سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1993ع

باب: --

صفحو :6

هري شنڪر ڪمار ڏيواڻي

مڃو يا نه مڃو

ڏهن پٽن جي بدنصيب ماءُ جنت بي بي نالي هي فقير عورت داتا دربار جي هڪ فٽ پاٿ جي ڪناري تي ان حالت ۾ پيل آهي. هن مائي جا ڏهه پٽ آهن. جن مان ڪو به هن کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇو جو انهن جي زالن جي چوڻ مطابق هن مظلوم ۽ بي بس عورت کي ٽي. بي. ٿي وئي آهي. ۽ انهيءَ کي گڏ رکڻ سان خطرناڪ بيماري انهن جي ٻارن ۾ به منتقل ٿي سگهي ٿي. توهان هي پڙهي وڌيڪ ڏک ٿيندو ته ان مائي جا ڏهه ئي پٽ اعليٰ عهدن تي آهن سڀني جون وڏيون وڏيون نوڪريون آهن. بيوهه جنت بي بي پنهنجي موت جي دعا گهرڻ سان گڏو گڏ اڄ به پنهنجي پٽن کي زندگيءَ جي دعا ڏيندي آهي. ڇو جو آخر..... هيءَ هڪ ماءُ آهي

نتيجو رنگ ڀريو-1

گل ڦل ماهه جون 1993ع ۾ هڪ تصوير ڏني وئي هئي، جنهن ۾ ڪيترن ٻارن رنگ ڀري موڪليو. محترم طارق عالم ابڙي سمورن ٻارن جا چتر ڏٺا، جنهن ۾ پهرين نمبر آيو. 1- پيشورام هاءِ اسڪول صوفي فقير وايا ڍورو نارو.

نتيجو سوال مڪمل ڪريو-1

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، کين ٽن مهينن تائين رسالو مفت ۾ موڪلبو

جواب (1) 1920 (2) 1822 (3) غلام شاهه ڪلهوڙو (4) فارسي (5) حيدرآباد سنڌ.

1- پيشورام هاءِ اسڪول صوفي فقير وايا ڍورو نارو

2- عبدالغفار جروار ولد عبدالله جروار پوسٽ آفيس صاحب خان جروار ٽنڊوالهيار.

کل ته سهي

* پيءُ (پٽ کي) ڇورا فيل ٿيڻ جي باوجود خوش آهين.

پٽ: بابا انهي ڪري، جو هن سال نوان ڪتاب وٺڻا نه پوندا ۽ بچت ٿيندي، اوهان هميشہ چوندا آهيو ته بچت ڪريو.

جميل احمد سومرو ڳوٺ دڙا.

* هڪ ڇوڪري، هڪ ڇوڪري کي چيو ته، تو منهنجو قلم چورايو آهي، قيامت جي ڏينهن مان توکي ڳلي کان وٺندس. ٻي ڇوڪري چيو ته: مان قيامت ڏينهن قميص ئي ڪونه پائيندس.                                تارا چند خواجه ڳوٺ.

* ٻار (سپاهي کي)  ڇا تون ڊڄڻو آهين. سپاهي: نه. ٻار: ته پوءِ هر وقت رائيفل کڻي ڇو هلندو آهين.

هريش ڪمار ٿري ٽنڊو جان محمد

* هڪ فلا سافر، رات جو اٿيو، ۽ ڪار جي ڊگي کولي، رڙيون ڪري زال کي چيائين: اڙي ڪار مان الائي ڪير، ائسٽيرنگ، بريڪ ۽ ڪلچ چوري ڪري ويو آهي. گهر واري ڊوڙندي آئي. ۽ مڙس کي چيائين ته تون ته ڪار جي ڊگي ۾ ويٺو آهين.

اسدا لله اسدي ڪوپر

* هڪ همراهه، آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. گهر مان ٻاهر نڪري، وري موٽي آيو. زال کي چيائين، منهنجي ٽوپي ڪٿي آهي؟ زال چيس ته، اها ته اوهان جي مٿي تي پيل آهي.

احسان علي سومرو نئون ڪوٽ.

