سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :11

غلام رباني آگرو

جمال ابڙو [ذاتي تاثرات]

 

جمال ابڙو سنڌي افساني جو امام ھو

 

جمال کان وڏو افسانه نگار، مون کي نه کانئس اڳ، نه پوءِ سُجھي ٿو. اھو منھنجو ذاتي رايو آھي. ھر ڪنھن کي پنھنجي راءِ رکڻ جو حق آھي. ھونئن، ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونھي، ته سنڌي زبان وڏا وڏا افسانه نگار پيدا ڪيا آھن ۽ اھا به حقيقت آھي ته ھر گل کي پنھنجي پنھنجي خوشبو آھي.

جديد افساني جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو. ڪن يورپي ٻولين جا افسانا، ناول ۽ ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. سنڌي زبان جي اولين افسانه نگار ۾ عثمان علي انصاري ھڪ اھم نالو آھي. انگريزي ادبيات جو ماھر ھو. ولايت مان پڙھي آيو ھو. تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ھو ۽ ڪجھه عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري رھيو. سنڌيءَ  ۾ فِنڪشن جا سٺا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا ھئائين. سندس مشھور افسانو ”ململ جو چولو“ ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آھي.

ھڪ دفعي مون کانئس سوال ڪيو ته ”اوھان جي ڄاڻ موجب سنڌي زبان جو اولين افسانه نويس ڪنھن کي ڪوٺي سگهجي ٿو؟“

چيائين ته ”سوچڻ ڏي .“ ڪا دير رکي چيائين ته، ”منھنجي خيال موجب مرزا نادربيگ.“

سنڌي زبان ۽ ادب جي اھا خوش قسمتي چئبي، جو نصير مرزا وڏيءَ محبت ۽ محنت سان مرزا نادربيگ جا افسانا گڏ ڪري، ھاڻي ڪتاب ڇپائي ڇڏيو آھي.

مرزا نادربيگ کان پوءِ جيڪي مکيه افسانه نويس پيدا ٿيا، تن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڏو نالو آھي،

جنھن جون ”ھارين جون ڪھاڻيون“ ھڪ لاجواب ڪتاب آھي. اھڙيءَ ريت، سائينداد سولنگي به آڳاٽي دور جو اھم افسانه نگار آھي، جنھن جو افسانو ”انڌي ۽ جنڊ“ مشھور آھي. شيخ اياز جو ”سفيد وحشي ۽ ٻيا افسانا“ به ساڳئي دور، ۾ ليڪن ان جي پوئين حصي ۾ شمار ٿيندا. انھيءَ اوائلي دؤر جي سنڌي فِڪشن جو صحيح معنيٰ ۾ لافاني شاھڪار آھي نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو لکيل ناول”مالھڻ“.

آزاديءَ کان پوءِ سنڌ جي افسانه نويسن ۾ وڏو نالو جمال ابڙو ئي آھي. سندس افسانن سنڌ ۾ ته مقبوليت ماڻي، پر اُنھن جا ٻين ملڪن ۾ به ترجما ٿيا آھن، مثال طور جرمني ۾.

جمال پاڻ به ترجما ڪيا. گورڪيءَ جي مشھور افساني ”پاشا“ جو ترجمو ڪيائين، جو ”مھراڻ“ ۾ ڇپيو. مون سنڌيءَ ۾ ان کان بھتر ترجمو ٻيو ڪونه ڏٺو. افسوس جو انھي ڪم کي اڳتي جاري رکي ڪونه سگهيو.

خدا پاڪ جي سھڻن نالن ۾ ھڪ نالو”المصور“ آھي. جيڪي فنڪار تصويرون ٺاھيندا آھن،تن کي به انھيءَ قدرتي ڏات جي ڪري ”مصور“ يعني تصويرون ٺاھيندڙ ڪوٺيندا آھن. آرٽسٽ برش سان تصويرون ٺاھيندو آھي ته اديب ۽ شاعر وري قلم سان. افساني نويسيءَ ۾ مکيه فن ڪردار جي شخصيت کي اُڀارڻ آھي. جمال اُنھيءَ فن جو بادشاھه ھو. ھن جي افسانن جا ڪردار اھڙا ته سھڻا چٽيل آھن، جو ڄڻ ته جيئرا جاڳندا انسان آھن.

پر، اديب ھجي يا شاعر، بنيادي طرح، سندس تحرير جو مرڪزي نڪتو وري به ”پيغام“ آھي. ڏسڻو اھو آھي ته ھو پنھنجي قلم سان پڙھندڙ کي ڪھڙو ٿو پيغام ڏئي!جمال جو پيغام ”معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف“ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ھو. ھو پنھنجي سماج جي عيبن ۽ ثوابن تي اونھي نظر وجھندو ھو، پوءِ جيڪي لکندو ھو، انھيءَ ۾ سندس سوچ ۽ پيغام چٽو نظر ايندو ھو.

جمال وڏو آرٽسٽ ۽ وڏو ماڻھو ھو. وڏن عھدن تي رھيو، پر گند غلاظت کان دامن اُڇو اجرو رکيائين. سندس شخصيت کي سمجهڻ لاءِ سندس افسانن تي اڪتفا ڪرڻ نه گهرجي. سندس عزيز اقارب موجود آهن، کانئن پڇجي ته پيءُ ۽ ڀاءُ جي حيثيت ۾ ڪيئن هو؟ اهڙيءَ ريت سندس سنگتي ۽ ساٿي موجود آهن، جن ساڻس سالن جا سال ادبي توڙي نجي ذاتي محفلون ۽ مجلسون ڪيون. جمال جون ڳالهيون اُنهن کان پڇجن.

اسان جي ٽهيءَ وارا لکندڙ گهڻو ڪري ويهينءَ صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي پيداوار هئا، ليڪن جمال ۽ شيخ اياز ٻئي ڏهاڪي جي پيداوار هئا، پر پاڪستان ٺهڻ سان سڄي ملڪ جو وايو مندل بدلجي ويو، سنڌ تي به اثر پيو. سنڌي هندو ليکڪ لڏي ويا. اجتماعي زندگيءَ سان گڏ انفرادي زندگي به متاثر ٿي. اياز ۽ جمال وڏا آرٽسٽ ته هئا، پر پنهنجين پنهنجين حالتن ۽ مجبورين جي تابع به هئا. اياز ته صاف لکيو آهي ته ”آزاديءَ بعد منهنجا هندو ساٿي اديب هندستان هليا ويا ته مون چڱو عرصو لکڻ ئي ڇڏي ڏنو.“

آزاديءَ کان پوءِ پهريون ادبي رسالو ماهنامو ”نئين زندگي“ نڪتو. پر انهيءَ جي شروعاتي پرچن کي ڏسبو ته منجهس ادبي تحريرون نالي ماتر نظر اينديون. گهڻو ڪري وزيرن جو ن تقريرون ۽ تصويرون ڏسڻ ۾ اينديون. سرڪاري رسالو هو. لٿو ۾ ڇپبو هو. ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو، ذات جو انڍڙ هو. ننڍپڻ ۾ سنڌ مان لڏي دهليءَ ويو هو. غريب جو ٻار هو، سو ڊاڪٽر ذاڪر حسين سندس مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ رکيو، جو جامعه مليه دهليءَ جو وائيس چانسيلر هو. سندس وڏو گذريو. اتي ئي شادي ڪيائين. اولاد ٿيس. سندس وڏو فرزند آصف جيلاني هاڻي B.B.C تي اردو نشريات ۾ سٺي عهدي تي آهي. اڳي هت ”امروز“ اخبار ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو هو.

مولانا عبدالواحد سنڌي هندستان مان ٻين مهاجر ڀائرن سان گڏ لڏي سنڌ ۾ آيو هو. سندن ئي مدد سان کيس حڪومت پاڪستان جي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي شعبي پاڪستان پبليڪيشنس ۾”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽري ملي. آهستي آهستي رسالي ۾ ادبي رنگ آندائين. هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ”نئين زندگي“ نج ’ادبي رسالو‘ ٿي ويو ۽ ان جي اشاعت ان زماني ۾ ڇهن هزارن کي وڃي پهتي. همعصر اردو رسالي ”ماه نو“ سان مقابلو ڪرڻ لڳو، توڙي جو ”ماه نو“ جو علائقو سڄو پاڪستان هو ۽ ”نئين زندگي“ جو علائقو فقط سنڌ هئي، جنهن جون سرحدون هيٺيان ڪراچي ۽ مٿان ريتيءَ تائين محدود هيون. پر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ”نئين زندگي“ رسالي سان عشق ۽ عقيدت ۾ انهن ڳالهين جي اهميت گهٽ هئي. هو انهيءَ اصول جو هو ته رسالو وقت تي نڪري ۽ سٺو نڪري، ته اشاعت ازخود وڌندي.

