سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :10

” تون به پٽهين کي سمجهاءِ، منهنجي ماءُ جا وار ٿو پٽي، منهنجي ننڍڙي ماءُ جو نالو وٺندو ته پوءِ پاڻهين ٿا ڄاڻو“ پڻس سندس نرم نرم وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چوندو هو.

ماءُ جو نالو رکي ڌيءَ کي سچ پچ ماءُ جو در جو ڏيئي ڇڏيو هو،جُمين، امان امان چوندي زبانڪا نه ٿڪندي هيس.

جمون پهرين ته چوڌرين جوهاري هو، پر جڏهن سرڪار اها ٻني ٽوڙي هارين ۾ورهائي ته هن کي به سندس نالي تي بلاڪ ٻني جومليو هو، ٻه جوڙا ڍڳن جا ٻه مينهون هڪ ٽهاڻ الله جو ڏنو سڀ ڪي هو، عيد برات ماڻس لالان کي نئين ريشمي گربي جي سٿڻ نئون ڀرتيل ٽڪڻ وارو چولو ۽ ننڍڙي نڪور اجرڪ پارائي، جڏهن مٿي ۾ تيل وجهي وارن جون ٻه چوٽيون ڪري سرمون پارائي سينگاريندي هئي ته هڪ جيڏين ۾ ائين لڳندي هئي ڄڻ تارن ۾ چنڊ يا دنيا جي ملڪن ۾ سنڌ ڌرتي، ” ڪاڪي جمين جي نينگري ته ڏسو، هينئر ساڻ جهڙي بتي پئي ٻري.

” اي ترسو، وهي چڙهي خير سان، باقي گهڻا سر سڃا نه ڪري ته منهنجونالو لاهي ڇڏجئين.“

” ٻيلي، ڪير مري، ڪير جيئي ، باقي هن ڇوري جون ڳالهيون به ڳوٺ ڪندا“

 هر ڪو وات پنهنجي ليکي پيو هن جي ڪانه ڪا ڳالهه ڪندو هو.

وري جي گهر ۾ چار مايون گڏ ٿينديون هيون ته به لالان جو ذڪر ضروت نڪرندو هو.

” ائي ڀرائي! مئي ڌيءَ ته ڀلوڙ ڄائي اٿئي، جهڙوڪر پري جو ٻچو“

” ائي ڇوري نه توتي ويئي نه پڻس تي، جهڙي پٺاڻي.“

” جيڏي پير جو چوين سنهن کڻان ڇوري ادي جُمين جي ڪينهي، مئي! ڪٿان وڃي هٿ ڪئيس؟“

” هاڻو ڀرائي مئي! ايئن آهي ڪ، مهانڊا ته بروبر نه تنهنجا نه مڙسهين ڇا“

” نه ڙي ادبي! حق حلال جي پنهنجي پيءءَ جي آهي، بس الله مرشد جي صدقي ڏني بشڪي بچائي به اهوڏيندو. ڀلين راضي شاهه جي ڪنڊي مان مٽايوس.

ماڻس کلندي جواب ڏيندي هئي، اهڙي طرح ڪئين سانوڻ سيارا لنگهي ويا.

۽ پوءِ لالان جي اکين ۾معصوميت بدران شوخي اڀرڻ لڳي،اڇڙن ڳلن ۾ لالان گڏجڻ لڳي، سيني جي چمن تي نڍڙيون مکڙيون ڦٽيون، ماڻس کيس پوتي جي پلاند سان ارهه ڍڪي هلڻ جي هدايت ڪئي، آهستي آهستي رت اڃا به ڦري اکين ۾ چمڪ رچي ويئي، ڳلن جي لالاڻ گهر ڪري جھمي ويئي، مکڙيون ٽڙي گل ٿي پيون، ۽ جواني ڏاڍي حشمت ۽ ڏاڍي ٺاهه ٽوهه سان اچي پهتي، سڄي راڄ جا ڇورا ڇنڀر، پنهنجا پراوا هيڏانهن هوڏانهن ايندي ويندي ڪاڪي جمين جي گهر ڏي لوڻا هڻڻ لڳا.

شام صبح گهيڙ تي گڏ ٿيڻ لڳا، بي سرا به راڻو ڳائڻ ۽ ڪوهياري سکڻ لڳا، پر لالان ڪنهن ڏي اک کڻي به ڪو نه نهاريو، ڪنهن جي اڳيان ٿڪ به ڪانه اڇلي، جڏهن ٻپهري جو جوانڙ اچي ڪنهنوڻهيٺ ڪچهري مچائيندا هئا، تڏهن سڀ کان پهرين ذڪر لالان جوئي نڪرندو هو.