* هڪ ڇوڪري پنهنجي دوست کي چيو ته ”منهنجو ڏاڏو اهڙو ٽوٻو هوندو هو، جو ڇهه ڪلاڪ مسلسل پاڻي ۾ ٽٻي هڻي ويندو هو. سندس دوست چيو ته: منهنجو ڏاڏو اهڙو ٽوٻو هو، جو هڪ ڀيري درياءُ ۾ ٽٻي هنيائين، پر اڄ تائين نه نڪتو آهي

رجب الدين شيخ راڻي پور

* استاد (شاگرد کي) پنجاهه ۽ پنجاهه گهڻا ٿيا؟

شاگرد: سائين سؤ.

استاد: تون ته ڪمال جو ڇوڪرو آهين.

آهيان.

سيد سجاد شاهه حيدرآباد

* هڪ ٻار ٽي وي تي اشتهار ٻڌو ته، جي توهان جو فصل سٺو نه ٿئي ته، پوءِ سونا يوريا استعمال ڪريو.

ٻار معصوميت مان پيءُ کي چيو: بابا توهان جي مٿي تي به وار نه آهن، توهان به اهو ڀاڻ استعمال ڪريو؟

عاد حسين مڱريو حيدرآباد

گل ڦل قلمي دوستي

* نالو: طارق حسين ميمڻ. ڪلاس: پنجو. وندر: علم سان چاهه. عمر11 سال. ائڊريس: ڀر سان غفور مسجد منور آباد نوابشاهه.

* نالو: کلومل. ڪلاس. ڏهون. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 16سال. ائڊريس: عوامي ڪلاٿ هائوس شاهي بازار پنوعاقل.

* نالو: انور حسين خاصخيلي. ڪلاس: ڇهون. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: هيئر ڊريسر محمد حسين خاصخيلي ٿاڻو بولاخان.

* نالو: جاويد احمد شيخ. ڪلاس: ڏهون (سي). وندر: سنڌي ادب پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: پاڪ نيشنل بڪ اسٽور خيرپور ناٿن شاهه.

* نالو: عبدالقادر سومرو. ڪلاس: ستون. وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: غريب آباد محلو قمبر.

* نالو: رياض احمد ميمڻ ٽکڙائي. ڪلاس: اٺون اي. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: پوسٽ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ ٽنڊو محمد خان.

* نالو: مقصود ميمڻ. ڪلاس: اٺون اي. وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ. عمر14 سال . ائڊريس: ميمڻ محلو ٽکڙ ٽنڊو محمد خان.

* نالو: ذوالفقار علي لغاري. ڪلاس: پنجو. وندر: رسالا پڙهڻ. عمر 11 سال. ائڊريس: پرائمري اسڪول حاجي ولي محمد لغاري ٽنڊو باگو.

* نالو: جميل احمد ميمڻ. ڪلاس: چوٿون. وندر: علمي ڪتاب پڙهڻ. عمر: 9 سال. ائڊريس: پرائمري اسڪول دڙا پوسٽ باڊهه.

* نالو: برڪت علي لغاري. ڪلاس: ڇهون. وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: شيوڪمار پان هائوس، ٽنڊو محمد خان.

* نالو: اسرار احمد مهڙ. ڪلاس: ٻيو. وندر: ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 7 سال. ائڊريس: اقبال کوکر ڪريانه مرچنٽ سڪرنڊ روڊ، عظيم ڪالوني نوابشاهه.

* نالو: شير محمد گائينچو. ڪلاس: يارهون. وندر: ڪرڪيٽ  راند کيڏڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: گورنمنٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه.

* نالو: وفا، ذوالفقار مگسي. ڪلاس: اٺون. وندر: گل ڦل پڙهڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: مگسي محلو ڀينس ڪالوني لاڙڪاڻو.

* نالو: ممتاز علي گائينچو. ڪلاس: ڇهون سي. وندر: ادبي رسالا پڙهڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: گورنمنٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه.

* نالو: علي اختر جمالي. ڪلاس: ستون ڊي. وندر: علي سان چاهه. عمر 13 سال. ائڊريس: ڀرسان خير شاهه حويلي غريب آباد نوابشاهه.

