سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :8

هاڻي ساڄي پاسي، ڪلدار پل ڏانهن نديءَ تي هڪ وڏو ٿلهو ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جي مٿان ڪاٺ جا تختا رکي ٿنڀن تي پل ٺاهي وئي آهي. قلعي جي ساڄي پاسي ڏانهن ڪوبه ماڻهو نهر جي پار وڃي سگهي ٿو. پل جي سامهين طرف پڻ اهڙو هڪ ٿلهو آهي، جو ساڳين اهڙن ڪاٺ جي تختن جو ٺهيل آهي؛ اهو ٿلهو ماڻهوءَ کي هڪ اهڙي سوڙهي لنگهه ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جو ٻن ديوارن جي وچ ۾ ٺهيل آهي، جن کي هڪ پلويڙو پڻ ڏنل آهي. اهي ٻٽيون ديوارون،پار ويندڙ ماڻهوءَ لاءِ بنيادي طور حفاظت جو ذريعو آهن.

        قلعي جي فصيل، اندرين ديوار جي سموري لمبائيءَ سميت قائم ٿيل آهي. پر ٻٽي_ديوار مکيه دروازي کان ٿوري مفاصلي تائين آهي. جيئن اوهين قلعي جي ساڄي پاسي ڏي ٽپي ويندا ۽ جنهن هنڌ اوهان کي لهڻو پوندو، اتي اوهان کي ڏاڪڻ جي سلسلي جا نشان نديءَ ڏانهن ويندي نظر ايندا، ان جو صريحاً مقصد اهو هو ته قلعي مان ٻاهر نڪرڻ کان سواءِ ئي نديءَ مان پاڻيءَ کڻي آڻي سگهجي. ان بعد ديوار مٿڀري ٿيندي وڃي ٿي ۽ ٻه شاخون ٿيندي وڃي مناري تي ختم ٿئي ٿي، ۽ مکيه ديوار سواءِ ڪنهن رنڊڪ جي اڳتي وڌندي هلي ٿي. جيستائين ديوار کي اڳتي وڌندو ڏسي سگهبو ،ايستائين ساڄي هٿ جي طرف کان ٽي گول برج ڏسڻ ۾ ايندا. اهڙيءَ طرح سان کاٻي هٿ جي طرف کان به ساڳي تعداد ۾ برج قائم ٿيل آهن، جي اچي هڪ وڏي مستطيل مناري وٽ ختم ٿين ٿا، جو ٽڪريءَ جي وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن سان ديوار اچي ملي ٿي ۽ ان کان اڳتي ديوار ختم ٿي وڃي ٿي  ۽ هيٺ ماٿريءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿي. جيئن اڳي ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهي مستطيل منارا، باقاعدي عمدي ترتيب سان، هڪ ٻئي کان پوري مفاصلي تي ٺاهيا ويا آهن. ڪن هنڌن تي اهي غير معمولي طور ڪشادا بنجي ويا آهن، ته ڪن جاين تي اُهي گول برجن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. بهرحال ، اهو ياد رکڻ گهرجي ته شروعات ۾ هن ديوار ۾گول منارا اصل ڪونه هئا.

        اها ديوار اوچائيءَ ۾ سراسري طرح سان ٽيهه فوٽ بلند آهي. ان جي ٿُلهائي گهٽ وڌ ٿيندي وڃي ٿي. برجن جي ويجهو ان جي ويڪرائي ڇهه فوٽ آهي. برجن کان اڳتي هلي سنهي ٿيندي، سندس چوڙائي پنج فوٽ وڃي بيهي ٿي.فصيل کي ان ويڪرائيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جا اٺ  فوٽ ويڪري آهي. ايتري ويڪر جي ماپ، ديوارن جي وچ ۾ پٿرن ۽ سرن وجهڻ سان ٺاهي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو اها ديوار مٿان کان هيٺ بلڪل سڌي سنئين نه آهي ۽ نه وري عمودي خط ۾ مستقيم آهي، بلڪ ڪجهه قدر نميل آهي، ان لاءِ ان جي مضبوطي ۽ استواري هميشه قائم رهي. سموري ديوار، چُن جي پٿر جي جڙيل آهي. مٿي چوٽيءَ تي دستور موجب ديوار جي منهن مان شگاف ڪري، حمله آورن مٿان پٿرن ڪيرائڻ جو انتظام رٿيل آهي. ديوار، اصل ۾ تير ۽ ڪمان جي جنگ و جدل جي لاءِ تيار ڪئي وئي هئي،  ليڪن اڳتي هلي اريبي ڪمانن Cross bow)) ۽ شايد آتشين اوزارن ( Fire arms)  کي استعمال ڪرڻ لاءِ شگافن کي انهن جي مطابق ڪشادو ڪيو ويوآهي.

