سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1993ع

باب: --

صفحو :4

محسن چانڊيو

علم

پڙهڻ سان رکو شوق ٻارو

سکيو ٿو رهي علم وارو

صبح جو سوير اٿو پيا

نالو پنهنجي ڌڻي جو وٺو پيا

رات ڏينهن علم جي ڪر تياري

ٿيندي هن ڏيهه ۾ ڪا بهاري

تيل سرمون ڦڻي ڏيو اي ٻارو

هٿ ڪيو ڀاڳ وارو ستارو

پنهنجي جيجل کان دعائون گهرايو

هاڻ اسڪول ڏي پير پايو

ات ملي ٿو اوهان کي سبق جو

پنهنجي گهر ۾ اچي سڀ پڙهو سو

علم سان ديس پنهنجو اجاريو

ڏيهه مان ڏکن کي ڌڪاريو

هن وطن جا ته معمار بڻجو

پنهنجي ”محسن“ جا سهڪار بڻجو

راهي چنا

چانڊوڪي

روشن تارا سارا ٻار،

ڪنيجهر ڪنارا پيارا ٻار.

 

مُنڇر مڪلي ۽ ڪشمور،

واهه جو نينهن نظارا ٻار.

 

سوچون سُرها گُل سدائين،

هيءَ ڌرتي چنڊ ستارا ٻار.

 

علم امن جي آس اندر ۾،

اجرڪ ٽوپيءَ وارا ٻار.

 

اچو ته ”راهي“ منزل ماڻيون،

چانڊوڪي ۽ چارا ٻار.

عبدالحڪيم ايم. جوکيو

سج پوڙهو ٿيندو پيو وڃي

علم فلڪيات ۾ تارن جي زندگي جو مطالعو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. 1938ع ۾ پهريون دفعو مشهور طبعي دان مسٽر هانٽر (Hanter) تارن جي توانائي جو عمل ايٽم ۾ ڳوليو، يعني اهي ائٽمي عمل سان توانائي حاصل ڪن ٿا. ان عمل ۾ چار هائڊروجن ائٽم، هڪ ٻئي ۾ هڪ هيليم (Helium) جو ائٽم ٺاهين ٿا، انهي عمل جي ڪري ڪافي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿي، روشني جي شڪل اختيار ڪري ٿي. تارن جي چمڪ وغيره جو اهوئي راز آهي. تاري ۾ هي عمل جيترو تيز هوندو، ايترو ئي زياده توانائي خارج ٿيندي ۽ تارو ايتروئي زياده روشن نظر ايندو.

ان دريافت کان پوءِ تارن جي عمر جو مسئلو سامهون اچي ٿو، ڇو ته تارا به ننڍپڻ، جواني ۽ ٻڍاپڻ جي منزلن مان گذرن ٿا. عمر جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪي اصول ۽ فارمولا ٺاهيا ويا آهن. هڪ ماهر طبيعات تاري ۾ موجود هائڊروجن جي ائٽمن جو تعداد معلوم ڪري سگهي ٿو. ان کان پوءِ هيئيتي مشاهدن ۽ تجربن جي مدد سان تخمينو لڳائي ٿو. ته تارو ڪهڙي رفتار سان پنهنجي توانائي ڪرڻن جي شڪل ۾ خارج ڪري پيو. ان طريقي سان ان جي عمر معلوم ڪري سگهجي ٿي.

زمين کان تارن جو مفاصلو ۽ انهن جي حدت نور جي پئمائش مان معلوم ٿيو آهي، ته بعض تارا هر سال پنهنجي ٻارڻ (هائڊروجن) جي ذخيري ۽ توانائي جو ڏهه لکون حصو خارچ ڪري ڇڏين ٿا. ان حساب سان 10 لک سالن کان پوءِ انهن جو ٻارڻ ختم ٿي ويندو ۽ انهن جي چمڪ وغيره باقي نه رهندي.