*نالو: ڪنعيالال. ڪلاس: ستون بي. وندر: سٺا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: گهنشام بوٽ هائوس عمر ڪوٽ.

*نالو: مختيار احمد شابراڻي. ڪلاس: يارهون. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: ڪاشف ڪلينڪ نصيرآباد لاڙڪاڻو.

*نالو: غلام مرتضى صديقي، ڪلاس اٺون اي وندر ادب پڙهڻ عمر 12 سال، ايڊريس ماستر ڪريم بخش هائوس هالاڻي.

*نالو: صابر اختر شيخ. ڪلاس: ڏهون. وندر: جوڊو ڪراٽي سکڻ. عمر: 16 سال. ائڊريس: سنڌ سائيڪل اسٽور پاڪستان چوڪ لاڙڪاڻو.

* نالو: آغا احمد علي پٺاڻ. ڪلاس: اٺون اي. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر 13 سال. ائڊريس: عيدگاهه محلو ڪنڌ ڪوٽ.

* نالو: علي حسن گهوٽو. ڪلاس: ڏهون. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 16 سال. ائڊريس: الجبار بڪ اسٽور شاهي بازار پنو عاقل.

* نالو: مٺومل. ڪلاس: نائون. وندر: ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: ڳوٺ گل حسن ناهيون، پوسٽ غلام الله تعلقو ميرپور ساڪرو.

* نالو: محمد يوسف ملاح. ڪلاس: اٺون اِي. وندر: علم سان چاهه عمر: 13 سال. ائڊريس: مڊل اسڪول ٽنڊو مٺا خان مهرپٽ.

* نالو: امر لال چاولا. ڪلاس: نائون. وندر: سٺا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: گيانچند ڪلاٿ مرچنٽ ڏوڪري.

* نالو: نياز حسن منگي. ڪلاس: ڏهون. وندر: اداڪاري ڪرڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: محمد اسماعيل فرنيچر مارٽ پوسٽ عمر ڊهو، عمر ڪوٽ.

* نالو: اياز علي سومرو. ڪلاس: نائون بي. وندر: ٻاراڻو ادب پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري.

*نالو: بشير علي سومرو. ڪلاس: ڇهون. وندر: ٻاراڻو ادب پڙهڻ. عمر: 9 سال. ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري.

* نالو: عبدالله آريجو. ڪلاس: نائون اي. وندر: ديني ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: دارالعلوم جامعيه حسينه خير محمد آريجا ڏوڪري.

* نالو: ماجد علي ڏاهري. ڪلاس: اٺون اي. وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: واپڊا ڪالوني گهر نمبر E- 17 نوابشاهه

خط

ادا جيئن ته گل ڦل، رسالو هر مهيني وقت تي پڙهندو آهيان، جون جو پرچو پڙهيم ته لفظ لفظ ڪري، رسالي جو ڪو مٽ نه آهي، هي واحد رسالو آهي. جيڪو، هر ٻارن کي پسند هوندو آهي. رسالي کي کوليم ته ڪلام پاڪ ۽ حضور صلعم فرمايو، لطيفي لات جنهن کانسواءِ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تحرير اسلامي تاريخ جو هڪ ورق دودي سومري جي پڳ، مور ۽ ٻين تحريرن ڏاڍو متاثر ڪيو.

فقط: هري شنڪر ڪمار ٽنڊو ڄام.

·      

ادا! جون مهيني وارو گل ڦل نون سلسلن ۽ نون ڍنگن سان مليو. رسالي ۾ نوان سلسلا جهڙوڪ: رنگ ڀريو ۽ سلسلو سوال مڪمل ڪريو بيحد پسند آيا ۽ ان ڳالهه جي به خوشي ٿي ته محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب کي بورڊ جي چيئرمين ۽ محترم شمشير الحيدري صاحب کي سيڪريٽري ٿيڻ تي منهنجي طرفان مبارڪ باد ڏيندا. ۽ چوندا ته گل ڦل رسالي ۾ اڃا گهڻا نوان سلسلا وجهي گل ڦل کي اعليٰ تر ڪندا.