        اها ديوار جا اڙهن ميلن جي ايراضيءَ مٿان پکڙيل آهي، سا دنيا جي وسيع ترين ۽ وڏي ۾ وڏي قلعبنديءَ واري ايراضي آهي. ان جي حدن اندر ٻه ننڍا قلعا ٻيا به موجو آهن.آءُ  وسيع ترين ان ڪري ٿوچوان ، جو دنيا جي ٻئي ڪنهن به خطي کان وڌيڪ هن بر صغير ۾ ئي گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ قلعا لڀن ٿا ۽ هيءُ قلعو انهن سڀني کان وڏو آهي؛ مون انهن مان تمام گهڻا قلعا ڏٺا آهن، جنهنڪري ئي اهڙو خيال ظاهر ڪيو اٿم. چين جي عظيم ديوار محض هڪ ديوار آهي، جا ڪنهن به ايراضيءَ جي احاطه بندي ڪري قلعو ڪونه ٿي ٺاهي.  چنانچ اها مجموعي حيثيت سان هڪ علحده زمري ۾ شامل آهي. اگر ٻنهي جي فن تعميرات جي ڀيٽ ڪجي ته ڪا نه ڪا هڪجهڙائي خيال ۾ ويهندي، ان ڪري ائين  چوندي مون کي ڪابه هٻڪ نٿي ٿئي، ته امڪان آهي جو ُ رني ڪوٽ ، جي قلعي جو ، چين جي عظيم ديوار جي معمارن سان براه راست ڪو تعلق هجي!

ٻه ڪوٽ

        هاڻي اچو ته ٿوريءَ دير لاءِ انهن ٻن ننڍن ڪوٽن تي نظر ڪريون،جي هن قلعبنديءَ جي ڪشاديءَ ايراضيءَ واري مرڪز ۾ هڪٻئي جي مٿان بيٺل آهن. هيٺين قلعي کي ُ ميري،  قلعو(1) سڏيو وڃي ٿو ۽ مٿيون قلعو ُشير ڳڙهه، جي نالي سان سڏجي ٿو. انهن نالن جي لفظي معنيٰ ۽ تحقيق اڃا مون کي صاف طرح سان معلوم نه ٿي آهي. ميري ڪوٽ ۽ لڪشمير جي ماڙي، حقيقت ۾ يا ته بادشاهن جا قلعا هئا يا ته وري انهيءَ زماني جي ڪن سردارن يا بادشاهن جي نائبن جا ڪوٽ هوندا(1). شايد ڪن سورمن جا نالا انهن تي رکيا ويا آهن. شير ڳڙهه قلعو اوچو آهي ۽ سمنڊ جي ليول کان 1480 فوٽن جي بلندي تي واقع آهي. ٻئي قلعا هڪ جيڏا آهن ۽ تقريباً هڪ جيترو علائقو والارين ٿا. يعني هر هڪ، هر طرف کان اٽڪل هڪ سئو پنجاهه والن ۾ ٿيندو. ميري قلعو، ٻنهي ۾ البت ٿورو وڏو آهي ۽ ٽن رهائشي حجرن ۾ ورهايل آهي، جي هن وقت تمام خراب ۽ اجڙيل حالت ۾ آهن. يقين آهي ته اهي رهائشي حجرا، اصل قلعي کان گهڻوعرصو بعد ۾ تعمير ٿيل آهن. بهرحال، کٻي هٿ واري حجري جي هڪ پاسي، تراشيل پٿرن جا ڪيترائي نمونا، نفيس ۽ عمدن گلن جي ڊزائين سان پکڙيل پيا آهن. اهي تراشيل ٽڪرا اصلي قلعي منجهان نڪتل آهن، جيئن اهڙا تراشيل پٿر هن قلعي جي ٻين هنڌن تي پڻ موجود آهن. ڪمانن ۽ دروازن تي پڻ ساڳيائي نقش اڪريل آهن. حجرا شايد ٽالپرن يا ڪلهوڙن تعمير ڪرايا هئا، يا اڃا به برٽش سرڪار جي دور ۾ فوجي نقل ُ حرڪت دوران تعميرٿيا هجن. هن باري ۾ مون وٽ، مسٽر جي. ايم سيد جي مستند راءِ موجود اهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته : ” برٽش وارن ڪڏهن به هن قلعي کي نه والاريو هو ۽ هي حجرا فقط ٽيهه سال اڳ ۾ جڙيا هئا، مگر اهي تراشيل پٿر اصلي عمارت منجهان کنيل آهن، جي سٿيو _ ساساني نقش و نگار جي نشاني آهن.“

