سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :8

ابرار ابڙو

غزل

 

دڳ تي ڌريوسي پاڻ، مٿان شام ٿي وئي،

توسان هياسي ساڻ، مٿان شام ٿي وئي.

تنهنجي شهر جي صبح جا رستا ٻڍا هيا،

هي عشق  هو جواڻ، مٿان شام ٿي وئي.

دل جي جُنون آٿتون، پيرن کي ٿي ڏنيون:

”آيو هي ماڳ ڄاڻ“، مٿان شام ٿي وئي.

سالن کان  منهنجي پيار جو هڪڙو ئي پنڌ آ،

هڪڙو ئي آوَٿاڻ، مٿان شام ٿي وئي.

يادن جي داستان ۾، ٻڏندو ٻُڏي ويو،

هو شخص هو چرياڻ، مٿان شام ٿي وئي!

 

غزل

وَڻَ مان پن پن، ڇڻندو رهندو،

آخر جوڀن، ڇڻندو رهندو.

جيسين تون برقعو اوڍيندينءَ،

تيسين درپن، ڇڻندو رهندو!

شام ڦڪي اکيون کوليندي،

در مان درشن، مُرڪي موهيندينءَ،

هٿڙن مان من، ڇڻندو رهندو!

آخر ڪيستائين  تنهنجي،

پويان جيون، ڇڻندو رهندو؟

 

فياض ڏاهري

 

تنهائيءَ جو قيد

 

نم جي پاڇي هيٺان ويهي

پوڙهو پورهيت سوچي ٿو

پوڙهپڻو ڪا گار ته ناهي!

ڪيڏو پُٽ سان پيار ڪيو مون

پيار جي بدلي پيار ته ناهي

جن هٿن تي ميندي لاتي

سالن تائين قرض چڪايم

سي هٿ منهنجي ٽيڪ نه بڻيا

ڏينهن ٻري ٿو آگ اُلاٿي

منهنجي کٽ کي نـِمِ سڏي ٿي

پوٽا پوٽيون راند رهن ٿا

نم جي پاڇي کان به پڇن ٿا

پوڙهي نـِمِ جا پَنَ ڇڊا ٿيا

سورج گهُور وجهي ٿو جن مان

مون جئن مَٽُ اَڌيڪو

جنهن جو سينور آهه سُڪي ويو

تنهائيءَ جي قيد ۾ ٽيئي

پنهنجا سور ونڊيون ٿا ويهي

سج لهي ٿو نـِمِ ٿي سوچي

جيڪو پوڙهو رات مري ويو

مون کي اُن جو پُٽ وڍيندو

مَٽُ ڊڄي ٿو منهنجا پوٽا

کينهو پيٺو راند جي خاطر

کيس اڪيلو ڏسندي پڇندا

مَٽُ ڊڄي ٿو نـِمِ ڊڄي ٿي

پوڙها توکي ماءُ سڏي ٿي!

 

 

عبدالصمد آس ٻٻر

 

غزل

زندگيءَ تي پيو مسلسل سوچيان،

زندگيءَ آ مُـٺِ ۾ واريءَ جيان.

ديد منهنجي سمجهه ڪو ڪشڪول آ،

مان اُنهيءَ ۾ تنهنجو درشن ٿو پنان.

بند ٿي وئي واپسيءَ جي رهگذر،

ايترو نڪري ويو ڪو پاڻ مان.

هُن جي عينڪ جي پٺيان ڳوڙها هئا،

۽ جواني پئي وئي هُن جي اڳيان.

ٻالپڻ جون حرڪتون پُٺتي ڇڏي،

ڏُور نڪري ويو حياتيءَ جي پٺيان.

ڀور ٿيندي هُن ڏٺو هو پاڻ کي،

وقت اُن جي لاءِ هوٽـِڪ وانگيان.

 

شبير هاليپوٽو

 

غزل

اُها ڪنهن ٻئي نه ماڻي جا اسان ماڻي اسان ماڻي،

اسان جو ڏينهن ڀي واسي وئي سا رات جي راڻي.

اُها خوشبو ، هوائون ۽ اُهوئي ڄام شورو آ،

اُهائي حسن جي ديوي اُتي آهي اڃا تاڻي.

اسان ڄڻ لوڪ قصي جا، تون شهزادي مان شهزادو،

ڪچهرين ۾ ڪهاڻين ۾، اسين نانيءَ جي آکاڻي.

تصور ۽ خيال اکڙيون، سُريلا لفظ چپڙن تي،

سڄي تون شاعري آهين پر مگر معنيٰ نه سمجهاڻي.

