سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :15

رائچند. راٺوڙ؛ چيلهار

ٽُوڻا، ڦِيڻا ۽ ٽوٽڪا- ٿر ۾ علاج جا

قديم طريقا

        ٿر ۾ ڊاڪٽر فقط تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ آهن، جن جو فائدو رڳو اتي جا رهاڪو ٿا وٺن، باقي ملڪ ۾ حڪيم ۽ طبيب ٿورا آهن، جي ديسي دوائن سان علاج ڪندا آهن. دوائون وٽن  ٺهيل ٿوريون هونديون آهن، پر جڏهن ڪو پُڇندو آهي، تڏهين ڏَس ڏيندا آهن، پر انهن شين جو ٻهراڙين۾ ملڻ مشڪل. باقي ملڪ ۾ ڀوپا، ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندڙ جام آهن. اسان پڙهيل ماڻهن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه اصل ڪونهي، مگر ٻهراڙين جو آدَم اڻپڙهيل ۽ قديم ريتين رسمن جي ڪري ٽوڻن ڦيڻن ۽ ٽوٽڪن تي هِريل آهي، تن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه ججهو. تنهنڪري ڪيترين بيمارين ۾ ٽوٽڪن کان ڪم وٺن، ڀوپن کان پُڇن ۽ جهاڙون وجهائين. ڪيترن کي فائدو به ٿيو پوي. ڪن بيمارين لاءِ ڪي خاص ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندڙ ٿيندا آهن، جن وٽ علاج ڪرائبوآهي. جنهن ڪري شهرن جي ڳرن خرچن ۽ ڊاڪٽرن جي فين کان بچيا پيا آهن. حقيقت ڪري ڏسبو ته انهن ۾ به طبي اصول سمايل آهن، هن هيٺ ڪن بيمارين جو بيان ڪجي ٿو،  جن لاءِ  ڪيترائي ٽُوڻا، ڦِيڻا ۽ ٽوٽڪا ڪبا آهن: مگر مون کي جيڪي معلوم ٿيا آهن سي هيٺ ڏجن ٿا.

1-سِدِڪار:

        جيڪڏهن گيهه کائي مٿان يڪدم پاڻي پيئبو، يا سڻڀ وڌل ٿانءَ  ۾ پاڻي وجهي پيئبو؛ راند ڪرڻ ڪري ، پورهيي ڪرڻ ڪري يا اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري، جڏهن بدن گرم هوندو آهي، ان وقت يڪدم پاڻي پيئبو ته سِدِڪارَ پوندو آهي. تنهنڪري ساهي پٽي، ڦوڪارو کائي پوءِ پاڻي پيئجي، اهو وڏن ننڍن سڀني کي ٿي پوندو آهي.

هن حالت ۾ مٿي ۾ سُور، بدن ۾ سُستي، انگ ڀڄڻ، سنڌن ۾ سور، بخار اچڻ ۽ بدن ڳورو ٿي پوڻ وغيره معلوم ڪبو آهي. جنهن ڪري ماڻهو بيچين ٿي پوندو آهي. 0هن لاءِ سِڍ ڪار جو هٿ بڻائبو آهي. ڪي مرد ۽ عورتون، سِدِڪار جو هٿ هڻندا آهن. ڪي سج لهڻ بعد ۽ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ڪي ڪنهن به وقت هٿ هڻندا آهن. بيمار کي وهاري، هٿ هڻڻ وارو ( مرد يا زال) ڦلهيار مان ٻنهي هٿن جا اَڱوٺا، ڏَسڻيون، ۽ وچيون آڱريون ٻوڙي، پهرئين مريض جي نراڙ جي ٻنهي پاسن زور ڏيندو؛ پوءِ نڪ  تي  ٻنهي پاسي زور ڏبو؛ پوءِ ٻنهي ڪنن جي پاپڙين، ڪلهن، گوڏن ۽ پيرن تي هٿ رکي ٿورو ٿورو زور ڏبو، ۽ هر دفعي چوندو ويندو ته ” سِدِڪارَ ڀڄي؟“ وغيره، ته مريض جواب ۾ چوند و ” ڀلي ڀڄي“. پر جي مريض ٻار هوندو ته ان جي بدران ٻيو ڪو جواب ۾ چوندو ويندو ته ” ڀلي ڀڄي“ . اهڙي طرح پنج دفعا ڪبو. پوءِ مريض کي اُٿاري پُٺيرو ڪري، پٺيءَ  تي پاڻيءَ جو ڇندو هڻبو، ۽ڪي ڦلهيار تي سُبتو هٿ رکي، مريض جي پيٽ تي گهمائيندا ۽ ٿورو زور سان مَهٽي، دُن وٽ چپٽي سان جهلي ٿورو لوڏو ڏيندا. ائين پنج يا ست دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو آهي، نه ته ٻيو دفعو هٿ هڻائبو آهي.

2- ويلڻ:

ڄنگهه ۾ ڳَڙ ٿيو ته سَٿر جي مٿئين پاسي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي،  جنهن کي ” ويلڻ“ يا ”بِراُکڙڻ“ چئبو آهي. هٿ سان زور ڏبو ته مٺو مٺو سور  محسوس ٿيندو. هن لاءِ ڳَڙ جو علاج ڪبو آهي.جڏهين ڳڙ ڇُٽي ويندو آهي، تڏهن ازخود ڳوڙهو ختم ٿي ويندو آهي۽ ٻيا هيٺيان سُوڻ ڪبا آهن.

1- اَسر جو جڏهين اڃان جهرڪيون اٿيون نه هجن، ان وقت مريض ننڊ ۾ هجي ته ٻيو ماڻهو اَٻولو (يعني اٿڻ بعد ڪنهن سان نه ڳالهائي) ٿي، وارلو (يعني زنانو زيور، جو زالون ڳچيءَ ۾ پائينديون آهن) کڻي، ست دفعا آهستي آهستي ويلڻ تان ڦيري ڇڏي. اهو عمل اهڙيءَ طرح ڪجي جيئن مريض کي سجاڳي نه ٿئي.