انهن ٻن ننڍن قلعن جو لنگهه، مکيه ُسن دروازي، جي لنگهه سان گهڻي مشاهبت رکي ٿو مگر جيڪا اصلي اڏاوت آهي، تنهن ۾ هيٺيون تبديليون ڪيون ويون آهن: ميري قلعي جي سامهين ديوار جي وچ ۾، شروعات ۾ هڪ مستطيل منارو ٺهيل هو، جنهن کي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي طرفن کان وڌايو ويو آهي، ۽ سڄي دائري کي اهڙي طرح سان ڦيرايو ويو آهي، جو ٻٽو_گول منارو بنجي پيو آهي. ٻاهرين پاسي کان مستطيل هجڻ جا ڪي به نشان باقي نه رهيا آهن پر جيڪڏهن ڪو مناري ۾ اندر ويندو ته هڪدم ان ۾ ردو بدل ٿيل محسوس ٿيندي. انهيءَ ردو بدل، مکيه لنگهه کي انهيءَ  ٻٽي  دروازي جي همشڪل بنائي ڇڏيو آهي،جنهن جو ذڪر آءُ سن دروازي جي احوال وقت اڳ ۾ئي ڪري آيو آهيان. هن لنگهه کي هر هڪ پاسي کان ٻه محرابي قبا آهن. محراب کي تمام سهڻيءَ طرح سان تراشيو ويو آهي. مگر جنهن پٿر تي تراشيو ويو آهي سو وارياسو پٿر آهي ۽ نه چن جو پٿر! جو اصلي قلعي جي تعمير ۾ استعمال ڪيوويوهو. بهرحال، اتي تمام ننڍڙيون ڪمانون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جي اصلي پٿر تي تراشيون ويون آهن ۽ يقيناً اُهي اصلي اڏاوت جي ٽڪرڻ مان تيار ڪيل آهن.

        ٻيو قلعو شير ڳڙهه ( شينهن جو مسڪن ) قلعو سڏجي ٿو، جو تمام گهڻي بلند سطح تي واقع آهي. نقشي تي اهو سمنڊ جي سطح کان 1480 فٽ اتاهون ڏيکاريل آهي. ان جي هيٺ هڪ قبرستان آهي، جوڪن اهم شخصيتن جو معلوم ٿئي ٿو. هن قلعي جي اندر ڪي به رهائشي ڪوارٽر نه آهن. هيءُ الهندي يا مٿانهين دروازي کي گهڻو ويجهو آهي__ مشهور سنڌي اديب، مرحوم مرزا قليچ بيگ به ملاحظي لاءِ هتي آيل معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته هن پنهنجو نالو پنهنجي هٿن سان ديوار تي رهڙي لکي ڇڏيو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي قلعو، ُ ميري، جي اتر _ الهندي پاسي کان بيٺل آهي.

        هن ڪوٽ کي پڻ چار گول برج چئني ڪنڊن تي بيٺل آهن ۽ اهي اضافا بعد ۾ ڪيل ڏسجن ٿا. ڇو ته اصلي اڏاوتون مستطيل منارن جي اندر هيون، جن کي گهڻو عرصو پوءِ گولائيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو. انهن ٻن ڪوٽن جي اندر ديوار به ٻٽي آهي، جا وڏي قلعي جي مکيه ديوار کان مختلف آهي. صرف دروازي جي قريب ٿوري مفاصلي تائين ، ٻٽي_ ديوار اڏاوت ۾ چين جي عظيم ديوار سان گهڻي مشابهت رکي ٿي. حمله آورن تي پٿر وسائڻ جون ديوار ۾ ڳڙکيون اهڙيون ئي آهن جهڙيون ٻاهرين ديوار ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

