سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :8

انيس انصاري

انوري

      ايم اي جناح روڊ تي هونءَ به هن وقت ڪافي رش لڳل هوندي هئي پر اڄ ڪجهه مڙئي سرس پئي نظر آئي. سعيد منزل وٽ مون کي به ان سيلاب جو حصو بڻجڻو هو. مون گاڏيءَ جي رفتار گهٽ ڪئي. منهنجي نظر موڙ تي بيٺل هڪ ويهه  وريهه عمر وارو ڇوڪريءَ تي وڃي پيئي جا ٻانهن ۾ موتيو جا گجرا ۽ مٿي تي ساڳي قسم جي گلن جي لڙهي سجائي ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ بيٺي هئي، منهنجو ان قسم جي عورتن سان واسطو پئجي چڪو هو ان ڪري مان گاڏي ان جي ڀرسان وڃي روڪي ۽ ڀرواري سيٽ جو دروازو کولي ڇڏيم. هوءَ اچي ان تي ويٺي، مان هڪ مٿاڇري نگاهه مٿس وڌي. ڇوڪري وچولي قد ۽ سنهي بدن جي هئي. چپ ڀريل ۽ اکيون وڏيون هيس. بدن تي گهٽ قيمت واري ڪاٽن جو وڳو پهريل هيس.   البت جنهن چيز منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو سو هو سندس بي ترتيبو ميڪ اپ. ڪم قيمت لپ اسٽڪ جو استعمال ۽ سستي قسم جو پرفيوم. اندازو لڳايم ته انتهائي مجبوري هن  الهڙ ڇوڪري کي ان باهه ۾ ڌڪي رهي هئي.

رمپا پلازا وٽان لنگهندي خيال آيو ته فرج ۾ کائڻ لاءِ موجود ڪو نه هيو. نمائش کا موڙ ڪاٽيندي مون ايڪسليٽرکي دٻا يو. الڪرم اسڪوائر وٽ گاڏي ڍري ڪرڻ لڳم ته ڇوڪريءَ آهستي سان چيو، گاڏي هتان ڪڍي هلو. کائڻ لاءِ ڪجھ وٺڻو آهي. “چيائين، اڳتي هلي وٺجو“

 عائشه منزل واٽر پمپ انچولي سهراب ڳوٺ پٺيان ڇڏيندو ويس گاڏي جعفر پلازا جي پٺيان پنهنجي بنگلي جي گيٽ وٽ اچي بيهاريم، بزر جي آواز تي چاچي احمد اچي گيٽ کولي، ڇوڪري کي مون سان گڏ ڏسي سندس چهري تي نيزاري جو احساس چٽو نظر اچڻ لڳو.  

گاڏي اچي گيراج وٽ بيهاريم، چاچي احمد دروازو کوليو، گاڏي پارڪ ڪري، ڇوڪريءَ کي ساڻ وٺي ڪمري جو دروازو کولي بجلي جي بٽن کي زور ڏنم، چئني ديوارن تي ٻه ٻه گهٽ پاور وارا بلب ڪمري کي خوشگوار روشني ڏئي رهيا هئا، قيمتي قالين، بيش بهار فرنيچر ۽ مهانگا پردا ڏسي ڇوڪري حيران ٿي ويئي، اهڙي گهر ۾ شايد پهريون دفعو سندس قدم پهتو هو،

ڇوڪري کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري مان غسل خاني ۾ گهڙي ويم، هٿ منهن ڌوئي لٽا تبديل ڪري ڪمري ۾ پهتم ڏٺم ته ڇوڪري اڃا حيراني مان هر چيز کي ڏسي رهي هئي، مان فرج مان ڪيڪ،آئيس ڪريم جو دٻو ۽ ڪجهه چهريون چيزون ڪڍي ٽيبل تي اچي رکيون، ڪيڪ مان وڏو ٽڪرو ڪٽي ڪجهه نمڪين شين سان پليٽ ۾ وجهي اڳيان رکيو مانس،ا ن بعد آئيس ڪريم پيالي ۾ وجهي اڳيان رکندي چيو مانس، ” هن وقت گهر ۾ هي ڪجهه موجود هو، الڪرم وٽان ڪجهه وٺڻ جو نه ڏنئه“

مون سندس نالو پڇيو.

”فوزيه“ هن جواب ڏنو.

” هن نموني پهريائين ڪڏهن ڪنهن سان وئي آهين؟“ مون پڇيس

ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيائين.

استعمال ٿيل گلاس، پليٽون، آئيس ڪريم ڪپ وغيره سنڪ ۾ رکي بچيل ڪيڪ آئيس ڪريم وغيره فرج ۾ رکيو، فوزيه کي ڪڍ اچڻ جو اشارو ڪري پنهنجي بيڊروم ۾ گهڙي ويم، هوءَ ڊنل هرڻي وانگر منهنجي پٺيان اچڻ لڳي، بيڊ روم ۾ به هو هر چيز کي حيراني سان ڏسڻ لڳي، مان اچي پلنگ تي ويٺم ۽ فوزيه کي ڀر ۾ رکيل ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيم ” فوزيه“ مون کيس پاڻ ڏي توجه ڏياريو، چيومانس، ” سامهون ڪمري ۾ بستر وڇايو پيو اٿي،وڃي سمهي رهو، صبح جنهن هنڌ چوندينءَ اتي ڇڏي ايندوسانءِ“

پر صاحب! امان جي علاج.... “ سندس آواز ڀرجي آيو.