2- مانين ٺاهڻ واري ويلڻ، اسر جو ننڊ جي حالت ۾ ست دفعا مٿس ڦيري  ڇڏجي. مريض ننڊ ۾ هجي ته بهتر  نه ته سجاڳيءَ  جي حالت ۾ به ڦيري  ڇڏجي. ٻه –ٽي دفعا ائين ڪبو ته فائدو ٿي پوندو.

3- ڪَنگيِ:

        ننڍو ٻار ستل هجي ۽ مٿان ڪنجهي جو ٿانءَ ڦيرائبو، يا ٻئي کان ٿانءَ ڏيڻ لاءِ ٻار مٿان لنگهائبو، يا ڪنجهي جي ٿانءَ  ۾ ٻار کي ڪجهه کارائبو يا پياربو، يا کٽولي تي ستل هجي ۽ هيٺان ڪنجهي جو ٿانءَ پيل هوندو ته ” ڪَنگيِ“ ٿي پوندي. چئبو آهي ته ٻار جي روبرو ان مرض جو نالو وٺبو ته به اهو مرض ٿي پوندو.

        ان ۾ ٻار کي سنهو بخار ٿيندو. روز بروز بدن ۾ اَڀرو ٿيندو ويند پيٽ. ۽ مٿو وڌندا رهندا، تانجو ڳري وڃي هڏن جوپڃرو  بچندو ۽ نيٺ مري ويندو. ڊاڪٽر هن کي ” ٻارن جي سلهه“  به چوندا آهن. ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن:

1- سهائي آچر( چانڊوڪين راتين ۾ جيڪو آچي) جي ڏينهن،مينهن جو آلو ڇيڻو  آڻي ٻار کي ان سان توري، پينگهي جي سامهون اهو ڇيڻو ڀت تي ٿڦي، اُبتي ماڻهوءَ جي شڪل  ٺاهي  ڇڏجي، جيئن هر وقت ٻار جي نظر مٿس پوندي رهي. جيئن ڇيڻو سُڪندو ويندو، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو.

2- سهائي اچر تي ٻار کي چانديءَ سان تورجي. سڀڪنهن جي گهر ۾ ايتري چاندي ڪونه هوندي آهي، ان لاءِ پاڙي وارن کان في الحال چانديءَ جا زيور گُهري اچي ڪم ٽپائيندا آهن. بعضي ڪَنجهي جا ٿانءَ گڏ ڪري ان سان ٻار کي توربو آهي. اهو علاج ٻه- ٽي مهينا يا جيستائين فائدو ٿئي تيستائين چالو رکندا آهن.

        3- ڳوٺ جي ترائي ( تلاءُ)، جيڪا ٻار ڏٺي نه هجي، سهائي آچر جي آسر جو جهرڪين ستي مهل ماڻهو وڃي، اٻولو ٿي، چيڪي مٽيءَ  جا ڀِتر کڻي اچي،ان سان ٻار کي تورجي؛ ۽ پوءِ مٽي ڳوهي،پينگهي جي سامهون ڀت تي، ماڻهوءَ جي اونڌي شڪل ( ٽنگون مٿي، مٿو هيٺ) وانگر ٿڦي ڇڏجي. جيئن مٽي سڪندي ويندي، تيئن ٻار کي فائدو ٿيندو ويندو.

        4- ٻار جي تور جيڏو ٻلو جهلي، ان سان ٻار کي توربو آهي.

        5- هڪ ٻلوجهلي، ان کي ٻار جو چولو پارائيءَ، مٿان ٻار کي ويهاري، وهنجارجي __ پوءِ پُسيل چولو، ويڙهي زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏجي.

        6- مئل ڪُتي جي کوپري آڻي، ان تي ٻار کي ويهاري، وهنجاربو آهي. اهو عمل ايستائين ڪبو، جيستائن فائدو ٿئي.

        7- سهائي آرتوار جو، ٻه اَڪ جون تڙيون (ڪاٺيون) آڻي، ٻار کي ماپي، ان جيڏا ٽڪر ڪري ڇانوَ ۾ سُڪڻ لاءِ رکبا آهن. جيئن ڪاٺيون سُڪنديون وينديون، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو.

        8- سهائي آرتوار تي، ماوي رنگ جا شيشي جا مڻيا وٺي، ان جا پنج ڪنڍلا ( هار) ٺاهيءَ، هڪ مريض جي ڳچيءَ ۾، ٻه ٻانهن ۾ ۽ ٻه ڄنگهن ۾ ٻڌبا آهن.

        9- سهائي آرتوار جي ڏينهن، بازار مان يا ڪنهن گهر مان ڪجهه ڪڻڪ چورائي آڻي پسائي رکجي (اها اهڙي طرح کڻجي جيئن مالڪ کي خبر نه پوي). رات جو سئي ۾ سڳو وجهي، ڪڻڪ جا داڻا پوئي، پنج هار ٺاهي ڳچي، ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ ٻڌجن.

10- سهائي آچر تي، ٻار کي ڪپڙي ۾ قابو ٻڌي، کوهه جي منهن تي ٿورو هيٺ ڪجي، وري مٿي ڪجي. اهو عمل ست دفعا ڪجي.

11- زمين ۾ کڏ (قبر) کوٽي، ٻارکي ان ۾ پنج منٽ کن سمهاري ٻاهر ڪڍجي.

12- مريض ٻار جي مامي جي جاءِ جي ڀِت ۾ ٽُنگ ڪري، يا ڪکائين جاءِ هجي ته ڪک لاهي، ايتري گهَٽي ڪجي، جنهن مان ٻار لنگهي سگهي. پوءِ ٻار کي ست دفعا انهيءَ مان لنگهائبو آهي.

4- ڇڪِي:

هن جا ٻه قسم آهن.