” اي ڪر خبر ڇورا! ڪهڙا حال اٿئي؟“

”بس ڙي يار! ڪهڙا ٿو حال پڇين،نه رات ننڊنه ڏينهن سک، رڳو آنڌ مانڌ لڳي پئي آهي، جواب ملندو هو،

” ابا! اها آنڌ مانڌگهڻن کي پر ٻيلي! اڪ جي ماکي ڪانهي لاهڻي“

” حسن وارا ڪئين هزارين پر منجهه هينئين تون هيڪڙو“ ڪنهن ٽئين جو آواز پنهنجي منهن جهونگار

” هائو ٻلي هائو، ڳجهارت ويئي، اهو حسن وارو پکي پڪ ڪاڪي جمين جي گهر۾.“

جواب ۾ ڪنهن جو ٿڌو شوڪارو ۽ ٻين جا وچڙندڙ ٽهڪ.

” بس ٻيلي: وارا ڄمارا آهن، اڃا ته پئي جلان ڦري،جي بل ٿي چڙهي ته...“

” اي اڃا ڳالهه ئي نه ڪر، ڪنهن جي ايتري دل ئي ڪينهي، نه ڪو ڪنهن ۾اهڙي ٿوم آهي، جو هن کي چئي به سگهي، هن بادل دل جهلي هڪ ڀيرو رڳو پري کان سلام ڪيو هئس، ڇوري اهڙي ڪيس جهڙي ٻرڙي ڪئي هئي، ٻارن سان.“

” اي مون چيو زال ذات آهي تنهن سان ڪهڙو منهن ڏجي نه ته....“ بادل جي ککي وکي ڦڪي کل.

 وري جي ڳوٺ جون ڪنواريون، نيون جوانيون گڏجن ته به ڳالهه اها لالان  جي.؟ ائي لالان جي ٽنڊ ته ڏسو بت تي مک وهڻ ڪا نه ٿي ڏي.“ ڪو آواز ڪنهنجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اڀرندو هو.

” اتي: اهڙي آسمان جي حور ڪينهي جهڙو پاڻ کي سمجهي ٿي، ماڙهن جهڙو ماڙهو آهي، ” ڪو حاسدانه جواب.

” مائي! ڀليان ڀلي جو ته بروبر ڇيهه ڪونهي، پر هتي به ڳالهه ڳچ آهي.“ ڪنهن جو انصاف ڀريو آواز.

” اتي! ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي سونهن اڃان ڏٺي ڪانه اٿان، جواڻي ۾ ته اڪ به ڦلارجو پون.“ حسد ڀريل آواز کي اڃا به مڃڻ کان انڪار.

”هائو ڙي هائو..... تڏهن سڄي ڳوٺ جا ڇورا ان هڪڙي پويان ڇتا ٿيا وتن.“

” مئا آهن ئي لوسي سو...“

” پر سنوت ته ڪنهن کي ڪانه ٿي ڏي، مئي جي کين ۾ ايڏي حشمت آهي جو ڪو اک کڻي به نهاريو نٿو سگهي“

اهڙي طرح هرڪو وات لالان جو ذۡر پيو ڪندو هو، ديسي دلين ته لالان جي نالي جو ورد کڻي شروع ڪيو هو، پر، ديسي رڳو دل کي دلاسا ڏيندا ڌتاريندا  رهجي ويا،۽ لالان ڪنهن پرديسي جي پيار ۾ ڪسي دل هارائي ويهي رهي.

اوچتو ئي اوچتو کيس به خبر ڪانه پئي.

ان ڏينهن پاڻي ڀري گهيڙ تان موٽي هئي، ماڻس جي مٿي کي ولهيون ڏيندي ۽ تيل مکيندي اوڀر ٿي وئي هيس، سڀ سرتيون اڳ پاڻي ڀري آيون هيون، ڏينهن مٿي چرهي آيوهو، ذري گهٽ سج ڪچڙي منجهند تائين اچي پهتو هو، ٻن گهڙن جو ٻيلهڙو مٿي تي ۽ هڪ گهڙو ڪڇ تي ڀوري ٻانهن جي ڀاڪر ۾سانڍي هو جڏهين ڳوٺ جي گاڏا واٽ ٽپي ته هن کي ڏٺو هئائين، اڇا کير جهڙا ڪپڙا، ڦڻي ڏنل وار جي هوا اڏاري وکيري نراڙ تي پهچائي ڇڏيا هئس، گورو جهڙو پٺاڻ، اکين ۾ ته الائي ڇا هئس، لالان اهڙيون چريون ۽ مست ڪندڙ اکيون اڳ ڪڏهين ڪون ڏٺيون هيون

هٿ ۾ ٿيلهو لوڏيندو پگهر ۾ شل ٿيندو هو آيو پي، هن کي ڏسي لالان جي دل کي الائي ته ڇا ٿي ويو، جهڙوڪر ريل گاڏي ڌڙ ڌڙ ڌڙ.

”الائي ڪير آهي؟“ من ئي من ۾ سوال اڀريس.

” اوپرو ٿو ڏسجي، پنهنجي ته وڙهيار جوئي ڪونهي،“ اندر ئي اندر ۾ جواب به مليو.