سڀوئي سُونهن آهي پر ڏسڻ واري نظر گهرجي،

ڏسين جي ٿورو آئينو ته ڏسندينءَ سونهن ساماڻي.

اُهي شهري اُنهن جي لئه وفا بيڪار بي معنيٰ،

اسان جو پيار ڳوٺاڻو، اسان جي دل به ڳوٺاڻي.

 

عزيز ڪنگراڻي

 

سُرجڻهار [بيت]

سُرتيا سرجڻهار، ڏيئو تنهنجي ڏات آ،

اوجهڙ ۾ جي ڏيهه آ، بڻجين تون آڌار،

تنهنجو ئي اظهار، آڻي ڏيندو آجپو.

 

سوچين ويٺو سُرت سان، وڏي آهين وٿ،

تنهنجي ڪلڪ ڪٽار آ، روشن تنهنجو هٿ،

جهڙو تون آن سوجهرو، تهڙو تنهنجو سٿ،

ڪنديون تنهنجي هٿ، صدين سنديون ساهميون.

 

ڪڏهن ساڙين سَنڌ، ڪينسر منجهه وڪوڙجي،

هيپاٽائيٽس جگر ۾، پوءِ به پيرن پنڌ،

ڪسمپرسي ۾ لُڇي، ڪين جهڪائين ڪنڌ،

ساڃهه سچ ۽ سونهن جي، روز تنوارين تند،

تنهنجي سوچ سُڳنڌ، صدين جو پيغام آ.

 

 

سارو جڳ سُتو، جاڳي جاڳرتا ڪرين،

درد پنهنجي ديس جي، توکي آهه وَتو،

سرجڻهار سچو، آهين سر تي سيم جو.

 

جاڳي راتيون ڏينهن، آلاپين ٿو آجپو،

هيءُ نرالو نينهن، ارپين ويٺو زندگي.

 

گاج-جر ۾ جيئن، لڏي چوڏهين چنڊ ٿو،

ٿر ۽ ڪاڇو تيئن، جهومن جهرڪن بيت ۾.

 

ٿانيڪي تو ٿيت، ڏُکي سُکي ويل ۾،

پنهنجي ڀُون جو ڀيد آ، چڙهيل تنهنجي ڀيت،

چوکو تنهنجو چيت، هاڙهو تنهنجو حوصلو.

 

تنهنجي هر تخليق، وقت روان جي ڳالهڙي،

پيار اجهاڳ عميق، جهلڪي هر هڪ سـِٽ مؤن.

 

تنهنجي ڪهڙي ڀيٽ، ڌرتيءَ جيڏا او ڪوي!

سرنهن ڦلاريل چيٽ، پورهيو تنهنجي ڪلڪ جو.

 

ساگر ٿو کرڙيون هڻي، تنهنجو ڏسي غم،

ڌرتي توکي ديد ۾، لکين قومي ڪم،

تنهنجو هر هڪ دم، ڪوي آهي قيمتي.

 

قلم ڪاغذ مَس، ڌرتي تنهنجو ورد آ،

توڙي جو تنهنجيون رهن، ڪکون ٻيئي ٻَس،

تو نه لاتي ڪَس، ڏاها پنهنجي ڏات کي!


 

تنهنجو فڪر سمونڊ، سوچون گهريون اونهيون،

آءٌ ڪريان ڪيئن چونڊ، اڻمل موتي اڻ ڳڻيا.

 

ٻارين تون رت تيل جان، جرڪائين اُتساهه،

تنهنجو کڄندڙ ساهه، جهوٽو مست بهار جو.

 

اوچيئڙي جو منڊ، سرجيل ساري سوچ آ،

چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ، چانڊوڪي ٿي چَو ڏسا.

 

خوشبو آ هر لفظ ۾، جملا سڀ سرکنڊ،

کنڊ سڀئي اُپ کنڊ، ويئڙا آهن واسجي.

 

آهين سنڌ سڃاڻ تون، تنهنجي سنڌ سُڃاڻ،

محبت جا اُهڃاڻ، پورهيو تنهنجي ڪلڪ جو.

 

ڪلڪ  ڪئي جا ڪُوڪ سا، صدين جو پڙلاءُ،

هيرُن منجهه هڳاءُ، ڌرتي ويئي واسجي.

 

بيٺل آهن ٻـِٽ، تنهنجو قول ۽ فعل ٻئي،

ڪاڇو برٿر ڀٽ، چڱيءَ پر آگاهه آ.