        (الف) اُبت ڇڪي: هيءَ بادي شين جي کائڻ ڪري ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڪن ڪن ماڻهن ۾ اهو اثر ٿي پوندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن باديءَ جي ڪري اهو اثر وڌندو آهي ته ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندو آهي، بروقت علاج نه ٿيو ته بعضي موت به ٿيو پوي. هن حالت ۾ يڪدم مريض کي سمهاري، پنين ، سٿرن، چيلهه پُٺن تي ماڻهو چاڙهي، خوب ابتو سبتو لتاڙجي؛ ۽ پوءِ اُٺ جا ڦولهڙا يا ايڏا پٿر يا سڪل مٽي جا ڳنڍا کڻي، پِنين جي وچ تي رکي، ڪپڙي جي پٽيءَ سان ڇڪي ٻڌي ڇڏجن. پيرن کان وٺي سٿرن تائين، ڄنگهون ڪپڙي سان  ڇڪي، پٽيءَ وانگر ٻڌجن. چيلهه کي مضبوط ڪپڙي جا ور ڏيئي ٻڌجي. بروقت ڪپڙو نه هجي ته پٽڪو ڪم آڻجي. ٻائوري ( جهنگلي وڻ) جا پن گهوٽي، رس ڪڍي ان ۾ گيهه وجهي پيارجي. هٿن ۽ پيرن جي ترين کي خوب تيل جي مالش ڪجي. مريض کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

(ب) د ُن ڇڪي:  جنهن ماڻهوءَ جي طبيعت ۾ باديءَ جو اثر هوندو آهي ان کي هي مرض ٿي پوندو آهي. گهڻوبار کڻبو يا هلندي ٿاٻو آيو ته به ڇڪي پئجي ويندي آهي.

        هن حالت ۾ بعضي دست به ٿي پوندا آهن. کاڌو نه وڻندو آهي، جيڪو کائبو سو هضم ڪونه ٿيندو. ماڻهو ضعيف ۽ بي آرام ٿي پوندو. نستائي ٿيندي، اٿڻ به لاچار ٿي پوندو. شاهه شريان، جا دن جي هيٺان هوندي آهي، سا ٿڙهي پاسي ٿي ويندي آهي ۽ هٿ لائڻ سان دن جي پاسي تي يا مٿان ڳوڙهو معلوم ٿيندو آهي . ان لاءِ ڪي ڪي ماڻهو( مرد يا عورت) آڍي سگهندا آهن. انهن کان وڃي آڍائبو آهي، جنهن کي ” هٿ هڻائڻ“ چئبو آهي. ڪن کي انهيءَ آڍڻ جي اٽڪل ٿيندي آهي.

        1. پٽ تي ڪپڙو يا رلي وڇائي، مٿان مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ تي ٿورو ڪڙو تيل ( نازڪ بدن هجي ته مٺو تيل) لائي، پاڻي مان هٿ ٻوڙي، مٿان کان هيٺ پاسيرو، اُبتو سُبتو هٿ سان آڍيندا آهن؛ ۽ پيٽ ۾ ڳنڍو، جو دن کان ٿڙيل هوندو آهي، تنهن کي هٿ جي ٽَل سا د ُن جي هيٺان بيهاريندا آهن. پوءِ تيل سان پنين ۽ ٻانهن کي اُڍيندا آهن، پوءِ مٽي جو ٿورو ڀترگرم ڪري، ڪپڙي ۾ ويڙهي، دُن تي رکي، ڪپڙي جو مضبوط ور ڏيئي ٻڌي ڇڏبو آهي. ٻن- ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڇوڙي ڇڏجي.

        2- مريض کي سنئون سمهاري، پاڻيءَ جي ڀريل دلِي (پندرهن يا ويهه سير کن)د ُن تي رکبي آهي. ٻن- ٽن ڪلاڪن بعد کڻجي.

        3- مريض کي ابتو سمهاري، پنين، سٿرن ۽ چيلهه تي ننڍي ڇوڪر (جنهن جو بار سهي سگهجي) کي چاڙهي لتاڙائبو آهي.

        4- ماڻهوءَ جا ڊگها وار هٿ ڪري، وٽي، سڳا ٺاهي، مريض جي پيرن جي اُڱوٺن ۾ ٻڌبا آهن. جن کي ڇڪيءَ جو عادتي اثر هوندو آهي، سي چاندي يا ٽامي جا ڇلا ٺهرائي، پيرن جي آڱوٺن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.

        5- ڦوڳ جي وڻ جا پن، جن کي ُ لاسون، چئبو آهي، اُهي جهاروٽي يعني باهه تي سيڪي ٿورو گرم ڪري، ڪپڙي ۾ وجهي، د ُن تي ٻڌي ڇڏجن. ٻن – ٽن  ڪلاڪن بعد ڇوڙجن.

        6- آڍائڻ بعد، مريض  کي پنج تولا کن گيهه ۾ اڌ تولو ڳاڙها مرچ ڪُٽيل گڏي پيارجن. ڪي اڌ  تولو کن ڪارا مرچ گيهه ۾ وجهي پياريندا آهن ڪي تولو کن ڪٽيل ڄاڻ گيهه ۾ وجهي پياريندا آهن. ان لاءِ وڏف کارائجي ۽ جوهر جون ٽڪيون کارائجن.

        7-مريض کي اونڌو سمهاري، چيلهه تي پير رکي، ساڄي هٿ سان ساڄو هٿ ۽ کاٻي هٿ سان کابو پير جهلي مٿي ڇڪ ڏجي. وري ان جي ابتڙ کاٻو پير ۽ ساڄو هٿ مٿي جهلي ڇڪ ڏجي.

        8- مريض جي هٿ جي اَڱوٺي ۾ ڏَسڻي اڱر جي وچ وارين نبضن کي زور سان مهٽجي.

        9- ساڄي پيرجي مُري واري هڏي کان ٻاهرين پاسي، چار آڱريون ڀري، اڳڙي جي پوپي سان ڏنڀ ڏيندا آهن.

        خالي پيٽ يعني نيراني، اهو هٿ هڻائبو آهي.

5- ڪوئِلي :

هن جا ٻه قسم آهن.

        (الف) نڙيءَ جي ڪوئلي: هي، کاري کٽي يا مٺي ۽ کٽي شئي گڏ کائڻ ڪري ٿيندي آهي. بعضي کنڊ ۽ کٽي لسي يا انب ۽ کٽي لسي کائڻ سان به ٿيندي آهي. هن ۾ نڙيءَ اندر ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو وڌندو ويندو آهي. علاج نه ڪرڻ جي حالت ۾ بعضي مريض گهُٽجي مري به ويندو آهي. ان لاءِ

        1.وات ۾ آڱر وجهي نڙيءَ ۾ لنگهائي، ڪوئلي وارو ڳنڍو ڦاڙبو آهي. ڳنڍي ڦاٽڻ سان رت ۽ پونءِ وات مان نڪرندي آهي، ۽ فائدو ٿي پوندو آهي.