”نئين زندگيءَ“ کان اڳ ساڳئي دؤر ۾ سنڌ ۾ ادبي ۽ نيم ادبي ماهوار رسالا ٻيا به نڪرندا هئا: ”تقضا“، ”ڳوٺ سڌار“، ”روح ادب“، ”فردوس“ ۽ ”ادا“ وغيره، پر انهن گهڻو جٽاءُ ڪونه ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جهڙيءَ عظيم شخصيت جي سرپرستيءَ ۾ ”شاعر“ رسالو شايع ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر اُهو به گهڻو عرصو ڪونه هليو. هڪڙو ئي ”نئين زندگي“ رسالو هو، جو هيڪر شايع ٿيو ته مسلسل هلندو رهيو ۽ هاڻي به شايع ٿي رهيو آهي.

جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جهڙا عظيم آرٽسٽ مٿي ذڪر ڪيل ادبي ۽ نيم ادبي رسالن ۾ ڪونه لکندا هئا. ”نئين زندگيءَ“ ۾ لکندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو هڪ سبب ته ”نئين زندگي“ رسالي ۾ منهنجي موجودگي هئي. پر، ٻيو ۽ مکيه سبب هو ”سنڌي ادبي سنگت“ جو قائم ٿيڻ.

”سنڌي ادبي سنگت“ يا ”سنڌي ساهت سنگت“ آزاديءَ کان اڳ هڪ ادبي تنظيم هوندي هئي، جنهن ۾ نوجوان هندو ۽ مسلمان اديب هوندا هئا. اياز ۽ جمال به انهيءَ لڙهيءَ جا داڻا هئا. اها تنظيم آزاديءَ کان پوءِ لڏي ويئي ، بلڪ ختم ٿي ويئي. سن1952_53ڌاران وري ساوا گونچ ڪڍيائين.

ڪراچيءَ ۾ نورالدين سرڪي ادبي سنگت کي نئين سر جياريو. هو ان جو ”روح روان“ هو. ميٺارام هاسٽل ۾ سندس ڪمرو سڄو ڏينهن دوستن سان ڀريو پيو هوندو هو.ا سان سڀني جي هڪٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي.

سنڌي ادبي سنگت جي نئين سر تنظيم ۾ سرڪيءَ جو ساڄو هٿ مرحوم عبدالغفور انصاري هو. سنگت جون هفتيوار ادبي گڏ جاڻيون ٿينديون هيون. رشيد آخوند، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، اياز قادري، خواجه سليم، مان ۽ ٻيا يار به آهستي آهستي رڙهي، انهن ۾ شريڪ ٿيا. اڳتي هلي، اياز قادري سرڪيءَ جي مدد سان سڄيءَ .سنڌسنگت“ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو.

جمال ۽ اياز به ائين اچي گڏيا.

هڪ طرف ادبي سنگت زور ورتو، ته ٻئي طرف جويي صاحب 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان وڏي آب تاب سان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍيو. ان دور جي سنڌي افساني لاءِ راهه ائين هموار ٿي.

ون يونٽ ٺهيو ته سنڌي اديبن ۾ تاءُ پيدا ٿيو. هوائي جهاز کي اُڏامڻ لاءِ مخالف طرف جي هوا کپي، سڻائي ڪانه کپي. سنڌ جي ماحول ۾ قوميت جو رنگ آيو. آرٽست کان وڌيڪ حساس ڪير به ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ ۾ ، هر هنڌ، جديد سنڌي افساني ۽ شعر شاعريءَ جون شمعون روشن ٿي ويون. سرڪار سنڌي ٻوليءَ کن چِٿڻ لاءِ ”شريف خان جي ايجوڪيشن ڪميشن“ کان غلط سفارشون ڪرايون، جن سنڌ ۾ باهه تي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو. مٺ جيترن سنڌي اديبن ۽ شاعرن پنهنجن سوين ساٿين ۽ ڪارڪنن جي مدد سان ايوب خان سرڪار کي اهڙو سوڙهو ڪيو، جو آرڊيننس جاري ڪري، سنڌي ٻوليءَ خلاف پنهنجو آرڊر واپس ورتائين. سندس انهيءَ شڪست ”ون يونٽ“ ڊاهڻ جي راهه به هموار ڪئي. _ _ ”خلق جو آواز، خدائي نغارو آهي.“

*     *     *     *     *     *

جمال ۽ اياز سان گهرائپ ٿي، ته ميل ملاقاتون شروع ٿيون. هڪ دفعي مان ۽ رشيد ڀٽي رڳو جمال سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ مان شڪارپور وياسين، جتي هو جج هو. وٽس رات ٽڪياسين. سياري جو زمانو هو. يادگار ڪچهري ٿي. ٻئي دفعي مان ۽ پليجو وٽس ٽنڊي الهيار وياسين. پليجي وٽ اسڪوٽر هوندو هو. شام جو موٽي آياسين. اها به ياد گار ڪچهري هئي.

جڏهن جمال حيدرآباد ۾ جج هو ته  لطيف آباد ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ رهندو هو، جنهن جي پاسي ۾ سندس ننڍي ڀاءُ ڪمال جو بنگلو هو. سندن وڏو ڀاءُ شمس لاڙڪاڻي رهندو هو. جمال جي ڪري منهنجي سندس ٻنهي ڀائرن سان نياز مندي ٿي. جمال جي هڪڙيءَ نياڻيءَ کي ننڍي هوندي مٿي تي وار گهٽ هئا. اسڪول ۾ ڇوڪريون چيڙائينديون هئس. الله ڪيو، جو نياڻيءَ کي وار اچي ويا. پر، جمال اهي سڀ ڳالهيون کلي ڪندو هو. وڏي حوصلي وارو هو. سندس هت ۽ حوصلي جو اندازو ان ڳالهه مان ڪجي ته جڏهن کيس دل جو دورو پيو ۽ چاق ٿيو ته مون سان ڳالهه ڪيائين ته جڏهن سمجهيم ته هاڻي زندگيءَ جو سج لهڻ وارو آهي، تڏهن گهرواريءَ کي مرڪي چيم ته ”سائين، هاڻي خدا حافظ !“ بس، ان کان پوءِ ايترو ياد اٿم ، ته اُها دعا پڙهيم، جيڪا بابي رحلت وقت پڙهي هئي. پوءِ ڪا خبر ڪانه پيم. جڏهن حواس ۾ آيس، ته ڏٺم ته اڃا جهانِ آب وگِل ۾ موجود آهيان.

جمال ۽ مان ٻئي والدين جي اثر ڪري سموريءَ ترقي پسنديءَ جي باوجود هميشه ذهني طور مذهبي رهياسين. اسان جو ان ڳالهه ۾ اصل يقين ڪونه هوته، ”اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ، جاني آءُ، جواني ماڻ.“

چاچو علي خان ابڙو غالباً سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ هو. تعليم کاتي ۾ اعليٰ عملدار هو. قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي سان گڏ سنڌي زبان ۾ ڪيترا ڪتاب لکيائين، جي تڏهو ڪي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيا. هاڻي بدر ابڙو انهن جي اشاعت لاءِ نئين سر ڪوشش وٺي رهي آهي.

ڊاڪٽر ڪريم عباسي جمال جي دل جي بيماريءَ جو علاج ڪندو هو. منهنجو ننڍپڻ جو يار هو. جمال کي چيائين ته رات جي مانيءَ وقت دوا طور تون ٿورڙي وسڪي وٺندين ته تولاءِ سٺي آهي. جمال دوا ته پابنديءَ سان وٺندو هو، پر انهيءَ نسخي تي به عمل ڪندو هو. جڏهن مان وٽس هوندو هئس ته ٻه گلاس ٺاهيندو هو. مون انهيءَ پاڻيءَ کي اڳي ڪڏهن به هٿ ڪونه لاتو هو، پر جمال گلاسن ۾ هڪ دُڪو به وڌيڪ ڪونه وجهندو هو. سندس ڀيٽ ۾ اياز انهن ڏينهن ۾ ئي رند بلانوش هوندو هو.

جمال ۽ مان سڀئي ڳالهيون ڪندا هئاسين. عمرجي ٿوري گهڻي فرق جو حجاب نه هوندو هو. سندس مزاج ۾ رڳي سنجيد گي ڪانه هوندي هئي. کل ڀوڳ ۾ به بي نظير هو.