 

خاصي آ خوشبوءِ، تو وٽ آجي ديس جي،

ٿُوڪاري تو هر سمي، ٻانهپ جي بُدبُوءِ،

جيءَ ۾ سانڍي، جُوءِ، جيءُ به ڇڙيئه جُوءِ سين!

 

تون ئي ڌرتي پاڻ، پنهنجي اندر جي پسين،

سُونهي ٿي واکاڻ، تنهنجي ڏات ۽ ڏاتو جي.

 

 

محمد هاشم ’سائل لاکو

 

اعلان  ٿي وڃي!

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي،

جيڪو ٻُڌي ٻُڌڻ سان حيران ٿي وڃي.

 

دل ۾ اُميد آ هڪ ميلو  لڳائيان،

شاعر فقير عاشق گذريل سڏائيان،

منهنجي ته دردِ دل جو درمان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو اعلان ٿي وڃي،

جيڪو ٻُڌي ٻُڌڻ سان حيران ٿي وڃي.

 

سهڻي مـِهار سڏيان، درياءُ مان اچن،

مومل ۽ راڻو نڪري آڙاهه مان اچن،

مضبوط عشق دل جو ايمان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو اعلان ٿي وڃي.

 

رانجهن ۽ هير گڏجي جهنگ سيال مان اچن،

سورٺ ڏياچ جهونا ڳڙهه حال مان اچن،

نوري سان گڏ تماچي مهمان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

فرهاد ساڻ شيرين ايران مان اچن،

سسئي پنهون ٻئي گڏجي مڪران مان اچن،

مشڪل پوءِ زندگي جو آسان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

تبريزي، شيخ سعدي شيرازي گڏ اچن،

سرمد، سچل، عنايت، شهباز گڏ اچن،

منصور ميزبان ٿي، ڇا ڇا نه ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

روحل، مراد، مصري، اُن سان حمل هجي،

تارڪ، فريد، بيدل، ان سان ڪنول هجي،

گڏ ساڻ اُن سان باهو سلطان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

اختر، غلام، عارف، هالو جمن اچن،

صاحبڏنو، زمان شاهه، صوفي شمن اچن،

گڏ ساڻ اُن سان  واڍو رمضان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

صادق ۽ خير محمد، ان سان ٻڍل هجي،

مفتون ۽ رکيل شاهه اُن سان مٺل هجي،

اڳواڻ اُن جو حافظ ديوان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

استاد شاهه بخاري، اعجاز راشدي،

احمد ملاح، ناظم، سرشار سرمدي،

خود آجيان ۾ اُن جي عرفان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

اُستاد منهنجو مطلب الموليٰ سڄڻ سٺو،

منٺار جو به مرشد ماکي ڪنان  مٺو،

محمد کٽياڻ اُن جو پروان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

تلسي، مدن، ۽ سامي، خوشحال گڏ اچن،

خدمت ۾ شيخ اُن جي ذي شان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

ڀـِٽ جو لطيف محفل اُن جو صدر هجي،

مهمان خاص ڀر ۾ تنهن جي تمر هجي،

’سائل‘ ڏسي خوشيءَ ۾ قربان ٿي وڃي،

چَو شعر عشق جو دل اعلان ٿي وڃي.

 

حُبدار سولنگي

غزل

 

حياتي سونهن جي نيڻن ۾ اُجري پيار جهڙي آ،

حياتي رُوح تي ڪنهن عشق جو مهڪار جهڙي آ.

حياتي ڄڻ ته صحرا جو ٿڪائيندڙ سفر آهي،

حياتي سمجهه-ساگر ۾ ٻُڏل ٻيڙيءَ جيان آهي،

حياتي سوچ ۾ اُلجهي ويل اسرار جهڙي آ.

حياتي سرد سناٽو حياتي سحر راتين جو،

حياتي ڄڻ ته تنهائيءَ جي ڦهليل ڄار جهڙي آ.

حياتي ڄڻ ته خدا جي ويجهڙائيءَ جي بصيرت آ،

حياتي ڄن ته صوفيءَ جي الڳ سنسار جهڙي آ.

حياتي ڄڻ ته پوپٽ جي اڳيان خوشبو جيان آهي،

حياتي گُل مٿان ڄڻ ڀؤنر جي گونجار جهڙي آ.

حياتي ڄڻ سمئه جو خوبصورت سَچُ آهي ڪو،

حياتي وقت جي عالي قدر ويچار جهڙي آ.

حياتي ڏات، ڏاهپ ۽ نئون ادراڪ آ ’حبدار‘،

حياتي اڻ پڙهئي جي هَٿَ ۾ اخبار جهڙي آ.

 

اختر  درگاهي

 غزل

 

جندڙي دردن ماري آهي،

تنهنجي پيار جياري آهي.

