سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :13

مان ۽ منهنجا ڪتاب

نصير مرزا

منهنجي ڇهن ڀينرن منجهان هڪڙيءَ جو نالو آهي: نرجس! بس اِهائي ته، اُها اڪيلي ڀيڻ اٿم، جنهن ۾ ساهه پساهه اٿم. هونئن وڻنديون  ته سڀ ڀينر اٿم، پر ڀانيان ٿو ته اِها ڀيڻ مون کي وڌيڪ چاهيندي آهي. سندس پيدائش جو مهينو آهي اپريل، ۽ اِن حساب سان سندس اِسٽار ٿيو: ”ايرِيز!“ ۽ اِجهو اِن ستاري هيٺ پيدا ٿيندڙ، دنيا جي ٻين سڀني انسانن وانگر، هوءَ به سڀاءُ ۾ قطعي مختلف هستي آهي. سخت حقيقت پسند، بي ريا، ڏاڍي تيز، سخت چيڙاڪ،  پر Specially، اِهائي هٺيلي ۽ هوڏي خاتون، منهنجي لاءِ وري آهي-بي پناهه Loving ڀيڻ.

1988ع ڌاري منهنجي شاديءَ جي تياري پئي هلي ۽گهر جي ڪشادي اڱڻ ۾، منهنجي رهائش لاءِ ٻه نوان ڪمرا پئي تعمير ٿيا. اُنهن ڪمرن جي اڏاوت جو ڪم جاري هو جو هڪ ڏينهن چيومانس: ”اُنهن ڪمرن ۾ وڃي رهڻ لاءِ منهنجي دل مڃي ئي نٿي ادي!“

پڇيائين: ”ڇو؟“

(۽ مون کي خبر ته ڄائي ڄم کان آءٌ "Canserian" آهيان. ۽ اِن اِسٽار هيٺ پيدا ٿيندڙ ماڻهن وانگر، پُراڻين شين سان چنبڙيل رهڻ منهنجي پيدائشي مجبوري آهي!)

جواب ٻڌڻ لاءِ پنهنجين اکين ۾ تجسس ڀري نرجس مون کي مسلسل گهوريو پئي، ۽ موٽ ۾ هيڏانهن وري منهنجي اکين ۾ آلاڻ هئي، جا پکڙجندي، ڦهلجندي پئي ويئي.

”نَون ڪمرن ۾ تون ڇو نٿو وڃي رهڻ چاهين؟“ هُن سخت پريشانيءَ مان منهنجي لڙڪن هاڻين اکين ڏانهن گهوريندي، سوال ورجايو.

چيم: ”گهر جي جنهن ڪمري ۾ ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين توهان سان گڏ رهيو آهيان…جنهن ۾ منهنجي ڪتابن جو ڪٻٽ، لُڏڻ ۽ لکڻ پڙهڻ وارو پينگهو رکيو آهي…اُنهن کي…۽ وڏي ڳالهه ته خاص توکان ڌار ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي، ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ وڃي رهڻ جو تصور ڪندي ئي لُڏي ٿو وڃان…!“

نرجس کـِلي پيئي. چيائين: ”سهڻي وَنيءَ سان نئين ڪمري ۾ جڏهن وڃي رهندين نه، ته پنهنجي هن پراڻي رهائشي ڪمري ۽ نرجس ڀيڻ ڏانهن مُڙي به ڪو نه ڏسندين…!“

آءٌ چُپ ٿي ويس.

۽ گهر اڱڻ جي ڪنڊ ۾ موجود، رڌڻي ڏانهن ويندي، هُوءَ ڳالهائيندي پئي ويئي، ۽ سندس اُنهي ڀُڻ ڀُڻ منجهان، هُن جو آخري جملو جيڪو مون ٻُڌو، اُهو هو :”منهنجي اِها ڳالهه ياد رکجانءِ، نصير…!“

۽ سندس چيل اِهي لفظ دير دير تائين منهنجي ذهن ۾ ٻُرندا-پڙاڏجندا رهيا.

”ياد رکجانءِ منهنجي اِها ڳالهه نصير…ياد رکجانءِ منهنجي اِها ڳالهه نصير…!“

۽ اِجهو هي ٻه هزار چار جو سن آهي ۽ پندرهن ورهيه اڳ منهنجي شادي ٿي هئي، ۽ اُنهن پنهنجي زندگيءَ کان جدا ٿي ويل پندرهن ورهين جو اڄ تصور ٿو ڪريان، ۽ نرجس جي چيل جملن تي سوچيان ٿو ته، لڳيم ٿو ته ڪيڏو نه سچ چيو هو، هُن اِهو…

۽ اِنهن گذري ويل ايترن سالن دَوران، آءٌ پنهنجي اُن پراڻي رهائشي ڪمري ڏانهن لڙيو ئي ڪيترا ڀيرا هوندس…؟ بس اِهوئي ڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڀيرا. ۽  سو به اُن وقت، جڏهن اُتي رکيل ڪتابن جي ڪٻٽ مان ڪنهن جهوني پُراڻي ڪتاب کي ڏسڻ يا پڙهڻ جي طلب ٿي هئم.

اصل ۾ ڇا هي ته ڊگهي ڊگهي عرصي کان پوءِ، اُنهن ڪتابن کي ڏسڻ سبب، اُنهن ڪتابن جي نالي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ هاڻي بس مڙئي ڪا وڃي رهي آهي!

ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي خاني ۾ ۽ ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي ڪتاب جي پويان رکيو آهي، هاڻي اُن جو پتو به ڪونهيم. ۽ مٿان وڏي عرصي کان اُن ڪٻٽ جي ڪتاب جي ڇنڊ ڦُوڪ به نه ٿيڻ سبب، اُن منجهان ڪو ڪتاب وڃي ڳولڻ جي خواهش کي ڳچ دير تائين ته آءٌ پاڻ به Avoid ئي ڪندو رهندو آهيان. ۽ اِهو اِنڪري جو ڄاڻان ٿو ته دَز ۾ لَٽيل اُنهن ڪتابن مان ڪو مٽيءَ ذرڙو منهنجي پنبڻين يا ناسن ۾ گهڙي ويندو آهي ته ڄڻ مون سان وڏو آزار ٿي پوندو آهي. مليريا جي ٽيئڙ تپ کان ايترو ناهيان ڊڄندو، جيترو پُراڻن ڪتابن مان نڪرندڙ اُن دز کان ڊڄندو آهيان، جنهنجي چُهٽڻ سان، منهنجي زندگي، ڏينهن جا ڏينهن بي مزي ٿي ۽ اِهوئي لوهي ڪٻٽ-جنهن ۾ منهنجي ادبي زندگيءَ جي بلڪل ابتدائي ڏينهن جا يادگار ڪتاب پيا آهن-مون 1973 ڌاري مئٽرڪ جي امتحان ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ سبب، بورڊ پاران مليل اسڪالرشپ جي پيسن مان، پنهنجي کاهي روڊ واري دوست ڊاڪٽر شفقت ميمڻ جي مدد سان هيرا آباد مان خريد ڪيو هو.