” مئي جون اکيون ته ڏسو، جوهه وجهيو ڪيئن نه پيو ڏسي“

” پر منهنجو ڇا وڃي پرائي ڀائي ۾“ دل کي ڏڍ ڏنائين، ۽ پاسو وٺي اڳتي نڪري وئي، پر هن کي ايئن لڳو هو ڄڻ ته هو به پويان پيو اچي، گهر وارو ور مٽيندي لوڻو هنيائين،هو برابر آيو پي جهڙوڪر سندس پيڇو ڪندو هجي.

” شت ڪو مزمان آهي“ هو تڪڙو تڪڙو گهر ۾ هلي وئي،

ماڻس مانين پچائڻ لاءِ اٽو پئي ڳوهيو، هن گهڙا لاهي رکيا، ٿوري دير کانپوءِ پڻس به گهر ۾ گهڙيو.

”اڄ نئون ماستر بدلي ٿي آيو آهي، سو ماني پچائجو.“ پڻس چيو ۽ لالان جي کين آڏو اهي مست ڪندڙ چريون اکيون ڦري ويون.

” ويچارو پرديسي آهي، پري کان آيو آهي، آهي  صفا ڇوڪراٽ مڙس، پرڀلا علم، هي دودو جي ٻه اکر پڙهي پئي ها ته ڪر چڱو“ جمين ماستر جي ڳالهه ڪندي دودي جي نه پڙهڻ جو ڏک اوريو.

” دودي کي ننڍي لاڪون مل چارايئه.... پوءِ ڌوڙ پڙهي ها“ جوڻس سڄو الزام ورائي جمين جي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو.

”تو چاڳلو ڪري هٿ سان ڇوري جومٿو وڃايو نه ته ڪر...“ جمين وري زال کي ڏوهه ڏيندي چيو.

” هائو بنهه مون کاريو مانس، تو ته ڇوڪر جي سنڀال ۾ وسان ڪين گهٽايو هو، اڳوڻي ماستر چماٽ هنيس ته اهو ڏينهن کڻي دنگ ڪيئه، چئه ڪهڙيون سڀاڻي نوڪريون ڪرڻيون، اٿس ، هٿ وٺي اسڪول مان اٿاريئيس، اڄ ڏوهه وري مونجو“ستڀرائي دودي جي نه پڙهڻ جي سڄي آکاڻي ورجائي مڙس کي ياد ڏاريو.

” اي پوءِ ڪو ٻچا ماريان ها ڇا؟ ماڻس ۽ پڻس پاڻ ۾ لڳا پيا هئا، پر هو ٻوڙ لاءِ بصر وڍيندي انهن البيلين اکين کي ئي تصور ۾ ڏسندي رهي.

” ويچارو پرديسي آهي، بکئي پيٽ لاءِ هت اچي رُليو آهي، هت نه سندس امان نه ادي، ڏُکي سُکي ۾ ڀلا ويچاري جي ڪير ڪندو“ دل ئي دل ۾ ويچاريائين.

” الائي ماءُ پيءُ به اٿس يا نه؟“

” ضرور هوندس“ دل ئي دل ۾ سوال جواب ٿيڻ لڳا،.

” اي ابا: ماستر چانهه پيو گهري.“ دودي ڪوٽ جي گهٽي مٽيندي زور سان چيو.

” امان لالان! چانهه جا ٻه ڪوپ ڪاڙهي وٺ“ پڻس لالان کي چيو.

هو اٿي ٻي چلهه ٻاري ڏاڍي پيار سان چانهه ڪاڙهيائين، سرس کير کنڊ ۽ پت وجهي،هن ماءُ جي اک بچائي ٻه ڦوٽا به چانهه ۾ وجهي ڇڏيا،

چانهه کي ٻڙڪو آيو ته هن سٺي چيني جي ڪٽلي ۾ وجهي، ڪوپ ڌوئي اچي پڻس جي اڳيان رکيا.

”ڇوري: ويرم ئي ڪانه ڪيئه“ ماڻس چيو ۽ هواندر ئي اندر ۾ ڊڄي ويئي ڄڻ ماڻس هن جي سوچ به پرکي ورتي هجي.

ٻي ڏينهن ڄاڻي واڻي دير ڪري پاڻي ڀرڻ ويئي ،موڪل جو ڏينهن هو ڳوٺ جي ٻارن کي موڪل هئي .

” خدا ڪري مئو اڄ نه گڏجي ” چپن ۾ ڀڻڪو ڪيائين.

”پوءِ مست  اکيون ڪيئن ڏسبيون“”دل دانهن ڪئي.

”ڀلي کڻي گڏجي مونکي ڇا ڪندو؟“ دل جي مرضي رکندي ڀڻڪو ڪيائين،گهيڙتي پهچي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي.

” ڪنهن کي ٿي گولين؟“ من ۾ سوال اڀريو.

”اهوئي ماستر ٻيو....“ دل جواب ڏنو.