توسان منهنجي رات به روشن،

توبـِن ڄڻ انڌياري آهي.

تنهنجي ديد جي بَرکا گهرجي،

هيءَ دل ٿر جي واري آهي.

تنهنجي مُرڪ، نـِهار ۽ چاهت،

پياري، پياري، پياري آهي.

مولا پنهنجي ڪرم سان تنهنجي،

ڪيڏي سُونهن سَنواري آهي.

هستي، هوڏ نه رهندي هاڻي،

تو جا مَڌُ پياري آهي.

 

مخمور بخاري

واري!

سنڌو پيٽ ۾ واري

ملاحن جا ٻيڙا اَڌ لُٽيل

۽ تَتل ڏينهن جي تپش

بُک ۾ پاهه ملاح کي

هيڻو ڪري ڇڏي ٿي،

۽ سوچ جو رهزن بگهڙ

هن کي چيريندو رهي ٿو

۽ هُن جي بندن مان رت ڦڙي بجاءِ

واري جا ذرا، گرم هوا سان اُڏن ٿا.

 

ڇو ته هُن،

ڪيترن ڏينهن کان

ڪڻڪ جي ماني پچاءِ،

واري کاڌي آهي!

 

امر ساهڙ

غزل

وَسي ٿي چاندني ڀـِٽ تي،

نچي ٿي شاعري سِـٽ تي-

سَڄي ٿي سُرخ ويئي آ،

ڏنس ٿس ڪنهن مـِٺي مـِٽ تي-

وڃي ٿي ويڙهجي وَرَ سان،

کـِنوڻ جي کينچلي کـِٽ تي-

هلي ٿا چين کي ڳوليون،

ڀٽائي گهوٽ جي ڀـِٽ تي-

پکيڙي پيار ٿي پيئي،

چپن ذريعي چُميءَ چـِٽَ تي-

اسين آمين چونداسون،

پرين! تنهنجي ڏنل پِٽَ تي-

 

احمد  ٽالپر

 

غزل

 

ڏُور گهاري به ٿو سمجهان، نه وساريو هوندءِ!

ڏاڍو بيچين ٿي ڪنهن وير ته ساريو هوندءِ!

اوچتو سار سندم ڪائي جو سـِرجي هوندي،

بيهي آئيني اڳيان پاڻ سَنواريو هوندءِ!

هانءُ جي هوڏ کان مجبور ٿي مون لاءِ پرين،

بند کڙڪيءَ  کي پَٽي پوءِ نهاريو هوندءِ!

گهر مٿان ويهي جڏهن ڪانگ لَنويو هوندو وري،

ڪار رکي آس نئين يار اُڏاريو هوندءِ!

خواب ۾ يا ته تصور ۾ مٺا مون کي ڏِسي،

تات ۾ تڙپي ڏکيو وقت گذاريو هوندءِ!

ڪنهن سمي سانت ۾ تنهائي کان گهٻرائي پرين،

پنهنجي ’احمد‘ کي وري پَڪَ پُڪاريو هوندءِ!

 

غزل

 

يادن جو بند کڙڪيون، جنهن پل کُلي پون ٿيون،

مَن بَن ۾ ڄڻ ڏکڻ جون، هيرون گهُلي پون ٿيون.

 

سوچن جو سانت ساگر، اُٿلي پوي ٿو ٻيهر،

اندر ۾ سار سڪ جون ڇوليون ڇُلي پون ٿيون.

 

موتيو ۽ ماڪ بنجي، جيڪي ڀنيءَ ڪيونسين،

ڳالهيون اُهي اڃا ڀي، هرجا هُلي پون ٿيون.

 

مُرڪون ۽ چلولايون، توبن اي يار ’احمد‘،

وِڌواٿيل ونيءَ جان، روئي رُلي پون ٿيون.

 

ظهير زرداري

 

وائي

 

وسري سگهندين تون!

آءٌ وسارڻ توکي چاهيان.

منهنجي دل جي دنيا ڇا هي؟

سمجهي سگهندين تون!

ٿو سمجهائڻ توکي چاهيان.

منهنجي غم جو گيت نرالو،

بڻجي سگهندين تون!

هر هر ڳائڻ توکي چاهيان.

مان جئن تڙپان تولئه راتيون،

تڙپي سگهندين تون!

ٿو تڙپائڻ توکي چاهيان.

روشن ديپ ’ظهير‘ جو آهين،

گُل ٿي سگهندين تون!

ڪيئن وِسائڻ توکي چاهيان.