ڪٻٽ ته جيئن تيئن گهر جي ڪمري ۾ اچي ويو هو، پر اُن ۾ رکڻ جي لاءِ هاڻي ڪتاب ڪٿان آڻيان؟ ته بس اُنهن جي حاصلات لاءِ هـِتان پُچ پڇان کان پوءِ رُخ  رکيم فقير جي پڙ، ڇوٽڪي گهٽيءَ ۽ گاڏي کاتي جي فوٽپاٿن يا رستي جي پاسن کان بيٺل ’سيڪنڊ هئنڊ‘ ڪتابن جي اُنهن ريڙهن ڏانهن، جن تي ڪتاب ڦلهوريندي مون جن هاڪارين ادبي شخصيتن کي ڏٺو هو، ۽ اُنهن کي پوءِ مون مولانا گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ علي محمد، مراد علي مرزا، طارق اشرف ۽ ماڻڪ وغيره جي حيثيت ۾ اڳتي هلي سڃاتو.

۽ ڀلا اُنهن ريڙهين تان ’سيڪنڊ هئنڊ‘ ڪتاب خريد مون ڪهڙا ڪهڙا ڪيا؟ ’اَيني فرينڪ جي ڊائري‘، رسول همزه تصوف جو ڪتاب ’منهنجو داستان‘، گورڪيءَ جو ناول ’ماءٌ‘، ’شهنشاهه ايران جي سوانح حيات‘، اردو شاعر ميراجيءَ جي گيتن جو مجموعو ’ميرا جي ڪي گيت‘، شاعر محمد بخش واصف جو هٿ لکيل ’شاهه جو رسالو‘، ’ٽالسٽاءِ جو ننڍپڻ‘، ’ديوان مير تقي مير‘، نادر بيگ مرزا جو ناول ’محبوبِ ڪربلا‘، نرمل جيوتاڻي جو ناول ’بينا‘، فراق گور کپوريءَ جو ترجمو ڪيل شاعري مجموعو ’ٽئگور ڪي ايڪ سو نظمين‘ ۽ ٻيا الائي ڪيترا ۽الائي ڪهڙا ڪهڙا پُراسرار ليکڪن جا لکيل اڻلڀ ڪتاب…(۽ هر ڪتاب اندر وري ڄاڻ ڏيندڙ، روئاڙيندڙ ۽ کلائيندڙ، هڪ وڌيڪ نئون ڪتاب موجود).

سستن ۽ سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن خريد ڪرڻ جي لاءِ، مون کي ياد آهي ته، 1980 ڌاري، جڏهن ڪنهن ڪم سان آءٌ لاهور ويو هئس، ته ڏَس ملڻ تي، پُڇندو پُڇائيندو، انارڪلي بازار جي فوٽپاتن تي به وڃي بيٺو هئس؛ ۽اُن کان اڳ، وڏي ڀاءُ سان، شروع جوانيءَ ۾ ڪراچي ويو هئس ته کوڙي گارڊن جي ريڙهن تان به ڪتابن جون ڀَريون ٻَڌي گهر کڻي آيو هئس. اڄ ڪيڏانهن هليا ويا ۽ گم ٿي ويا آهن اُهي جهونن ڪتابن جا جهونا ’ڪتب فروش…!‘ (۽ جيڪي هر ادب دوست ڪتاب وٺندڙ کي سڏي، سندس پسند جي ڪتابن بابت اطلاع ڏيندا ۽ ڀڳڙن مُٺ تي اُهي اُنهن کي ڏيئي به ڇڏيندا هئا).

ها! مون کي اعتراض آهي ته ڪي ٿورا ڪتاب مون اُنهن ريڙهن تان اَکُ بچائي تڳايا به هوندا…پر گهڻا نه. ۽ بس، هڪ اڌ اهڙي ڪامياب واردات کان سواءِ، ڪتاب چوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ منهنجو رڪارڊ بلڪل صاف آهي. ۽ هـِن وقت جيتريقدر ياد پيو اچيم، اَسي واري ڏهاڪي دَوران آخري ڪتاب، جيڪو مون ڪتابن جي مشهور دڪان ’اديبات‘ تان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اُن جي قيمت سٺ روپيا هئي ۽ اُهو ڪتاب هو بانو قدسيه جو شاهوڪار ناول: ’راجه گـِڌ‘. مون کي ياد آهي، اُهو رات جو وقت هو ۽ ڪتاب کڻي مون اُن کي دڪان جي دروازي وٽ ڪنڊ ۾ هيٺ رکي ڇڏيو هو…۽ بس ائين ڪندي دڪانن جو چوڪيدار اوچتو اُتان اچي لنگهيو ته ڪتاب کڻي ورائي آڻي اُن کي ڪائونٽر تي رکيائين. خير…نهايت جلد سٺ روپيا گڏ ڪري، ’اديبات‘ تان پوءِ اُهوئي ضخيم ناول خريد ڪري وٺي آيو هئس.

ياد اٿم، اُهو به رات جوئي وقت هو ۽ گهر پهچي اڌوگابري ماني کائي، پينگهي ۾ ليٽي، ناول پڙهڻ ۾ لڳي ويس، ۽ وقت جي ڪا سمڪ ئي نه پيئي جو آڌي رات جو اڱڻ ۾ سُتل مسز ناصر علي مرزا جو پري کان چـِڙ ڀريو آواز ٻُڌم: ”اڙي بابا! آڌي رات اچي ٿي آهي ۽ اِن ڪتاب ۾ آخر آهي ڇا، جو سُمهڻ ئي وسري ويو اٿئي!“

۽ ائين ماءُ جي اُن زورائتي دڙڪي تي، لاچار ناول کي اڌ ۾ ڇڏي وڃي پنهنجي هنڌ تي ستو هئس. ٻئي ڏينهن يونيورسٽي اٽينڊ ڪري گهر موٽيس ته پينگهي ۾ جنهن جاءِ تي ناول کي رکي ويو هئس، اُتي اُهو هوئي ڪو نه! سمجهيم…پڪ سان امان رڙيون ڪرڻ لڳس: ”هي پينگهي منجهان منهنجا ڪتاب.. ’راجه گڌ‘…ڪيڏانهن  گم ٿي ويو آهي…جـِنَ کڻي ويا يا ڀُوت…۽ ويچاري امان رڌڻي مان وراڻيو: ”گهر ۾ توکان سواءِ، نصير! اهڙا ڪتاب پڙهي ئي ڪير ٿو بابا…پاڻ ئي ڪٿي رکي وساري ويٺو هوندين پُٽ! اجهو اچان ٿي ۽ ڳولهي ٿي ڏيانءِ!“ ۽ هوڏانهن اندر ڪمري ۾ منهنجي رڙ پئي پيئي.