پر ڪير به ڪو نه هو، انتظار جو تير جگر ۾ چڀي ويس، پرديسي ماستر تي ڪاوڙ اچڻ لڳيس، من ۾ ڪروڌ ڀرجي ويس.

”آيو ڇو نه“ خار مان سوچيائين.

” پر ڇو اچي“ دل چيو.

” پوءِ ڪالهه ڇوٿي جانچي ڏٺائين.

” منهنجو مئي ۾ ڪڄاڙو وڃي، نه کڻي اچي“ رٺل سوچ، پويان ڪو کڙڪو ڪن تي پيس، ڪنڌ ڦيري ڏٺائين، هو ڄار وٽ بيٺو هو، اهي ئي وکريل وار، اهي ئي مست ڪندڙ  البيليون اکيون.

سو سڄي سراپجي ويئي، دل جو ڌڙڪو وڌي ويس، هن اهي چريون اکيون پنهنجي وجود ۾ چڀندي محسوس ڪيون ۽ پٺ ورائي جلدي جلدي پاڻي ڀرڻ لڳي.

” مئو اڄ وري جوهه هڻيون بيٺو آهي“

” پر مون ته پاڻ پئي چيو ته هو اچي، سو هو اچي ويو“

” ها پر ڏس ته سهي، هروڀرو پويان پيو آهي، پانجي گهر۾ مائون ڀيڻون ڪو نه آهنس ڇا؟ “ ڪاوڙ جو لڪو تهه ذهن تي ڇائنجي ويس.

” ڪو کايو ته ڪو نه ٿو وڃي، باتشاهه گڙدي ڪانهي، ڀلي بيٺو هجي، ڏسڻ ۾ اهم ڪونهي“ پنهنجو پاڻ کي پارت ڪيائين.

” ويچارو پرديسي آهي.“ نئين آس دل ۾ اڀريس.

” پرائي نينگري سان ايئن ڪيئن ڳالهائيندو، نه ڄاڻ نه سڃاڻ ايئن ڪا اڪ جي ماکي آهي ڪ،“ دل ئي دل ۾ جواب ڏنائين.

” ائي گهوڙا، دير ٿي ويئي، امان ماري وجهنديم، چوندي ڇوري پاڻي ڀرڻ ويئي يا...“ اڳتي سوچ تي پهرو. هو اٿي گهڙا کڻڻ لڳي، پوئتي ڏٺائين، پر هو اتي ڪو نه.

” هو ته الائي ڪيڏي مهل ويو هليو، آئون ته ڀروڀرو پئي... آيو هوندو پنهنجي ڪنهن ڪم سان“ سوچڻ لڳي، هلڻ لڳي گهر ڏي واپس.

رستو ٽپي ته هن تي نظري پس، ڪاڪي بچل جي پٽ ننڍڙي لکاني سان گڏ گدرن واري ٻني ۾ بيٺو هو.

” استاد کٿابي ٻئي گدرن جا شونقين ٿا ڏسجن“ دل ۾ ٽوڪ ڪندي چيائين ” آهي ڪو وڏو استاد، ڪالهه آيو آهي اڄ لکاني سان ياري ڳنڍيو گڏ وٺيو ڦريس“

آڏي اک سان ڏٺئين، هو وري به هن ۾ ئي اکيون هڻيو بيٺو هو.

مئو اک ئي نٿوڪڍي، ڏٺو ڇا آهس مون ۾“

” آئون آهيان جا سهڻي اندر ئي اندر ۾ ڪنهن چيس.

ڪهڙي پري آهيان؟“ نه مڃڻ جي ڪيائين.

” ڇو؟ سڀئي ڳوٺ واريون مايون جو چون ٿيون، ڇورا ته ڳوٺ جا مئا هونئين“ ڇتا ٿيا وتن، بادل به اهڙو اچي پويان لڳو مئو جو گاريون ڏيئي جند ڇڏايم“ سوچن سوچن ۾ گهر اچي ويو، ڪوٽ جودر لنگهندي وري به پوئتي لوڻو هنيائين، هو اڃا به کيس ڏسي رهيو هو.

         ” ڇوري پاڻي ڀرڻ ويئي هئين ڪُ ٻڏي ويئي هئين ، مئي ماني مهل اچي ٿي آهي “ ماڻس ڇڙٻ ڏيندي چيس ،” پر  هوءَ  ڪڇي ڪانه ...پوءِ ڪي ڏينهن لنگهي  ويا هڪ  ڏينهن شام جو  مينهن ڪمهلي  مزمان وانگر  اچي ڪڙڪيو ، وڏ ڦڙي جو سٽڪو گوڙين جا ڌڌڪا ، جيڏانهن تيڏانهن جل ٿل ، سج لهڻ کان اڳ  مينهن اڪامي ويو مينهن بيٺو ته دودو ٽپ ڏئي آٿيو،

”ڇورا ! ڪيڏانهن ٿووڃين؟“ پڻس پڇيو.

