سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :2

 

منگليش ڊيرال                                                 هندي (ڀارت)

بابا جي تصوير

بابا جي جوانيءَ جون ننڍيون ننڍيون کوڙ ساريون تصويرون آهن

اُهي سموري گهر ۾ وکريل آهن

سندس اکين ۾ ڪا خوبصورت شيءِ

چٽي چمڪندي ڏسجي ٿي

اُها شايد چڱائي آهي يا ساهس آهي يا اُميد

تصوير ۾ بابا کنگهي نٿو

وياڪل نٿو ٿئي

سندس هٿن پيرن ۾ درد نٿو ٿئي.

هو جهڪي نٿو، ٺاهه نٿو ڪري

هڪ ڏينهن بابا پنهنجي تصوير جي ڀرسان

بيهي رهي ٿو ۽ سمجهائڻ لڳي ٿو

ڄڻ ماستر ٻارن کي

ڪنهن نقشي جي باري ۾ ٻڌائيندو هجي.

بابا چوي ٿو مان پنهنجي تصوير جهڙو نه رهيو آهيان

پر مون جيڪي نوان ڪمرا ٺاهيا آهن

هن پُراڻي گهر ۾ اُهي تون کڻ

منهنجي چڱائي کڻ اُنهن بُراين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ

جيڪي توکي پنهنجي رستي ۾ ملنديون

تون منهنجي ننڊ نه کڻ منهنجا سپنا کڻ

مان آهيان جو فڪر ڪريان ٿو پريشان ٿيان ٿو

جُهڪندو آهيان ۽ ٺاهه ڪندو آهيان

هٿن پيرن ۾ درد کان ڪنجهان ٿو

بابا وانگر کنگهان به ٿو

ساهس ۽ اُميد جي لاءِ

دير تائين بابا جي تصوير کي ڏسان ٿو.

..........

 

ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

ص و ر ت    ح ا ل

(1)

صورتحال اها آهي ته سڄي دنيا جي اَڌ کان مٿي نه سهي، پر اڌ آبادي عورتن جي آهي. اسان جي ملڪ ۾ به اڌ آبادي عورتن جي آهي. سڄي دنيا جون عورتون، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ادب، سياست، صنعت، بزنيس، راندين، پرفارمنگ، آرٽ، سرڪاري/خانگي نوڪرين ۾ - هر هنڌ - عورت پنهنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس ڏياريو آهي. ايستائين جو عورت پولار (Space) ۾ به وڃي چڪي آهي.

اسان جي ملڪ ۾ ان ڏس ۾ صورتحال سُڌاري جي اڃا جهڙوڪر پهرين تاڪن تي آهي. توڙي جو اسان جي ملڪ جي عورت به زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ٻني ٻاري ۾، سياست ۾، ڪارخانن ۾، آفيسن ۾، راندين ۾، درس تدريس ۾، طب ۾، علم ادب ۾، هر هنڌ هوءَ موجود آهي. رستي تي ڏينهن تتي جَو، پٿرن ڪٽڻ کان وٺي، هوائي جهاز اُڏائڻ تائين - هوءَ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نمايان ٿي بيٺي آهي.

Women's Expo

عورتن جي ترقيءَ لاءِ، وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر نيلوفر بختيار ”وِمين ايڪسپو“ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عورتن لاءِ اهو بين الاقوامي نماءُ 13 کان 16 اپريل تائين منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ چئني صوبن جون نمائنده عورتون شرڪت ڪنديون.

نيلوفر بختيار هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستاني عورت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي.

هن چيو ته هاڻوڪي سرڪار کي ويساهه آهي ته ملڪ جي عورتن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ جيڪو بهرو ورتو آهي ۽ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، اُن جي هاڪاري پاسن کان اُجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ان ڏس ۾، انهن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم گهُرجي، جتي اُهي گڏجي سگهن، پنهنجن مسئلن تي ڳالهائي سگهن، پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. پنهنجن ڪارنامن تي جشن ملهائي سگهن. عورتن جي ترقيءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهن ۽ پنهنجن سماجي خدمتن کي اُجاگر ڪري سگهن، پنهنجي سڃاڻپ جو اظهار ڪري سگهن، جنهن جي نتيجي ۾ سماج جي ميمبر جي حيثيت ۾ پنهنجي لياقت ۽ خودمختياريءَ کي خوشي سان ماڻي سگهن.

نيلوفر بختيار چيو ته وِمين ايڪسپو هڪ اهڙو ئي پليٽ فارم آهي، جتي توقع آهي ته 100،000 پاڪستاني عورتون گڏ ٿي سگهنديون ۽ عورتن جي ترقيءَ واري وزارت وِمين ايڪسپو منعقد ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.

