماني کائي، ٽي وي کولي ڊرامه يا راڳ ٻڌڻ شروع ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com