        2. ڪاٺ جي ڏوئيءَ جو ڏنڊو چلهه جي ڪِر ۾ وجهي رکبو. ڪوسو ٿيندو ته ڪڍي، زناني پراڻي ڪنجري ۾ ويڙهي، نڙيءَ تي سيڪ ڪبو آهي،هڪ – ٻه دفعا ائين اڌ ڪلاڪ کن سيڪ ڪجي، جيستائين فائدو ٿئي.

        3- ڪُڻڇي ۾ اُٺ جي سيهري ۾ ٿورور لوڻ وجهي، گرم ڪري، نڙيءَ تي رکي مٿان ڪپڙي جي پٽيءَ سان ٻڌجي

        4- بصر کارائجي. ٻاجهريءَ جي رٻ رڌي،ڪوسي ڪوسي پيارجي، جيئن نڙيءَ کي سيڪ اچي.

        (ب) ڦَر جي ڪوئلِي: هي پُٺي ۽ ڦر ۾ پوندي آهي. وت کان وڌيڪ بار کڻڻ ڪري يا سمهيل ماڻهو ڏکيءَ طرح پاسو ورائيندو ته ڪن حالتن ۾ ٿي پوندي. بعضي زالن کي جنڊ پيهڻ، يا پاڻيءَ جا دلا کڻڻ ڪري به ٿي پوندي آهي. هن کي ” ڦرَ پُوڻ“ به چئبو آهي. بعضي هڪ پاسي، بعضي ٻنهي پاسن به پوندي آهي.

        هن حالت ۾ ڦر ۽ ڇاتيءَ  ۾ آمهون سامهون سور پوندو آهي، ۽ ٻانهن چورڻ سان به سور ٿيندو. ان تڪليف ۾ ڪم ڪري نه سگهبو، ان لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن.

        1- ڦر جي پاسي کان هڪ نبض ٿيندي آهي، جا ڪجهه ٻاهر نڪري ايندي آهي. هٿ جي چپٽيءَ سان اها نبض جهلي، ست دفعا زور ڏبو آهي.

        2- هٿ سان آڍي، پوءِ زناني جُتيءَ جي پادر سان آهستي آهستي ست دفعا ڌڪ هڻجن. پوءِ هٿ سان آهستي مڪون هڻجن.

        3- ٺِڪر جي لوٽي ۾ ڪوسي ڪِروجهي، ڦر ۽ ڇاتيءَ تي ڏينهن ۾ ٻه – ٽي دفعا سيڪ ڪجي.

        4- ڦر تي هڪ نبض ٿيندي آهي. هٿ جي اڱر سان ڦر تي ٿورو ٿورو زور ڏيندو وڃجي . جڏهن نبض تي آڱر اَئي، تڏهن سور ٿيندو. ان هنڌ تي آهستي آهستي سُهائيندو زور ڏيندو وڃجي. اهڙيءَ طرح اڳيان ڇاتيءَ  ۾ بُبي جي ڀرسان ڪوئلي واري پاسي نبضن ٿيندي آهي. اها به مٿئين وانگر ڳولي زور سان کٽڪائجي.

        5- ڪلهي واريون نبضون مهٽجن.

        6- اڪ جي پيلي پن تي ڳڙ رکي گرم ڪري، ڦر تي چنبڙائجي، تيل نه لائجي.

        7-  جنهن پاسي ڪوئلي هجي، ان هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏَسڻي آڱر جي وچ ۾ نبض کي سهائيندي زور سان کٽڪائجي.

6- ٻاراڻو:

        هي نمونيا جو قسم آهي. ننڍي ٻار کي ٿي ته چئبو ٻاراڻو، ۽ وڏي کي ٿي ته  چئبو نمونيا. سڻڀ کائي مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٻاهر ولهه ۾ ٻار کي سمهارڻ، گرم بدن واري کي ٿڌو پاڻي پيارڻ، سيءُ لڳڻ، اسر جو ٿڌي هوا ڪَرڙ لڳڻ، ماءُ  جنڊ پيهي يا مانيون پچائي  يا پورهيو ڪرڻ بعد يڪدم پگهر واري بدن سان بُبو ڏيندي يعني ڌارائيندي ته ٻاراڻو ٿي پوندو . تنهنڪري ٿورو وقت ترسي، بدن ٺاري، ٿڻ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ ڌارائجي. پهرئين ٻار کي ٿيو ته پوءِ نمبروار ٻارن کي ٿيندو ايندو.

        هِن حالت ۾ ڇاتيءَ ۾ سور ۽ پکڙاٽين ۾ کڏون پونديون، جي ذري هيٺ ذري مٿي پيون ٿينديون. ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف رهندي ۽ ساهه ڏچڪي سان کڻندو. بدن تي بخار، اکين ۾ گڏانت ( ڳهر) هوندي، يعني بيهوشيءَ واري حالت – ٿڻ نه ڌائيندو، اَن ڪونه کائيندو، هر هر کنگهه ٿيندي ۽ الٽيون اينديون. ساهه کڻڻ سان سُر سُر پيو ٿيندو. هن لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن:

        1- ڪيوڙي جا اَلا پن لسيءَ ۾ ٻاڦي ( اوٻاري) گرم گرم ڇاتيءَ ۽ پاسن تي ٻڌجن.

        2- سيڙڪي ڄار ( جنهن ڄار ۾ پيلي رنگ جا پيرون ٿيندا آهن، ان کي ” سيڙڪي “  ڄار چئبو آهي ۽ جنهن ۾ ڳاڙهي رنگت جا پيرون ٿين، ان کي ” راتڪي“ ڄار چئبو آهي) جا پن ڪُٽي ٻاجهريءَ جو اٽو ملائي، ماني ٺاهي، هڪ پُڙ دانگيءَ ۾ پچائي، ٻيو ڪَچو لاهي ان تي تيل مکي، هيڊ سنهي ڪُٽيل جو ٻورو ٻرڪائي، رات جو ڇاتي ۽ پاسن تي ٻڌجي.صبح جو ڇوڙي ڇڏجي.