 

خليل عارف سومرو

 

غزل

درد توکان حضور ملڻو هو،

زندگي کي سُرور ملڻو هو.

بي گُناهي گُناهه ثابت ٿي،

هيءُ تحفو ضرور ملڻو هو.

نياز نوڙت نصيب پنهنجو هو،

توکي ڀاڳين غرور ملڻو هو.

ڏوهه ڪهڙو ڀلا زماني تي،

پاڻ کي ايئن شعور ملڻو هو.

شاعريءَ مان جهان کي ’عارف‘،

روشني لاءِ نور ملڻو هو.

 

مختار  گهمرو

وائي

 

ماڻهن وڪيو ماڻهپو، سورن ۾ سڀڪو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

وحشت واءُ وجود ۾، دهشت ۽ ڌڌڪو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ڪڙ ڪڙ ڪانَ ڪلاشنون، ماڻهو رت وهنتو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ڌاڙا، اغوا، دهشتون، پنهنجو ڙي پنهنجو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

سڏڪا سڏڪا سنڌڙي، رتو رت رستو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

پنهنجائپ کي پوءِ ڀي، آيو ڇو نه جهُٻو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ڌارين سوچيون سازشيون، پاڻيءَ تي پهرو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ڏاها پنهنجي ڏيهه لئه، سوچو ۽ لوچو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ايڪي ريءَ ’مختار‘ ٻيو، ڪونهي ڪو رستو،

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

ڌرتي ارتي ٿي پئي.

*

 

ذالفقار گاڏهي

 

درد جي کاڻ

 

ظلم نڪتو آ پنهنجي خاني مان

ڪير هـِن کي ٻُڌايو سمجهائي

ڪير ڳالهاءِ؟ هـِن سان دک پائي!

 

ڪالهه جيڪو ڦُٽو هو آني مان

اڄ اُهو جوان ٿي ويو آهي

’خاني‘ مان ’خان‘ ٿي ويو آهي.

 

رحم طلبيو وڃي ٿو ٿاڻي تان

ٿاڻو- جنهن کي سڏيو ويو گهاڻو آ

گهاڻو-جنهن پيڙيو داڻو داڻو آ.

 

وقت ظالم، اسان جي ننگن سان

تنگ ڪيڏو ڪري ٿو رستي تي

روز سُڏڪو مري ٿو رستي تي.

 

ڀاڻ جا ڀاڻ ٿي پيا آهيون

درد جي کاڻ ٿي پيا آهيون.

 

محمد خان ”مخمور“

 

پڇتائيندين!

انگ ڄڀين ۾ جنهن جو

لنگهه لُنڊين تان جنهن جو

ڏينهن هجن يا راتيون

نيشن سان جنهن جون باتيون

ڪئن تنهن سان توڙ نڀائيندين

ڪرڪ تتل واريءَ تي

ڪئن نازڪ پيرا پائيندين؟

پڇتائيندين! پڇتائيندين!

 

گيت

 

منهنجا مٺڙا، مينهڙا آيا،

ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهڙا آيا.

توکي ڏاڍو ياد ڪريان ٿو،

آهه ڀريان ٿو!

 

آڪاس گُڙي، جهنگ ٻُري ٿو،

آليون اکڙيون هانءُ ڀُري ٿو،

توکي ڏاڍو ياد ڪريان ٿو،

آهه ڀريان ٿو!

چوڏس پکڙيون سايون ولڙيون،

رنگ برنگي ٻوٽين ڦلڙيون،

توکي ڏاڍو ياد ڪريان ٿو،

آهه ڀريان ٿو!

 

 

غزل

 

وڻ وڻ  پيلا پَنَ رهڻ وارا ناهن،

ٽارين تي سي هاڻ ٽـِڪڻ وارا ناهن.

بيٺي آهين اُڀي پڌر ۾ ڪنهن جي لئه،

هليا ويا جي سي ته ورڻ وارا ناهن.

ويڄ ڪُويڄ الائي ڇا جي لئه آندءِ،

وِرچي پيا جي ڦَٽَ ڇُٽڻ وارا ناهن.

پوڃاڙيءَ جو ڪنهن جا پيرا پئي کڻين؟

ساميئڙا سي مُور ملڻ وارا آهن!

هي ناتا آهن تند اهڙيءَ جا جُڙيل،

ٽٽا ته جوڙڻ ساڻ جڙڻ وارا ناهن.

 

غزل

سڀ بند دريون در ٿيا، پردا به ڪريل آهن،

گهر ساڳيو آهي پر ماڻهو ته ڦريل آهن.