ڳالهه ڪيائين ته ڪو جوابدار ڪورٽ ۾ آيو. آرام سان چيو مانس ته ”مٿي جوابدارن جي پڃري ۾ ٿي بيهه.“

گهڙيءَ کان پوءِ جو ڏسان ته پڃري ۾ گهڙي، اُن جي ڪاٺ جي ڪٽهڙي تي لانگ ورائي، مٿي پيو چڙهي. حيران ٿي چيو مانس ته ”اڙي، اهو چا ٿو ڪرين؟“

چيائين ته ”سائين، اوهان جو چيو ته مٿي چڙهي بيهه.“

ڪورٽ ۾ ويٺو هئس.پر، اهو ٻڌي ايڏي ته کل آيم، جو چيمبر ۾ هليو ويس.

ڪورٽن جا تجربا ٻڌائيندي چيائين ته شڪارپور جي پاسي هڪ ڪيس آيو. ڪنهن هاريءَ جي زال شڪي حالتن ۾ مئي هئي. ڪيس هليو. پتو پيو ته پاڻ ڪنهن رن سان کريل هو. سانجهيءَ جو منهن اونداهيءَ ۾ گهر ۾ آيو ۽ کٽ تي ليٽي زال کي چيائين ته ”اندرپاري مان ٻيڙيون ۽ باڪس کڻي آڻي ڏي.“

هوءَ ويچاري اوندهه ۾ اندر وئي ۽ هٿوراڙيون ڏئي، پارو ڳولي لڌائين. ڍڪڻ لاهي اندر ٻيڙين لاءِ هٿ وڌائين. ڄاڻ ته هاريءَ پاري ۾ ڪو نانگ وجهي ڍڪڻ ڏئي ڇڏيو هو، تنهن امالڪ ڏنگ هنيس. مائي مري وئي. روڄ راڙو ٿيو ته ڳالهه ڦاٽي ته هيئن زال کي مارڻ لاءِ اها ترڪيب سوچي هئائين.

ٻيو قصو ٻڌايائين ته ”هڪڙا هاري پوڙهي پيءُ جي چوڻ تي کيس پاڻ ماري، فرياد کڻي آيا ته فلاڻن ماريو آهي.“ اصل ۾ کانئن پلاند وٺڻ لاءِ اهو ڊرامو رٿيو هئائون، پر ظاهر ٿي پيا. اهڙا ڪيئي قصا ٻڌايائين. ظاهر آهي ته انهن قصن جو سندس ذهن تي اثر پيو هوندو . ازحد حساس طبيعت جو ته اڳئي هو. نتيجو اهو نڪتو ، ته سندس ساڄي هٿ لکڻ ڇڏي ڏنو. فتوا لکڻ کان معذور ٿي ويو. چيائين ته پاڻيءَ سان ڀريل بالٽي کڻي ٿو وڃان، پر قلم ۾ هٿ وجهان ٿو، ته اڳتي رڙهي ئي نه ٿو! گهڻئي ڏس پنڌ ڪيائين. نيٺ فتوائن لکڻ لاءِ ٽائيپٽ رائيٽر استعمال ڪرڻ لڳو ۽ کاٻي هٿ سان لکڻ جي پرئڪٽس ڪيائين. ائين ڪتابَ، قلم ۽ ڪاغذ سان تادم حيات ياري نڀايائين.

وفات کان مهينو ماسو اڳ حيدرآباد آيوهو. سرڪٽ هائوس جي ائنيڪسيءَ ۾ فيمليءَ سميت ٽڪيو هو. فون ڪيائين. مان شام جو اٺين ڌاران وٽس ويس. نائين بجي کيس شاديءَ جي دعوت ۾ وڃڻو هو. سٺي ڪچهري ڪئيسون. پڇيو مانس ته لکڻ ٿئي ٿو. چيائين ته ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهان ٿو.

جمال جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ کان متاثر هو، ان جون ڳالهيون ڪندو هو. ٻيون گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو سنڌ جي مير صاحبن جون، جن مان گهڻن سان گهري گهاٽي دوستي هئس.

هڪ ڀيري، اسان سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. فيصلو ٿيو ته اهو هنڌ ڏسون جتي سنڌوندي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي. جمال سڄي پروگرام جو بار پاڻ تي کنيو. پهرين پهرين منزل ۽ شاندار محفل گهوڙا ٻاريءَ ۾ ٿي. جمال جو دوست محمد بچل اسان جو ميزبان هو. اڌرات اسر تائين يادگار ڪچهري ڪري اُٿياسين.

ٻئي دفعي، دادو ضلعي جو سير ڪيوسون. نئنگ جي چشمي تي وهنجڻ، لاکي لکمير جي ماڙي ڏسڻ، ڪاڇي ۾ مير صاحبن جو قبن ۽ قبرن تي تصويرن وارو مشهور قبرستان ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. باغبان ۾ مخدوم بلال جي چائنٺ چميسون ۽ سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي حاضري ڏنيسون. سائينءَ سان گروپ فوٽو ڪڍايوسون. پاڻ آرام سان ڪرسيءَ تي ويٺو. اسين سڀ سندس پٺيان قطار ڪري بيٺاسين. سائينءَ جي ڪرسيءَ جي بلڪل پٺيان جمال بيٺو ۽ پاسن سان مان، تنوير ۽ اياز. جڏهن ايوب خان جي حڪومت ۾ شيخ اياز ڏکين ڏينهن ۾ آيو ته مون کيس ڀٽيءَ سميت ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ جي ڪڪري گرائونڊ واريءَ هوٽل ۾ لڪايو. ٻه ٽي ڏينهن ساڻن گڏ هئس پوءِ حيدرآباد هليو آيس. هو ٻه چار ڏينهن ٽڪيا پيا هئا. پوءِ حيدرآباد. منجهند جي ماني ٻنهي ڄڻن فاران هوٽل ٿي کاڌي. اتان مون کي فون ڪيائون ته تو وٽ اچو ٿا. عين ان مهل ”عبرت“ اخبار مان فون آئي ته ايوب سرڪار يارهن ڄڻن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا آهن، جن ۾ سنڌ مان اياز ۽ مير رسول بخش به شامل آهن. ايتري ۾ اياز ۽ ڀٽي فاران (جيڪو ڪوئٽا ۾ انڪم ٽئڪس جي وڪالت ڪندو هو ۽ اياز جو پراڻو دوست هو) به ساڻن گڏ هو. مون کين عبرت جي آفيس مان آيل خبر ٻڌائي. صلاح ڪري ڪنهن دوست کي موڪليو سون ته تصديق ڪري اچي. هن موٽي اچي چيو ته خبر اکر به اکر درست آهي. ايتري ۾ ڪو اوپرو ماڻهو آيو. مون اياز کي چيو ته ”هتان هلون. هيءَ جاءِ ويهڻ لاءِ موزون ڪانهي.“ ڪار ۾ ويٺاسون. حيدر چؤنڪ کان لنگهياسون ته مير رسول بخش کي گرفتار ڪري وٺي پئي ويا. گاڏيون اسان جي اڳيان لنگهيون. مير صاحب کي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار پياهئا.

مان يارن کي سڌو جمال رند وٽ وٺي هليس، جو پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ رهندو هو سو پاسيري هنڌ تي هو. جمال کي سڄي ڳالهه ٻڌائيسون، پر ان کي ليکيائين به ڪونه ! وڏيءَ گرمجوشيءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان استقبال ڪيائين. گهر ۾ ٻارڙن هڪڙيءَ کي ڪوٺيءَ ۾ موڪلي اسان کي ڊرائنگ روم ۾ وهاريائين. چاءِ پاڻيءَ کان پوءِ اياز لاءِ شام جي مهل گهربل سامان جو بندوبست ڪيائين. اياز پنهنجي ڊرائيور کي موڪليو ته هِت هُت هوٽل تي چاءِ پي ڪن ڏئي ته سندس گرفتاريءَ بابت ماڻهو ريڊئي جي خبر تي ڇا ٿا چون؟

ڊرائيور ويو ته ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ گم. اسين ڏاڍا پريشان ٿياسين. موٽيو، ته اياز اچي گارين جو وسڪارو لاتس. چيائين ته ”هي حرامي پوليس کي پاڻ ڄاڻ ڪرڻ ويو هوندو.“

جمال رند جو گهر ايڏو ڪونه هو، جو سندس ٻار منجهس سمهن، ته اياز جهڙو معزز مهمان ۽ ديوان پرمانند ۽ ڊرائيور به اتي ٽڪن، سو خيال ڪيوسون ته ”ڪاڏي وڃون؟“

اوچتو خيال آيو ته ”جمال ابڙو.“ پر، اياز کي شڪ پيو ته جمال رند مون کي گهر ۾ رات ٽڪڻ نه ٿو ڏئي، انڪري جمال ابڙي وٽ ٿوموڪلي. ڪنهن ڪتاب ۾ به ائين لکيو اٿس، جو پڙهي جمال رند کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون کي چيائين ته ”وقت گذري ويندو. اياز جون هي اونڌيون اُبتيون ڳالهيون رڳو اسان کي معلوم آهن. عام ماڻهو ته سندس شاعريءَ تي مست ٿي جهومندا رهندا.“ اڄ اياز ۽ جمال رند منهنجا يارَ هن جهانَ ۾ ڪونهن. مان ڏاڍي ڏک سان هي حرف لکان ٿو.