        3- گيدوڙي جا پن لَسيءَ ۾ اوٻاري، سهائيندا گرم گرم ٻڌجن.

        4- ڪي ماڻهو جهاڙون وجهي سگهندا آهن. صبح جو، اَسر جو چئين بجي جهرڪين ستي مهل ۽ شام جو سج لٿي، ٿوري اونداهيءَ وقت جهاڙ وجهائبي آهي. جهاڙ وجهڻ وارو ٽانڊو رکي، ان تي گگر جو ڌوپ ڪندو آهي ته دونهون نڪرندو. ڀرسان ٻار کي جهلي جهاڙ وجهندو ويندو ۽ انگوڇي يا پٽڪي جو پلاند يا مور جي کنڀن جي ٻهاري ٻار تان  گهمائيندو ويندو.

5- ست سچيون ڪوڏيون ( جن ڪوڏين تي ڳنڍا ڳنڍا ٿيندا آهن) هٿ ڪري،جهاڙ وجهڻ واري کي ڏبيون، هو ڌوپ ڪري جهاڙ پڙهي ڏيندو.اهي ڪوڏيون ، ڌاڳي ۾ پوئي، ( هر هڪ ڪوڏي جي وچ ۾ هڪ ٿوم جي صفا ٿيل سِري به پوتل هوندي) اهي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجن. ’ڪوڏيون نه ملن ته فقط ڌاڳو پڙهي، ست ڳنڍيون ڏيئي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌبو اهي ٻار جو چولو پڙهائي پارائبو آهي.

        6- لوُڪڙ (جو ٿر ۾ هڪ جهنگلي جانور آهي) جي بُڪي، تازي يا سڪل ، ٻار جي زبان تي لائي، ڌاڳي ۾ پوئي ڪنڌ ۾ ٻڌجي.

        7-  تلوُر پکيءَ جي گُجي، تازي يا سُڪل، ٿوري پاڻيءَ ۾ وجهي، ان ۾ ٿورو ڳڙ وجهي ڪاڙهي، ٺاري، سُتي سان ٻار کي پيارجي .

        8- خالص ماکي يا ٿورو شراب چٽائجي.

        9- مڇيءَ جو ٽڪر( تازو يا سڪل)، سيڙڪي ڄار جا اڍائي پن، سوئا، اجمو (جاڻ) ڇڄ جي چم جي ڪشي جي ڳنڍ، اُرڙوسو ۽ڳڙ گڏ ڪري اُڪارجن: پوءِ لاهي ٺاري، اهو پاڻي ڇاڻي، صبح شام سُتي ڏجي. هن کي ُست ڊڀي ، سُتي چئبو آهي.

        10- صبح جو اڪ جي پيلي پن تي ماڪ جا ڦڙا ٿيندا آهن، سي ٻار کي پيارجن. چڱي ڀلي ٻار کي جي اهو پياربو ته ٻاراڻو نه ٿيندو .

        11- اُبت ڪنڊي (ٿر جو هڪ ٻوٽو) جو ڪاڙهو ٺاهي، سُتي ڏجي.

        12- ٻار ٿڃ ڌائيندڙ هجي ته سندس ماءُ ٿڌا چانور، گيهه، کَٽي لَسي، ڳاڙها مرچ کائڻ کان پرهيز ڪري.

        13- سهي جي رت جي ٻار کي سُتي ڏجي.

        14- سُهائي اُچر جي ڏينهن، ڪَنجهي جي وَٽي  ۾ ڪڙو تيل وجهي، ان ۾ ٽامي جو پئسو وجهي، وٽو ٻار جي دُ ن تي رکي، مٿان عاج جي ڳن، سان ڪپ يا ڪاتيءَ جي ڳن سان ، پئسي کي وٽي ۾ گهمائجي ۽ ڪي مقرر اکر پڙهبا آهن، جي ڪي زالون سکيل هونديون آهن. ٻن- ٽن منٽن بعد پئسو اُها زال کڻي ويندي آهي ۽ تيل ڪنهن ائٽ کي لائي ڇڏين. هن کي ٻاراڻي  جو هٿ چئبو آهي. ڪي ” لاڳڻي“ جو هٿ به چوندا آهن. لاڳڻو معنيٰ ُ ٻاراڻو،.

15- سهائي آچر جي شام جو ڪَنجهي جي وٽي ۾ ٿورو ڪڙو تيل وجهي، ٻار جي پينگهي يا منجيءَ جي هيٺان رکي ڇڏجي. صبح جو کڻي وڃي ڪنهن سائي اڪ جي ٽاري تي هاري ڇڏجي. اڪ سڪي ويندو ۽ ٻار چڱو ڀلو ٿيندو.

7- سَٽ:

هن جا ٽي قسم آهن

(الف) ٻاراڻي سٽ: هن جا به ٽي قسم آهن.

        - ٻار جيڪڏهن پينگهي مان يا کٽولي تان بُلاٽي کائي ڪريو ته پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سٽ پئجي ويندي. هن کي ” سُڪ سَٽَ“ ڇئبو آهي، جنهن ۾ ٻار ڳرندو ويندو آهي، کاڌو گهٽ کائيندو، وار بي نُورا ٿي پوندا ۽ هر وقت ڪِنجهڪار پيو ڪندو. هن حالت ۾:

        1- ٻار جي بدن تي مٺو تيل لائي، آڍي، کيس اونڌو سمهاري، ريڙهه جي هڏي جي پڇاڙيءَ تي پير جو آڱوٺو ڏيئي، پوءِ چپٽين سان سڄي ڪنڊي: جي هڏين کي ڪنڌ تائين هيٺان کان مٿي، ٿورو ڇڪ ڏبي آهي. هر هڪ چپٽيءَ سان ڪڙڪا پيا ٿيندا. اهڙي طرح ست دفعا ائين ڪبو آهي.

2- ٻانهن جا بُڪ، سٿرن ۽ پنِين جي وچ تي اڳڙيءَ جون پٽيون ٿوري ڇڪ سان ٻڌجن.

        3- سال کن عمر يا ان کان وڏيرو ٻار هجي ته مٿئين هنڌن تي اُٺ جو ڦولهڙو رکي پٽيءَ سان ٻڌجي.