ڇڄڻو نه هئين تون پر ڪنهن تو کي ڇنو مون کان،

هي هيڏيون وڏيون ڀتيون ڪنهن جون ته کنيل آهن.

هي واءَ وريا ڪهڙا هي ڏينهن ڏٺم ڪهڙا،

گهر گسَ گهٽيون ۽ دڳ، سڀ مون کان رٺل آهن.

جا واٽ اٿئي ورتي، رت پير ڪندي تنهنجا،

جي گُلَ اٿئي وڻيا، ڪنڊن سان ڀريل آهن.

ڇو ڏوهه ڏيان ڪنهن کي، ڇو ڇوهه ڇنڊيان ڪنهن تي،

’مخمور‘ نصيبن ۾، رولا جي لکيل آهن.

 

انيتا شاهه

ڄام شورا!…اسان کي وڇوڙو نه ڏين ها!

ڄام شورو اسان جي جواني ۽ جوڀن

۽ ڪجلين اکين جو اشارو هيو

ڄام شورو اسان جي وفائن جفائن

جي پهرين پهر جي ڪٿا ڄڻ ته ڪا

جنهن جي ڏينهن جي ڏَنگن

۽ راتين جي رُهنڊُن هٿان

ڄام شوري جا چنچل هوائن مٿان،

پيار پنهنجي تي پَل پَل  جا پهرا هيا،

تنهنجي يادن جي ڪاڪل جي قيدين مٿان،

ڇير ڇمڪڻ جا ڇمڪا  ڇُليل جو هيا،

سونهن جي ساهه ۾

رات جو روح هو!

 

ڄامِ شورو اسان جي دلين ۾ دٻيل

هـِيرَ جي هنج ۾ ڄڻ ڪو رانجهو هيو،

جنهن جي ساهن جي سَرَ سان

سنڀاريل سوين

يادگيرين جي ديسن جا ديرا هيا!

 

ڄام شورو سا وَستي ۽ مستي هيو

جنهن جي جوڀن تان صدقي جوانيون ڪجن

جنهن جي چوڏس چـِٽي

چاندنيءَ کي ڏسي

سونهن جي ساز تي

رقص ۾ ريجهجي

 

ڄام شور و حيا ۽ ڏَيا جو شهر

جنهن سان لونءَ لائجي

پاڻ پرڀائجي

چنڊ چهري چمڻ جي رکي چاهنا

هُن کي پرچائجي.

هُن کي سرچائجي.

ڄام شوري جي بي ڪل گسن تي رسي،

دل جو بيدادوستيءَ تي واسو ڪري،

عشق جي اوٽ ۾

ڪي ترانا پڙهي

انگل آرا ڪجن

ڪي نظارا ڪجن.

 

ڄام شورو پرين جي پَٽَن جو پڌر

ڄام شورو چَرين چاهتن جو نگر

پيار جي جنهن ۾ ڪائي پڄاڻي نه هئي

جنهن ۾ ساماڻي چاهت اسان جي هئي.

ڄام شورو اسان کي ڇڏي ئي نٿو

يا اسان جي محبت جو سَڏُ آهه ڪو

ڄام شوري سان جيڪو ڳنڍيندو رهيو،

ڪنهن پڙاڏي جيان

ڄام شورو اسان جي اُميدن جي

آڪاش جو ڄڻ ته ڪوئي ستارو هيو،

اسين پنج سال

جنهن ۾ پنهنجا گذاري وڃون ٿا پيا،

 ياد هُن  جي اسان کي پئي کائيندي

جيڪا سُورن جي سنسار ۾

بس پئي  ڳائيندي

ته ڄڻ ڄام شورو اُداسين

۽ خوشين جي اَڻکٽ ڪهاڻي هئي

پاڻ سڀ بس  اُنهيءَ جا

ڪي ڪردار  هئاسين

ڪـِن ته پنهنجي اچڻ جون ڪي مَهلون ڪيون

ڪن ته دلڙيون کسيون

ڪِن ته دلڙيون ڏنيون

جن جي چپڙن جي چانئٺ

چمڻ کان اڳي

دل جي آڳنڌ تي

اکڙيون سانوڻي مينهن وانگر وُٺيون

کـِلَ کنوڻين کجي

هو رئاري ڇڏيو.

 

ڄام شوري اسان کي کـِلايو گهڻو

ڄام شوري اسان کي روئاريو گهڻو

ڄام شوري جي بس حـِس حسينن هٿان

ڄام شوري جا ڪافر ته ڪُسبا رهيا

من ئي من ۾ مُٺا ماربا ئي رهيا

سي ستم ڪنهن جي نظرن جي

ڏسجڻ بنان جيڪي ڪنهن جي

ڪٽورين اکين ٿي ڪيا

ڪنهن جي معصوم بيوس محبت مٿان

ڄام شوري اُهي ظلم ڏسندو رهيو.