” ابا: ماستر کان ڪلام ٻڌڻ ٿو وڃان. ڳائي اهڙو ٿو جو وڄ سڄڻ، پاڻ شانعر آهي، ريڊئي ۾ به ڪلام ٿا اچنس،“ لالان دل ۾ ڇرڪ ڀريو.

”تڏهين ويچارو اڳ ۾ ڦٽيون پيو آهي شت؟“ پڻس جي اک ٻڌي هن هڪ بينڊ وارو ريڊيو کنيو، دل چيس ته ريڊئي ۾ ماستر جو ڪلام پيو ڳائجي، هن جهٽ ڏيئي ريڊيوکوليو،  ريڊئي ۾ مولوي قرآن پئي پڙهيو، هن يڪدم ريڊيو بند ڪري ڇڏيو، دل ۾ آيس ته ريڊئي کي زورسان پٽ تي هڻي ڀڃي ڇڏي.

”توبهن... توبهن.... ڀلو سڳور نٿا ٻڌون باقي ڪلام هجي ته ڪر....“ ڊنل سوچ ذهن  تي تري آيس، پر هن ريڊيو ڪو نه کوليو.

اوچتو ڪن تي ڪنهن جي آلاپيل سرن جو پڙلاءُ پيس، الهندان اوطاق تي ماستر ڳايو پي، وٺي جي ٿڌڙي هير پئي گهلي مهراڻي جي مٺي مصري جهڙي مٽي مان سرهاڻ پئي نڪتي، اڀ جي نيلي چادر هيٺ هيڪڙ ٻيڪڙ ڪڪر اڃا پئي ڊوڙيا. پري.... پري... او ٿرجي ڀٽن مٿان اڃان کنوڻ چمڪي پئي، وٿاڻن ڏي ورندڙ مال جي ٽلين ۽ چڙن جا آواز فضا ۾ عجيب وٺندڙ تاثر  وکيرندا رهيا، ڌراڙن جي هونگرن سان گڏ ماستر جو آواز... گهر۾ ماڻس پڻس جو ڳالهاءُ، هو گهرن پويان ڦري آئي، ڪن ڏيئي ٻڌائين.

” الا هيڏو درديلو ڳائڻ؟ ويچارو ڪو ڏکن جو ماريل آهي“ هن کي ماستر تي رحم اچڻ لڳو.

هن جو آواز، پري کان ڀريل ڪڪرن ڏي اڏامندڙ اڇي ٻگهي پکي جيئن اڏرندڙ پئي ويو.

سورن ساڙي ڇڏيو آ.... دل ماندي مري
               هاءِ ڙي دل ماندي مري

وري آ پيارا، توبن ڪانه سري
               او دلبر ڪا نه سري،

” الائي ڪنهن کانسواءِ مئي جي ڪانه ٿي سري؟“ دل ۾ چيائين.

” هونديس ڪا پنهنجي ستوڙ“ کيس ماستر جي اڻ ڏٺي محبوبه تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.

”خبرمون لاءِ پيو ڳائي ته.....؟“ نئين سوچ اڀري.

” ها بنهه جڳ جهان ۾ آهيان ئي آئون.“ ناز سان نه مڃيندي پاڻ کي چيائين.

مينهن وسي پيا آهن، وري آ وطن تي
بلبل پڪاري پئي، گلابي گلن تي
لات ڪري، مٺي بات ڪري دل توکي گهري          هاءِ ڙي دل توکي گهري
                         وري آ پيارا..................

” ائي گهوڙا، مونکي الاءِ ڇا ٿيندو وڃي، مينهوڳي جي سانجڻ اڌ ۾ پئي آهي ۽آئون آهيان سا......“ هو پوئتي وري.

هن جي ذهن تي سوچڻ جا ديرا ڄمي ويا، اتي ويٺي، رڳو ماستر پيو اکين اڳيان ڦرندو هئس، ڄڻ ته مٿس ڪو جادو ٿي ويو هو، پاڻي ڀريندي گهيڙ تي، ٽارا ڀڃندي جهنگ ۾، گاهه ڪندي ٻني ۾ ماستر جي ئي پچار من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هئس.

هن ماستر جون اکيون سدائين پاڻ ۾ کتل ٿي ڀانيون، ماستر جومٺو سريلو آواز روح جي اونهارين ۾ چڀندو ڏٺائين.

ڪڏهين ڪڏهن ته سوچن ۾ هن پرديسي کي پنهنجو محسوس ڪيو صفا صاف پنهنجو، کيس هن جي خيالن سان به پيار هو بي انتها پيار، ڪڏهن ڪڏهن ته وري کيس انهن سوچڻ کان بڇان محسوس ٿيندي هئي، پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ٿيندي هئس، هو پنهنجين انهن سوچن کان بچڻ جي ڪوشش به ڪندي هئي پر سمهندي جاڳندي هلندي گهمندي هوانهن خيالن کان پيڇو ڇڏائي نه سگهي.