        4- ڦودنو ۽ ڦوٽا ڪٽي، اهو سفوف مکڻ ۾ وجهي چٽائجي ۽ اهوسفوف وات ۾ وجهجي، ڪن ۽ نڪ ۾ ڦوڪ سان وجهجي.

        - جيڪڏهن ٻار ڊوڙندي يا هلندي هيٺ ڪريو ته ريڙهه جي هيٺين هڏي ڏنگي ٿي پوندي . ان حالت ۾ ٻار کي دست ٿي پوندا، جي تمام پترا ۽ بدبودار هوندا  ۽ ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو. هن حالت ۾:

        1- ٻار کي تيل سان آڍي، اونڌو سمهاري، هيٺين هڏي آڱر سان مٿي کڻبي، ائين ست دفعا ڪبو آهي. جڏهين هڏڙي مٿي کڄي رهندي تڏهين دست جي سيڙهه نڪرندي، ان وقت سمهبو ته سَٽ ۾ فائدو ٿيو آهي.

        -  ٻار کي ابتي ڪرڻ ڪري يا گرميءَ جي اثر جي ڪري ڪاڪڙو لهي پوندو آهي. هن کي ” ڪاڪڙي جي سٽ“ چئبو آهي. جنهن ڪري ٻار ڳرندو ويندو آهي. هن حالت ۾ :

        1- آڱروات ۾ وجهي ڪاڪڙو مٿي کڻبو. ائين روزانو ٻه- ٽي دفعا ڪبو، جيستائين فائدو ٿئي.

        2- ڪاپار تي پاڪيءَ سان وار صفا ڪري، مکڻ جي پِني چاڙهجي. ڦودني جي سُتي ڏجي.

        (ب) ڪنڌ جي سَٽَ:  هي سٽ وڏن کي به پوندي آهي. رات جو سمهڻ ڪري، ننڊ ۾ وٽ سان ڪنڌ ڦيرائڻ ڪري، يا وهاڻي ننڍي وڏي هئڻ ڪري يا پاسي اٿلائڻ ڪري، اوچتو سٽ پئجي ويندي آهي. هن حالت ۾ ڪنڌ  ورائي نه سگهبو آهي، ۽ سخت تڪليف ٿيندي  آهي. ڪم ڪري ڪونه سگهبو آهي. ان حالت ۾ :

        1- ڪنڌ وارين نبضن کي تيل سان آڍبو آهي.

        2- بيمار کي سنئون سمهاري، ڇڄ ۾ وجهي، جيئن اَن سوهبو آهي، تيئن ڪبو پڇاڙيءَ جو اوچتو ڇڄ کي لوڏو ڏبو، جيئن مٿي کي جهٽڪو اچي.

        3- مٿي کي هٿ سان جهلي، آهستي آهستي ٻه- ٽه دفعا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي،پڇاڙيءَ جو ٿورو زور سان ڦيرو ڏبو، ائين  ٻه- ٽه دفعا ڪبو ته سور لهي ويندو .

        4- ڪوسي ڪِر مٽيءَ جي لوٽي ۾ وجهي، ان جي تري سان سيڪ ڪجي.

        (ج) لچڪ: هن کي ” چيلهه جي چُڪ“ ۽ ” چيلهه جي سَٽ “ به چئبو آهي، جا وڏن کي ٿيندي آهي وت کان وڌيڪ  بار کڻڻ ڪري يا هلندي ٿاٻي اچڻ ڪري يا اوچتو ڪرڻ ڪري چيلهه ۾ سٽ پئجي ويندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو هلي نه سگهندو. چيلهه۾ سور ٿي پوندو. هيڏي هوڏي بدن موڙي نه سگهبو. ان لاءِ:

        1- اُڀين پيرن ڄاول ( ڄمڻ وقت پهريائين ٻار جو مٿو ٻاهر نڪرندوآهي. پر تمام ٿورين حالتن ۾ ٻار جا پير پهريائين نڪرندا آهن. جنهن کي اُڀين پيرن ڄاول چئبو آهي) مرد هجي يا زال، ان کان هي ٽوٽڪو ڪرائبو آهي.

        ست ٺڪريون ۽ ست کٻڙ جا پن آڻي، شام جو سج لهڻ بعد  بيمار کي پٽ تي اونڌو سمهاري، سندس چيلهه جي وچ تي کٻڙ جا پڻ ۽مٿان ٺڪري رکي، اُڀين پيرن ڄاول هڪ هٿ  ۾ مُهري جو مٿيون ڇيڙو جهلي ٻيو ڇيڙو زمين تي کوڙي، مريض جو کاٻو پير مٿي ڪرائي ان جي آڱوٺي کي کاٻي هٿ سان جهلي، ٺڪريءَ تي پنهنجي  کاٻي پير جي کڙي رکي  مهري جي آڌار تي مريض مٿان ٽپو  ڏيئي، ٻئي پاسي ويندو؛ ۽ چوندو” لچڪ ڀڄي... “ ته مريض چوندو ” ڀلي ڀڄي ... “ پوءِ چيلهه تي رکيل ٺڪريءَ ۽ پن اڇلي ڇڏبا. وري ٻيا رکبا، ۽ وري ساڄي هٿ سان مريض جي ساڄي پير جي اڱوٺي  کي جهلي، ساڄي پير جي کڙي ٺڪري  تي ڏيئي، مُهري جي آڌار تي مريض مٿان ٽپي ٻئي پاسي وڃبو؛ ۽ چئبو ” لچڪ ڀڄي...“ ته مريض چوندو ” ڀلي ڀڄي ...“ اهري طرح ست دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو . نه ته لاچار صبح جوسوير، جهرڪين ستي مهل، مٿئين وانگر ست دفعا ڪبو آهي ته فائدو ٿي پوندو .

        2- هڪ پيءُ جون ڌيئرون، جي ٻن سڳن ڀائرن کي پرڻايل هجن، يعني هڪ سهري جون نهون هجن؛ مريض کي پٽ تي  اونڌو سمهاري، ٻئي زالون پاسن کان آمهون سامهون بيهي، مٿيئن وانگر کٻڙ جو پن ۽ ٺڪري چيلهه تي رکي، هڪڙي عورت پنهنجي کڙي مٿان رکي، مريض جي پير جواڱوٺو جهلي، مُهري جي اڌار تي ٽپي هن پاسي ويندي ۽ چوندي ”لچڪ ڀڄي...“ ته مريض چوندو”ڀلي ڀڄي... “  وري ٻي زال مٿئين وانگر ٽپي ٻئي پاسي ويندي ۽ چوندي ” لچڪ ڀڄي.. “ ته مريض چوندو”ڀلي ڀڄي..“ اهڙي طرح ٻئي زالون آمهون سامهون بيهي، ٽپنديون اينديون . ائين ست دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو.