”سڀ ڪجهه ٿي پوندو، تون بي فڪري ٿي وڃي سمهه، ڪمري سان گڏ غسل خانو به اٿي، هٿ منهن ڌوئين ته صابڻ ۽ ٽوال پڻ اتي پيو آهي.“

لاڳيتي ڪمري مان پهريائين ڪجهه سسڪين جو آواز پئي آيو ڄڻ فوزيه روئي رهي هئي بعد ۾ اتان هلڪا کونگهر ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا، پتو نه آهي الائي ڪهڙي وقت مون کي ننڊ آئي،

صبح جو سوير دروازي تي هلڪو کڙڪو ٿيو،درکوليم ته چاچو احمد بيٺو هو، دستور مطابق ڊبل روٽي، آنا ۽کير سندس هٿ ۾ هئا جي ان وڃي بورچي خاني ۾ رکيا، غسل خاني مان فارغ ٿي، آفيس جا ڪپڙا بدلائي بورچي خاني ۾ آيم، سلائيس گرم ڪري، آمليٽ ٺاهي چانهه لاءِ پاڻي رکيم... فوزيه واري دروازي تي هلڪو کڙڪو ڪري چيم ناشتو تيار آهي، ويهڻ واري ڪمري ۾ هليا اچو.“

مان کاڌي جوسامان ٽيبل تي ٺاهي رکيو ته فوزيه به اچي پهتي، ٻنهي گڏجي ناشتو ڪيو، چانهه پيئڻ بعد مون هڪ وڏي ڊبل روٽي، چانهه جو دٻو، پائوڊرکير، کنڊ جي ٿيلهي ۽ ڪجهه آنا هڪ شاپنگ بيگم ۾ وڌا ۽ سيف مان هڪ سئو رپين جا ڏهه نوٽ هڪ لفافي ۾ وجهي فوزيه جي روبرو سندس پرس ۾ وڌم ٽيلي ڪارڊ ڏيندي ان جي ڪم آڻڻ جو طريقو ٻڌايومانس، کيس پنهنجي آفيس جو ڊائريڪٽري ۾ نه لکيل نمبر ڏيندي چيومانس ته ضرورت وقت ان ٽيليفون تي مون سان رابطو  رکي.

گيٽ وٽ پهچندي چاچي احمد اها افسوس ڀري نظر مون تي وڌي جا هو هميشه ڪنهن ڇوڪريءَ کي مون سان گڏ ڏسي وجهندوهو،

ان ڏينهن شهر۾ گڙ ٻڙ جا آثار گهٽ هئا، ان ڪري شاهراهه تان گاڏي آڻيندي جڏهن پل وٽ پهتم ته فوزيه پاڪستان ڪواٽرس ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، ان جي پٺيان موسيٰ ڪالوني ۾ پهچڻ بعد فوزيه هڪ اجاڙ هنڌ تي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو لهڻ وقت مون کيس شاپنگ بيگ ڏني، بنا پوئتي نهارڻ جي هو هڪ سنهي گهٽي ۾ گهڙي ويئي مان اڄ خوشگوار موڊ ۾ هيس، ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو نه وٺڻ ڪري منهنجو ضمير اڄ مطمعن هيو، آفيس ۾ نعيم اسٽيبلشمينٽ ڪلارڪ کي گهرائي پڇيم ته فرم منهنجو عورت جي ڏانو جيڪا خالي جڳهه هئي، هن ٻڌايو ته پيڪر جي هڪ  جاءِ خالي هئي، پيڪر جي پگهار هڪ هزار ماهانه هئي، البت يارهين وڳي چانهه ۽ ٻي وڳي لنچ کين فرم جي طرف کان ملندي هئي.

مٿين ڳالهه کي ٻه مهينا گذري ويا، هڪ ڏينهن آفيس ۾ اچي ويٺس مس ته منهنجي خاص فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي، ٻئي طرف کان فوزيه هئي، هو مون سان ملڻ چاهي پئي، مان کيس  آفيس جو پتو ڏنو، اٽڪل ٻن ڪلاڪن بعد رسيپٽنسٽ مون کي انٽر ڪام تي ٻڌايو ته ڪا مس فوزيه مون سان ملڻ گهري پئي، مون کيس آفيس ۾ گهرايو، هو اڄ ڪجهه زياده مانائين ڪپڙن ۾ هئي ۽ بي جا ميڪ اپ ٿڦيل به ڪو نه هيس، ڏٺم ته ڏاڍو پريشان هئي، ٻڌايائين ته سندس والده ڏاڍي بيمار هئي ۽ وٽس علاج لاءِ پئسا ڪونه هئا، پڇيومانس ته نوڪري ڪندي، چيائين ته هو زياده پڙهيل ڪا نه هئي، ڪم جي نوعيت ٻڌي هن نوڪري ڪرڻ جي حامي ڀري..

نعيم کي گهرائي ڇوڪري کان پيڪر جي نوڪري بابت تفصيل وٺي درخواست ٽائيپ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ساڳي وقت کيس نوڪري ۾ مقرري جو آرڊر پڻ ٽائيپ ڪري کڻي اچڻ لاءِ چيم.

فوزيه تفصيل هن نموني ڏنو.