چوڌرين جي واري ۾، اسڪول انهن جي حوالي هوندو هو، زمين ٽٽڻ ۽ ورهائجڻ کانپوءِ چوڌري هڪ هڪ ٿي لڏي ويا هئا، پر اسڪول ڪو نه ويو، اسڪول ۾ رهندڙ ماستر جي ماني ٽڪي هنڌ، ٽپڙ، سار سنڀال جمين پنهنجي بلي کنئي،.

اڳيون ماستر اڌڙوٽ ڄمار جو ماڻهو هو، ڏهه ڏينهن هوندوهو ته ويهه ڏينهن گم، ۽ جيترا ڏينهن هوندوهو، اوترو ڏينهن ماري ماري ٻارن جون جون جناکون ڪڍي ڇڏيندو هو، ان ڪري ڳوٺ جا ڇورا سارو ڏينهن اٽي ڏڪر ڪندا وتندا هئا، باقي اسڪول ڏي مينهن به ڪو نه ڪندا هئا، اهو ماستر ويو ته پورن ٻن مهينن کان پوءِ هي ماستر آيو هو، جنهن لالان جي لال ليار وجود ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هئا، هڪ ڏينهن گهر ۾ اڪيلي ويٺي هئي.

پڻس ۽  دودو ٻني تي ويل هئا، ماڻس، ماسي سوني جي گهر سندس ڌيءَ نيامت کي کينڪارڻ وئي هئي، ويچاري سوني ته ڌيءَ تان هٿ کڻيو رويو پٽيو ويٺي هئي،

اهڙين ڦهرين کي ڏني هئائون نيامت جي ٻانهن جو، پرڻي کان ٽن مهينن جي اندر ئي اجايو سجايو جهيڙو جوٽي، اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيائون، ماسي سوني ڌيءَ کي ساريو پئي رئندي هئي، مڙسس حاجي به ضد چرهيو سو به نه پاڻ ڌيءَ جي اڱڻ وڃي نه سوني کي ڇڏي، نيٺ سالن کان پوءِ چار چڱا وچ ۾ پيا، مرشد ڪامل شاه فيصلو ڪري سندن ٺاهه ڪيو، تڏهن ورهين کان پوءِ نيامت اباڻي اڱڻ آئي،.

” ويچاريو ڌيئون به ٿين قيدياڻيون.“ سوچيائين.

” منهنجي هٿ ۾ جي ڪر باتشاهي هجي ته جڳ جهان جي نياڻين کي مائٽن سان گڏ وهاري ڇڏيان، مڙس ماڙهن کي چوان ته، مئا: آنجو ويو ڇا؟

ڄايون نپايون جنين، حق انين جو، آئين ٻه اکر نڪاح جا پڙهايو پراين ڄاين کي قيد ڇو ٿا ڪريو؟“ دل ئي دل ۾ فيصلا ڪرڻ لڳي.

” آئون ته ڪر امان ابي کي مئي مارائي به ڪو نه ڇڏيان“

” پر جي ماستر مائٽن ۾ نه ڇڏيم ته پوءِ؟“ من ئي من سوال جو جواب اڀريو، ” ائي گهوڙا، ماستر ۾ مونجو ويو ڇا، سارو ڏينهن انهي جي ڪرت آهم، مرين لالان، چري نه ٿي وڃين،“ پاڻ کي سمجهايائين.

” ادي: جهڻ لپ ڏي...“ هو ڇرڪ ڀري خيالن مان جاڳي پيئي، ننڍڙو لکانو لسي وٺڻ لاءِ لوٽو کنيو بيٺو هو، هو اٿي، ماٽي مان لسي لوٽي ۾ نائيندي الاءِ ڪهڙو پور پيس، پڇي ويٺي لکاني کان.

” لکانا ادا: آن کي هي ماستر ماري ڪونه ٿو؟.

 سائين بلاول ته اسان کي جام ٿو ڀانئين، ماري صفا ڪونه،اڳوڻو سائين الياس ماريندو هو.“ لکاني ٻڌايس.

”هن ماستر جو نالو بلاول آهي نه ؟“ وري به پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين.

ها ادي:.....“ لکاني چيو.

دل ئي دل ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ويس.

” هتي هرڪو چئي ماستر، ماستر، نالو ڪيئن پڇجي، جي پڇجي ته اڳيون ڇا چوندو؟ مئي ماستر جي نالي ۾ تو جو ڪهڙو ڪم، پوءِ ماڻهو ڪهڙي ورندي ڏي؟ چڱو ٿيو جو لکاني کان پڇيو.“ دل ئي دل ۾ سوچي خوش ٿي.

”ادا لکانا ؛ ان  ڏينهن گدرن واري ٻنيءَ ۾ ماستر  توکي ڇا پي چيو ؟“وري  پڇيائين .

”ڪڏهين ادي؟“

” او اڳي جڏهين ماستر هتي نئون نئون آيو هو، جڏهن آئون پاڻي جا گهڙا کڻيو پئي آيس تون ۽ ماستر گدرن واري ٻني ۾ بيٺا هئا“ هن لکاني کي پار پتا ڏيئي چٽي طرح ياد ڪرايو.