۽ ڪمري ۾ پهچي منهنجي ٽيبل ۽ ڪٻٽ ۾ ڪتابن کي هيٺ مٿي ڪندي، نهايت ڏکويل آواز ۾ امان چيو پئي: ”بابا! ماڻهو ئي مريو وڃن…گم ٿيو وڃن…هي ته وري به ڪتاب آهي…لڀي پوندو…ڇو ٿو ايڏو وِهلور وڃين ٻچا…اِجهو ڳولهي ٿي ڏيانءِ!“

’راجه گـِڌ‘ ناول ته خير جهٽ پوءِ ملي ويو، پر دير دير تائين پئي سوچيم ته هي منهنجو هڪڙو ڪتاب هيٺ مٿي ٿيو هو ته ڪيڏي نه  رڙو رڙ لائي ڏني هئم ۽ هُو دنيا ۾ ظالم لٽيرن ۽ حمله آورن جي هٿان هزارين لائبرريون، لکين مسودا…لاتعداد اڻلڀ ڪتاب…باهه ڏيئي ساڙيا ويا، سنڌ، مصر ۽ يونان جا عظيم ڪُتبخانا، سڀ ڪيڏانهن ويا…؟(۽ ويا سڀ تيز رفتار گهوڙن جي سُنبن هيٺان وِرق ورق ٿي، چيٿاڙجي، هوائن ۾ اُڏامي يا ويا باهين ۾ ڀَسم ٿي!)

مون ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي ڪتابن جي پهرئين ڪٻٽ ۽ اوائلي رهائشي ڪمري جي، جنهن ۾ اِهو ڪٻٽ اڃا به اُن ئي هنڌ رکيل آهي، جـِتي اُهو رکيل هو.

ها! ڪتابن جي اُن منهنجي ڪٻٽ کان ڪيترا ورهيه اڳ، اڻلڀ ڪتابن جو هڪڙو وڏو شاهي ڪاٺ جو ڪٻٽ اسان جي گهر ۾ ٻيو به  مون ڏٺو هو.

ڀلا اُهو ڪنهن جو ڪٻٽ؟

مرحوم رئيس ناصر علي بيگ مرزا جو ڪٻٽ

۽ ڀلا هي ناصر علي مرزا وري ڪير؟…منهنجو بابا سائين!… شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو سڳو ڀاڻيجو…انجمن اماميه قدم گاهه مؤلا عليءَ جي مُدرس ۽ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جي مصنف ڪمانگر غلام محمد سمي جو ناٺي…مرزا فريدون بيگ جو ڏوهٽو ۽ خُسرو بيگ مرزا جو سڳو پوٽو…

۽ ته بس ناصر علي مرزا جي ڪتابن جو اِهو شاهي ڪٻٽ اُنهن ئي ته هڪ کان هڪ عام فاضَل انسانن جي لکيل ۽ گڏ ڪيل ڪتابن سان ڀريل مون پنهنجي گهر ۾ ڏٺو هو.

1958ع ڌاري ناصر علي مرزا وفات ڪئي ته سندس ننڍو ڀاءُ آصف علي بيگ مرزا، ڪتابن جو اُهو ڪٻٽ اِئين چوندي پنهنجي گهر کڻائي ويو ته ناصر عليءَ جا پُٽ ابهم آهن ۽ متان راند روند ۾ ڦاڙي ڦـِٽي نه ڪري ڇڏين، اِنڪري حفاظت جي لاءِ پنهنجي گهر ٿو کڻائي وڃي رکان.

۽ ڪتابن سان ڀريل اُهو ڪٻٽ…مون کي ياد آهي، جنهن ڏينهن اسان جي گهران روانو پئي ٿيو، لڳو پئي، بابا کان پوءِ گهر اڱڻ مان هڪڙو ٻيو جنازو آهي، جيڪو کڄيو پيو وڃي. ڪتابن جو ڪٻٽ کڄي ويو ته گهر مان اُن جي نڪري وڃڻ تي پهريون گـِريو شريفان ناصر علي مرزا ڪيو ۽ ٻيو گِريو آءٌ ڪندو رهان ٿو اڄ تائين (۽ اي ڪاش! اُنهن املهه ڪتابن جا ورق ورائي ڪڏهن اُنهن کي ڏسي سگهان ها!)

افسوس…آصف علي مرزا صاحب جي رحلت بعد، سندس گهر جي ورانڊي ۾ رکيل ڪتابن جو اُهو وڏو شاهي ڪٻٽ، سندس اولاد، جاءِ جي تنگيءَ سبب، ٻاهر اڱڻ ۾ اُس ۾ رکي ڇڏيو ۽ مون اڪثر پنهنجي گهر جي کُڏ تي چڙهي حسرت ۽ اُن خواهش سان سامهون سندن اڱڻ ڏانهن ڏٺو هوندو ته، اي ڪاش! اسان جو اِهو ڪٻٽ جيڪر موٽي اسان کي واپس ملي…!

پر هي پنهنجي ڪتابن جي ڪٻٽ جي ڳالهه ڪندي بابا سائينءَ جي ڪتابن جي ڪٻٽ جو ذڪر الائي ڇو تفصيل سان ڪندو پيو وڃان…

ها ياد آيم…ننڍپڻ ۾ اُن ئي ڪٻٽ مان وڏيون ڀينرون ڪتاب ڪڍنديون هيون، ۽ رات جي مانيءَ کان پوءِ ٺهي جُڙي پينگهي ۾ ويهنديون هيون ۽ لڏندڙ پينگهي ۾ اُهي اسان کي ويهي پڙهي ٻڌائينديون هيون. ۽ ڀلا اُهي ڪهڙا ڪتاب ۽ ڪهڙيون ڪهاڻيون؟ ’الف ليليٰ ڪا داستان‘، ’طوطي مينا جون ڪهاڻيون‘، ’قصو ممتاز دمساز جو…‘، ’چار درويش‘، ’وامق عذرا‘…’شيطان جي نالي‘، ’گُلن جي ٽوڪري‘، ’شهزادو گُلفام‘…۽ اُنهن ڪتابن مان ڪن جو مصنف مرزا قليچ بيگ، ته اڪثر جو وري حاجي حقير اِبن مڱڻ، ۽ گل محمد ”آزاد“ صوفي ۽ اُنهن جا ڇپائيندڙ گهڻو ڪري ته يا آر. ايڇ. احمد برادرس يا وري شڪارپور وارو پبلشر ڪاڪو پوڪرداس…!

اڇا…! پهريون غير نصابي ڪتاب، جيڪو مون يارهن-ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجين اکين سان پاڻ ويهي پڙهيو، اُهو هو: ”عورت ۽ سماج“. ۽ اُن چوپڙي نما ڪتاب جو مصنف هو شايد مير محمد نظاماڻي-۽ اُن ڪتاب ۾ ڪهاڻي هئي هڪ لاوارث ۽ لاچار خاتون جي…۽ اُها ڪهاڻي پڙهندي اُن ڪتاب مون کي ايڏو ته روئاڙيو، جو ڪتاب اڌ ۾ ڇڏي، پينگهي مان اُٿي، اڱڻ ۽ پوءِ گهٽيءَ ۾ هلڻ لڳس…۽ اُن وقت منهنجا نيڻ نه هئا ڄڻ نيسارا هئا جن مان نير پئي وهيو!

۽ هي ڪتابَ…جيڪي ڏسڻ ۾ ته خاموش نظر ايندا آهن، پر اُنهن مان ڪيترن ۾ اهڙي ته گويائي هوندي آهي، جو اُهي ڪتاب گونگن کي به ڳالهائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن ۽ زندگيون ڦيرائي ڇڏيندا آهن ماڻهن جون. يا، نصير فقير جلالاڻيءَ چوڻيءَ، ”جيئن ننڊ صرف اکين سان ڳالهائي سگهندي آهي، بنهه ائين ڪتاب به  پڙهندڙن سان ڳالهائيندا آهن“…۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو ڳالهائيندا آهن، جو پڙهندڙن جا چوڏهن ئي طبق روشن ڪري ڇڏيندا آهن!