        مون اڳيئي انهن ٻن ضمني اڏاوتن بابت ذڪر ڪيو آهي، جي انهن ڪوٽن ۾ اضافي طور شامل آهن. هڪڙي الهندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ اٽڪل 100 وال ضرب 80وال آهي، ۽ ٻي اڀرندي يا سن دروازي جي قريب آهي، ٻئي مستطيل آهن، جيئن ئي ڪڪو ماڻهو مٿانهين دروازي جي قريب ايندو، تيئن هوهڪ آبشار وٽ پهچندو، جنهن منجهان هڪ صاف پاڻيءَ جو ننڍو وهڪرو اڃا به ڦڙو ڦڙو ٿي وهي رهيوآهي. جنهن ڪري پاڻيءَ جو هڪ ننڍو ذخيرو ماٿريءَ اندر موجود ٿي پيو آهي. اٽڪل 118 ايڪڙ زمين جا ڪاشت ڪيل پڻ نظر ايندا. ان هنڌ تي زمين تمام زرخيز ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اها زمين ميري قلعي ۽ الهندي دروازي جي وچ ۾ آهي . هن ماٿريءَ جي زمين پوري ( porous) هجڻ سبب ڪيترن هنڌن تي پاڻي ڪڏهن سمي اچيو گڏ ٿئي ۽ ڪڏهن وري زمين اُن کي چُهيو وڃي.

        ميري قلعي کي جيئن ئي ويجهو وڃبو، تيئن پريان ئي ڏکڻ _ اولهه گول برج ڏسڻ ۾ ايندو، جو سامهون ٽڪريءَ تي اڏيو ويو آهي. اهو گول برج هڪ نهايت ئي موزون ۽ سٺو زميني نشان آهي، جو ڪوٽ تائين پهچڻ ۾ رهبري ڪري ٿو.اهو ڏاکڻئين دروازي يا شاهه پير دروازي جو هڪ برج آهي. مير قلعي جي هيٺان بيهي نگاهه ڪرڻ سان، سموري ماٿري نهايت سهڻي نظر ايندي ۽ ڏسڻ ۾ ايندو ته اها اوڀر کان پکڙيل آهي، جا قديم زماني ۾ ضرور عظيم الشان ۽ دلفريب نظر ايندي هوندي، جڏهن ان ۾ انساني آبادي هوندي ۽ ان وقت جي بادشاهن جي پسنديدگيءَ ۽ انتخاب موجب، منجهس وڻ ٽڻ باغ بستان لڳايا ويا هوندا.

تعميراتي دور

        هاڻي اسان نهايت هڪ پيچيده سوال تي اچون ٿا، جو هن قوي هيڪل يادگار جي تعميري دور بابت آهي. بدقسمتيءَ سان جيڪا به معلومات اسان کي دستياب ٿي آهي، سا ڪي به اهڙا تاريخي ثبوت پيدا نٿي ڪري سگهي، جن مان هن قلعي جي حقيقي معمارن تي روشني پوي. تنهنڪري صرف هڪڙو ئي طريقو آهي، ته اسان پنهنجو سمورو خيال فقط هن قلعي جي معماريءَ تي لڳائي ، ان مان ئي سندس تعميراتي دور جو اندازو لڳايون. پر ان کان اڳ چند حقيقتون آهن، جن کي ضرور پنهنجي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. پهريون سوال ته مسلمان شروعات ۾ قلعي تعمير ڪرڻ جو فن ڪٿي سکيا؟ معلوم ٿئي ٿو ته اوائلي دور ۾ مسلمان فوجون روم جي سرحدي قلعن جي سلسلي وٽان لنگهيون هيون، ۽هنن ڪيترا قلعا پڻ ڏٺا هئا ۽ فتح ڪيا هئا ۽ منجهن رهائش پڻ اختيار ڪئي هئي ۽ آخري ڏينهن ۾ انهن جي تعميراتي نقشي ۾ پڻ ڪجهه تبديل به آندي هئائون. آموي خليفن جون اوائلي محلاتون پڻ انهيءَ امر جي لحاظ کان رومي قلعن جوئي نظير آهن. مسلمانن کان اڳ واري دور ۾ قلعن ۾داخل ٿيڻ جا دروازا سڌا سنوان هوندا هئا. رومن، بزنطيني ۽ ايراني دور جي طرز تعمير ۾ اُڏن لنگهن جا ڪي به مثال معلوم ٿي نه سگهيا آهن. آڏن لنگهن جي تاريخ فقط المنصور جي شهر کان شروع ٿئي ٿي. هن قلعي جي تعمير متعلق جيڪي به روايتون هٿ لڳي سگهيون آهن، سي سڀئي ٽالپرن ڏانهن منسوب ٿيل آهن، جن ۾ آهي ته هو هن قلعي جا اڏيندڙ هئا؛ ليڪن ڪن ۾ وري اڃان به قلعي جي اوائلي تعمير جو جس ڪلهوڙن کي ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊين آف فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽي تمام گهڻي مهرباني هيٺيون نوٽ موڪليو آهي ، جو آءُ هن هيٺ پيش ڪريان ٿو.