ان نماءُ جي هڪ مکيه ڳالهه اها به آهي ته ان ڏس ۾ هڪ هال مختص ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ”هنرمند“. جنهن ۾ چئني صوبن جون هنرمند عورتون پنهنجون، گهر ۾ ٺاهيل شيون رکنديون.

ان ريت گهٽ ۾ گهٽ اهو ته فائدو ٿيندو ته پورهيت عورتن کي نمائندگي ڏيڻ سان سندن همت افزائي ٿيندي. ان ڏس ۾ هڪ ٽرين پشاور کان ڪراچيءَ تائين هلائي ويندي، جنهن ۾ هنرمند عورتن جون ٺاهيل شيون نماءُ لاءِ رکيون وينديون. اها ٽرين 11 اپريل تي پشاور کان هلندي ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ پهچندي.

سيمينار، ورڪشاپن سان گڏ سِکيا جي ويهڪ پڻ رکي ويندي. ان موقعي تي سڄي ڏينهن جي هڪ ڪانفرنس جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي.   (”ڊان“ جي ٿورن سان.)

 

(2)

هاڻوڪي سرڪار عورتن جي ڀلائيءَ، بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا آهن. جهڙوڪ: قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ ۾ انهن جو انگ وڌايو ويو آهي، ضلعي اسيمبلين کان يونين ڪائونسلن جي سطح تي به عورتن جو چڱو انگ ميمبر طور موجود آهي، پر عورت جيڪا ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءُ آهي، زال آهي. ۽ انهن سڀني حيثيتن ۾ هوءَ پنهنجا فرض سهڻائيءَ سان نڀائي رهي آهي. اُن جو ”حال“ مجموعي طور اڄ به ”بدحال“ آهي. هُن کي ته اسين اُهي حق به نه ڏئي رهيا آهيون،جيڪي اسلام کيس ڏنا آهن. فرق رڳو اهو آهي ته ”دور جاهليت“ ۾ اُن کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي ننهن ڏئي دفن ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي اُڌي ساماڻي نياڻيءَ کي ”ڪاري“ ڪري بنان ڪفن کڏ ۾ ڦٽو ڪيو ٿو وڃي! ٻيءَ ڌُر جي ڪنهن ڪونڌر کي ڪُهڻو آهي ته پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ايستائين جو ماءُ تي به ڪارنهن جو الزام هڻي ان جو سِر قلم ڪيو ٿو وڃي! اهڙي ئي هڪ ڪڌي رسم ضلعي ”ميانوالي“ ۾ به آهي: وَني يا سوارا! جنهن ۾ ڏوهي قرار ڏنل ڌُر طرفان ”خون بها“ ۾ پنهنجون نياڻيون ڏنڊ طور ڏنيون وڃن ٿيون.

”ڊان“ ۾ ان وَني/سوارا جهڙي ڪُڌي رسم تي ايڊيٽوريل به آيو آهي.

 

(3)

اڃا ڪي آهين

ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ڳالهائيندا آهن ته دل چوندي آهي ته اُهي ڳالهائيندا رهن ۽ اسين ٻڌندا رهون. انهن سان جڏهن ذاتي ڪچهري ٿيندي آهي ته هيٺين لوڪ - سِٽ ياد اچي ويندي آهي:

سَٿَ ويهڻ، موتي پُوئڻ، اِيءُ وينجهارن ڪم!

سو پروفيسر سيد قوي احمد به اهڙن ئي ماڻهن مان آهي. کيس علم ادب، فلسفي، قرآن، فارسي، اردو شاعريءَ جو گهرو مطالعو آهي. خاص طور حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ کي قوي صاحب هڪ مختلف نڪتئه نظر سان پيش ڪري ٿو. مان ۽ امداد قوي صاحب کي سدائين لطيف تي ڪجهه لکڻ لاءِ چوندا آهيون. پر قوي صاحب هڪ اڪنامسٽ به آهي ۽ لفظن کي توري تڪي ادا ڪندو آهي. هن اُم الڪلام پروفيسر مريم نوحاڻيءَ سان ملهايل شام ۾ جيڪي ڳالهايو آهي، اُهو هِنئين سين هنڊائڻ جهڙو آهي. اهي املهه لفظ توهين ”سرتيون“ اپريل 2006ع ۾ ڇپي چڪيون آهيون، پر هتي مان اُهي وري ورجايان ٿي:

”اسان جي معاشري جڏهن کان دولت کي اوليت ۽ علم کي ٻيو درجو ڏنو آهي تڏهن کان اسين پوئتي رهيا آهيون جنهن جو شڪار سڄو ملڪ آهي.“