ڪتابن سان اهڙي گهاٽي گهري دوستي رکندڙ مان ڪن ڪن کي ته آءٌ به سڃاڻان ڄاڻان، جن، اولاد لاءِ، پويا نه بئنڪ بئلنس ڇڏيو نه ڪو ٻيو مال متاع! فقط اِهي ئي ڪتابن جا انباز…(جيڪي بالآخر اُنهن جي پونيئرن مفلسيءَ ۾، رديءَ ۾ نيڪال ڪري ڇڏيا، ۽ جن منجهان ڪيئي ڪتاب دريءَ جي ريڙهن تان اسان جهڙن پڙهندڙن جي حصي ۾ به آيا).

”ڀلا جامعه مليه دهليءَ جي هن لائبريريءَ ۾ تو ڪيترا ’پُستڪ‘ گڏ ڪيا آهن ذاڪر حسين…؟“ ۽ لائبريريءَ جي افتتاح وقت، گانڌيءَ ذاڪر حسين کان پڇيو هو. وراڻيو هئائين: ”ٻاپُوجي! ٽيهه هزار ڪتاب.“

تنهن تي لائبريريءَ جي افتتاحي ڦيٿ ڪٽيندي ۽ لائبريريءَ ۾ اندر داخل ٿيندي، گانڌيءَ چيو ٿي… ”ڪو به منش پنهنجي هڪڙي زندگيءَ ۾ ايترا پُشتڪ ته پڪ سا ڪو نه پڙهي سگهندو ذاڪر حسين!“

دعوا هتي، اِها مون کي به ناهي ته ٽيهه هزار پُستڪ پڙهي ويل ڪنهن ماڻهوءَ سان آءٌ ملي چڪو آهيان. ها، اِها هام ضرور هڻي سگهان ٿو ته ٽيهه هزار ڪتابن کان وڌيڪ رکيل ڪتابن وارين لائبريري ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اُتي موجود ڪتابن مان ڦُٽي نڪرندڙ خوشبوءَ کي پنهنجي ساهن ۾ اوتڻ لاءِ آءٌ اُنهن جي وچ ۾ وڃي ويٺو ضرور آهيان. مثال طور: سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي، لياقت نئشنل لائبريري ڪراچي…دائود پوٽه لائبريري حيدرآباد، ۽ اُنهن مان هر لائبريريءَ ۾ ويهي، اُتي شيلفن ۾ رکيل هڪ ڪتاب کي پڙهڻ جي دل ۾ مون حسرت به ڪيڏي نه ڪئي هوندي!

۽ هاڻي هتي ڪهڙا ويهي پنهنجا ڍڪ ڍڪيان، ته مطالعو برابر ته منهنجو ڪجهه به ڪونهي-پر ائين چوڻ کان به رهي نٿو سگهان، ته من پسند ڪتابن کي پڙهڻ کان سواءِ منهنجو ڪو ٻيو شوق آهي ئي ڪو نه! ها، ڪتابن وٺڻ ۽ پڙهڻ کان گهڻو اڳ، ننڍپڻ ۾ مون کي صرف رنگين لاٽون وٺڻ ۽ گڏ ڪري رکڻ جو بيشڪ ته ڏاڍو شوق هوندو هو.

۽ ڀلا نه جي اڄ ڪو مون کان پڇي ته تون سٺو پڙهندڙ يا سٺو لکندڙ!؟…ته شايد ٺهه پهه  جواب ڏيندس: صرف سٺو پڙهندڙ! ’ملٽي ميڊيا‘ ۾ گهيريل دنيا جي ماڻهن ۽ خالص ادب پڙهندڙ جي دنيا ۾، موجوده تعداد بابت عظيم اديب بورخيس ڪيڏو نه تُز تجزيو ڪندي لکيو آهي ته: ”دنيا اندر…ادب جو هڪ سُٺو پڙهندڙ اڄ هڪ سٺي اديب (لکڻ واري) کان به وڌيڪ اڻ لڀ آهي.“

معاف ڪجو، هتي ’ڪَٿا‘ مون کنئي هئي پنهنجي ڪتابن جي پهرئين ڪٻٽ جي ۽ نڪري الائجي ته ڪيڏانهن هليو ويس!

خير…ڳالهه کُٽايون ٿا. ٻڌائڻ اصل ۾ اوهان کي مون صرف اِهو پئي چاهيو ته ستر واري ڏهاڪي دوران، خاليپٽي سان ڀرپور جوانيءَ وارا اِبتدائي ڏينهن، الائي ڇو ڏاڍا اُجڙيل اُجڙيل ڀاسندا هئم! ۽ لڳندو هئم ته شام جي تاري مثل اڪيلو آهيان آءٌ! ۽ ڪو به ناهي منهنجو. تڏهن اِهي ڪتاب ئي ته هئا، جيڪي منهنجي لاءِ پناهه گاهه بڻجي پيا هئا. منهنجي هڪڙي نظم جو هي حصو اُنهن ڏينهن جو ئي ته يادگار آهي:

پڇڙي ۾ پکي ڪونهي،

گهر ۾ به وني ڪونهي،

جيون ۾ ردم ڪونهي؛

اُن جو مون کي غم ڪونهي؛

ديوارن ۾ در ڪونهي،

منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي…

۽ بس، تڏهن اِهي ڪتاب ئي ته هئا منهنجا محبوب، منهنجا دوست، منهنجا غمخوار ۽ سچا ساٿي.

۽ تڏهن آءٌ ڪٿان به شام جو گهر موٽندوهئس ته، رستي تان روز موتئي جا گجرا خريد ڪري گهر ايندو هئس. گهر پهچي، اُهي ڪنهن کي آڇيان ۽ پيش ڪريان؟ سو بس اِهو سوچيندي، نهايت محبت سان، آءٌ اُهي موتين جا گل، پنهنجي ’من-پسند‘ ڪتابن جي مٿان رکي ڇڏيندو هئس.

۽ ڀلا اُهي منهنجا من پسند ڪتاب ڪهڙا؟ علي مشڪلڪشا جو ڪتاب: ’نهج البلاغه‘، ’شاهه جو رسالو‘، ’ڪليات سيد ثابت علي شاهه‘، ’بياضِ انيس‘، شيخ اياز جو نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۽ شعري مجموعو ’وڄون وَسڻ آئيون‘، مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ’سائو پن يا ڪارو پنو‘، قرةالعين حيدر جو ناول ’آگ ڪا دريا‘، سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘، پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘، پير حسام الدين راشديءَ جو شاهڪار ’هو ڏوٿي هو ڏينهن‘، ميراجيءَ جو ڪتاب ’مشرق و مغرب ڪي نغمي‘…۽ منهنجي ذاتي ڪليڪشن ۾ اِهي ئي ته اُهي چونڊ ڪتاب آهن، جيڪي ڀلجي به ڪنهن کي اُڌارا ڏيڻ جي لاءِ آءٌ تيار ناهيان هوندو. مڃان ٿو ته هي جيڪو جهڙو تهڙو ’نثر نظم‘ لکندو رهندو آهيان…اِنهن ليکڪن تي نه پڙهندو رهان ته، شايد اِهڙو به نه لکي سگهان! ۽ لکڻو کڻي مون کي ڇا به هجي، اِهي ئي ته اُهي ڪتاب ۽ ليکڪ آهن، جن کي کڻي پڙهڻ لڳندو آهيان ۽ پڙهندي پڙهندي اوچتو اُنهن کي اڌ ۾ ڇڏي، اُتساهه وٺي، قلم  هٿ ۾ کڻي پنهنجي لکڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان.