        ”رني ڪوٽ قلعي جي ابتدائي رٿا ۽ بنياد متعلق ڪوبه تفصيلي رڪارڊ ميسر نه آهي، مگر ٽالپرن جي نواب فئملي (حيدرآباد تعلقي) وٽ هڪ خانداني روايت محفوظ آهي، جنهن موجب قلعي متعلق بلڪل صحيح ۽ صاف اشارا ملن ٿا. اهڙو مضبوط قلعو، جنهن کي ٻاهرين حملي خلاف آخرين دفاع طور ڪم آڻي سگهجي،  هڪ اهڙو مسئلو هو، جنهن ڪلهوڙا حڪمرانن جو توجه ڇڪايو. ميان نورمحمد ، انهيءَ مقصد لاءِ عمر ڪو ٽ کي چونڊيو ۽ اتي جي قلعي کي وري تعمير ڪرايو ۽اتي توبون رکايون . جڏهن نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ،تڏهن ميان نور محمد اڳتي ڏکڻ طرف وڌي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڪڇ ڪاٺيا واڙ، جو ڌپور ۽ مارواڙ سڀئي هندو رياستون هيون ۽ انهن مان کيس ڪنهن به مدد جي اميد ڪانه هئي. تنهنڪري هن پنهنجو پاڻ نادر شاهه اڳيان پيش ڪيو.

        ”ڏاکڻيءَ سنڌ ۾ قلعن جو بيفائدي ۽ بيڪار هجڻ انهيءَ هڪ مثال مان ثابت ٿي چڪو ۽ اها ڳالهه نواب ولي محمد خان لغاري ، ٽالپر حڪمرانن اڳيان نهايت دلنشينيءَ سان ظاهر ڪئي، جن اهڙو قلعو ٺهرائڻ چاهيو ٿي. نواب ولي محمد خان لغاري، گهڻين خوبين جو مالڪ هو. هو هڪ قابل ڪمانڊر، انجنيئر، حڪيم  ۽ وڏو شاعر هو. جڏهن ميرن اهو ڪم کيس سونپيو، تڏهن هن موجوده  ُرني ڪوٽ ، جي سر زمين کي ان لاءِ چونڊيو.

        ”رني _ نئن، هن هنڌ تي گويا پاڻيءَ جوهڪ دائمي سرچشمو هئي ۽ اها ننڍڙي ماٿري، جنهن منجهان اها وهندي هئي سا اڀريل سطح واري جابلو قطار کي گهريل هئي، جنهن ۾ ڪيترائي کڏون کوٻا ۽ شگاف هئا، جن کي ڀري هڪ قدرتي قلعي کي وجود ڏيڻ آسان هو.

        ”ولي محمد خان جي رٿ منظور ڪئي ويئي ۽ قلعي (ٻاهرين ديوار، شير ڳڙهه، جو اندريون ڪوٽ، ميري ۽ اميراڻيون رهائش گاهون) جون رٿائون تيار ٿيون. ۽ هن جي زير نگراني تعمير ٿيون. صرف رني_ نئن واريءَ پل جي هيٺان دروازن وجهڻ جو ڪم رهجي ويو . دروازن کي لوهي سيخن سان ٺاهڻ تجويز ڪيو ويو هو. ليڪن پاڻيءَ جي زور( مينهوڳيءَ جي موسم ۾) سيخن کي سولائي سان موڙي ٿي ڇڏيو. تنهنڪري دروازا ڪم نه ڪندا هئا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ولي محمد خان کي لاڙڪاڻي جونواب مقرر ڪيو ويوهو، ۽ هن جي غير حاضريءَ ۾ دروازن جو ڪم ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي نه سگهيو. دروازن جي قابل اعتماد نه هئڻ سببان، قلعي کي غير محفوظ سمجهيو ويو ۽ آخرڪار ان کي والاريو نه ويو.