8- ڇالهي:

        کٽي لسي ۽ کنڊ  گڏ کائڻ، کٽي ۽ مٺي شئي گڏ کائڻ، هرڻ جورڌل گوشت، پلو يا مڇي پاروٿي کائڻ يا ريڍو گوشت کائڻ ڪري ٺيڪلو ۽ لسي گڏ کائڻ ڪري ”ڇالهي “ ٿيندي:

        ان حالت ۾ ڳرهال سُجي پوندا. نڙي ۾ ڳوڙهي ٿيندي آهي، تنهنڪري سور ٿيندو آهي، ۽ ڪابه شيءَ  کائبي ته بلڪل تڪليف ٿيندي آهي. ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن.

        1- ٽوهه کي ڪوسيءَ  ڪِر ۾ ٻاڦي ڳر ڪڍي، ،ڪڻڇيءَ  ۾ وجهي، ٻاجهريءَ  جو اٽو ۽ لوڻ  گڏي، لپري ٺاهي ٻڌبي آهي.  ٽوهه جي ول گهوٽي لپري ٺاهي ٻڌجي.

        2- ٽوٽڪائن کان صبح ۽ شام جهاڙ وجهرائبي آهي. يا اُهي ڌوپ ڪري، ڪاريءَ اُن جو سڳو پڙهي، ست ڳنڍيون ڏيئي ڏيندا آهن . اهو ٻڌبو آهي.

9- مَلو:

        هي بيماري کٽين مٺين شين گڏ کائڻ، ريڍي گوشت يا پاروٿي گوشت کائڻ ڪري ٿيندي آهي. جنهنڪري سڄي بدن يا مٿي ۾ ڦرڙيون ۽ ڦوڪڻا ٿي پوندا . هڪڙا پيا ڦسندا ته ٻيا پيا ٿيندا. هن کي ُ ڦيسڙ ملو“  به چئبو آهي ۽ سور ڏاڍو ٿيندو آهي. ان لاءِ

        1- ٽوٽڪائي جهاڙ وجهندا آهن، يا سڳو وٽي پڙهي ڏيندا آهن ، جو ٻڌبو آهي.

        2- حقي جي پاڻيءَ  ۾ ميندي گهوٽي، ليپ ڪبو آهي.

        3- سنامڪي ۽ انجڻيون گهوٽي سفوف ٺاهي، ڦرڙين تي ٿڪ لائي، مٿان سفوف ٻرڪائبو آهي.

        4- ٻڪريءَ جي کير جا ڇنڊا هڻجن. ميٽ ڳاري گهاٽوڪري، ان ۾ ٿورو مور- ٿو ٿو ( توتيو) وجهي، لائيندا آهن ڀنگري جو ٻوٽو تيل ۾ ساڙي لائبو آهي. نمورين جا ٻج ڪڍي، تيل ۾ ساڙي، گهوٽي لائجن. موراڙي (ٻوٽو) جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن. ڪڪڙين جي  پيرن کي ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن  ڪانڪهه وڻ جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي، گهوٽي مٿان ڏجن.

        5-پراڻيون مُرٽون ساڙي، ان جي رک  ڪپڙي ۾ ڇاڻي حقي سان ڌوئي، مٿان اهو سفوف ٻرڪائبو آهي.

10- اولڙو:

        ٻار پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسندو ته اولڙو ٿي پوندو. جنهنڪري ٻار کي بخار، دست ۽ الٽيون ٿي پونديون. پيٽ ۾ کاڌو نه ٽڪندو بُبو ڌارائي رهبو ته الٽيون ڪري ڪڍي ڇڏيندو. ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندوان لاءِ :

        1- ٻار کي ڪنهن ڏاهيءَ مائي وٽ وٺي وڃبو، جا اولڙي جو هٿ هڻي سگهندي هجي. اها مائي  ست اڱر کڻي، اُن ڀرڻ جي چوٿائيءَ جي تري تي يا زناني جتيءَ جي پادر جي تري تي هڪ اڱر سان منڌيئڙي جو نشان ڪري، اهو نشان ٿيل پاسو مريض جي سڄي ڳل ۽ نراڙ تي لڳائيندي، ۽ هرهر ڀيري چوندي ته: ” اولڙو ڀڄي...“ ته مريض چوندو ” ڀلي ڀڄي..“ پر جي ٻار ننڍو هوندو ته سندس ماءُ، جا ٻار کي هنج ۾ جهلي ويٺي هوندي، اها چوندي ته ”ڀلي ڀڄي ...“  پوءِ ٻيو اڱر کڻي ساڳيو نشان ڪري مريض جي ٻانهن، ٺونٺين، ڪراين ۽ آڱرين تي لائيندي. ٽئين اڱر سان نشان ڪري ڪنڌ جا ٻئي پاسا، پٺن، ۽ چيلهه تي لائيندي. چوٿين اڱر نشان ڪري، سينو، هينئون ۽ پيٽ تي؛ پنجين سان نشان ڪري، ساڄي پاسي سٿر،پني، پير جي تري تي لائيندي؛ ڇهين سان کاٻي پاسي جي سٿر، پني ۽ پير جي تريءَ تي لائيندي؛ ستين سان نشان ڪري ڪُکن ۽ بغلن تي لائيندي.اهڙي طرح هي سوڻ، صبح، منجهند ۽ شام تي ٽي دفعا يا صبح ، شام تي، ٻه دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو.

11- مريئو:

        آرسي سج ڏانهن ڪرڻ سان جو عڪس پوندو آهي، اهو ٻار ڏٺو؛ يا سج جي ڪري پاڻيءَ جو ٿانءُ ۾ عڪس ٻار ڏٺو؛ يا هڪ جيت چٽڪمرو ٿيندو آهي، جنهن کي به مريئو چئبو آهي، اهو ٻار ڏٺو ته مريئو ٿي پوندو.