ها، مون کي اِهو مڃيندي به هٻڪ نٿي ٿئي ته سڄي حياتيءَ ۾ مون صرف هڪڙو جنسي ناول پڙهيو آهي: ’شڪر آ مڙس ته مليو‘ ۽ جاسوسي ناول ته ڪو هڪڙو به نه‘ ۽ منهنجي پوري ڪليڪشن ۾ اهڙن موضوعن تي ڪو هڪڙو ڪتاب به موجود ڪونهي. ۽ منهنجي کوڙ سارن ڪتابن ۾ صرف ٻه ڪتاب آهن، هڪڙو ماهتاب محبوب جو سفرنامو ’اندر جنين اُڃ‘ ۽ ٻيو شيخ اياز جي نثري نظمن جو مجموعو ’پتڻ ٿو پور ڪري‘، جن تي مون اُنهن ليکڪن کان آٽوگراف ناهي ورتو. ۽ پهريون ادبي ڪتاب، جيڪو تحفي طور مون کي 1974ع ڌاري مليو هو، اُهو هو ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب جي افسانن جو مجموعو ’طوفان جي تمنا‘، ۽ اِهو ڪتاب مون کي منهنجي اُستاد ۽ ادبي سُونهن سائين نثار حسينيءَ ڏنو هو.

شديد مصورفيتن ۾ گهيريل هيءَ جيڪا منهنجي زندگي بچي آهي، اُن ۾ واندڪائيءَ وارا منهنجا بچيل سمورا لمحا، هاڻي يا ته ٻارن لاءِ وقف آهن يا ڪتابن لاءِ، ۽ اڄ! جڏهن دنيا جا ڳچ ماڻهو عورت جي ڪڍ يا مال ميڙڻ جي پٺيان آهن، تڏهن منهنجي سڀاءُ ۾، نه جنسي هوس آهي ۽ نه وري مال ميڙڻ جو شوق…! ها! طبيعت ۾ جيڪڏهن ڪا هوس ۽ من ۾ ڪا شديد چاهت ۽ خواهش آهي يا مالڪ کان طلب، ته بس اجهو صرف ايتري ته:

جيڪي ڀـِي مان خوابَ ڏسان،

تن ۾ رڳو ڪتابَ ڏسان.

 

سوالَ جيڪي اُڀرڻ مَنَ ۾،

تن جا منجهن جوابَ ڏسان.

*

 


 

”منهنجا خواب سهڻا آهن!“

[ومي سدارنگاڻيءَ جي ڪوتا جو جائزو]

امر سنڌو

”زندگي ساهه کڻڻ نه، پر ’عمل‘ جو نانءُ آهي. انسان جي سموري Sense perception ذهن ۽ وجود جي هر اُن حصي جو استعمال، جيڪو انسان کي ’هئڻ‘ جو احساس ڏياري.“

اِهي مٿيان اکر، گذريل صديءَ جي فيلسوف روسو جا آهن ۽ يقيناً اِهي شاعري بابت  نه آهن، پر اُها سڄي انساني Activity، اُهو سڄو تحرڪ، جيڪو ’محض ساهه کڻڻ‘ واري ميڪانيت کان مٿانهون آهي، سا عقل جي ڊوڙ به ٿي سگهي ته جذبن جي آنڌ مانڌ واري ڪيفيت به. اُها ڪيفيت، جيڪا سڄو وجود نپوڙي سپوڙي، ولوڙي رکي-جذبن ۽ عقل جي ڊوڙ جي چٽا ڀيٽي به ڏاڍي پراڻي، روسو جي گذريل صديءَ کان گذريل صديءَ کان به آڳاٽي. اِنهن پراڻين چٽا ڀيٽين سان گڏوگڏ گهڻوئي ڪجهه پراڻو اُڊيڙيو آهي، ڦاڙيو، چيريو ۽ هنڊايو به آهي، پر جيڪو پَئي پراڻو نه ٿئي، سو انساني خيال جي تاريخ ۾ ”لفظن“ جو سفر آهي. اِهي ئي لفظ، جيڪي انساني تاريخ جي فڪر کي هر روز نئين رنگ روپ م پائندگي بخشيندا اچن ٿا.

فيلسوف، اسڪالر، محقق، Human Activity کي روسو جيان مختلف معنائن (Meanings)،معيارن (Standards) ۽ مختلف طريقهء ڪار (Methodologies) سان بيان (Define) ڪن ٿا. انساني فڪر جي ميدان ۾ (In the field of Human thought) عقليت (Rahionale) کي هميشه جذباتيت (Emotions)، احساسات (Feelings) ۽ اُمنگن جي متضاد رخ ۾ بيهاري بيان ڪيو ويندو رهيو آهي.

عشق جيان شاعري پڻ اهڙي Human activity آهي، جهن کي محققن، فلسفين ۽ مفڪرن، جذباتيت، احساسيت ۽ اُمنگن جي اظهار جي ٻولي چئي غير عقليت جي هڪ الڳ ئي خاني ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. اُن جي ڇنڊ ڇاڻ به جي محقق بڻجي ڪبي ته شايد اُن جي جمالياتي صورت به غير شاعراڻي ٿي وڃي. هتي اُن جي اِن قسم جي پرک جي گنجائش اِنڪري به ناهي جو هيءُ اُن پروگرام ۾ پڙهجندڙ پيپر آهي، جيڪو هڪ شاعراڻي اظهار کي مڃتا جي ڏس ۾ رٿيو ويو آهي. اِنڪري هتي اُن  شاعراڻي اظهار مڃتا جي ميڙ ۾ مان غير رکندس، ڇو ته خود شاعريءَ جي فڪرياتي تجزئي جا به ڪي ادب آداب ۽ اصول ضابطا ٿين ٿا ۽ هتي اسان گڏ ٿيندڙ سڀئي، جيڪڏهن قلمڪار ساٿيءَ جا ٻه لمحا، ڪي گهڙيون اُڌاريون تڳائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿياسون ته اُنهن لمحن کي ڪنهن بااصول ضابطي واري پرک ۽ نج ادبي تنقيدي تجزئي هيٺ گذري خشڪ ڪرڻ بجاءِ، چاهيندس ته اُن قلمڪار، اُن شاعره جو تعارف (جنهن جي نانءُ تي اڄوڪي شام جو ’رنگ منچ‘ سجيو آهي) سندس ئي اظهاريل شاعريءَ وسيلي ڪريان. اِن سموري تعارف ۾ اِهو اعتراف پڻ نوٽ ڪجي ته ضروري ناهي ته خود وِمي سدارنگاڻي پنهنجي اِن تعارف سان متفق به هجي. وِمي سدارنگاڻي تجزيو دراصل ڪنهن محقق، ڪنهن مفڪر، ڪنهن فيلسوف جو نه پر هڪ شاعر جي اک، شاعر جي پنهنجي نڪته نگاهه ۽ سندس Imaginative (تخيلاتي) ۽ Understanding (فهم) واري صلاحيت (Faculty) جو پڻ سادو اظهار آهي، جنهن سان هوءَ پنهنجي ٻي همعصر شاعر کي متعارف ڪرائي ۽ اِهو به هڪ عجيب اتفاق ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي شاعرن جو تعلق جيئن ته ساڳي ئي Gender (جنس) سان آهي، تنهنڪري عين ممڪن آهي ته اِن سڄي تعارف ۾ شاعر Natural Gender طور استعمال ۾ نه اچي.