مير حسن خان ٽالپر (متوفي 1909/ 1324 ) پنهنجي ُ فتحنامي،  ( سنڌي مثنوي ) ۾ ُرني ڪوٽ، جو تفصيل وار بيان ڪيو آهي، ۽ ان کي مير ڪر معلي خان ( مير مراد علي خان سان شامل) (1244 _ 1227) جي دور حڪومت جو هڪ ممتاز ڪارنامو ٺهرايو آهي ۽ ان جا چند پهلو هيٺئين طرح واضح ڪيا اٿس. ” رني ڪوٽ“ اسان جي ابن ڏاڏن جو ڇڏيل نشان آهي. جڏهن ڪاريگرن ان تي ڪم ڪيو، تڏهن ٽڪريءَ جي گهيري جي چوگرد جيڪي به شگاف ۽ کڏا هئا، تن کي ڀري ڇڏيائون بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ان کي قدرتي هموار زمين بنائي ڇڏيائون . ان بعد هنن مٿانهين سطح واري  زمين کي به هموار ڪيو، ۽ ان تي هڪ ديوار کڙي ڪئي. سڄي ديوار پٿر جي هئي جنهن جي ڊيگهه ڪوهن تائين پکڙيل هئي. ٽڪر جي هڪ پاسي تي لوهي برج کڙا ڪيل هئا ازان سواءِ هزارن وڏن ۽ لاتعداد ننڍن ڪنگرن سان سينگاريل هئي. ٻيو قلعو جو شير ڳڙهه سڏجي ٿو، سو ان جي اندر هو. چار فصيلون يا پشتپناهون، شير ڳڙهه قلعي جي ديوار تي بيهاريل هيون. ٻي به هڪ مضبوط اڏاوت هئي، جنهن کي ميري سڏيو ٿي ويو. جا چئن فصيلن سان جڙيل هئي.

        ” قلعي منجهان آرپار هڪ نئن وهي ٿي، جنهنڪري قلعي جي اندر پاڻي جام هوندو هو، مگر ٻاهرئين پاسي هڪ قطرو به نه هوندو هو ( اها حالت بڻبي هئي، جڏهن برسات نه وسندي هئي) . ان تي دروازن جو هجڻ نهايت ضروري هو، جيئن اندر ين قلعي جي مٿان پار لنگهي سگهجي . انهن ڪاريگرن، نئن جي پيٽ ۾ الهندي کان اوڀر طرف ٻن وڏن دروازن قائم ڪرڻ جي تجويز رٿي پهريائين هنن پاسن کان پٿر جا ٿنڀا ٺاهيا ۽ پوءِ انهن ۾ دروازا نصب ڪيائون. اهي مضبوط سيخن جا لوهي دروازا هئا، جن ۾ سوين مڻ لوهه استعمال ڪيو ويو، ليڪن ڪنهن به ڪم جونه ٿيو. برسات جي موسم ۾ جڏهن رني_ نئن هفتي کن تائين لڳاتار وهندي هئي، تڏهن پاڻيءَ جو زور سيخن کي نوڙيءَ وانگر موڙي ڇڏيندو هو. جيئن ته انهن دروازن اميد آهر ڪم نه ڪيو، تنهنڪري قلعي کي والاريو نه ويو ۽ سترهن لک رپيا ان جي تياريءَ تي خرچ ٿيا.“

هاڻي آءُ سنڌ گزيٽيئر، جنهن کي اي. ڊبليو هيوگز، 1867ع ترتيب ڏنو ويو هو، ان مان به ڪجهه احوال نقل ڪندس،جو ان قلعي جي تاريخ تي مزيد روشني وجهندو. ان ۾ اجهو هيئن لکيل آهي: ” هن مقام (سن) جي ڏکڻ _ اولهه ۾ ۽ ساڳي نالي سان وهندڙنديءَ تي، رني_ ڪا_ ڪوٽ، جوهڪ وسيع اجڙيل قلعو آهي . چيو وڃي ٿو ته ٻن ٽالپر ميرن، هلندڙ صديءَ جي ابتدا ۾ ان کي تعمير ڪرايو هو. اهو قلعو انهيءَ مقصد سان ٺهرايو ويو هو ته جيئن هنن وٽ هڪ اهڙو مضبوط قلعو هجي،جو نه فقط سندن خزاني جي سلامتيءَ لاءِ محفوظ مقام جو ڪم ڏئي ، بلڪ جڏهن ملڪ تي حملو ٿئي، تڏهن ان وقت قلعي ۾سندن لاءِ پناهه وٺڻ جي به گنجائش هجي. چيو وڃي ٿو ته ان عمارت جي تعمير تي ٻارهن لکن رپين جي ڪثير  رقم خرچ ٿي هئي. مگر سن_ ندي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن وقت قلعي جي ديوارن جي ڀرسان وهندي هئي، سا آخرڪار پنهنجو وهڪرو بدلائي وئي. قدرتي طرح سان ان جو نتيجو اهو نڪتو جو انهيءَ هنڌ تي قلعي جي اندر توڙي آسپاس،پاڻيءَ جي گهڻي قلت پيدا ٿي پئي ۽ ساڳيو هنڌ انسانن لاءِ سڪونت جي قابل نه رهيو. اهوئي سبب آهي حڪمرانن ان کان دستبردار ٿيا. سن_ ندي ۽ رني_نئن هن وقت قلعي مجهان وهن ٿيون ۽ ٻڌڻ ام اچي ٿو ته هاڻي ڪنهن به طرح سان پاڻيءَ جي قلت نٿي رهي.“