ساٿ سلامت اوهان جو ننڍو ڀاءُ

آغا احمد علي پٺاڻ، ڪنڌ ڪوٽ.

·      

ادا! جون وارو گل ڦل ڪن سببن جي ڪري اسان کي ٿورو دير سان مليو. هن رسالي جون سڀ آکاڻيون، آئون ڏاڍي چاهه پڙهندو آهيان.

جهڙوڪ:- ٽلو جو خطرناڪ سفر، ويران حويلي، نٿو نانوائي، بادشاهه ۽ هاٿي، ناني جي مار، خوابن جو سير، آئون ڏاڍي چاهه سان پڙهندو آهيان.

فقط اوهان جو ڀاءُ  دليپ ڪمار ڍورو نارو.

·      

ادا! مان توهان جو رسالو گل ڦل وڏي شوق مان پڙهندو آهيان تازو جون جو شمارو نظر مان گذريو، ڏاڍو بهترين لڳو، خاص طور تي نواز علي شوق صاحب جو اسلامي تاريخ مان هڪ ورق، شهيد دودي سومري جي پڳ. بهترين هئي، ٽلو جو خطرناڪ سفر ۽ مور تي مضمون پڻ بهترين لڳا، سائين ولي محمد طاهرزادي جو مضمون سنڌ جون رانديون. بهترين هو. ڪهاڻين ۾ نٿو نانوائي، ناني جي مار، ننڍڙا بهترين ڪهاڻيون هيون.

عبدالغفار جروار، صاحب خان جروار.

·      

ساٿي شال خوش هجو!

مئي وارو گلڙن جهڙو ”گل ڦل“ هٿن ۾ آهي ”گل ڦل“ لاءِ انتظار ڪري ڪري نيٺ هميشہ وانگر اڄ به ليٽ سان مليو. ليڪن جڏهن گل ڦل پڙهيو سين ته، سمورا ٿڪ لهي ويا، هن ۾، ٻارڙو ۽ ٽانڊا، ٽلو جو خطرناڪ سفر، نٿو نانوائي وغيره ۽ تابش بخاري جي شاعري ڏاڍي پسند آئي

فقط الاهي بخش منگي.

·      

ادا! توهانجو رسالو گل ڦل، جون  جو پرچو هٿن ۾ آهي، پڙهيم پر منهنجي خيال ۾ هن رسالي ۾ ڪجهه خاميون آهن، جيڪي هن جي معيار کي گهٽائن ٿيون، رسالي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون، پيش ڪريان ٿو. جيڪي  هيٺ هن ريت آهن.

مهاڳ ۾ ٻارن کي ڪجهه صلاحون ڏنل آهن، ته اونهاري جون موڪلون ڪيئن گذارجن، پر توهان جون صلاحون محدود آهن. يعني گهر اندر ٿڌي ڇانو هيٺ ويهي پڙهائي ڪريو، پر منهنجي خيال مطابق موڪل جو ٻيو به مقصد آهي، جيڪو تفريح، گهمڻ، ڦرڻ ۽ تاريخي جايون ڏسڻ، قدرتي نظارا ڏسڻ پڻ ذهن جي تازگيءَ لاءِ ضروري آهن.

ٻار رنگن کي گهڻو پسند ڪندا آهن. ۽ رنگين شين ڏانهن متوجه ٿيندا آهن. رسالي ۾ رنگين تصويرون وڌيڪ ڪشش پيدا ڪنديون آهن ۽ ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق وڌائينديون آهن.

اميد ته منهنجون هي چند گذارشون ذهن ۾ رکندا.

محسن علي ميمڻ، شاگرد ڪلاس ڏهون- اي

اسڪول- سينٽ بوناو ينچرز

·      

ساٿي ماهوار گل ڦل جون 93 هن وقت هٿڙن منجهه آهي. ٽائيٽل ڪور مٿان گلڙن جهڙن ٻارڙن جون سندر تصويرون ڏسي دل بيحد خوش ٿي. محمد خان مجيدي جو نظم ”شهيد دودي سومري جي پڳ“ پڙهي بيحد متاثر ٿيس. نظير قاسمي جي ترجمو ڪيل  ڪهاڻيءَ، ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر، جي ڇهين قسط پنهنجو مٽ پاڻ هئي. مور پکيءَ متعلق لکيل مضمون، محترم محمد رحيم ميمڻ  جو پڻ سٺو هو. سچ پچ ته اوهانجو ڪوششون قابل تعريف آهن.