جمال ابڙي جو گهر گدوءَ جي پاسي ۾ هو ياG.O.R ۾ هو. نيٺ ڳولهي لڌوسون. اياز ۽ مان اُها رات جمال جي گهر ۾ ٽڪيا سين. ايڏيون ته سهڻيون رلهيون پلنگن تي وڇايل هيون، جومون کي اڃاتائين ياد آهن. جمال کان پڇيم ته چيائين ته ”ميرپور بٺوري جي پاسي جون آهن.“

جمال تمام سٺو مهمان نواز هو. خوب کارايائين پياريائين. جمال وٽ گهڻائي دفعا ٽڪيا هونداسين ، پر تاريخي پس منظر ۾ اُها رات به يادگار هئي!

جمال جڊيشريءَ مان سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ٿيو. تيسين منهنجي وٽس اچ وڃ گهڻي رهي . پوءِ سندس نوڪريءَ جي نوعيت اهڙي ٿي وئي، جو اسان جي ميل ملاقات دير دير سان ٿيڻ لکي. جڏهن سندس فرزند بدر کي پوليس قابو ڪيو، تڏهن فوراً وٽس ويس. سڄو احوال ٻڌايائين. وڏي ڪچهري ڪئي سون. اسان جون ميل ملاقاتون وري تڏهن شروع ٿيون، جڏهن اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿيو. مون کي پرو وائيس چانسيلر ڪرايائين. جمال ۽ نثار ميمڻ کي سئنڊيڪيٽ ۽ سليڪشن بورڊ جا ميمبر ڪرايائين. اهي ڏينهن به ڏاڍا سٺا گذريا.

*     *     *     *     *

1984ع ۾ مان اسلام آباد هليو ويس ته جمال سان ميل ملاقات وري گهٽجي ويئي. جمال به اسلام آباد ۾ فيڊرل سروسز ٽربيونل جو ميمبر مقرر ٿيو هو. پر، مون کي ياد ڪونهي ته اسان ڇو ڪونه گڏياسين.

جڏهن جمال رٽائر ڪري ڪراچيءَ ۾ ڊفينس ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو، ته مان گاهي ماهي، سندس حاضري ڏئي ايندوهئس، يا وري اسان جي ملاقات اياز جي ڪلفٽن واري فلئٽ تي ٿيندو هئي. ان زماني ۾ به جمال جي دل سخت زخمي هوندي هئي، پر هو ان جي گهڻي دانهن ڪونه ڪندو هو.

اُنهيءَ زماني ۾ هڪ دفعي عبدالله ميمڻ واٽر ۽ پاور جو وزير ٿي اسلام آباد آيو. مون سان به گهري گهاٽي ياري هئس، پر جمال جو چوڻ هو ته سندس بنهه گهاٽو يار هو. مون جمال کي چيو تون مون سان گڏجي اسلام آباد هل ته توکي دل جي ڪنهن ماهر کي ڏيکاريان ۽ عبدالله ۾ منهنجو ڪم آهي، اُهو به چئونس.

جمال هليو ۽ مون وٽ ٽڪيو . شام جو عبدالله جي آفيس ۾ وياسون. اڌ ڪلاڪ P.A جي آفيس ۾ انتظار ڪرايائين، پوءِ به اندر ڪمري ۾ ڪونه سڏايائين. اوچتو پاڻ  P.A جي ڪمري ۾ آيو. چيائين ته ”صبح جو ڪنهن غير ملڪي گروپ اڳيان هن موضوع تي ”پيشڪش“ ڪرڻي اٿم، سو واندو ڪونه آهيان. پر ڪم ٻڌايو؟“

اسان چيس ته، ”ڪيڏيءَ مهل هن ڪم مان واندا ٿيندا؟“

چيائين ته، ”رات اٺين ڌاران.“

اسان چيس ته ”اسان جي گهر هليا اچو. اُتي مانيءَ گرهه به گڏ جي کڻون ۽ ڪچهري به ڪريون.“

نهڪر ڪونه ڪيائين. ائين به ڪونه چيائين ته”جمال آيو آهي اسلام آباد، سو مانيءَ گروهه ته مون کي کارائن کپي.“

چيائين ته، ”چڱو، فون جو انتظار ڪجو.“

اسين موٽي گهر آياسين ته جمال چيو ته ”عبدالله مڙئي سُرڪي ڀريندو آهي.“

مون دل ۾ چيو ته آفيس ۾ چاءِ جي ڪوپ جي سکڻي صلاح به ڪانه ڪيائين . پر، مان مانيءَ جو بندوبست ڪري، عبدالله جي سُرڪيءَ جو بندوبست ڪرڻ ويس.

عبدالله اٺين بجي گهر آيو. آفيس جو بار مٿي تان لاهي آيو هو، سو آرام سان ٿي ويٺو. سُرڪي به ڀريائين. مانيءَ جو گرهه به وڌائين. ڪم جي باري ۾ اسان کان خبر چار وٺي، واسطيدار ماڻهوءَ کي چٺي ته چڱي لکي موڪليائين، پر ان جي پوئواري اصل ڪانه ڪيائين. اسان رمز سان کيس ڪڏهن گل موڪليا ۽ ڪڏهن ڪيڪ، ته من ڳالهه ياد پويس. پر مڙئي خير. ٻيو ته ٺهيو جمال کان اهو به ڪونه پڇيائين ته ”ڪڏهن ڪراچيءَ وڃڻ جو ارادو آهي؟“

راولپنڊيءَ ۾. آرمڊ فورسز جي دل جي  بيمارين جي اسپتال جي سربراهه، جنرل ڪيانيءَ، مون سان دل جي هڪ ماهر جي تعريف ڪئي هئي. مان جمال کي وٽس وٺي ويس. هن جو به مون ۾ ڪم هو. جمال کي چڱيءَ طرح تپا سيائين. کانئس سوال به ڪيائين. پر، کيس دم دلا سو ڏيئي مون سان پاسيرو احوال ڪيائين ۽ چٽن لفظن ۾ چيائين ته ”تنهنجو دوست دل جو نازڪ مريض آهي، خيال رکجو. جمال ڪراچيءَ موٽي ويو. ان کان پوءِ مان اسلام آباد مان ڪراچيءَ ايندو هئس، ته جمال سان ملاقات ٿيندي رهي يا وري اياز وٽ ملندا هئاسين. پر، هر دفعي مون لاءِ مسئلو اهو هوندو هو ته ڪچهري ساڻس ڪهڙي موضوع تي ڪريان؟ ڦري گهرِي سندس دل جي حالت اکين اڳيان ايندي هئي ۽ ڊاڪٽر ڪرنل اشفاق جا اسلام آباد ۾ چيل اکر ياد پوندا هئا. سو، ساڻس هِتان هُتان جون کل ڀوڳ جو ن ڳالهيون ٿينديون هيون.

جمال اول ۽ آخر اديب هو. سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو دوست قلم ۽ ڪاغذ هو. آخري عمر ۾ پنهنجي زندگي جو احوال لکيائين ۽ ڇپايائين. دل ۾ ڪيئي دفتر هئس. سي اڃا گهڻائي لکائي ۽ ڇپائي ها، پرپويان سال جيڪو به عرصو زنده رهيو، سو فقط پنهنجي همت، حوصلي ۽ ايمان جي آڌارتي. حج ڪري آيو ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي روضي تي حاضري ڏئي آيو.