جوان ۽ انتهائي چمڪدار تارا صرف ڪهڪشان ۾ نظر اچن ٿا، جيڪا ڪائناتي گيس ۽ مٽي وغيره جي ننڍن ذرن تي مشتمل آهن. ان مان هئيت دانن، اهو نتيجو ڪڍيو ته پراڻن تارن جي درميان گيس ۽ مٽي وغيره جا بادل تارن جي پيدائش جو مقام آهن ۽ انهي گيس ۽ مٽي وغيره جي ذرن مان نوان تارا ٺهن ٿا. هاڻي نون تارن جي پيدائش جي وقت ٿيڻ وارين طبعي تبديلين جو به سبب معلوم ٿي ويو آهي. جڏهن گيس ۽ مٽي وغيره جي بادلن جو مقدار وڌي ويندو آهي، ته اهي پنهن جي وزن جي ڪري هيٺ ڪرڻ لڳندا آهن. بادلن جي ان اوچتي حرڪت سبب گيس ۽ مٽي وغيره جا پکڙيل ذرا ويجهو ٿي سميٽجڻ لڳندا آهن ۽ بادلن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي. ۽ ان جي اندروني مادي جي گرم ٿيڻ جي ڪري تاري جي پيدائش جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. جڏهن ابتدائي مقدار جو ڏهه کربون حصو وڃي بچي، تڏهن گرمي جو درجو ۽ مقدار ان سطح تي اچي ويندا. جتي هائڊروجن جي ائٽمن جو پاڻ ۾ ٽڪراءَ ٿيڻ ناممڪن ٿي ويندو. هي عمل به هائڊروجن بم جي ڌماڪي وانگر آهي. فرق صرف ايترو آهي ته هن ۾ ڌماڪو نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته تارو حاصل ٿيڻ واري توانائي کي روشنيءَ جي شڪل ۾ خارج ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته هائڊروجن بم جي لڪل توانائي اوچتو ۽ زوردار قوت سان خارج ٿئي ٿي.

جوهري عمل شروع ٿيڻ سان ئي نئين پيدا ٿيل تاري جو مادو سميٽجڻ بند ٿي ويندو آهي. اهو هڪ قائم ۽ مستحڪم تارو يعني فطرت جو عظيم شاهڪار ٺهيو وڃي. ان جو مادو نه گهٽجي ٿو، نه وڌي ٿو ۽ نه ئي هيٺ ڪري ٿو، سبب اهو آئي ته ان تي عمل ڪرڻ واريون قوتون متوازن رهن ٿيون. ڪشش ثقل جي قوت مادي کي مرڪز جي طرف ۽ گيس جو دٻاءُ ٻاهر جي طرف ڇڪي ٿو. جيڪڏهن اسان کي تاري جو گرمي جو درجو ۽ ڪشش ثقل جي قوت معلوم هجي ته علم طبعي جي فارمولن جي مدد سان گيس جو دٻاءُ معلوم ڪري سگهجي ٿو.

هڪ ٺهيل ٺڪيل تاري جون سڀئي خاصيتون مثلاً: نيم قطر، روشني ۽ گرمي جو درجو ان جي مجموعي گهاٽائي جي مدد سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. ان جو مطلب آهي ته تارن جي گرمي جي درجي ۽ روشني جي وچ۾ خاص تعلق آهي ۽ ان جي پئمائش جا طريقا ۽ ذريعا موجود آهن.

هيئت دانن معلوم ڪري ورتو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ نئين تاري جي اندروني حالت ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي. ان تبديلي جو سبب اها گهاٽائي آهي، جا ائٽمي عمل جي وقت پيدا ٿيندي آهي. اها گهاٽائي دراصل هيليم ايٽم ۾ ۽ خاڪ جي صورت ۾ تاري جي اندروني حصي ۾ جمع ٿيندي رهندي آهي.