        انهيءَ احوال جو ماحصل گهڻوڪري هڪ رپورٽ تي مدار رکي ٿو، جيڪا بمبئي آرميءَ جي ڪئپٽن ڊلهائوسيءَ لکي هئي. (جو 1839ع ۾ ان سيڪٽر جو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو) پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾، انهيءَ رپورٽ مان ڪي اقتباس ڏيڻ شايد ڪار آمد ثابت ٿين. اجهو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هيٺينءَ طرح لکيو آهي:

        ”رني ڪا_ ڪوٽ، مير ڪرمعليءَ ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير مراد عليءَ ، 1812ع جي لڳ ڀڳ ٺهرايو هو. جنهن تي . . . ، . . 12 رپيه خرچ ٿيا. ليڪن ان ۾ رهائش اختيار نه ڪئي وئي . انهيءَ جو سبب هيءُ هو، جو قلعي ۾ اندر يا ان جي نزديڪي پسگردائيءَ ۾ پاڻيءَ جي قلت هئي. برسات جي موسم ۾ هڪ تيز نهر قلعي وٽان وهندي هئي ۽ وڃي سنڌو نديءَ سان گڏبي هئي، انهيءَ نهر جي رخ بدلائڻ ڪري، هن قلعي جي ديوار جا ڪيترا حصا ڊهي ويا آهن. تنهنڪري، هن قلعي جي تعمير جو مقصد اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن سندن ملڪ تي ڪودشمن حملو ڪري، تڏهن ان حالت ۾ ميرن لاءِ هڪ پناهه جي جاءِ موجود هجي. جنهن نديءَ کي سن_ ندي سڏيو وڃي ٿو، سا پهريائين قلعي جي اترئين پاسي جي چوڌاري وهندي هئي، مگر پوءِ تقريباً سال 1827ع ۾ رخ ڦيرائي ويئي ۽ قلعي جي اتر _ الهندي ديوار جو ڪجهه حصو ڪيرائي وڌائين.“

        ان بيان سان، گڏ هيوگز، وري هي سٽون شامل ڪري ٿو ته ”موجوده وقت سن _ ندي يا رني_ نئن ، جيئن کيس عام طور سڏيو وڃي ٿو، قلعي منجهان اندران وهي ٿي.تنهنڪري اهو ممڪن آهي ته قلعي کي ندي پويان ئي اهيو نالو ڏنو ويو هجي ۽ رني_ نئن جي ڪري رني_ ڪوٽ سڏيو ويو هجي!