سندس اولاد سندس فرمان ۾ هو . اها وڏي ٽيڪ آهي. ماڻهو اڪليو ۽ تنها ڪونه ٿو ٿئي. غمگين ڪونه ٿوٿئي. آخري عمر ۾ سندن پيار جي ڇانوَ ۾، هڪ پکيئڙي وانگر داڻو پاڻي چڳندو رهي ٿو. جمال جا پويان ڏينهن ائين ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان گذريا.

هڪ رات، سومهاڻيءَ جي مهل، اوچتو ڪنن ۾ ازلي ٻانگ ٻڌائين:

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو

لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو

”لبيڪ“ چيائين ۽ هميشه لاءِ اکڙيون ٻوٽي ڇڏيائين.

 

گل محمد عمراڻي

 

جمال ابڙو_ هڪ تاثر

 

جمال ابڙو جديد سنڌي افساني جي پيڙهه جي پٿر رکندڙن مان هڪ نهايت اهم نالو آهي. سندس فڪري اوسر ورهاڱي کان اڳ غير ڪٽر پڻي واري سڪيولرIntellectual وايو منڊل ۾ ٿي هئي. جيتوڻيڪ سندس تعلق هڪ روايتي ۽ روايت پسند مسلمان پڙهيل و چولي طبقي جي خاندان سان هو، پر انهي هوندي به تعليم ۽ تربيت نج غير روايتي انداز ۽ طرز فڪر منفرد ۽ لڳ لاڳاپو وسيع المشرب، هر مسلڪ ۽ مذهب جي فردن سان ننڍپڻ کان رهيو. جمال جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز جديديت فڪري تازگي ۽ لساني نواڻ (Innovation) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو سبب به ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط سندس حساس ۽ باريڪ بين نظر، طبع رسا ۽ فطري انسان دوستي آهي.

جمال جي افساني تي گهڻو لکيو ويو آهي، بلڪه شايد اڃا ڪيترا موضوع تشنه تفسيرو تعبير آهي، پر جيڪا اصل سگهه ۽ سونهن سندس ڪهاڻين کي پنهنجي همعصر ڪهاڻين کان منفرد ۽ ممتاز ڪري ٿي، سا آهي اُنهن جو تُز ۽ ٺيٺ لهجو(Dilect)، بي ساخته انداز بيان (Narration) ۽ هينري جيمس ۽ موپا سان واري مهان فنڪارانه جدت (Professionalism).هينري جيمس پنهنجي جڳ مشهور مضمون ”The Art of Fiction“۾ جديد ڪهاڻيءَ جا خدو خال واضح ڪيا هئا. ان کي سامهون رکي جمال جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بُڻ_بڻياد شعوري طرح هڪ مڪمل رٿيل ٽيڪنڪ ۽ Craftmanship (طرز تعمير ۽ هنر مندي) تي ٽيڪيو آهي. جمال جي ڪابه ڪهاڻي پڙهي ڏسو، توهان کي ’مختصر ڪهاڻي‘ جي فن جي پوري اڀياس جي ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي ويندي. اهڙو سرشتوار (Systematic) ۽ ترتيب انداز (Methodical)  ليکڪ ٻيو اڃا تائين اسان ۾ نه ڄائو آهي. جمال جي فن جو ڪمال سندس ڪهاڻين جي اڻٽر سچائي ۽ يڪتا هُنرمندي ۽ فنڪارانه Craftmanship آهي. سندس ڪردار ڪورٽن، ڪچهرين، اسپتالن، واهڻن ۽ وستين ۾ رهندي به اسان لاءِ اهڙا ڇر ڪائيندڙ نه آهن، جيڪڏهن اسان اُنهن کي جمال جي قلم مان تراشيل نه پسون ها ته شايد هنن جو وجود به لوح جهان تان حرف مقرر وانگر ميسار جي وڃي ها. جمال جي قلم انهن کي افاقيت ۽ جاوداني ڏيئي سنڌي ڪهاڻيءَ کي مالا مال ڪيو آهي. سندس ابتدائي افسانا يقيناً جديد مغربي ادب کان متاثر آهن، خاص ڪري گورڪي جو ”Soviet Social Realism “ (سوويت سماجي حقيقت پسندي)، پر جديد هندستاني ترقي پسند اديبن جو اثر سندس ڪهاڻين تي چڱو نمايان رهيو آهي. 1965ع کان پوءِ جمال ابڙو ڪهاڻيڪار گهٽ ۽ سرڪاري مشغولين ۾ مصروف وڌيڪ ٿيندو ويو ۽ آخري سالن ۾ آتم ڪٿا جي طرف راغب ٿيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سوانحعمريون يا ته لکيون تمام گهٽ ويون آهن ۽ جيڪڏهن لکيون ويون آهن ته وري اَڌ سچ ۽ اَڌ مبالغه آميزيءَ سان سٿيل ! جمال ابڙي جي سوانح نگاري سندس پوين ورهين جي ذهني روين جي عڪاس آهي. مذهب، والدين، اولاد، دوستن ۽ هم عصرن جي باري ۾ سندس خيال بيباڪ ۽ حساس نوعيت جا آهن. ڪافي غير پسنديده شخصيتن تي ڇِتي تنقيد به آهي. بهرحال سو انحعمريءَ جي اها خاص خوبي آهي، ان ۾ لڪايو گهٽ ويو آهي ته جيئن ليکڪ ڏٺو آهي، ائين بيباڪ طرز سان قلم کي بحر ظلمات ۾ ڊوڙايو ويو آهي.

وري اچو ٿا جمال جي افسانه نگاريءَ تي، جنهن حيثيت سان سائين سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. اڄڪلهه جي داخليت پسند (Abstract art)  جي بدران جمال جوافسانو جديد ورسي ۽ فرينچ ادب ۽  همعصر اردو، بنگالي ۽ هندي ڪهاڻيڪارن کان گهڻو متاثر ٿي لکيل آهي ۽ انڪري ان جو گهاڙيٽو منشي پريم چند ۽ شرٽ چندر چئٽرجيءَ جي بنگالي ڪهاڻين جي قريب قريب آهي. اُنهن ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو ۽ عصمت چغتائي وارو زوال پذير سماج(Sadism) ۽ لذت پرستيءَ جو اولڙو نه آهي، پر ڪرشن چندر، راجندر سنگهه بيدي ۽ علي عباس حسينيءَ واري حقيقت پسندي ۽ انسان دوستي آهي.

بحيثيت هڪ جج ۽ جُڊيشل آفيسر، جمال صاحب کي مون بيخوف ۽ خُدا ترس ڏٺو. پاڻ جڏهن ائنٽي ڪرپشن ائنڊانڪوائريز وِنگ چيئرمن هوندا هئا ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منهنجي ڪمري ۾ مهرباني ڪري گهڻو اچي ويهندا هئا، ڇاڪاڻ ته مان تڏهن چيف سيڪريٽري مسعود نبي نور وٽ ڊپٽي سيڪريٽري (اسٽاف) طور ڪم ڪندو هئس. پاڻ منهنجي منصبي فرضن جي ڪارڻ چُيف سيڪريٽريءَ سان اڪثر ملاقات لاءِ ايندا هئا، جيڪو سندن به ’وڏو‘ هو. اُتي ملاقات ۾ ، مون وٽ جيڪي زير مطالع ڪتاب هوندا هئا، اُهي ٿلائي پُٿلائي ڏسندا هئا. هڪ ڪتاب ”India: The Siege Within“ جيڪو جڳ مشهور هندستاني صحافي ايم . جي. اڪبر جو لکيل هو. اُهو شايد کين ڏاڍو وڻيو ۽ جنهن جو سبب اڪبر جو جي. ايم . سيد صاحب تي لکيل مضمون ۽ انٽرويو هئا.  جمال صاحب چيو ته هي ڪتاب پاڻ مير علي احمد ٽالپر کي پڙهائيندا. ڪافي ڏينهن تائين اهو ڪتاب جمال صاحب وٽ رهيو ۽ مون وري کانئن اهو ڪتاب ڪونه گهريو، جيئن سائين نور احمد شاهه کان به ڪافي ڪتاب واپس نه گهريا. (هونءَ به ڏنل ڪتاب واپس نه ورندو آهي).

آخري دفعو سائين جمال ابڙي صاحب سان ملاقات ڊاڪٽر بلوچ پرگرامOpen House ۾ ٿي، جتي پاڻ پنهنجي ناساز طبع جي باوجود به آيا ۽ ڊاڪٽر صاحب جي سڪ ۾ لڳاتار ٽي ڪلاڪ پروگرام دلچسپي سان ٻُڌندا رهيا. اِها Live recording هئي، جيڪا ڊپارٽمينٽ آف ڪَلچر، ممتاز مرزا اسٽوڊيوز ۾ ڪئي هئي. اِها به رٿ هئي ته اهڙي  Open Hous ڪچهري جمال اَبڙي صاحب سان به ڪئي وڃي، پر پوءِ منهنجي بدليءَ کان پوءِ شايد اِهو پروگرام اڌ ۾ رهجي ويو.