 

وِمي-ڪڇ ڄائي سنڌياڻي-اهڙي سنڌياڻي، جيڪا نه سنڌ ۾ ڄائي، نه سنڌ ۾ نپني ۽ نه ئي سنڌ ۾ وڏي ٿي. سندس جنم پل کان ٻاروتڻ ۽ ٻاروتڻ کان بلوغت جون جيڪي ٻرانگهون کڄيون، سي يقيناً سنڌ جي موجوده نقشي ۾ ڪٿي به پنهنجا پيرا نٿيون رکن، پر پوءِ به ڪيئن چئجي ته وِمي سدارنگاڻي جتي ڄائي نپني ۽ وڏي ٿي، اُتي وٽس سنڌ نه  هئي.

اِهو صحيح آهي ته

مون ڪڏهن تنهنجي گو نه ماڻي

اِهو به صحيح ته

ساڌ ٻيلي جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي

ڪڏهن ڳالهيون نه ڪيون اٿم

ته به توسان ملڻ لاءِ بيچين آهيان.

آخر تو وٽ اهڙو ڇا آهي

جو تنهنجي ذڪر تي

پٿر جي اکين ۾

سنڌو نظر ٿي اچي

توکي مون ڏٺو به ڪونهي

ايشور کي به نه!

هاڻي ڪير چئي ته اُها ڌرتي، جا نه سندس جنم ڀومي، نه جنهن تي سندس پيرا، سا سندس خيال تريءَ تي به ناهي، ائين جيئن ايشور جو خاڪو، جنهن کي نه ڏسي، نه ڇُهي سگهجي. اهڙي Abstraction تيئن اهڙي ئي ڌرتي پڻ Abstraction ۾ ئي، پر سندس ڌيان گيان ۾ موجود، سندس ٻاروتڻ ۽ جوانيءَ ۾ موجود، سندس لفظ شاعريءَ ۾ موجود، سندس دل احساس ۾ موجود.

ڪير پُڇي، اِهو ڪيئن-؟

”اِهو ائين ممڪن آهي“، جي مان اُن کي پنهنجي بيان ۾ آڻيان ته مون کي اُنهن ئي Pattrens جا پيرا کڻڻا پوندا، جن تي سڄي دنيا جو Women Folk  ساهه کڻي ٿو. لفظن جي ٻوليءَ جي اُڻت، گهڙت ۽ اُن مان بيانيه ڪهاڻي جنم-[اِهو فن شايد عورت جو مادري ورثو] ۽ پوءِ اُن بيانيه ڪهاڻيءَ جو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين سيني به سيني منتقل ٿيڻ واور زباني سفر…شايد اُهو به ائين جيئن Patent D.N.A پنهنجا سمورا ڳُڻ سنڌ ئي نه، پر زندگيءَ جي سمورن ٽهڪن، لُڙڪن خوشين ۽ سورن، خوابن ۽ ڀاونائن جو سمورو سَت، جيڪو تجربي جي حاصل مطلب جي صورت ۾ پنهنجي ماءُ کان ۽ پنهنجي ماءُ جي پيڙهيءَ جي عورت کان وِميءَ ڏانهن  منتقل ٿئي ٿو.

عورت جي، انسان جي ۽ سماج جي اِن تصور ۾ اِن پوئين پيڙهيءَ کان منتقل ٿيل خاڪي ۾ وِمي خود شاعره جي حيثيت ۾ ڪيتري ترميم ڪئي آهي، ڪيتري  Modification آندي آهي ۽ ڪيتري ڪاٽ ڪوٽ ڪئي آهي- جيڪڏهن اِن ماپي سان وميءَ جي شاعري جي ۽ اُن جي شاعراڻي شعور جي ڪڇ ماپ وٺبي ته لڳندو ته جيتوڻيڪ سماج ساڳيو ئي پر وميءَ جي شاعريءَ ۾ جنم وٺندڙ عورت، هڪ نئين دَور جي سگهاري فرد جي خواب، هڪ نئين آدرش جو جنم آهي ۽ وميءَ جي خواب ۽ آدرش مان جيڪو اِنساني خاڪو اُڀري سامهون اچي ٿو، اُهو ڏاڍو Realistic آهي. اُهو ڪنهن به صورت  ۾ پُورالو ناهي-هوءَ ڪنهن وڏي سج، وڏي ڪرشمي ۽ ڪنهن وڏي خوشيءَ جي تمنائي نه، پر هوءَ فقط تارو، تارو نه سهي بادل  ئي سهي…ڏيئو ئي سهي؛ کيس نه ستن آسمانن تي اُڏام جي ڪا آشا، نه آڪاش ڇُهڻ جو ڪو سپنو. وميءَ جي شاعريءَ جي عورت…بس هڪ ننڍڙي جهرڪي، جيئڻ جي يُڌ ۾ رُڌل. اُها يُڌ جنهن ۾ رڳو کيس بچائڻ لاءِ پنهنجي جيئڻ جو سامان به پيدا ڪرڻو آهي.

جهرڪي…انساني مُٺ ۾ بند عي ويندڙ ننڍڙو جـِيوِ پر سندس جيئڻ لاءِ اُڏام شايد مهاڀارت کان به وڌ يُڌ…

هڪ هنڌ آهي

جتي جهرڪيءَ کي کائڻ وارو

ڪير به نه هوندو

پر اُتي جهرڪي پاڻ ڇا کائيندي؟

اِنڪري جهرڪيءَ کي

گهر

هـِتي ئي ٺاهڻو آهي

پنهنجي پيٽ ۾ ڪجهه لڪائي

اُڏامڻو آهي.

محض جيئڻ واري ويڙهه جي اِن يُڌ شاستر ۾ عورت ماريندڙ، ڊاهيندڙ، بگاڙيندڙ بجاءِ جيئاريندڙ، ميڙيندڙ، ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ آهي، اِنڪري ئي فطرت سان به هر وقت تضاد ۾ بيٺل، جو اُها هر جيئندڙ کي نيٺ ماريو ڇڏي، هر ٺهيل کي نيٺ ڊاهيو ڇڏي ۽ هر ميڙيل کي نيٺ وکيريو ڇڏي ۽ ائين تيلي تيلي ميڙي ٺاهيل جهرڪيءَ جي آکيري کي به هڪ ڌَڪ سان ڊاهي پٽ ڪريو ڇڏي. [عورت ۽  مرد جي گڏيل Image سان جُڙيل ’انسان‘ واري تصور ۾ اڄوڪي تاريخ تائين جي سماجي بيان م مرد هميشه خانه بدوش ۽ رولاڪ ۽ عورت وري ٽهڪاءُ ڪندڙ، ٺهراءُ رکندڙ ۽ ٿانيڪي ٿيل ڏيکاريل آهي. انساني تهذيب ۾ جيڪڏهن عورت جو فطري ٽڪاءُ نه هجي ها ته شايد انساني تهذيب جو جنم به مشڪل ٿئي ها.]