سميع ساجد جوڻيجو

سيڪريٽري

سنڌي ادبي سنگت (شاخ) رتوديرو.

·      

مانوار سائين: تمام گهڻن سلامن ۽ دعائن بعد عرض ته جون وارو شمارو به دير سان مليو. اوهان وٽ به وقت جو قدر ڪونهي، نه ته ائين ٿئي ها. اميد ته هاڻي وقت جو ضرور احساس ٿيندو. ۽ اميد ته آئينده شمارو پهرين تاريخ تي ملندو.

بورڊ جي نئين جوڙجڪ ٿي آهي، اهو پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان کان به وڌيڪ گهڻي خوشي ان ڳالهه جي ٿي ته شمشيرالحيدري گل ڦل جو چيف ايڊيٽر ۽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو آهي، جناب ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب کي چئرمن ٿيڻ تي تمام گهڻيون مبارڪون چوندا. ۽ خوبصورت گل ڦل کي گل بنائڻ تي، اوهان کي به وڌايون هجن. جون وارو سڄو پرچو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ”شهيد دودي سومري جي پڳ“ محمد خان مجيدي کي به لکين مبارڪون چوندا. مور تي به سٺي ڄاڻ حاصل ٿي.

فقط

مُرڪ لغاري

ڳوٺ حاجي مير حسن لغاري لڳ چمبڙ

پيارا ساٿي جون 93 جو پرچو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جو توهان اڳي وانگر گل ڦل کي وري ٻيهر نئون روپ بخشيو آهي. ۽ سچ پچ ته گل ڦل کي اڳي وانگر سهڻي نموني سان شايع ڪيو آهي. انهي ۾ کل ته سهي ۽ سوال مڪمل ڪريو، سلسلا اڳي وانگر سٺا آهن. پهرين وانگر آخري صفحن ۾ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون به شايع ڪريو ۽ هڪ ڏينهن وارو سلسلو به ٿي سگهي ته اهو به شايع ڪريو.

اميد ته هي خط شايع ڪندا مايوس نه ڪندا. مهرباني

فقط

مختيار علي لغاري تلهار.

·      

ادا! جيئن ته ماهوار گل ڦل کي هر مهيني شايع ڪرڻ تي اوهان کي واڌايون هجن. باقي اميد اٿم ته ٽائيم جي پابندي ڏانهن به ڌيان ڏيندا. هن وقت جيڪي نوان سلسلا شروع ڪيا ويا آهن، اهي ساراهڻ جوڳا آهن. رنگ ڀريو، يا سوال مڪمل ڪريو، تمام شاگرد ڀائرن لاءِ ڪارآمد ٿيندا ۽ شاگردن ۾ کوجنا جو اتساهه پيدا ٿيندو ۽ انعامن ڏيڻ ته نهايت ئي ساراهڻ جوڳو عمل آهي. اميد ته اهو انعامي سلسلو جاري رکندا ۽ اها به اميد ٿا ڪريون ته سائين شمشيرالحيدري ليٽ وارو مسئلو به ضرور حل ڪندو ۽ رسالو باقائده پهرين تاريخ تي  پهچندو. اميد ته خط شايع ڪندا.

اوهان جو ساٿي

غلام مصطفيٰ ڌاماجي گهوٽڪي  

عبدالجليل ميمڻ محرابپور جنڪشن

قول ۽ فعل

مان اسڪول کان گهر وڃي رهيو هوس. اوچتو منهنجي نظر عرفان تي پئي، جيڪو روڊ جي ٻئي طرف وڃي رهيو هو. عرفان هڪ سٺو ليکڪ هو. تازو هن جي لکيل ٻاراڻي ڪهاڻي ڇپي هئي، جيڪا هڪ معصوم پينو ٻار جي باري ۾ هئي. ان ڪهاڻي ۾ ڏيکاريل هو ته اسان کي ڪنهن به ماڻهوءَ کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي. هر ڪنهن کي برابريءَ واري اک سان ڏسڻ گهرجي. ڀلي اهو فقير هجي. عرفان جي ان ڪهاڻي ٻين سان گڏ مون کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو هو.