بدر ابڙو جمال صاحب جو نهايت هونهار، مرنجان مرنج ۽ بوقلموني شخصيت جو حامل سپوت آهي. اميد آهي ته پاڻ والد صاحب جي ٻاريل لاٽ کي روشن رکندو ايندو ۽ پنهنجي انيڪ دلچسپين واري گوناگون گهڻ رخي زندگيءَ ۾ جمال صاحب جي ادبي ورثي جي به پوئواري ڪندو رهندو.

 

ولي رام ”ولڀ“

 

جمال ابڙو _نئين دور جي

ڪهاڻيءَ جو جنم داتا

 

ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ڪهاڻي نئين ۽ اڻ ڏٺل راهه تي هلڻ شروع ڪيو ته اُن جا پهريان سفري ساٿي حفيظ شيخ، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، نجم عباسي ۽ جمال ابڙو هئا، جن مان جمال ابڙي جو نالو ”نئون دڳ وٺندڙ“ ڪهاڻيڪار جي طور ورتو ويندو آهي. سندس حيثيت ساهت نگر جي هڪ اهڙي وڏڙي جي هئي، جنهن جي ڇپر ڇانءُ هيٺ سنڌي ڪهاڻيءَ پاڻ کي ڪڏهن ڇوري ڇني نه ٿي سمجهيو. سندس نالي وڏي ڪهاڻيڪار طورQuote ڪيو ويندو هو، پر هاڻي هُو ماضيءَ جي ڌُنڌلڪن ۾ گم ٿي ويو آهي. پر ڇا سندس ڪهاڻي_کيتر ۾ ڏنل يوگدان کي وقت جي وير گم ڪري سگهي ٿي؟ سندس ڪهاڻيون ۽ ڪردار وقت ۽ هنڌ جي سيما ٽپي ٻاهر اُڀري آيا هئا ۽ امرتا جوپد ماڻيو هئائون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ڪهاڻي ’پشوپاشا‘ ڇپجڻ تي اُن جي ڪردار تي وڏو چـؤٻول متو هو ۽ مٿس ساميه واد جي ڇانءُ هيٺ لکيل هئڻ جي ڇاپ لڳي هئي، پر ڇا اسان جي سماج ۾ اهڙي ڪردار جي ضرورت ناهي؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت اهڙي ڪردار کي اڃا جنم ڏيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. ڪهاڻيءَ جو لوازمات جي گُهرجن کان وقت جي ضرورت کي اهم سمجهي جمال ابڙو ’پشوپاشا‘ جهڙو ڪردار تخليق ڪيو هو.

جمال جي ’پيراڻي‘ ڪهاڻيءَ جي ڪردار ’پيراڻيءَ‘ جي سُڏڪن ڀري دانهن اڄ به داد گُهري ٿي. هُن پنهنجي احساس جي شدت سان اهو ڪردار لافاني بڻائي ڇڏيو آهي.ڇا اها ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪو پنهنجا ڳوڙها روڪي سگهي ٿو ! انهيءَ ڪهاڻيءَ جي لاءِ شيخ اياز لکيو هو : ”نه ڄاڻان ته ڪنهن چيو آهي ته نثر پنڌ ڪندو آهي، رقص ڪندو آهي، پر جمال جي ڪهاڻي ’پيراڻي‘ پڙهي مون کي محسوس ٿيو ته نثر به رقص ڪندو آهي. هن جي ’پيراڻي‘ شروعات ۾ ڄڻ ڇم ڇم ڪندي اچي ٿي ۽ گهنگهرو گونجن ٿا. اوچتو هڪ چيخ فضا کي چيري ٿي ۽ ڪهاڻي ڪانڊن ۽ ٽانڊن تي رقص ڪندي نظر اچي ٿي.“

ٻين ڪهاڻين جي مُک ڪيردارن کان سواءِ ’شاهه جو ڦن‘ جي ابهم مريم، ’مهرباني‘ جي فقيرياڻي، ’خميسي جو ڪوٽ‘ جو خميسو ۽ ’سنڌ‘ جي ليلائيندڙ ڪاري ڪري ماريل نينگريءَ جا ڪردار جمال جي First hand observation  جو نتيجو آهن، جن مان ڪهاڻيڪار جا نِج پج ۽ حساس جذبا ظاهر ٿين ٿا ۽ ڪهاڻيڪار کي اوڇي پدتي ٿا پهچائين.

جمال ابڙي جي پهرين ڪهاڻي ’هُو حُر هو‘ 1949 ۾ تڏهن ڇپي هئي، جڏهن سندس عمر 25ورهيه هئي ۽ سندس 13 ڪهاڻين تي مشتمل پهريون مجموعو ’پشُو پاشا‘ 1959 ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ مٿين ڪهاڻي به شامل هئي. انهيءَ مجموعي جا هيل تائين چار ايڊيشن شايع ٿا آهن. آخري ايڊيشن سندس 68 هين جنم ڏينهن (2_مئي 1992) جي موقعي تي شايع ٿيو هو، جنهن ۾ سندس چئن وڌيڪ ڪهاڻين سان ٻيا مضمون، مقالا ۽ ٻين ليکڪن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ شامل ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي 80 ورهين جي ڄمار دوران ڪُل 17 ڪهاڻيون لکيون. جيڪي منفرد اسٽائيل، ماحول، ڪردار ۽ ٻوليءَ جي ڪري ڪهاڻي کيتر ۾ مثالي حيثيت رکي ٿيون.

جمال ابڙي پنهنجي زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ جڏهن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون هيون، تڏهن شيخ اياز جي آتم جيونيءَ جي طرز چئن ڀاڱن تي مشتمل پنهنجي آتم ڪهاڻي ’ڪٿا‘ جي عنوان سان قلمبند ڪئي، جنهن جا چار جلد (1) ڏسي ڏوهه اکين سين (2) اونهي ڳالهه اسرار جي (3) ٿو هر ۾ ڳاڙها گل، ۽ (4) ايندو نه وري هي وڻجارو ، شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ هن پنهنجي ٻالڪپڻ، نوڪري، شيخ اياز سان گڏ سفر ۽ گفتگو ۽ پنهنجن اصولن ۽ عقيدن تي روشني وجهي زندگيءَ جي چڱاين ۽ مداين جو ذڪر پنهنجي مخصوص اسلوب بيان ۾ نهايت دلچسپ انداز سان ڪيو آهي.

جمال ابڙو پنهنجي زندگيءَ جي اسي ورهين جو سفر پورو ڪري 30_ جون 2004 تي هن دنيا مان موڪلائي وڃي چڪو آهي، پر سندس ڪهاڻين جا ڪردار هميشه سماج جو اولڙو پَسائيندا رهندا، جن کي هُن ابدي حياتي بخشي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ کان ڇا ورتو ۽ زندگيءَ کي ڇا ڏنو، اهو سندس لفظن ۾ جيئرو آهي ۽ جيئرو رهندو. هو پنهنجي محترم والد علي خان ابڙي ۽ پنهنجي لائق پُٽ بدر ابڙي جي وچ ۾ هڪ پُل / ڪڙيءَ مثل هو. پڻس تعليمدان ۽ سماج سُڌارڪ هو، پاڻ ڪهاڻيڪار ۽ منصف هو ۽ پٽس هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، شاعر، مورتي ڪار ۽ آرڪيالاجسٽ آهي. زندگيءَ جو اهو سلسلو، اهو ڦهلاءُ، اها ايڪسٽينشن سندس سُپنو هئي، جيڪو هاڻي ساڀيان بڻجي ويئي آهي.