ڪيڏي به ڪوشش ڪري وٺ

مان وري گهر ٺاهيندس

تون ڀَل ڊاهيندي رهه

مان وَر وَر ٺاهيندي رهندس

شايد تو ڪو نه ٻُڌو آهي

پکي آکيرو ٺاهيندي

ڪڏهن به ڪو نه ٿڪجندا آهن.

جيتوڻيڪ اڄوڪي دَور جي جديد ريسرچ جي آڌار تي Divisition of labour جي آڌار تي جڙيل عورت ۽ مرد جي سماجيات کي چئلينج ڪندڙ عورت/مرد وٽ اِن ورهاست جي ’فطري‘ هجڻ تي اعتراض ملن ٿا، جنهن ۾ عورت جو ”گهريتڙي“ هئڻ ۽ مرد جي ”رولاڪ“ هئڻ واري تصور جي ”فطري“ هئڻ جي نفي آهي. سندس موجب اِهو سماجي شعور آهي، جيڪو کين سماج پاران مليل ڪردار نڀائڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر وميءَ جي شاعري ’علم انسان‘ (Anthropology) جي جديد تحقيق مان جنم ورتل ’عورتاڻي شعور‘ واري عورت بجاءِ هڪ عام روايتي ۽ رواجي عورت جي 'Image' جو عڪس پيش ڪري ٿي. اِهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته وميءَ جي شاعريءَ جي عورت روايتن کان باغي نه هوندي به هڪ سگهاري عورت آهي. ومي نئين دَور جي عورت جي تخليق بجاءِ، ’روايتي عورت‘ جي روپ کي اٽلتا ۽ ارادي جي پختگيءَ سان سگهارو ڪندي نظر اچي ٿي مثلاً:

-اڄ منهنجي ڌيءَ

پنهنجي پيءُ کان ڏڪندي آهي

هن جو پيءُ به ننڍي جهرڪيءَ کي

نه بخشيندو

هن جي پيءُ به

هن جي ماءُ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.

سندس ٻئي نظم ۾ ڏسون:

-تو چيو هو

’مون کي ڇڏي ڏي.‘

۽

۽

مون

تنهنجو هٿ وڌيڪ مضبوطيءَ سان

پڪڙي ورتو هو.

يا وري هن نظم ۾:

-منهنجي ٻاهرين دنيا

بس اوتري

جيتري اچي ٿي

مُنهنجي کليل دريءَ مان.

”اڪثر عورتون پنهنجي پاڻ کي ماري آرٽ ۾ Change ڪري ڇڏين ٿيون، جيئن مرد اُن جي فن جا قائل ٿي وڃن.“

اِهو ڪنهن مرد نقاد چيو هو.

جمالياتي آدرشن جا پيمانا به شديد عورت تخليقڪار اِنڪري ئي رد ڪندي نظر اچي ٿي، جو اُن ۾ عورت جو خيالي پيڪر ته جمالياتي انتهائن کي ڇُهندي نظر ايندو، پر حقيقي عورت، پنهنجي حقيقي اَڀري  سڀري جسم ڪاري ڪوجهي نقش ۽ اندر جي سگهاري انسان جي حيثيت ۾ نمايان ٿيندي، انتهائي گهٽ نظر اچي ٿي.

وِميءَ به اُن پراڻي جمالياتي تصور جا تورا ماپا کڻي اُن خيالي پيڪر واري عورت جي عڪس اُڀارڻ بجاءِ اُن حقيقي عورت جو خاڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ٿي، جنهن جي سونهن نه چنڊ جهڙي، نه چيلهه ڪمان جهڙي، نه نظر تير جهڙي، نه ئي سندس جسم بلوري شيشو-ها، پر اُن عورت، جنهن وٽ مٿيان ڪي به لوازمات نه آهن، اُن جي سونهن اِن ۾ آهي ته سندس سپني ۾ ڇا ٿو سرجي…؟

مان سندر نه آهيان

نه منهنجا وار گهٽائن جهڙا آهن

نه ئي مون وٽ آهي جهرڻي جهڙي کِل

منهنجي اکين ۾ ڪو سمنڊ ڪونهي!

منهنجا خواب سهڻا آهن.

ائين وميءَ وٽ عورت اُن شاعراڻي تصور جو وڏو اِنڪار آهي، جيڪو مردن جي شاعريءَ جو مُک نُڪتو هجي. هن وٽ Imagination جي سونهن ساراهيل آهي.

اِهو به عجب اسرار، مرد جي بنهه اُبتڙ، ته ’عورت جي آرٽ‘ مان سندس شخصي خاڪو ٺاهيو ويندو رهيو آهي-سندس ڪوتا، سندس فن مان، سندس نجي زندگيءَ ۾ جهاتين پائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي…جيئن وِميءَ جو نقاد/پارکو ڪرشن کٽواڻي، ٻن ٽن جاين تي وَر وَر اِهو لکيو آهي ته:

”وِميءَ جون ڪوتائون ڪنهن حد تائين سندس شخصي اظهار آهن.

يا هڪ جاءِ تي لکيو اٿس:

”هوءَ پنهنجي نجيپڻي کي ڪڏهن به نه ڇڏي ۽ جي ممڪن ٿي سگهي ته پنهنجي اندر ۾ اڃا به اونهو وڃي-ٻاهريون ڪششون شاعر لاءِ گهاتڪ آهن.“

[ائين مرد جو فن جڳ ڪٿا ۽ عورت جو فن آتم ڪٿا سمجهڻ واري روايت ۾ ڪيترين عورت ليکڪائن پاڻ ماري لکيو هوندو، اُن لاءِ ”مهراڻ“ ۾ ئي خطن ۽ راين واري حصي ۾ عورت ليکڪائن جي راءِ وٺي، اِن بحث کي مثبت  انداز ۾ سنڌي ادب جي حصو بنائي سگهجي ٿو.]

 

جيتوڻيڪ ڪرشن کٽواڻيءَ جي اِها پرک، ومي خود ئي پنهنجي مجموعي ”سونهري رنگ جي ڪاراڻ“ ۾ مهاڳ طور شامل ڪئي آهي ۽ ممڪن آهي ته ومي خود به ڪرشن کٽواڻيءَ جي مؤقف سان سهمت به هجي، پر مان پنهنجي علم ۽ شعور جي آڌار تي اِن مؤقف کي سڄو سچ سمجهڻ ۽ مڃڻ کان اِنڪاري آهيان.