نالو: انوري ڌيءَ شرف الدين

عمر: ويهه ورهيه

شادي؛ اڻ پرڻيل

تعليم: ميٽرڪ سيڪنڊ ڊيويزن

تجربو: ڪو نه

نعيم جي وڃڻ بعد انٽر ڪام تي ڪجهه بسڪوٽ ۽ ٻه چانهه موڪلڻ لاءِ چيم، مرڪندي پڇيومانس ” فوزيه مان انوري ڪڏهن کان ٿي آهين؟“

موهيندڙ مسڪراهٽ سان چيائين،  ” اهو ڇو نه ٿا پڇو ته انوري مان فوزيه ڪڏهن ۽ ڇو ٿيس“

چانهه پيئندي پڇيومانس، ” پنهنجي جاءِ ۾ رهندا آهيو؟“

چيائين، ”جاءِ مسواڙي آهي، بجلي ۽ پاڻي کانسواءِ مالڪ مڪان هڪ سئو رپيا ماهانه وٺندو آهي، هاڻي ٻن سئو رپين جا تقاضا ڪري رهيو آهي، امان ٺيڪ هئي ته محنت مزدوري ڪري گهر جو خرچ هلائيندي هئي، محنت مزدوري مان به ڪيا پر ان سان گڏ جا ٻي تقاضا آهي سا پوري ڪرڻ نه ٿي چاهيان.“

پڇيو مانس تهجي بنا مسواڙ جي کيس فرم ۾ ڪوارٽر ڏنو وڃي ته هو هلي ايندي ان هائو ڪئي،

گهنٽي ٻڌي قاصد سامهون اچي بيٺو، مان کيس شهباز خان کي سڏي اچڻ لاءِ چيو، اچڻ تي کانئس پڇيم، ” شهباز خان! تنهنجي ڪوارٽر ڀرسان ٻه ننڍا ڪوارٽر ٺهرايا هئاسي اهي اڃا خالي آهن نه ؟“

شهباز خان ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي،

چيومانس،  ” انوري بيگم اسان وٽ پيڪر مقرر ٿي آهي، گهر ۾ پاڻ ۽ سندس والده آهي، انهن خالي ڪوارٽرن مان هڪڙو هن کي ڏيڻو آهي، کيس وٺي وڃي ڪوارٽر ڏيکار ۽ ساڳي وقت نعيم کي چئو ته هو ان ڪواٽر جوالاٽ مينٽ آرڊر انوري بيگم جي نالي ڪڍي.“

انوري ۽ شهباز نڪتا ته شمس اچي پهتو، مان کيس ٽرانسميٽر سڏيندو هيس، هيو به ان ڏانو جو، اچڻ سان چيائين، ” سر! آفيس ۾ چوٻول پئجي ويو آهي ته صاحب انوري بيگم تي ڏاڍو مهربان ٿيو آهي، ان جي ڪري نوڪري جي درخواست به صحيح نه ٿي آهي ته سندس نوڪري جوآرڊر ۽ ڪواٽر جي الاٽمينٽ نڪري چڪا آهن.“

پڇيومانس،  ” ٻيو ڪجهه؟“

شمس ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي، ان دوران انوري ۽ شهباز خان ڪواٽر ڏسي واپس پهچي چڪا هئا، مان شمس ۽ شهباز خان کي وڃڻ لاءِ چيو انوري ڪرسي تي وٺي.

ايتري ۾ نعيم درخواست، نوڪري جو آرڊر ۽ ڪواٽر جو الاٽمينٽ آرڊر ٽائيپ ڪري کڻي آيو، چيائين ته آفيس سپرنٽنڊنٽ نوڪري ۽ الاٽمينٽ آرڊر تي اينشل ڪرڻ کان انڪار ڪيو سندس چوڻ آهي ته نوڪري جي درخواست ئي منظور نه ٿي اهي ته آرڊر ڪيئن نڪتا.“

درخواست تي انوري جي صحيح وٺڻ بعد حاشيه ۾ نوٽ ڪيو Appointeol  بعد ۾ نوڪري ۽ الاٽمينٽ  آرڊر صحيح ڪري نمبر هڻائي انوري جي حوالي ڪيم.

ٻئي ڏينهن تي انوري اچي نئين ڪواٽر ۾ويٺي، فرم جي ڊاڪٽر سندس والده جي چڪاس ۽ انويسٽيگيشن ڪري سندس علاج شروع ڪيو، منهنجي چوڻ تي ميس مئنيجر انوري جي لنچ پيڪ ۾ ٻه وڌيڪ سلائيس ۽ هڪ اٻاريل پٽاٽو دستوري جيزن سان گڏ رکندو هو، لنچ پيڪ ٻنهي ماءُ ۽ ڌي لاءِ ڪافي هو،

هفتي بعد دستوري رائونڊ تي پيڪنگ سيڪشن ۾ مون انوري کي سفيد سلوار۽ سفيد دوپٽي ۾ ڪم ڪندي ڏٺو، هو ٻين کان علحده ۽ ممتاز پئي نظر آئي..