قلعي جي بيان کي جو اڪثر صحيح  آهي، آءُ هڪ پاسي رکان ٿو. منهنجو خيال آهي ته ٽالپر هن قلعي جا معمار اصل ٿي نٿا سگهن، نڪي ته هو اهڙا تونگر هئا ۽ نه وري وٽن اهڙا ذريعا ۽ وسيلا موجود هئا،جو ههڙي اڙانگي ۽ پربت جيڏي مضبوط تعميرات جو ڪم هٿ ۾ کڻي سگهن . هو خدومختيار حڪمران هئا، جن جي حڪومت جاگيرداري طبقي تي قائم هوندي هئي. سموري زمين چند سردارن ۾ تقسيم ٿيل هئي، جي ان جي عوض ۾، ضرورت جي وقت فوجي سپاهين جا دستا مهيا ڪندا هئا. هنن کي ڪابه مستقل فوج نه هئي. بيڪ وقت هو زياده کان زياده . . .،.5 ماڻهو گڏ ڪري سگهيا ٿي. جيتريقدر سندن ماليات يا آمدني جو تعلق آهي،ته اها صرف کين ملندڙ ڍل تي مدار رکندي هئي، جنهنجوبنياد زمينداري طريقي تي ٻڌل هو، جنهن مان هنن کي بمشڪل ساليانا پنجٽيهه لک رپيا آمدني ٿيندي هوندي. قلعي جي تعمير تي ڪل خرچ جو جيڪو تخمينو مٿيئن اقتباسات ۾ ڄاڻايل آهي، سو ٻارهن لک رپيا آهي؛ ليڪن قلعي کي ڏسڻ کان پوءِ اهو وسهڻ ناممڪن آهي،ته ايتري ٿوري رقم، هيڏي ساري اڏاوت جي ضرورت پوري ڪري سگهي هوندي! آئون ان  راءِ جو آهيان ته هن اڏاوت تي ٻن ڪروڙن رپين کان گهٽ خرچ هر گز نه ٿيو هوندو،۽ ان ڪم کي پايه عه تڪميل تي رسائڻ لاءِ ڪم از ڪم ٻن هزارن ماڻهن کي ٻه سال متواتر ڪم لڳايو ويو هوندو . ٽالپرن جي مالي حالت ۽ سندن ٻيا ذريعا انهيءَ لاڳت جي مقابلي ۾ ناڪافي هئا. هن ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ به مون لاءِ مشڪل آهي ته ڪو اهو قلعو 1812ع ۾ ٺهيو هوندو. . ان ۾ شڪ نه آهي ته انهيءَ دور ۾ هن قلعي جي مرمت ٿي هوندي ۽ منجهس ڪجهه ڦير ڦار به ٿي هوندي، پر قلعي جي اڏاوت يقيناً گهڻي آڳاٽي آهي. ائين چوڻ لاءِ مون وٽ هيٺيان دليل آهن:

(1) قلعي جي ديوار ۾ رکيل ڳڙکيون ۽ شگاف (جن مان هيٺ حمله آورن تي ڪي جنگي شيون ُ پٿر ۽ تير وغيره ، ڦٽيون ڪبيون هيون) ،توپ ۽ بارود جي زماني کان اڳ جا نشان آهن ۽ اُهي تير ۽ ڪمان واري جنگ و جدل جي زماني لاءِ ڪارآمد هئا.

(2) قلعي جي ٻاهرين نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ ديوار، جنهن ۾ مستطيل منارا وڌل آهن، تنهن جو رواج ڏهين عيسويءَ صديءَ کان اڳ ۾ هو.

(3) اڀرندي دروازي کي، جو ُ آمري دروازي،  جونالو ڏنو ويو آهي،سو ڏيکاري ٿو ته قلعو جڏهن تعمير ٿيو، تڏهن آمري اڃا بلڪل اوج تي هئي ۽ جيئن گذريل صديءَ ۾ زمين دوز ٿي ويئي، ائين نه هئي.

(4) ميري قلعي ۾ نقاشي،سٿين جي ڪاريگريءَ جونمونو آهي.

(5) سن دروازي تي، لنگهه جي اندرين طرف گنبدي وضع جي جيڪا اڏاوت آهي، سا سٿين _ ساساني دور سان تعلق رکي ٿي.

(6) چين جي عظيم ديوار ۽ رني ڪوٽ ۾ تمام گهڻي مشابهت آهي، جا به قديم تعميري دور تي دلالت ڪري ٿي.

        ٽالپرن ۽ ميرن، هن قلعي کي پنهنجي رهائشي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪيوهوندو ۽ شايد ضرورت جي وقت ان کي پناهه جي جاءِ طور پڻ استعمال ڪيو هجي. بهرحال ، هڪ نهايت اهم حقيقت جنهن کي نظر انداز ڪرڻ نه جڳائي، سا هيءَ  آهي : ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا جيڪي به قلعا لڌا ويا آهن، سي سنڌونديءَ جي الهندي طرف نه بلڪه اڀرندي طرف آهن. هن قلعي جي جيڪا مرمت ٿيل آهي، يا ان ۾ جا ڦير گهير ڪيل آهي، سا قلات رياست سان اختلافن واري دور ۾ ٿي هئي. ليڪن قلعي جي اصلي ۽حقيقي تعميران کان تمام گهڻوعرصو اڳ ۾ ٿي هئي.


(1)  پاڪستان سروي جي نقشي نمبر 13/0/35 ۾ ان کي ” آمري ڪوٽ“ جونالو ڏنو ويو آهي، جنهن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 537 فوٽ مٿي ڄاڻايل آهي

(1)  ايڇ. ٽي لئمبرڪ، ” سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد1694ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com