” او ... ها ادي: سائين پڇيو ، اها نينگري ڪير آهي؟ لکاني ياد ڪندي چيو.

” ائي گهوڙا مون جو پڇيائين؟ پوءِ تو ڇا چيو؟“

” مون چيو، اها ادي لالان آهي، دودي جي ڀيڻ ڪاڪي جمين جي ڌيءَ“

”ها پوءِ.... پوءِ ڇا چيائين؟“

” پوءِ سائين چيو جمون ڪهڙو؟ جنهن جي گهران ماني ٿي اچي؟ مون چيو ها، پوءِ چيئين ماني ۽ چانهه ۾ شيري به تڏهن آهي“لکاني ياد ڪري کر اکر ٻڌايو.

” ائي گهوڙا....... اهو به چيئين؟“ اڻڄاتل خوشي انگ انگ ۾ ڀرجي ويس.

” ها ادي، هاڻي آئون وڃان، لکاني چيو.

” ها...ڀلي وڃ.“ هو خيالن مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي.

” پرپٺ منهنجو پڇائون ڪري، رڌي پڪي جي واکاڻ به ڪري ٿو، مئي کي دل ۾ الائي ڇاهي؟“ سمجهندي به اڻ سمجهه ٿي خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيائين ” ائي لالان: مئي ڪهڙا پئي پور پچائينين“ زيبو اندر ايندي چيو.

هن جي ذهن ۾ خيالن جوڏور هڪدم ڇڄي پئي،زيبو هن جي ننڍي هوندي  جي جيڏي سرتي هئي، گڏ رانديون ڪري وڏيون ٿيون هيون.

”پور وري ڪهڙا، هن نٽايو.

” ڇڏ ڙي پڪائي، مون کان به پئي لڪائين“ زيبو زور ڀريو.

” الائي سوٽ ڪجهه ڪونهي“ زيبو ڄاڻي واڻي رسندي چيو.

” زيبو! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ؟ الٽو زيبو کي چيائين.

” ڪهڙي ڳالهه“

”ڀلا پرپٺ ڪو ماڙهو ڪنهن جون پڇائون ڪري، ذات نالا پڇي ۽ منهن تي رڳو جانچي ڏسي، ڳالهائي به نه.... ته ان جو ڀلا ڪهڙو مطلب ٿيو؟“

”هون.... انهي جو مطلب صفا چٽو، سمجهه ته چئي پيو، سنگت رکندئين يا نه“ زيبوسوچي سمجهي مطلب ڪڍيو.

” اتي گهوڙا....“ لالان کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي.

” هاڻي ٻڌاءِ ته ڪير آهي جيڪو پرپٽ تون جون پڇائون ڪري ۽ منهن تي رڳو ٿوجانچينئي،، پرمئي! تون آهين به ته اهڙي ملوڪڙي جوجيڪو ڏسندو،تنهن کان ڳالهائڻ اصل ڪو نه اڄهندو“ زيبو چيو.

” مون ته ايهين پئي پڇيو، مون کي ڀلا ڪير جانچيندو کلا کائڻا آهنس ڪ“

جواب ڏنائين.

” ائي هو نيامت آئي آهي، اڄ وڃي هٿ ڏيئي اچوس، نه ته دل ۾ڪندا، ويچاري سوني ته ڌي مان ڀڪر ئي نٿي ڪڍي“ لالان جي ماءُ گهر ۾ داخل ٿيندي چيو ۽ ڳالهه آئي ويئي ٿي وئي.

سانوڻ وسندو وسندو وري ويو، سياري ساٺ سانڀايا، ڪڻڪون هٿ جيڏيون اچي ٿيون، ٻنن تي وري ڄانڀي  ۽  تورئي جا ميٽا، پيلا گل ڄڻ سائي تر واري رلهي کي ڦڪي رنگ جي پٽي ڏنل هجي، اتر جي ٿڌڙي هوا گرم لڪن جي جاءِ اچي ورتي، ماستر کي آئي ۽ لالان جي هڪ طرفي پيار کي ڪي مهينا گذر ويا.

ان وچ ۾ ماستر هڪ ٻه ڀيرو ٽن چئن ڏينهن لاءِ ڳوٺ به ويو ۽ لالان ئي دل ۾ ڏاڍي بي صبري سان هن جو انتظار به ڪيو، ڪانگن کي مٺيون لولين ڏيئي آڏاريائين، ننڍڙي لکاني کي خرچيو ڏيئي بلاول جون ڳالهيون پڇندي رهي، پر اوسيئٽري جي آخري ڏنگ  کان اڳ هو موٽي ٿي آيو ۽ لالان سرنهن جي گلن جيئان پاڻ کي جهومندو ٿي محسوس ڪيو، ماستر بلاول ٿوري ئي وقت ۾ سڄي ڳوٺ وارن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ورتي هئي، جنهن کي ڏس اهو واکاڻ مان ڍاپي ئي نه پيو، چئه اهڙواشراف، اهڙو محبتي نه اڳ ٻڌوسين نه ڏٺوسين.