ٻن مهينن تائين نه مان پيڪنگ سيڪشن ۾ ويم ۽ نه انوري مون وٽ آئي، ٽرانسمٽر واتان معلوم ٿيو ته آفيس اسٽاف ۾ مون بابت راءِ زني هاڻي شروع واري ڪانه هئي، هڪ ڏينهن آفيس ۾ ويٺو هيس ته پيڪنگ سيڪشن جي انچارج ريحانه مون سان ملڻ جي اجازت گهري، هن اچڻ سان مون کي شڪايت جو ڪاغذ ڏنو، جنهن ۾ ان انوري تي بي توجهي، ڪاهلي ۽ لنچ تي وڌيڪ وقت غير حاضر رهڻ جا الزام لڳا هئا، سندس ئي روبرو نعيم کي گهرائي نوٽيس ٽائيپ ڪرڻ لاءِ چيو جنهن ۾ انوري جي خلاف الزام ڏيکاريل هئا ۽ کيس هفتي اندر سبب پيش ڪرڻو هو ۽ ڏوهاري هئڻ جي حالت ۾ مٿس انتظامي قدم کڻڻ بابت پڻ لکيو ويو هو.

ريحانه ۽ نعيم ڪمري مان نڪتا مس ته ٽرانسمٽر اچي پهتو، چيائين، ”سر! هي ڪهڙو ٿا ظلم ڪيو، انوري بي ڏوهي آهي ، هي سڀ حرڪت آفيس سپرنٽينڊنٽ جي آهي جو انوري جي ويجهو ٿيڻ گهري ٿو ۽ هو کيس لفٽ نه ٿي ڏي.“

مون هٿ جي اشاري سان شمس کي وڃڻ لاءِ چيو، انٽر ڪام تي آفيس سپرنٽينڊنٽ کي چوڪيدار شهباز خان کي پاڻ ڏانهن موڪلڻ لاءِ چيم.

شهبازخان سرحد جو رهاڪو انتهائي درجي جو سچار ۽ ايماندار هو، مون ساڻس انوري جوذڪر ڇيڙيوئي مس ته چوڻ لڳو. ” صاحب جي! هي ماڻهو دلجا ڏاڍاکوٽا آهن، هر هڪ انوري بيگم جي ويجهو ٿيڻ ٿوگهري، خاص طرح آفيس سپرنٽينڊنٽ، خانه خراب! خدا کان به نه ٿا ڊڄن، ٻه دفعا رات جوچوڪي ڏيندي عارف صاحب کي انوري بيگم جي در تان موٽايو آهي.“

نعيم ليٽر  ٽائيپ ڪري آيو، مون انوري ۽ ريحانه کي گهرائي ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، سندس ويهڻ بعد مون ريحانه کي چيو، ريحانه! اهو سڀ کي معلوم آهي ته انوري بيگم ايمانداري سان ڪم ڪري ٿي يا نه، مان تنهن شڪايت تي مٿس قدم کڻڻ گهران ٿو، اهڙو ليٽر به ٽائيپ ڪرايو اٿم، پر انصاف جي تقاضا اها آهي ته مان ان سلسلي ۾ڪجهه تحقيقات به ڪريان، اوهان ٻئي هتي ويهو، مان ٻنهي جي غير حاضري ۾ پيڪنگ سيڪشن ۾ وڃي ٿو. انوري  جي ڪم  بابت سندس ساٿين کان جاچ ڪريان “

ريحانه وسي ٿي وئي، چيائين، ” سر! منهنجو هجڻ اتي لازمي آهي.“ مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو.

ان دوران ڏٺم ته انوري جي منهن جو رنگ هيڊو ٿي ويو هو.

ريحانه کي چيم. ” مون کي معلوم ٿيو آهي ته عارف صاحب تنهنجي سيڪشن ۾ زياده دلچسپي ٿو وٺي، مون اهو چيو هو ته ڪو به مرد منهنجي اجازت کانسواءِ ان سيڪشن ۾ نه وڃي، مون وٽ ثابتي آهي ته عارف صاحب ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرا ان سيڪشن جو رائونڊ ٿو لڳائي ۽ ڪم ڪندڙ عورتن کي هدايتون ٿو ڏي، اوهان نه کيس سيڪشن ۾ اچڻ کان روڪيو آهي ۽ نه مون کي ان جو اطلاع ڏنو آهي.

ريحانه ڏڪندي ڦرڪندي سچي ڪئي ته انوري بيگم ايمانداري سان ڪم ڪري رهي هئي ۽ ان اها شڪات عارف صاحب جي چوڻ تي ڪئي هئي.“

مون ٻنهي کي وڃڻ لاءِ چيو ۽ عارف کي گهرائي چيو، ” مسٽر عارف! اوهان اڄ ڪلهه پيڪنگ سيڪشن ۾ ڪافي دلچسپي ٿا وٺو ۽ باوجود منع جي ڏينهن ۾ هڪ اڌ دفعو رائونڊ لڳايو ٿا، رات جو به اوهان انوري جي گهر سندس والده جي خيريت معلوم ڪرڻ لاٰءِ سندس اجازت بنا وڃڻ چاهيو ٿا ۽ ڪجهه دفع چوڪيدار اوهان کي آڌي رات وقت انوري جي دروازي تي ڏٺو آهي، اوهان جهڙي شائسته ماڻهو جي منهن تي اهڙيون ڳالهيون نه ٿيون ٺهن،البت مان کلي طرح اوهان کي چوان ٿو ته اوهان يا ڪو آفيس ميمبر جيڪڏهن انوري سان شادي ڪرڻ گهرندو ته مناسب ڏاج پنهنجي طرف کان ڏيندس.“