 

شوڪت حسين شورو

 

جمال ابڙو

 

ورهاڱي کان پوءِ جڏهن به جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر ٿئي ٿو ته امر لعل هڱوراڻي، آسانند مامتورا ۽ مرزا نادر بيگ ان جا باني ڪري ليکجن ٿا. پر ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه سالن تائين سنڌي ادب تي جيڪا موت جهڙي ماٺار ڇانيل هئي، تنهن ۾ ان دور جي نوجوان ترقي پسند شاعرن ۽ ڪاڻيڪارن جهڙو ڪو نئون ساهه ڦوڪيو. انهن ڪهاڻيڪارن ۾ جمال ابڙو سڀ کان اڳرو هو. هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون لهجو ۽ نئون ڊڪشن ڏنو. جمال ابڙي جي لکڻ جي پنهنجي هڪ انفرادي اسٽائل هئي. وري اسين هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڏسون ته انهن مان اڪثر اڳ ۾ اڻ ڇهيل هئا. آءُ نه ٿو ڀانيان ته جمال ابڙي وٽ لکڻ جي ڏات ۽ جيڪو ڏانءُ هو، اهي ٻئي شيون ان دور ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي شايد نصيب ٿيون هجن.

جمال ابڙي تمام ٿوريون ڪهاڻيون لکيون، پر گهڻين ڪهاڻين لکڻ وارن ڪهاڻيڪارن کان هن جون ڪهاڻيون وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت آهن.

ڪجهه وقت تائين لکڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو لکڻ ڇڏي ڏئي ٿو ته ان جا ڪيترائي ذاتي، سماجي ۽ نفسياتي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هن کي لکڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري ڏوهه ڏيئي سگهجي ٿو. لکڻ يانه لکڻ ليکڪ جي پنهنجي مرضيءَ ۽ موڊ تي آهي. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته جيڪڏهن ڪو ليکڪ لکڻ ڇڏي ڏئي ته اسين به هن کي وساري ڇڏيون. جمال ابڙي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏيون ته اسان هن کي ائين وساري ڇڏيو جو اڄ جي پرهندڙن کي هن بابت خبر ئي ڪانهي ته هو ڪيڏو وڏو ڪهاڻيڪار آهي. پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اسان مان گهڻن جمال ابڙي جي ڪهاڻين تي لکيو آهي؟ هن جي ڪهاڻين جو تفصيلي تنقيدي جائزو ئي ڪونه ورتو ويو آهي.

اسان جا گهڻا نوجوان ليکڪ ۽ پڙهندڙ جمال ابڙي کي سندس آتم ڪٿا جي حوالي سان هڪ مُلون ۽ مبلغ ڪري سڃاڻن ٿا، جمال ابڙي ۾ جيڪا مذهبي ۽ روحاني تبديلي آئي ان جو به نفسياتي ڇيد ٿيڻ کپي. جنهن ڳالهه جي اسان جي سنڌي ادب ۾ ڪا روايت ئي ڪانهي.

جمال ابڙي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان کي ياد آيو آهي ته جمال ابڙو به ڪو ڪهاڻيڪار هو، ڏسون ته اها ياد ڪيتري وقت تائين قائم رهندي !

 

سحر امداد

 

جمال ابڙي جي عظمت_

(مقدار نه پر معيار)

 

جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چند ليکڪن مان هڪ آهي، جن مون کي ٽين ايج (teen-age)۾ سنڌي ادب پڙهڻ تي هر کايو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پشوپاشا“، جيڪو ”زندگي پبليڪيشن“ پاران ڇپايل هو؛ ”زندگي پبليڪيشن“ ، جنهن پاران ان دور جو مشهور ادبي رسالو ”روح رهاڻ“ پڻ ڇپجندو هو، سو ”پشوپاشا“ منهنجي پنهنجي خرچيءَ مان خريد ڪيل پهرين چند ڪتابن مان هڪڙو هو. جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهي آءُ چري ٿي پيس. گهر ۾ واندڪائيءَ ۾ هر وقت اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ هوندو هو ۽ نه رڳو هٿ ۾ هوندو هو، پر امي بابا کي ڦِري گهِري اچي اُن ڪتاب جا ٽُڪرا پڙهي پڙهي پئي ٻڌائيندي هئس. اُنهن ڪهاڻين بابت ساڻن هر هر پئي ڳالهائيندي هئس. فرسٽ ايئر_انٽر واري دور ۾ ئي زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ اڪرم سلطانه سان دوستي ٿي، ته هن جو مامو جمال، منهنجو به مامو جمال ٿي ويو. اڪرم جي پوري فيملي ترت ئي لطيف آباد اچي وئي _بابا جي پوسٽنگ پڻ حيدرآباد ٿي وئي. مان جڏهن پهريون ڀيرو اڪرم جن جي لطيف آباد واري گهر ۾ ماما جمال سان ملي هئس ۽ ساڻس ڳالهايو هئم، تڏهن مون کي اعتبار نٿي آيو ته مان ”پشو پاشا“ جي خالق سان ملي آهيان. هو هڪ سادو سودو ۽ نهايت مڻيادار ماڻهو هو. هُو مون سان ائين ئي محبت سان مليو، جيئن آءُ سندس ڌيءَ شاهده هجان، ۽ پوءِ شاهده جي محبت خلوص ۽ هن جي admiration ۽ سڪ اُڪير مان اسان جي گهر اچڻ_ سڀ کان وڌيڪ ماميءَ جي محبت، خلوص ۽ ممتا اڻ وسندڙ هئي. ائين مان به جهڙو اُن ڪُٽنب جو هڪ حصو بڻجي ويس. انڪري ئي جمال ابڙو سدائين امداد کي چوندو هو ته ”سحر سان تنهنجي ڪري ته رشتو پوءِ جو آهي _ سحر پهرين منهنجي ڀائٽي آهي. “ ائين سنڌي ادب ۾ پير پائيندي مون ڪيترا پيارا رشتا پاتا، پر اُنهن سڀني ۾ ادب جو رشتو هر حال ۾ سڀني کان سگهارو رشتو هو/آهي، ۽ اسين سڀئي اديب هڪڙي ڪٽنب وانگي هئاسين. ۽ مان پنهنجي اُن ڪُٽنب جي سڀني کان سگهاري ڪهاڻيڪار جمال ابڙو جي ڪهاڻيءَ ڪتاب ”پشو پاشا“ جي هر ڪهاڻي پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ، وري پڙهڻ ئي شروع ڪئي_ائين اهي ڪهاڻيون ور ور ڪري پڙهڻ سان، هر ڀيري اُنهن ڪهاڻين جي ڪانئين خوبصورتي نکري ٿي بيٺي، ڪو نئون نقطو نروار ٿي ٿيو، ۽ مون هر بار اُنهن ڪهاڻين مان هڪ نئون مزو ٿي ماڻيو.

جيئن سٺي شاعري پڙهي اُن شاعريءَ سان ۽ شاعر سان عشق ٿي ويندو آهي، تيئن اِهي ڪهاڻيون مون کي سٺي شاعري ئي لڳيون هيون ! جمال جون ڪهاڻيون ’صحيح معنيٰ ۾ مختصر ڪهاڻيون‘ هيون، اهي ڪهاڻيون مختصر، تُز ۽ perfect ڪهاڻيون هيون، جيڪي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي رکنديون هيون. انهن ڪهاڻين ۾ مختصر ۽ تز جملا ڪهاڻيءَ ۾ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪندا آهن .جمال جي جُملن جي Crispness ئي هن جي ڪهاڻيءَ جو سڀ کان اعليٰ گُڻ هو. جمال جي ڪهاڻين جا توريل تڪيل ۽ پرفيڪٽ جملا پڙهڻ کان پوءِ، مان جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي ”لفاظي“ ڪندي ڏسندي/ پڙهندي هئس، تڏهن جمال ابڙي جا لفظ لاٽ بڻجي اُڀرندا هئا. جمال ابڙي اِها ٻولي محض ڪتابن مان ڪانه سکي هئي. هن اِها ٻولي زندگيءَ کان سکي هئي، هن کي اها ٻولي هن جي وسيع مشاهدي ڏني هئي. زندگيءَ جو اهو وسيع مشاهدو هن جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي پوري اُگراڻ، بُڇڙاڻ ۽ ڪوڙاڻ سوڌو ڪر کڻي بيٺو هو. جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ مون جڏهن جڏهن به پڙهي هوندي، منهنجا ڀنجر ڀڄي آيا هوندا. جمال ابڙي جي بنهه ننڍڙن مختصر جملن جي طاقت جو اندازو لڳائڻ لاءِ ”پيراڻيءَ“ جو صرف هڪڙو ئي جملو ڪافي آهي، جيڪو جمال پيراڻيءَ جي ماءُ واتان چوارائي ٿو:

”اڙي منهنجو پيراڻي ننڍڙو!“

اِن هڪڙي جملي ۾ هڪ ماءُ جي دل جو سمورو درد او تجي آيو آهي ۽ هر ڀيري اهو جملو پڙهندي منهنجا لڱ ڪانڊار جي ويندا آهن. جمال جا اهڙا جملا هن جي ڪهاڻين ۾ ٿيم ٽيونز (theme tunes) جي حيثيت رکندا آهن. ان ريت ”پشو پاشا“ جون گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون پنهنجي دور جون بيحد اهم ڪهاڻيون آهن. انهن ۾ ’شاهه جو ڦر‘، بدتمبز‘، ’مان مڙد‘ شامل آهن.