 

ڄام شوري جي سيني  تي اُڀري سدا

چاهه جا چنڊ چڙهندا ۽ ٻُڏندا رهيا

ڄام شورو اسان جي محبت جي مامن

کي سمجهي ويو

دل نٽايو گهڻو

ها، مگر ڪئن ڪجي؟
وقت جي وِيرَ ۾

’هُن‘ جي لفظن تي هـِريل هوائن ڪري

ڪي قيامت جون گهڙيون به گذري ويون

پنهنجي لُڙڪن سندي

روز بارش هئي

ڪو ڪُلهو ڪو نه هو

ها وِهاڻا هيا!

خوف ۽ خواب بس

ساڻا ساڻا هيا!

روح رم جهم هيو

ساهه ۾ سوڙهه هئي

دل ته توکان به اڳتي

ڏٺو ٿي گهڻو

پر اِهو تون ٻڌاءِ

تنهنجي جلون جي جيلن

۽ يادن جي مقتل

سندي سا ڪشش

ڪيئن وساري ڇڏيان؟

 

ڄام شورا! ٻُڌائين ته ڏاڍو سٺو!

ڪيئن تو کي ڇڏيان

ياد هن جي ته توسان ٻڌل هئي پرين

ڄام شورا! اسان تي به ڪا مهر ڪر!

دل جي ديهن مان ايئن

چئن سالن جي پيالي

پيڻ جي پڄاڻان

وڇوڙو نه ڏين ها

ڄام شورا!

اسان کي هو تُنهنجو  سهارو

سو کسين ها نه اِيئن

ڄام شورا!

اسان کي وڇوڙو نه ڏين ها!

منهنجي دل

گهرو ۽ نيرو آ سمنڊ ڄڻ

سمنڊ ۾ درد ڇوليون هڻي پيو

۽ چئني ڏِسائن

رڳو رڻ رڙَي پيو

۽ اُونداهـِيون  ڪارِيون چادرون

اوڍي سڀ لڙڪ

آسون اميدون

وسامي ويون

پاڇو انسانيت جو به

ٿيندووڃي پيو پري

هاڻ وحشت ۽ دهشت ئي آهي رڳو…

اُهو ڏينهن ايندو ڪڏهن

جو پرڀات بڻبي مقدر اسان جو

 

امن، ها امن

وحشين جي وسنديءَ ۾ ورندو به يا ڪو نه ورندو!

جتي ڪير ڪنهن جو نه آهي

جتي جي رهاڪن محبت جو اُجرو اکر

پنهنجي ذهنن جي ڪئنواس تان

آهه کُرڙي ڇڏيو!

جتي هاڻ انسانيت

آهه وحشيپڻي ۾ بدلجي چڪي

ڪير چوندو ته هي آهه ماڻهن جي وسندي!

 


 

سحر امداد

سونامي (Tsunami)

هن ڌرتيءَ جي ستين تهه مان نڪتا ها

اُجڙيل وستيءَ جا آثار

هڪڙي گهر جي ڪمري مان

ماس بنان انساني پڃرا

آءٌ ائين ئي سوچيان ٿي

من ئي من ۾ لوچيان ٿي

 

ڇا هي هُن جو پڃرو آهي؟

ڇا هي منهنجو پڃرو آهي؟

 

پنج هزار سال اڳي آءٌ الاءِ ڪهڙي هونديس؟

۽ پڻ منهنجو سائين هوندو ڪهڙو؟

اُن پڃري جون اکڙيون هونديون ڪهڙيون؟

اُن پڃڙي جا مُنهن’ مهانڊا ڪهڙا هوندا؟

ڇا مون جهڙا؟

يا هُن جهڙا؟

ڪهڙا-ڪهڙا!

 

اُن پڃري ۾ هڪ دل به ته هوندي

اُن ۾ ڌڙڪن به ته هوندي!

۽ اُن ڌڙڪڻ ۾ هوندي هُوءَ-

-يا هوندو هُو!

اُن پڃري ۾ ڪجهه سوچيندڙ

ڪجهه لوچيندڙ

هڪڙو ذهن به هوندو

اُن پڃري جي لُڪيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ ساهن ۾

ڪي سُرَ به هوندا

 

ساهن ۾ ڪا سُرهي سُرهي سار به هوندي

اُن پڃري جا مهاوِير پڳ مَٽ ڪي يار به هوندا

جاني جيءَ جيار به هوندا

اُن پڃري جا ڪي پيارا پيارا ٻار به هوندا!