عارف چيو، ” سر! اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي، مان واعدو ٿو ڪريان ته اڳتي ائين نه ٿيندو، سر! مان شادي شده آهيان ٻن ٻارن جو پيءُ مان اهڙي حرڪت ڪيئنءُ ڪندس.“

”وڃو ۽وڃي ٻين کان پڇو، ٻن ڏينهن ۾ مون کي جواب ڏجو.“

ٻن ڏينهن بعد عارف اچي ٻڌيو ته  ” اسٽاف ميمبرن مان ڪافي شادي شده آهن ۽ٻيا مڱيل ، البت رئوف ڇڙو ڇانڊو آهي، پر اهو ماڻهو سٺو ڪين آهي، سندس خيال آهي ته هوشادي ڪندو جتي کيس ڪار ۽ بنگلو ملندو.“

باوجود فرم جي ڊاڪٽر جي پوري توجه جي انوري جي ماءُ وئي پوئتي پوندي، هڪ صبح آفيس پهتس مس ته شهباز خان اچي ٻڌايو ته انوري بيگم جي والده گذريل رات فوت ٿي وئي آهي، فرم جي دستور موجب اڌ ڏينهن جي موڪل ڪئي وئي، اسٽاف مرحومه جي تڪفين ۽ تدفين ۾ شامل ٿي ويو، بعد ۾ اسٽاف جي ميمبرن جون عورتون ٻه ٻه ٿي هفتي تائين انوري جي گهر رهيون، هفتي بعد انوري ڪواٽر ۾ اڪيلي رهجي وئي،.

هفتي کن بعد شهباز خان اچي ٻڌايو ته  انوري جي حفاظت ڪندي هوراتيون جاڳندو رهيو آهي، هڪ ٻه دفعا ته انوري جي دانهن تي جڏهن  ” آيو آيو“ ڪندو سندس در تي پهتو ته ڪنهن ماڻهوکي ڀڄندو ڏٺو هئائين،انوري کيس ٻڌايوته ڪو ماڻهو ٻه ٽي دفعا سندس ديوار ٽپي گهر۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو هيو هو.

ان شام جو منهنجي گاڏي انوري جي ڪوارٽر وٽ اچي بيٺي، شهباز خان جي مدد سان پنهنجي مختصر مڏي گاڏي ۾ وجهي چاچي احمد جي ڀر واري خالي ڪواٽر ۾ اچي لٿي، چاچي احمد ان ڪواٽر کي اڳ ئي صاف ڪرائي ڇڏيو هو، ماڻهن جي طعنن کان بچڻ لاءِ انوري منهنجي گاڏي جي بجاءِ بس يا رڪشا ۾ چڙهي آفيس اچڻ وڃڻ لڳي.

مان هن وقت تائين پنهنجي پاڻ لاءِ ڪجهه نه لکيو آهي، مان سنڌ جي هڪ شريف خاندان جو فرد آهيان، ان خاندان جي مڃتا هنڌ سنڌ کان ٻاهر افغانستان تائين ڦهليل آهي، والد مرحوم مروج روايتون ٽوڙي پيري مريدي کان پاسو ڪري، ڪراچي ۾ هڪ ننڍي ڪارخاني جو بنياد وڌو جوهن وقت وڏي فرم جي صورت ۾ موجود آهي. مان والدين جي اڪيلي اولاد آهيا، مان ارڙهن ورهين جو ٿيس ته هو منهنجي شادي جو سوچڻ لڳا، والد صاحب مون کي فرم جي ڪم کان آگاهه ڪندو ايندو هو اتفاق اهڙو ٿيو جو والد صاحب ۽ والده صاحبه ڇهن مهينن جي عرصي اندر مختصر بيماري دوران هڪ ٻئي جي پٺيان الله کي پيارا ٿيا، هي مون لاءِ وڏو ڌڪ هيو، پر مان پاڻ سنڀالي ورتو ۽ فرم جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيم.

منهنجي شادي جون ڳالهيون منهنجي چاچي جي ڌيءَ روشن بيبي لاءِ هلندڙ هيون، چاچي مون کي پنهنجو ڪيو، شادي جي چوٿين سال مون کي پٽ  پيدا ٿيو ” سيد حسن“ شادي جي پنجين سال منهنجي گرهستي زندگي ۾ تباهي آئي ٿيو، هيئن ته چاچي پنهنجو پٽ ظفر مون وٽ ڪارخاني جوڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو، بيبي روشن جهليو به پر مون مٿس اعتبار ڪري کيس ڪارخاني جي سياهه سفيد جو مالڪ بڻايو، سندس بيهودگين ڪري ڪارخاني ۾ اسٽرائيڪون۽ نافرمانيون ٿيون، ٻئي طرف ظفر جي شاهه خرچين فرم جي باقي ساک به ختم ڪري ڇڏي. آخر لاچار ٿي ظفر کي ڳوٺ اماڻي ڇڏيم، ساڳي وقت چاچي احمد هٿان پنهنجي چاچي (ظفر جي والد) کي ظفر جي حرڪتن کان آگاهه ڪيم.

چاچو احمد منهنجي والد جي وقت کان وٺي خاص ملازم هوندو هو، هو اسان جي لڇ مان هيو پر هيو چند سيد سڀ جو ڀلو چاهيندڙ، مون سان خاص محبت هيس.