انهن ئي ڏينهن پٿوري واروميڙو لڳو، ٻين ڇورن سان گڏ دودو به ويو ميڙو گهمڻ، مٿان وري لالان جي ماءُ کي اچو ٿو تپ جهلي، هلڪي کنگهه، زڪام، الٽيون ٻنهي پاسن ۾ سور، سڄو بت پيو ڌڳيس، انڌو ڏسي ته به چوي ته مائي نمونيا ۾ وٺجي ويئي آهي، اسپرو جي گورين کان ڳالهه چڙهي ويئي تڏهين جمون زال کي سئي هڻائڻ لاءِ شهر سنبريو، صبح سويرو زال کي ڍڳي گاڏي جي ٺانٺي ۾ وڇايل سوڙهه تي سمهاري مٿان ٻي سوڙهه اوڍائي کڻي، ڍڳن کي جوٽا هنيائين، ويندي ويندي لالان کي چوندو ويو

”امان! اسين شام جو ورنداسين . ماستر  جي ماني  پچائي ڇوڪري لکاني کي ڏجئين ته کڻي وڃي . متان ويچارو پرديسي آسري ۾ بک مري . ائين چئي رڳو ڍڳن جي پڇن ۾ هٿ وڌائين ، وڄ ڙي سڄڻ اجهو شهر پهتا . هن تڙ  تڪڙ  ٻهارو ڪڍيو  پاڻي ڀري  ڪچڙي مجهند کان به اڳي ماني جي تياري ۾  لڳي ويئي .

” ائي ٻوڙ ڇا جوچاڙهيان“ دل ۾ سوچائين.

” هڪڙو ته پري جو ماڙهو ٻيو صاب لوڪ، جهڻ سان ماني ٿورو ئي کيندو“ وري دل ۾ دال رڌڻ جو خيال آيس،

” مئي دال ٿي رڌجي، شل ڪا باهه لڳيس، اهو به ڪو ٻوڙ ٿيو؟“ وري سوچيائين.

” ڪڪڙ جهلي ڏيان ڪنهن کي ته ڪهائي ڏين.“ دل چيس،.

” نه مائي نه...... مرڳو ٿيئي مشهوري ،ابو چوندو اسين گهر ڪونه هئاسين ته پويان ڇوري ڪڪڙ پئي ڪهايا، ڪڪڙ جو آنو کڻي تريان.“ خيال آيس.

هو اٿي مٽي جي ٺاهيل ڪڪڙ جي کڏي ۾ هٿ هنيائين، ڪڪڙ تازو انو لاهي ويئي هئي، آنو کڻي آ.ئي، بصر ۽ ساون مرچن جي سنهڙي ڪتر ڪري، ڪوتمير (ساوا ڌاڻا) جا ٻه ٽي پن وجهي، هن نبار گيهه ۾ آنو تري چيني جي ٿالهين ۾ ڍڪي رکيو، ۽ پوءِ ويٺي ماني پچائڻ، اندران ٻاهران مکڻ جو مک ڏيئي،هن سنهڙا اڦراٽا پچائڻ شروع ڪيا.

اوچتو اڳيان ڪڪڙ پويان ٻانگو، دوڙندا آيا، ڪڪڙ ڪنڊن ۾ گهڻيئي لڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻانگو چڙهي ويس،لاچار ڪڪڙ به نخرا کڻي ڇڏيا.

” مئي کي حيا به ڪو نه ٿوٿيئي.“ دل ئي دل ۾ ڦڪي به ٿي ته منهن تي مرڪ به تري آيس.

” ويچاري ڪڪڙ ڪيترو ڀڳي، ڪيترو لڪي ، پر اصل نه ڇٽي“ ڪڪڙ کنڀ ڇنڊڻ لڳي ايتري ۾ دانگي ۾ وڌل ماني مان دونها نڪرڻ شروع ٿي ويا.

” ائي گهوڙا، ماني سڙي ويئي،“ هن دانگي مان سڙيل ماني ڪڍي، وري دانگي کرڙي صاف ڪري ٻي ماني وڌي.

” هي سڙيل ماني رکان ڪتي لاءِ“ خيال آيس.

” ڪتوکائي آڱوٺو،ماڙهو ڪهڙي لاءِ پچائي هيم جو ڪتي کي ڏيان.“ دل چيو، ماني تيار ٿي ٿالهين ۾ به ڍڪجي وئي، پر هاڻ کڻي ڪير؟ لکاني جو ته ڏس نه وڙهيار ۾ نه پڙهيار ۾ پنج ڏهه گهڙيون واٽ ڏٺئين، پوءِ الائي ته ڪهڙو پور پيس جو پاڻ ئي ماني کڻي اٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com