سائنسدانن مشاهدو ڪيو آهي، ته جيئن جيئن هيليم ائٽمن جو تعداد وڌي ٿو، ته تارو پکڙجي ٿو ۽ زياده روشني خارج ڪري ٿو، ان سان ائٽمن جي تبديلي ڪري ٿيڻ واري خلل جي تلافي ٿي وڃي ٿي ۽ اندروني قوتن ۾ فرق نٿو اچي. اها تبديلي آهستي آهستي ظاهر ٿئي ٿي ۽ پوءِ ٻارنهن في سيڪڙو هائڊروجن گيس هيليم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اتان کان ئي تاري جي عمر جو آخري وقت شروع ٿئي ٿو، ڇو ته ٻارهن سيڪڙو ٻاڙڻ خرچ ڪرڻ کان پوءِ تاري جي قوتن ۾ توازن نٿو رهي. هاڻي هيليم جي مقدار ۾ ٿورو اضافو تاري جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏي ٿو. هي وقت تاري جي زندگيءَ جي آخري سفر کي ظاهر ڪري ٿو. ان موقعي تي هو باقي بچيل ٻارڻ کي وڌيڪ تيزي سان خرچ ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ان جي چمڪ دمڪ بي پناهه تيز ٿي ويندي آهي. قوتن جو توازن درهم برهم ٿيڻ جي ڪري مادي ۾ ظا بطو نٿو رهي ۽ رک (خاڪ) جي ذرن وانگر پکڙجي ويندو آهي.

ٻين تارن وانگر سج به هڪ تارو آهي. سج پنهنجي ٻارڻ جو ڪجهه حصو خرچ ڪري چڪو آهي ۽ گهاٽائي جي ڪري پگهريل آهي، پر تڏهن به گهاٽائي جو مقدار اڃا ٻارهن في سيڪڙو تائين نه پهتو آهي هيئت دانن جو خيال آهي ته سج پنهنجي زندگي جو اڌ سفر يا عمر ختم ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي سن بلوغت مان گذري رهيو آهي، ليڪن ان کي پنهنجو ٻارهن في سيڪڙو ٻارڻ جلائڻ لاءِ اڃا سٺ کرب سال وڌيڪ گهرجن. ان منزل تي پهچڻ کان پوءِ ، ان جو مقدار تيزي سان وڌڻ لڳندو ۽ ٽيهه دفعا زياده ٿي ويندو. روشني جهڪي ٿي ويندي ۽ هو هڪ ڳاڙهاڻ وانگر ٿي ويندو ۽ پوءِ هائڊروجن گيس ختم ٿيڻ کان پوءِ روشني کان بلڪل محروم ٿي ويندو.

ان عرصي ۾ زمين جي موجوده حالت به برقرار نه رهندي، گرمي جو درجو تيزي سان وڌڻ شروع ٿي ويندو. سج جو مقدار جڏهن وڌي ويندو. تڏهن باقي رهيل هر هڪ ساهوار مري ويندو. اهڙي طرح سان زمين تي گرمي جو درجو پهرين پاڻي جي ٽهڪن واري درجي تائين ۽ پوءِ شيشي جي پگهرجڻ جي گرمي جي درجي تائين ۽ آخر ڪار اٺسو درجا سينٽي گريڊ C  800 کان به زياده ٿي ويندو، ان گرمي جي درجي تي زمين تي هر هڪ. شيءِ سڙي خاڪ ٿي ويندي، سمنڊ خشڪ ٿي ويندا ۽ پاڻي بخارات جي شڪل ۾ زمين کي چوڌاري ويڙهي ڇڏيندا. ان کانپوءِ ٻيو عمل شروع ٿيندو. سج جي روشني غائب ٿيندي ئي زمين جو گرمي جو درجو تيزي سان ڪرڻ شورع ٿيندو، ايستائين جو سمنڊ وري برف وانگر ڄمي ويندا.