جمال ابڙو_ علي خان ابڙي جهڙي عالم جو پٽ هو.علي خان ابڙي جون سنڌ ۾ علمي ۽ ديني خدمتون وسارڻ جو ڳيون ناهن. علي خان ابڙو صحيح معنيٰ ۾ عالم باعمل هو. هن جو لکيل قرآن پاڪ جو تفسير سندس اعليٰ علميت جو دليل آهي. علي خان ابڙي جهڙي ديني عالم جي پٽ جمال ابڙي هڪڙي دور ۾ جيڪڏهن ”منهن ڪارو“ جهڙي ڪهاڻي لکي، ته اها جمال ابڙي جي پنهنجي منفرد شخصيت جي سڃاڻپ سان گڏوگڏ هن جي سگهه ۽ ڪمٽمنٽ جو اظهار پڻ هو. هن ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار جو منهن ڪارو ڪرڻ جهڙي ڪراهت ڀري سچويشن ڪريئيٽ ڪري (ڇا اها ساڳئي وقت هڪ سمباليڪل (Symbolical) سچوئيشن ناهي !) هن ”پير پرستيءَ“ خلاف نفرت کي پنهنجي پوري شدت سان اُڀاريو . مختصر ڪهاڻيءَ جو مقصد اِتي ئي اچي مڪمل ٿئي ٿو _ هڪ مختصر ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي آهي سنَڌائتو ڌڪ هڻڻ !

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آيل وڏي اٿل پٿل جي نتيجي ۾ سنڌي ادب پالهي پاند جيان رهجي ويو هو. تڏهن ان دور جي اديبن ۽ شاعرن رک ۾ رهجي ويل چڻنگن مان هڪ نئون مچ مچايو هو....۽ وري ”مهراڻ“ آيو هو موج ۾. اها دراصل ان پڄاڻيءَ جي هڪ نئين شروعات هئي. ٻين گهڻن اديبن ۽ شاعرن سان گڏ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي شروعات پڻ ”مهراڻ“ جي اجراء سان سلهاڙيل آهي، جنهن جو ثبوت زندگي پبليڪيشن پاران جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”پشو پاشا“ ۾ ڏنل اُهي خط آهن، جيڪي جمال جي ڪهاڻين جو حوالي سان ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا هئا. انهن خطن ۾ خاص طور تي رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ حفيظ جا خط گهڻا اهم آهن. انهن خطن ۾ خود جمال ابڙي جا ٻه جوابي خط پڻ اهم آهن. ساڳئي وقت هڪ ”عام پڙهندڙ“ دين محمد لاشاريءَ جو خط پڻ پڙهندڙ به ايڏا پڙهيل ڳڙهيل ۽ Logical هجن_ تڏهن نقادن ۽ اديبن/ شاعرن جي علميت جو ڪهڙو عالم هوندو !نقد جي اصولن سان مالا مال انهن خطن مان رسول بخش پليجي پنهنجي خط ۾ جمال جي اڳ ۾ ئي پڙهيل ڪهاڻيءَ جو گهڻ پاسائون ۽ گهرائيءَ سان جائزو ورتو آهي. پليجي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪهاڻيءَ جي چڱي چير ڦاڙ ڪئي آهي. ساڳئي نموني ابراهيم جويي پڻ ڪک ڪونه رکيو آهي. ٻئي پاسي جمال ابڙي جي نوڙت ۽ نهٺائيءَ جو اهو عالم آهي، جو هُو جويي ۽ پليجي جهڙن اهم نقادن جي هيڏي ڇاڇول کان پوءِ به اهوئي آکي ٿو ته:

”اسين سڀ پانڌيئڙا آهيون، ڪچا آهيون. پر نيٺ انهيءَ پختگيءَ کي ڳٿر کان جهلينداسين. اڄ نه ته سڀاڻي. اسين نه ته ٻيا.“

(جمال ابڙو، ”پشوپاشا“،ص:116،ڇاپو ٻيو، 1976ع)

”اڄ نه ته سڀاڻي، اسين نه ته ٻيا“ ، خود جمال ابڙي جو اهو جواب پڻ پنهنجي پر ۾ اهم آهي. ان نوڙت ۽ نهٺائيءَ هن جي حيثيت کي گهٽايونه پاڻ وڌايو. ٻئي پاسي اسين ڏسون ٿا ته اڄ اسان جي ادب ۾ جيڪو بدتميزي جو طوفان ڪاهي پيو آهي، تنهن کان الامان! اڻڄاڻ ڄاڻ جو دعوائون ڪندي نٿا شرمائين. ڪوبه پنهنجي ڪوتاهي هي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪو ڪلهي اهڙي ئي صورتحال لاءِ لطيف سائينءَ فرمايو آهي:

”چَڱا ڪن چَڱايون، مَٺايون مَٺن،

جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن !“

جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي حوالي سان ڇپيل انهن خطن ۾ شيخ حفيظ جهڙي سينئر ۽ پنهنجي دور جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار جو خط پڻ ڇپيل آهي، جنهن جي شروعات هُو هيئن ڪري ٿو ته: ”مهراڻ جو پنجون پرچو مليم. پڙهيم.“ اِهي سِٽون هِتي آءُ ڄاڻي واڻي ڏيان پئي. هڪ ته اُنهن مان وقت جو تعين ٿئي پيو_ يعني ”مهراڻ“ جو ”پنجون پرچو“ ، ۽ ٻيو ته ان ۾  ٻه لفظ نهايت غور طلب آهن : ”مليم“ ۽ ”پڙهيم.“ اڄ سنڌيءَ جا چڱا ڀلا اديب يا ته انهن لفظن کان ئي اڻڄاڻ آهن (بلڪ اسان پاران استعمال ئي ڪرڻ تي ٽوڪين ٿا)، يا وري انهن جو صحيح استعمال ئي نٿا ڄاڻن. جڏهن ته شيخ حفيظ ”پڙهيم“ کي محض هڪ لفظ نه پر هڪ سِٽ طور استعمال ڪيو آهي. بهرحال، شيخ حفيظ جو اهو ليک هڪ اهم تنقيدي مضمون_ خط جي صورت ۾ آهي_ جيڪو گهڻو تفصيلي پڻ آهي. اهو خط دراصل پنهنجي دور هڪ وڏي/ سينئر ڪهاڻيڪار پاران نئين/ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي Comparative Study آهي، ۽ گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ”اڀياسي خط“ ۾ شيخ حفيط بنان ڪنهن رک رکاءُ جي ، ابتدا ۾ ئي پنهنجو آخري رايو Conclusion ڏئي ٿو ڇڏي ته:

””مهراڻ“ ۾ هن وقت تائين جيڪي به افسانا چپيا آهن. تن ۾ ”شاهه جو ڦر“ سڀ کان سٺو آهي. ائين کڻي چوان ته گذريل ٻن چئن سالن ۾، سنڌ اندر سنڌي زبان ۾ جيڪي به افسانا لکيا ويا آهن. تن ۾ هيءُ بهترين آهي.“

(جمال ابڙو، پشوپاشا، ص:117، ڇاپو ٻيو، 1976ع)

هيءُ پنهنجي دور جي هڪ همعصر ۽ قابل احترام اديب (شيخ حفيظ) پاران پنهنجي ٻوليءَ جي هڪ جونيئر اديب (جمال ابڙو) لاءِ محبت ۽ مڃتا جو پيغام آهي. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته جمال ابڙو جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه لکي ها، ۽ سنڌي ادب کي رڳو هڪڙو ڪهاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ ئي ڏئي ها، ته به هو هڪ ’وڏو ليکڪ‘ هجي ها. اسان کي ڪنهن به ليکڪ /شاعر جي عظمت ۽ وڏائيءَ کي پرکڻ لاءِ ”مقدار“ جاتراڙا ترڪ ڪرڻا پوندا. گل هڪڙو ئي سهي. انسان جي آسپاس رنگ پکيڙيندو آهي. خوشبو ڪيتري ٿوري ئي سهي، سموري وايو منڊل کي مهڪائيندي آهي !

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com