عرفان وڃي رهيو هو. ته هن جي سامهون هڪ پينو ڇوڪرو آيو. هن عرفان کي ٻانهن مان جهليندي چيو الله جي نالي تي هڪ رپئي جو سوال آ بابا ...“ عرفان ڇوڪري کي ڪاوڙ مان چماٽ هڻي  چوڻ لڳو ته: ”منهنجي نئين وڳي جو خانو خراب ڪري ڇڏيئي. وري رپيو ٿو گهرين...“ پينو ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن انهن ڳوڙهن کي پنهنجي ميري قميص سان اگهڻ شروع ڪيو. هن جو، اهو معصوم چهرو جنهن کي شاعرن ”گلن جهڙو چهرو“ سڏيو آهي. اهو چهرو هينئر پنهنجي مظلوميت جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. هيءُ اهو چهرو هو، جنهن جي حقن جي ڳالهه عرفان ڪهاڻي جي صورت ۾ ڪري آيو هو. پر عملي صورت ۾ هن معصوم کي چماٽ هڻي ڪڍي.

ان حالت کي ڏسي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. منهنجو ذهن سماج کان باغي ٿي ويو. منهنجي ذهن ۾ ان وقت اهو سوال اڀريو ته انسان جي قول ۽ فعل ۾ ايڏو تضاد ڇو آهي؟؟؟

سنڌي ٻارڙن لاءِ

سنڌي ادب جي محسن مرزا قليچ بيگ جون سوکڙيون

پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو

1 ٻه جاڙا ڀائر - مرزا قليچ بيگ    00- 6 روپيا

2 ٽي ديوَ يا راڪاس - مرزا قليچ بيگ   00- 5 روپيا

3 پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون         مرزا قليچ بيگ  00- 5 رپيا

4 شيطان جي ناني عرف شمرانه - مرزاقليچ بيگ  00- 5 رپيا

5 نيلو پکي - مرزا قليچ بيگ   00- 6 رپيا

6 شهزادي محبوب جي آکاڻي مرزا قليچ بيگ   00-7 رپيا

7 وامق غذرا - مرزا قليچ بيگ  00- 3 رپيا

8 شهزادي قدمبرگ - مرزا قليچ بيگ  00- 6 رپيا

9 رستم - مرزا قليچ بيگ   00 - 10 رپيا

10 عجيب طلسم - مرزا قليچ بيگ   00- 5 رپيا

11 لبا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ  مرزا قليچ بيگ  00- 5 رپيا

12 پائي وائي پائي وزو - مرزا قليچ بيگ   00-6 رپيا

ملڻ جو هنڌ:

سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد

رنگ ڀريو نمبر 3

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، پهريون  نمبر ايندڙ تصوير جي رنگ ڀريندڙ ٻار کي رسالو، هڪ مهيني جو مفت ۾ موڪلبو.

 

سوال مڪمل ڪريو-3

 

هيٺ ڏنل سوال مڪمل ڪري موڪليو. جنهن ٻار جا سمورا جواب صحيح هوندا. ان کي رسالو ٽن مهينن تائين مفت ۾ موڪلبو. سوال وارو حصو ڪٽي موڪليو. هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا.

1. سڀ ڪن تنهنجي ساراهه قدرت وار، نظم جي شاعري  جو نالو...... آهي.

2. علامه محمد عمر بن دائود پوٽو......... درگاهه تي دفن ٿيل آهي.

3. جيتن جي ڪانفرنس ڪتاب جي مصنف جو نالو......... آهي.

4. روح رهاڻ جي ڪتاب جنهن ۾ شاهه لطيف جي قصن جو ذڪر آهي، ان جي مصنف جو نالو........آهي.

5 سنڌي انگريزي لغت پهرين......... لکي، جيڪا سنڌالاجي ڇپرائي آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com