        هن ۾ ٻار بيهوش ٿي ويندو ۽ ڏنڌڻ پئجي ويندا آهن. جنهن کي  ”ڏنتسوڪ“ چئبو آهي جي علاج لاءِ هن طرح سوڻ ڪبا آهن.

        1- سُرميداڻيءَ جي سرائي ڏندن جي وچ ۾ وجهي، زور ڏيئي، ٻئي ڄاڙيون هڪٻئي کان جدا ڪجن. هن کي ” ڏندڻ ڀڃڻ“ چئبو آهي.

        2- ڪپڙي جي نيري رنگ جي اڳڙي گول وٽي، لٺ وانگر ٺاهي، هڪ ڇيڙو دکائي ڦوڪ ڏيئي، چڱيءَ  طرح ساڙي، مريض جي نراڙ جي وچ تي ڏنڀ ڏجي. ڪياڙيءَ تي به ڏنڀ ڏجي. بيمار جي هٿن، پيرن ۽ ترين تي ڪڙي تيل سان مالش ڪجي.

12- سائِي:

        بخار جي ڪري يا بدن ۾ ضعفائي سبب سائي (ساوڪ) ٿيندي آهي. بيمار ڳرندو ويندو. اکيون نيريون ٿي وينديون پيشاب جو رنگ پيلو ٿي ويندو. ان لاءِ:

        1- جوئر جي اٽي جو سيرو يا ماني پچائي، صبح شام کارائجي. يا جوئر جي اٽي جو ٿلهو روٽلو، جنهن کي ُ ڪيرو، چون چُلهه ۾ يا ٽانڊن جي وچ  تي رکي، مٿان به ٽانڊا ڏيئي ڇڏبا ٿوريءَ دير بعد پچي پوندو. ڪڍي، ڇنڊي صفا ڪري کارائجي.

        2- صبح شام جهاڙ وجهائبي آهي . ڀڳڙن تي ڦيڻو هڻي کارائبا آهن. پائڻ واري سٿڻ، چولو يا گندي تي ڦيڻو وجهرائي پارائبو آهي.

        3- مريض جو پيشاب ٺڪر جي لوٽي ۾ وجهي، ٻڪريءَ  جي ڦولهڙين جو ڍڳ ڪري، جلائي، ان تي رکي ڇڏجي ته گرم پيو ٿئي.ڦولهڙيون سڙي وڃن ته ٻيون وجهجن. مريض  هر وقت ان ۾ پيشاب ڪندو رهي. پنج، ست، ڏهه ڏينهن يا جيستائن فائدو ٿئي تيستائين ائين ڪجي.

13- ڊِڄڻ:

        ٻهراڙيءَ ۾ زالون ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڊپ وجهنديون آهن: مثلاً ٻار رئيندو ته چونديون” ماٺ ڪر ٻاگهڙ ٿي اچي، بائو ٿو اچي يا فلاڻو ٻار رنو هن کي ٻاگهڙ کڻي ويئي  وغيره“ ته ٻار ڊپ جي ڪري ماٺ ڪندو آهي. يا ڪي مائٽ ڪن خاص جاين بابت گهر ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. ته” فلاڻي هنڌ جاءِ يا وڻ ۾ جن آهي“  ٻار اهي ڳالهيون ٻڌندا آهن ۽ انهن جي دل تي اثر ٿي ويندو آهي. پوءِ جي اتفاق سان انهيءَ  جاءِ وٽان لنگهندا ته ازخود دل ۾ ڊپ پيدا اٿيندو ۽ بعضي ان جي اثر ڪري بيمار ٿي پوندا آهن، يا رات جو اوچتو ڪا ڪاري شئي ڏٺائون ته ڊڄي ويندا. ڪي مائٽ ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ بلا وانگر ڦوڦاڙ ڪندا آهن يا ڪي لڪي لڪي ٻلي يا ڪتي وانگر آواز ڪندا آهن ، ۽ پوءِ اهو ڊپ ٻار جي دل ۾پڪو ٿي ويندو آهي. اهو اثر دل تي هوندوآهي تنهنڪري بعضي ننڊ ۾ ستل ٻاراوچتو رڙيون ڪري اٿندو آهي، ۽ بيمار ٿي پوندو آهي؛ يا اوچتو ڪنهن شئي جي ڏسڻ سان ڊپ  ٿئي، جنهنڪري، ڇرڪ نڪري ويندو آهي. ان لاءِ زالون هي سوڻ ڪنديون آهن. جنهن کي ” گهڙلو“ چون.

        مٽي جي ڪونڊي( طباخ) سنئين رکي، ان جي وچ تي ٽانڊا رکي گڏ ڪري مٿان  مٽي جي لوٽي يا چونري اونڌي اهڙي طرح رکنديون، جيئن ٽانڊا سڀ ان جي منهن ۾ وڃن ۽ ٻاهر ڪونڊي ۾ ڏسڻ ۾ نه اچن. پوءِ  لوٽي جي پٺ تي زناني جتي جو پادر اونڌو رکي، ان جي متان مانين اٿلائڻ جي لوهه جي اٿلاڻي (کرپو) رکي،ان جي مٿان ٻار جو ساڄو هٿ رکائي ، پاڻيءَ  جو لوٽو ڀري هٿ تي هارينديون ته اهو پاڻي سڄو اچي پاٽ ۾ پوندو،  ۽ اونڌي ٿيل لوٽي يا چونري ۾ بُڙ بُڙ ڪري چڙهي ويندو. پاڻيءَ  بڙڪا ڪري چڙهندو ته زالون چونديون” ڏسو ٻار برابر ڊنو آهي!“ پوءِ ٻار کي اتان اٿاري ٻئي هنڌ ويهاربو. پادر ۽ اٿلاڻي لاهي رکبا. ٿوري دير بعد لوٽي کڻي وٺٻي اڱر ۽ پاڻي ڪنهن پاسي تي هاري ڇڏبو جيئن اورانگهي نه سگهجي. ائين هڪ يا ٻه دفعا شام ۽صبح جوڪجي ته فائدو ٿيندو اهو ويساهه اٿن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com