ظفر جي ڳوٺ پهچڻ بعد منهنجي گهريلو زندگي جو زوال ٿيو، پتو نه آهي پنهنجي والد کي مون بابت ڪهڙيون خبرون ٻڌايائين جو هن جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي وئي، دستور مطابق عيدالفطر مان ڳوٺ ڪئي ۽ پنهنجا ٻار عيدالضحيٰ تائين حويلي ۾ ڇڏي آيم، عيدالضحيٰ ڳوٺ ملهائڻ ۽ ٻار کي واپس آڻڻ لاءِ جڏهن ڳوٺ پهتم ته حويلي جو دروازو مون لاءِ ڪو نه کليو، مون چاچي احمد کي اندر حويلي ۾ موڪليو، هو به بي مانائتو ٿي موٽي آيو، ان ڏينهن کان مهنجا ٻار حويلي ۾ بند آهن، جن تائين منهنجي رسائي ڪانه آهي،البت عيدالضحيٰ تي چاچي احمدکي عيد ڳوٺ ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ان جي معرفت منهنجي روشن بيبي کي ان جي مون کي سال ۾ هڪ دفعو چٺي سمگل ٿي ملندي آهي، ان چٺي ۾ سيد حسن جو تازو فوٽو به شامل هوندو هو.

گذريل سال سيد حسن جي فوٽو سان گڏ جا چٺي روشن بيبي لکي هئي، ان ۾ لکيو هئائين:

سرتاج

منهنجو مجبوريون ته معلوم اٿو، ڪوٽن ۾ڪڙيل آهيان، اوهان پنهنجي جواني ڇوٿا تباهه ڪريو،معلوم ٿيو آهي ته اوهان هڪ بي سهارا ڇوڪري کي سهارو ڏنو آهي چڱو ڪيو اٿو،ائين بهتر ٿيندو ته اوهان ان سان نڪاح ڪريو، اوهان جو ۽ منهنجو وڇوڙو قيامت جو آهي.

روشن

مان چاچي احمد کي ڇينڀيو ته ان ڇو انوري جي ڳالهه اندر حويلي ۾ پهچائي هئي،

ڏينهن گذرندا ويا، هڪ رات جو ڏاڍو اداس هيس، اڪيلائپ هاڻي کائڻ پي آئي، ڪمري جو در کولي ٻاهر نڪري ويس، ڪجهه وقت هوا خوري ڪري در ٻيڪڙي اچي پلنگ تي ليٽيس، پتونه آهي ته الائي ڪهڙي وقت ننڊ آئي، اک مس لڳي هوندي ته پاڻ کي جڪڙندو محسوس ڪيم، پهريائين ته سمجهيم خواب ٿو ڏسان پر پاسي ورائڻتي نائيٽ ليمپ جي روشني ۾ ڏٺم ته انوري مون سان سمهيل هئي، جاڳندو ڏسي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇيڏائين.

شرافت جوبند ڀڄي پيو.

ٻئي ڏينهن انوري جي استعيفيٰ پيش ٿي جا منظور ٿي ۽ هوءَ ڪواٽر مان نڪري منهنجي خواب گاهه سان لاڳيتي ڪمري ۾ داخل ٿي.

عيدالضحيٰ تي حويلي مان چٺي، حسن جو تازو فوٽو ۽ هڪ وڏو پئڪيٽ آيو، جنهن تي لکيل هو ” منهنجي سهيلي بي بي انوري لاءِ ” پئڪيٽ ۾ هڪ قيمتي جوڙو، سوني منڊي ۽ ڪنن جا سونا والا پيل هئا، جواب ۾ انوري چيو،، ” ڪيڏي عظيم آهي بيبي روشن!“

هڪ سال ٻيو به گذريو،هن دفعي انوري جي پئڪيٽ ۾ حسن جي تازي فوٽو سان گڏ بيبي روشن جو فوٽو به هيو  جو سيد حسن ناني جي نگاهه بچائي پنهنجي ڪئميرا سان ڪڍيو هو، مان فوٽو کي ڏسندو ئي رهيس، بيبي روشن مون وٽ جڏهن هئي ته هڪ مکڙي هئي ۽ هاڻي هڪ ٽڙيل گل، وقت هن جي حسن ۾ ڪافي اضافو آندوهو. مان فوٽو کي سنهري فريم ۾ مڙاهي پنهنجي اڳيان ٽيبل تي رکي ڇڏيو.

ٻئي سال بي بي روشن جي فوٽو کان سواءِ ٻيون سڀ چيزون حويلي مان آيون، انور لاءِ هن سال وڳي کان علاوه چار سونيون چوڙيون پڻ هيون. مان هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو هوس ته انوري باوجود بيبي روشن جي محبت ۽ شفقت جي ساڻس حسد ڪرڻ لڳي هئي، مون کي سندس فوٽو کي ٽڪٽڪي ٻڌي ڏسندي ٻه دفعا ٽوڪيندي چيو هيائين.