”نجيپڻو“_فقط پنهنجي ئي ذات جي اونهاين ۾ لهي، جذبات جي سمنڊ جهاڳڻ ۽ اُن کي فن ۽ فضيلت سان پني تي اُتارڻ ناهي. ”ذات جي نجپڻي“ جي اِها وصف جنهن ۾ لکيو وڃي ٿو:

”ٻاهريون ڪششون شاعر لاءِ گهاتڪ آهن.“

ائين رڳو عورت شاعرائن لاءِ ئي نه پر دنيا جي ڪنهن به سچي ڪلاڪار، ڪنهن به فنڪار ۽ ڪنهن به ڪوتاڪار لاءِ زهر قاتل آهي.

فن ۽ خاص طور تي ادب فقط مونولاگ (خود ڪلامي) ناهي. فن فقط پاڻ ڦلهوڙڻ جو نانءُ ناهي. فن فطرت، انسان ۽ سماج جو اُهو ٽڪنڊو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي ۽ فطرت ۽ سماج جي وچ ۾ هڪ رابطو جوڙي ٿو ۽ هڪ Relation ۽ ڳانڍاپو قائم ڪري ٿو. فن انسان جو پنهنجي پاڻ سان، انسان جو ٻئي انسان سان، انسان جو سماج ۽ انسان جو فطرت سان ٿيندڙ ڊائلاگ آهي ۽ اُن ۾ فنڪار پنهنجي اندر اورڻ سميت، ٻئي انسان، سماج ۽ فطرت سان پڻ ڳالهائي ٿو. سماج (Society)، ٻيو (Other) ۽ فطرت(Nature)، سان رابطو ئي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ڪلاڪار پنهجي ۽ اُن جي وچواري  Relation جون هڪجهڙيون ۽ تضاد سمجهي سگهي. ائين منهنجي نظر ۾ فن فقط پنهنجي پاڻ ۾ لهي وڃڻ نه پر ڪائنات جي وسعتن جي حسن ۽ پراسراريت ۾ ويڙهيل سڀني Relations جي لامحدوديت کي پنهنجي تجربي جي محدوديت ۾ سموئي، اُن کي سڄي ڪائنات جون سوين وسعتون بخشڻ جو ٻيو نانءُ به ٿي سگهي ٿيون.

مثلاًهي ته وميءَ جو ذاتي/شخصي تجربو نه چئبو، جنهن ۾ اِهو اظهاريل هجي ته سپاهي جيڪو ويڙهه جي محاذ تي ويندي زال ۽ ٻار سڪ سان ڇڏي موت جو ساز سامان پاڻ کڻي شانتي لاءِ ويڙهه وڙهندي، اُن شانتي جي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جتي جنگ به ناهي، موت جو ساز سامان به ناهي، پر اُتي زندگي به ته ناهي.

جڏهن اُهو ڏينهن ايندو

سپاهي اکيون ٻوٽي مُشڪندو آهي

هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جيئندو آهي

هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جنگ ڪندو آهي

هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ مرندو آهي

۽ آخر ۾ شانتي جي دنيا ۾ هليو ويندو آهي!

 

هن نظم کي جيتوڻيڪ وميءَ جو نجي اظهار نٿو چئي سگهجي، پر هيءُ هڪ شاعر جي سماجي شعور جي اُن اولڙي جو اعليٰ اظهار آهي، جنهن ۾ هوءَ سپاهيءَ جي اُن عام فهم ۽ سادي شعور کي اظهاري ٿي، جنهن تحت اُهو سپاهي ”ٻئي جي مفادن جي ويڙهه“ کي شانتيءَ جي ويڙهه سمجهي ميدانِ جنگ ۾ لهي ٿو. وميءَ جي آخري سـِٽ اُن سپاهيءَ کي اُن ڪوڙي شعور False Comsciouusness ڏيڻ واري لاءِ هڪ جنگ کي چٿر ۽ ٽوڪ آهي؟ جنهن پنهنجي مفادن جي جنگ کي شانتيءَ جي جنگ چئي سپاهيءَ کي مرڻ لاءِ ميدان ۾ موڪليو آهي. وميءَ کيس هلڪي انداز ۾ ئي يادگيري ڏياريندي، اصل حقيقت ٻڌائي ٿي ته ”شانتي محض اُتي آهي، جتي خود زندگي ئي ناهي.“ تنهنڪري  اُهو سپاهي، ڪوڙي جنگ جو ڪوڙو سپاهي آهي. ائين هو پنهنجي شانتيءَ جي نه پر ڪنهن ٻئي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.)

يا سندس هيءَ ٽوڪ:

جڏهن هٽلر سمهيو پيو هوندو

گانڌي پنهنجو چرخو هلائڻ ۾ پورو هوندو

اُن وقت

اسين لڪ ڇُپ راند ڪنداسين.

يا اڃا به اڳتي:

مون کي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي

آخر توهين چاهيو ڇا ٿا؟

گجرات ۾ ٻيو نئون گجرات

آسمان ۾ ٻيو نئون آسام

پنجاب ۾ ٻيو نئون پنجاب

گهر ۾ ٻيو نئون گهر

مُلڪ ۾ ٻيو نئون ملڪ

دُنيا ۾ وري ٻي نئين دُنيا!

سماجي شاعريءَ جو اهڙو سگهارو اظهار ممڪن ئي تڏهن آهي، جڏهن ڪوي پنهنجي ذات جي سموري ڏات سميت پنهنجي ماحول کي شعوري پرک جي تجربي هيٺ آڻيندو آهي ۽ ائين سندس ڏات به اُن ذات/سماجي مشاهدي جي اولڙي سان ٻيڻي سگهاري ٿي اُڀري ٿي. ساڳئي وقت جيڪڏهن ڪنهن عورت ڪوتاڪار جي ڪوتا مان سندس شخصي زندگيءَ جا پيرا کڻڻ واري مشق ڇڏي ڏجي ته شايد اڃا به وڌيڪ شاهوڪار شاعريءَ جي جنم ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ شايد وميءَ کي پاڻ کي يا ٻيءَ ڪنهن شاعر کي وميءَ جي لفظن ۾ ائين نه چوڻو پوي ته:

ڪوتا ناهي هيءَ

ٻاهر جيڪي اچي ٿو

اُهو ڪوتا ناهي

صرف لفظ

ڪوتا اندر رهجي ٿي وڃي ڪٿي!

(e. mail. amar. Sndhu @ hotmail. Com)

”ومي سدارنگاڻي ڀارت جي نون سنڌي ليکڪن ۽ ليکڪائن ۾ هاڻي هڪ اهم نالو ٿي پيو آهي. هوءَ ڪوتا تي ته قلم هلائيندي ئي آهي، پر هن جو خاص پيار ’ٻال ساهتيه‘ سرجڻ سان آهي. ٻارن لاءِ ڪوتائون ۽ ڪهاڻيون لکڻ ۾ هوءَ قابليت سان قلم هلائيندي آهي. ٻارن لاءِ هن جي دل ۾ قدرتي پيار آهي، ۽ هوءَ اهڙيون ڪهاڻيون خلقي ٿي، جنهن سان ٻارن جي ڪچڙين دلين تي گهاٽو اثر ٿئي ٿو. ساڳئي وقت هنن لاءِوندر به خاص آهي.“

_هري دلگير

[”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ“، تاجو جويو 2004ع، 211]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com