هيئت دانن حساب لڳايو آهي، ته سج جي موجوده عمر سٺ کرب سال آهي ۽ ان جي ان وڏي مدت ۾ اسان جي زمين جو گرمي جو درجو سست رفتاري سان وڌندو رهندو، ۽ آئنده سٺ کرب سالن تائين انهي رفتار سان ان ۾ اضافو ٿيندو رهندو. ان حساب سان پنجاه ڪروڙ سالن کانپوءِ زمين جو گرمي جو درجو C 800 چارسو سينٽي گريڊ هوندو، ۽ ان وقت زمين تي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي. سائنسدانن جو خيال آهي ته حياتي جي ارتقا جي ڪري انسان ذات ۾ تيزي سان تبديليون پيدا ٿينديون ۽ هو وڌندڙ گرمي جي درجي جو مقابلو ڪري زنده رهي سگهندا.

هن ڪائنات ۾ اسان جي ڪهڪشان وانگر لکين ڪهڪشائون ۽ هر هڪ ڪهڪشان ۾ اسان جي سج وانگر لکين تارا آهن. هيئت دانن دريافت ڪيو آهي ته اسان جي شمسي نظام ۽ ٻيا به ڪيترائي لاتعداد شمسي نظام موجود آهن، معنيٰ ته اسان جي زمين وانگر ٻيا به ڪيترائي آباد سياره آهن. اسين ان لحاظ کان خوش قسمت آهيون جو اسان جو سج جي عمر آهستي آهستي اڳتي وڌندي رهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻئي سج (تاري) جي پوڙهي ٿي وڃڻ جي ڪري ڪائنات جي ڪنهن حصي ۾ هن وقت ڪا مخلوق تباهي جي ڪناري تي بيٺي هجي.

محمد علي ماجد

نظم

سنڌو جو آ سهڻو ڪنارو،

دل کي لڳندو آهي  پيارو.

 

جنهن جي پاڻي سان سائوآ،

پنهنجي ٻنين جو ٻارو ٻارو.

 

پاڪ ۽ پوتر پاڻي سنڌو جو،

پنهنجي لاءِ آ جيئڻ جو سهارو.

 

هي پاڻي ائين ٿو چمڪي جيئن،

اڀ تي چمڪي تارو تارو.

 

”ماجد“ نيڻ نهارڻ تائين،

هي ڪنارو وڻندڙ سارو.

محسن علي ميمڻ

ڪاپي ۽ ٺڳي

اڄ ڪلهه تعليمي اِدارن ۾ ڪاپي ڪرڻ جا مثال انتها تي پهچي چڪا آهن. ان ڪري سڄي سماج جو نقصان پيو ٿئي، پر اٻهرا ماڻهو، هن ڪم ۽ مصروف آهن. تعليمي ادارن ۾ بدعنوانين تي گهڻائي بحث مباحثا ٿي چڪا آهن. تقريرون ڪندڙ. لکندڙ ڪڏهن رواداريءَ کان ڪم وٺندي، ڪنهن هڪ طبقي کي ملزم سڏيندا آهن ته ڪڏهن ٻئي طبقي تي الزام لڳايو ويندو آهي.

منهنجي مشاهدي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته ان خرابيءَ جو بنياد ان کي پالڻ ۽ انتها تي پهچائڻ ۾ معذرت سان عرض ڪندس ته استادن ۽ مائٽن جو وڏو هٿ آهي. جيڪو اصل ۾ ٻارن جي علم، ادب ۾ واڌارو آڻڻ بدران، ٻارن کي هر قسم جي بي ايماني، ڪوڙ ۽ ‎ٺڳي سيکاري ٿو. ٻار ويچارا گل هوندا آهن. چوڻي آهي ته ”ٻار مڇ جو وار“ يعني جاڏي موڙيندؤس. اوڏانهن مڙندو. مائٽ هنن جي ڪردار جي تعمير ڪري سگهن ٿا.

آئون ڪجهه مثال ڏيان ٿو، جن کي باريڪ بيني سان سمجهڻ ۽ تجزيئي کان پوءِ پنهنجو فيصلو ڏيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com