” صاحب جي! هن عورت ۾ توهان ڇا ڏٺو آهي؟“

چيومانس،” پاڪيزگي، حسن، شرافت ۽ سخاوت.“

 هاڻي بي بي روشن جو فوٽوگم ٿيڻ لڳو، ڪڏهن اسٽور روم مان هٿ پئي آيو ته ڪڏهن الماڙي مان، ڪڏهن بورچي خاني۾ پيو هوندو هو ته ڪڏهن ڪٻاڙ خاني ۾، هڪ ڏينهن فوٽو ڪٿي به هٿ نه آيو، مان رڙين سان گهر مٿي تي کڻي ڏنو، ان ڏينهن ٻه ڪلاڪ دير سان آفيس پهتم فوٽو هٿ ڪو نه آيو هو، وڃڻ وقت چئي ويس ته  جيسين فوٽو نه مليو آهي تيسين مان گهر ۾ قدم نه رکندس، رات جو نوين وڳي پنهنجي دوست الطاف جي گهر ويٺو هيس ته پڇا ڪندي ڪندي چاچي احمداتي اچي هٿ ڪيو،ٽيلفون تي ٻڌايا ته فوٽو هٿ آيو آهي، مان گهر موٽي آيم.

عيدالضحيٰ جي ٽئين ڏينهن تي آفيس مان جو موٽيم ته چاچي احمد ٻڌايو ته شهزادو سندس ڪمري ۾ ويٺو هو.

مون رڙ ڪري پڇيس، ” ڪير حسن؟“ هن هائو ڪئي،سيد حسن کي هو شهزادو سڏيندو هو.

مان ڊوڙندو احمد جي ڪمري ۾ گهڙيس ته منهنجو سر وڃي دروازي کي لڳو، ڌڪ جو خيال ڇڏي ڊوڙندو وڃي حسن کي هنج ۾ کنيم، حسن به بابا ڪري مون کي چنبڙي پيو.

احمد کان پڇيم؛ ”چاچا! شهزادي کي گهر ۾ اندر نه وٺي وئين؟“

چيائين، ” بيبي انوري چيو هو ته ٻاهر وهارينس جيستائين صاحب اچي.“

 مان حسن کي ساڻ ڪري گهر ۾ گهڙيس، احمد دستوري طرح مون کي منهنجو چيزون ڏئي پئڪيٽ وڃي انوري کي ڏنو، انوري پئڪيٽ کي کڻي پري اڇلايو.

مان انوري کي شڪايت ڀري لهجي ۾ چيو، تو گهر جي مالڪ کي ٻاهر ويهاري چڱو ڪم نه ڪيو.“

” گهر جو مالڪ؟“

” گهر جو مالڪ ۽ منهنجو پيارو پٽ“

بي بي روشن جي تصوير ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ” هيءَ آهي تنهنجي پياري زال؟“

” ها جان کان به پياري.“

” ڪميني! ”انوري جي رڙ گهر ۾ گونجڻ لڳي، ٽپ ڏئي اٿي تصوير کڻي ڀت کي هنيائين، نازڪ فريم ڇيهون ڇيهون ٿي ويو.“

مان ٽپ ڏئي اٿيم کٻي هٿ سان انوري جي چوٽي پڪڙيم ۽ سڄي هٿ سان مهن تي ٽي چار زوردار چپاٽون جڙيون مانس، هو بيهوش ٿي ڪري، چاچو احمد ڊوڙندو ويو ۽ وڃي پاڻي کڻي آيو، ڪجهه ڇنڊا منهن تي هنيائينس ۽ ٻه چار ڍڪ پياريائينس ته هو سرجيت ٿي.

مان احمد کي چيو ته ” هن ڪميني جو سمورو سامان ۽ ڏهه هزار رپيا کيس ڏئي شهر جي ڪنهن چوڪ تي ڇڏي اچيس ۽ چئيس ته هو هن طرف وري منهن نه ڪري.“

انوري هاڻي محسوس ڪيو ته هن ڪيتري نه غلطي ڪئي هئي، هو منهنجن پيرن کي چنبڙڻ لڳي، مون ٻه لتون ٻيون به وهائي ڪڍيس.“ انوري جي ڪمري مان وڃڻ بعد مون گلوڪوس جو هڪ وڏو گلاس پي بي بي روشن جو خط کوليو، جنهن ۾ لکيل هو ته سندس والد کي ظفر جي ڪڌن ڪرتوتن جو هاڻي پتو پئجي چڪو آهي، ظفر ٻه دفعا جيل ۾ به پيو هو پر سندس والد جي اثر رسوخ کيس بچائي وڌو، بابا شهزادي کي اوهان وٽ هڪ مهينو رهڻ جي اجازت ڏني آهي شايد مون کي به ...“ وڌيڪ ڪجهه لکيل ڪين هيو.

حسن جو منهنجو انوري سان برتاءُ ڏٺو هو ته سارو وسيو ٿي ويو، مان کيس ڇاتي سان کڻي لاتو، منهنجي خوابگاهه ۾ هڪ ننڍي پلنگ جو اضافو ٿيو منهنجي پياري پٽ حسن لاءِ.

ٻئي ڏينهن صبح جو حسن کي ساڻ ڪري گراج مان گاڏي ڪڍي گيٽ وٽ پهتم ته احمد اتي موجود هو، پڇيومانس، ”انوري کي ڪاٿي ڇڏي آئين.“

چيائين،  ” ڪٿي به نه، هو ڪواٽر ۾ موجود آهي.“

”ڇو؟“ منهنجي رڙ بنگلي ۾ گونجڻ لڳي.