 

هي ڳالهه گهڻي پراڻي آهي

جا صدين جي آکاڻي آهي

منهنجي ڌنڌلي ساروڻين ۾ ڪجهه ته سُري ٿو

ڳالهه پراڻي آهي پر…

منهنجي هان ۾ ڪجهه ته هُري ٿو

مون کي ڪجهه ڪجهه ياد اچي ٿو:

 

شايد منهنجو شهر (مُهين جو شهر) ائين ئي

سوناميءَ جو بَکُ ٿيو هو

هن پڃري جون اکڙيون ۽ اکڙين جا خواب

هن پڃري جي  دل-

۽ اُن دل جي ڌڙڪن پڻ

۽ چپڙن تي ٻول، سُريلا سُر-سُرٻاٽ

سمورا اڻپورائي رهجي ويا ها!

هن پڃري جا جيڏا سرتا

(جيڏيون سرتيون)

يار سمورا

۽ ننڍڙا ننڍڙا، پيارا پيارا ٻار سمورا

سوناميءَ جو بَکُ ٿيا ها!

خواب سمورا رکَ ٿيا ها!

 

مون کي ڪجهه ڪجهه ياد اچي ٿو…

مون کي ڪجهه ڪجهه ياد اچي ٿو…

 

امداد حسيني

 

ڪيرائيندو؟

 

ڪير ايندو هـِتي ڪير ايندو هـِتي ڪير ايندو؟

 

آءٌ ماڻو ڪري رُسندس به ته پرچائيندو ڪير؟

آءٌ ڪنهن ڳالهه تي رُئندس به ته سرچائيندو ڪير؟

آءٌ خاموش جي رهندس به ته ڳالهائيندوڪير؟

لوڪ منهن موڪ ڌڪاري ته ڳلي لائيندو ڪير؟

دل جي سيني ۾ ٻُڏي وئي به ته ڌڙڪائيندو ڪير؟

طاق ويران تي سُتل شمع کي جاڳائيندو ڪير؟

 

ڪير هن خالي کُليل هٿ ۾ اچي هٿ  ڏيندو؟

ڪير ايندو هِتي ڪير ايندو هِتي ڪير ايندو؟

منهنجي آواز سان آواز ملائيندو ڪير؟

هَٿَ ۾ هَٿُ ڏئي وِکَ واڌئيندو ڪير؟

سـِٽ جي سينڌ ۾ سـِندُور سَجائيندو ڪير؟

آءٌ ڪو گيت رچيندس به ته ڳائيندو ڪير؟

آءٌ ڪو نظم به لکندس  ته ڇپائيندو ڪير؟

سـِنڌيُنِ ڏانهن سنيهي کي رَسائيندو ڪير؟

آءٌ گمراهه سهي راهه سُنهائيندو ڪير؟

وڇڙِيل آهـِيان خود کان ته ملائيندو ڪير؟

ڀَوَ ساگر منجهان هُن پار پُڄائيندو ڪير؟

ڪير، ها ڪير؟ وِيلَ ويلَ وَرَائيندو ڪير؟

هن سُڃي سيڄ مٿان وار وڇائيندو ڪير؟

 

ڪير هن رات جي تنهائيءَ جو ساٿي ٿيندو؟

ڪير ايندو هـِتي ڪير ايندو هـِتي ڪير ايندو؟

 

 

ٽيڙو جهڙا ٽهڪَ

 

او ڌرتي! او ماءِ!

نيڻن ننڊ ڪٿي هئي-

تنهنجي هنج سواءِ!

 

گُل به آهن گُلَ

پر تنهنجين هٻڪارن جا

هُل به آهن هُل

 

من ۾ اڳ ئي چهڪ،

مٿان اسان کي ڀاسـِيا-

ٽيڙُو جهڙا ٽهڪ!

 

شوگران جا اي شهيدو!

 

شوگران جا اي شهيدو،

اي گهوٽ، ڳڀرو، سـِنڌ جا

مون سوچيو هو

مان اوهان تي نظم لکندس

نظم ڇا؟ هڪ زخم لکندس

جو سدا گل وانگيان ٽـِڙندو پَني تي

 

شوگران جا اي شهيدو!

اي گهوٽ، ڳڀرو سـِنڌ جا

سنڌ کان ايڏو پري-ڪيڏو پري!

بُکَ  ۾ اُڃَ ۾ ۽ سُڃَ ۾ ۽ سيءَ ۾

سنڌ کي ساريو ته هوندوَ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com