پهريون دفعو مون چاچي احمد سان بد زباني ڪئي، جڏهن  جوش گهٽيو ته احمد ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو، ” مرشدا. چڱن سان چڱايون هر ڪو ڪري، ڀلو اهو جو برن سان ڪري ڀلايون، بيبي انوري نه سامان ٿي وٺي ۽ نه پئسا ، پنهنجو پراڻو وڳو پايون ويٺي آهي، چوي ٿي ته واقعي مان نالائق آهيان، هن ڪواٽر کي نه ڇڏيندس، فقيرن وانگر ٽڪر ڏيندءُ ته واهه نه ته بس“

مهيني گذرندي ويرم ئي نه ٿي، مان پنهنجي گاڏي ۾ احمدکي شهزادي سان گڏ صبح جو ڳوٺ موڪليو، ان وعدي سان ته شام جوهوڪنهن به ريت موٽي ايندو، شام جو دير سان گهر پهتم ته احمد موجود هو، ان مون کي ٻه چٺيون ڏنيون، هڪ بي بي روشن جي هئي ۽ ٻي هئي سندس والد جي، پهريائين بي بي روشن جي چٺي کوليم لکيل هو: سرتاج

شهزادي کان سڀ معلوم ٿي چڪو آهي اوهان کي ائين ڪرڻ نه گهربو هو، حسد عورت جي فطرت آهي، مون سان نفرت ڏيکاري ٿي ته بي بي انوري جي اوهان سان ڪيڏي نه محبت آهي، کيس معاف ڪيو، ڪندو نه کيس معاف؟ ڀلا مان حسد ڇو نه ٿي ڪريان؟ ان جا ٻه سبب آهن هڪ خانداني روايت ۽ ٻي توهان جي اڪيلائي، ظفر وري وڃي جيل ۾ پيو آهي، هن دفعي ڌاڙيلن کي مدد ڏيڻ جي الزام ۾، بابا سائين ڏاڍو پريشان آهي، پوڙهو ٿي ويو آهي، ڊڪ ڊوڙ نه ٿو ڪري سگهي، هو چاهي ٿو ته اوهان اچي ظفر جي پيروي ڪرايو.

روشن ٻي چٺي چاچي کان هئي جنهن پنهنجي بي جا قدم تي شرمندگي ڏيکاري هئي ۽ مون کي ڳوٺ اچڻ لاءِ لکيو هئائين.

گهر جو معاملو احمد جي ۽ آفيس جي ديک ڀال عارف جي حوالي ڪري سالن بعد ڳوٺ ڏي روانو ٿيس، ڳوٺ ۾ ڪا تبديلي ڪانه آئي هئي، سواءِ هڪ پرائمري گرلس اسڪول، بوائز مڊل اسڪول ۽ ڊسپينسري جي بڻجڻ جي، ٻنين مان لنگهندي نار وٽ خميسو ڪمدار ۽ جانو ڊکڻ نظر آيا، انهن جو اڻ سڃاتل گاڏي جو رخ حويلي ڏانهن ڏٺو ته حيراني سان ڏسڻ لڳا، مان گاڏي سندن ويجهي آندي مون کي لهندي جو ڏٺائون ته  ” مٺو سائين، مٺو سائين“ ڪندا ڊوڙندا آيا، انهن پيرين پوڻ پي گهريو پر مان کين ڇڪي ڇاتي سان لاتو، بيٺي پير کانئن ظفر جي ڪڌن ڪرتوتن جو پتو پيو، منهنجي پهچڻ کان اول حويلي ۾ منهنجي اچڻ جي خبر پئجي وئي، حويلي ۾جتان پي لنگهيم ته آواز پئي آيا ” مٺو سائين اچي ويو، مٺو سائين اچي ويو.“

پهريائين چاچي سائين جي گهر ويم جو روئي مليو، چيائين،  ” مان توسان برو هليو آهيان، معاف ڪجان“ چاچي جي اجازت سان بي بي روشن جي ڪمري ۾ گهريم،سندس حسن جمال ڏسي بيخود ٿي ويم روئي اچي ملي، شهزادي پريان بيٺي تڪيو، سڏي ڀاڪر ۾ ڪيو مانس.

ٻن مهينن جي ڊڪ ڊوڙ بعد، جي مان ڳوٺ ۾ گذاريا، ظفر با عزت آزاد ٿيو،ان جي ٽين ڏينهن مون کي بي بي روشن ۽ سيد حسن سان گڌ ڪراچي وڃڻ جي جازت ملي، چاچي سوکڙين پاکڙين سان ڍئي ڇڏيو.گيٽ اڳي ئي کليل هئي، ڪمرا صاف ۽ سٿرا هئا، ٽيبل تي بي بي روشن جو فوٽو نئين فريم لڳل رکيو هو، جنهن جي ڀرسان گلاب جو تازو گل رکيل هيو.صوفي تي ويهندي بي بي روشن پڇي، منهنجي ساهيڙي ڪاٿي آهي، مون کيس ڪو به جواب نه ڏنو، اکيون اکين سان ملائي چيائين، ” کيس معافي نه ملندي ڇا؟ ڪندو نه کيس معاف؟“

 مون ۾ حڪم انحرافي هي طاقت موجود ڪانه هئي،

سادن لٽن ۾ بنا ميڪپ جي انوري ڏڪندي ڦرڪندي اندر آئي.هيٺ قالين تي ويهڻ جي پي ڪيائين ته بيبي روشن ڀاڪر ڀري کيس پاڻ سان  گڏ صوفي تي ويهاريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com