”آپا مريم سلطانه نوحاڻي اسان جي تهذيب جي علامت آهي.“

”وڏي عرصي تائين عورتن تي ڀروسو نه ڪرڻ سبب مسلمان عورتون تعليم ۾ سڀني کان پوئتي آهن. اهي پڙهي نه سگهيون آهن.“

”اها اقتصاديات جي ستم ظريفي آهي جو عورت جو گهر سنڀالڻ، ٻچن پالڻ وارو پورهيو ڪٿي به نٿو ڳڻيو وڃي ۽ اُن کي معاشيات کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.“

سو ويچاري عورت ”پيٽ - گنديءَ“ تي سڄي زندگي گذاري ٿي ڇڏي!

 

(4)

سچ ۽ ڪچ جي ويڙهه ۾

ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي - ٻئي ڀينرون - هاڻي ته هُو ڪاليج جون شاگردياڻيون آهن. پر جڏهن سندن ڄمار اڃا 6 سال ۽ 8 سال هئي، تڏهن وَنيءَ/سوارا رسم پٽاندر سندن نڪاح مقتول جي پُٽن سان پڙهايو ويو.

ٿيو هيئن ته سندن پيءَ کان خون ٿي ويو. خون جي عيوضي ۾ هُن پنهنجون ڌيئرون مقتول جي پٽن جي نڪاح ۾ ڏنيون

پر جڏهن اُهي ڀينرون - ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي لائق ٿيون - ۽ نيکيٽيءَ جو وقت آيو، تڏهن هنن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ٻنهي ڀينرن سول ڪورٽ ۾، اهڙي پرڻي خلاف، اپيل ڪئي. ڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو. پر ان فيصلي کي ٻنهي گهوٽن توڙي قبيلن مڃڻ کان نابري واري.

ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هو ڪاليج ۾ پڙهن ٿيون، جڏهن ته جن ماڻهن سان سندن نڪاح وڌو ويو آهي، اُهي اڻپڙهيل ۽ ڄٽ آهن. اها به خبر پئي آهي ته پيش امام مذهب جي نالي ۾، اُنهن نياڻين کي وَنِيءَ/سوارا روايت جي پاسداري ڪندي، پنهنجن مڙسن سان وڃڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي.

 

(5)

اسان جو سماج Male Dominated آهي. مطلب ته اهو مردن جو سماج آهي. سو جيڪڏهن ”عورتن جي ترقيءَ واريءَ وزارت“ تي به مردن جو غلبو آهي ته ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ان ڏس ۾ قومي اسيمبليءَ کي اهڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. 7 اپريل، جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو ته وزارت ۾ ملازمن جو ڪل تعداد 114 آهي، جن مان 98 مرد حضرات آهن، باقي 16 عورتون آهن! اهڙي ڄاڻ ايم ايم اي جي رڪن سمعيه راحيلا قاضيءَ جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڏني وئي.

 

(6)

ڪلثوم ۽ نصرت

ڳري دِيت انهن ٻن نياڻين کي وَنيءَ/سوارا جي سوريءَ تي چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي. مٿي نمبر (2) ۽ (4) ۾ اسان ان سلسلي ۾ لکيو آهي. روزاني ”ڊان“ 8 مارچ تي اهڙي خبر ڇاپي آهي ته دائود خيل پوليس ۽ تر جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ تي 170،000 رپيا دئيت اوڳاڙڻ کان پوءِ مڙسن انهن نينگرين کي طلاق ڏني.

رپورٽون اهي آهن ته اپريل 1985 تي، زمين جي تڪرار تي، امان الله خان کي دائود خيل جي عطاءَ الله خان جي خون جي ڏوهه ۾ جهليو ويو. ميانوالي جي سيشن جج هن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا وڏڙا ۽ هڏ ڏوکي وچ ۾ پيا ۽ منجهن اهو ٺاهه ٿيو ته متاثر ڌر کي 250,000 ڏنا ويندا ۽ قاتل پنهنجون ٻه ڌيئرون به مقتول جي ٻن پُٽن کي وَنِيءَ طور ڏيندو.

ڇهن سالن جي ڪلثوم بِيبِيءَ جو ستن سالن جي اڪرام الله سان ۽ اٺن سالن جي نصرت بِيبِيءَ جو ٻارهن سالن جي سيف الله خان سان 1990ع ۾ زباني نڪاح پڙهايو ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ڪلثوم ۽ نصرت گريجوئيشن ڪئي، جڏهن ته اڪرام ۽ سيف اڻپڙهيل ئي رهيا. ڪلثوم ۽ نصرت اين جي اوز ۽ پوليس ڏانهن رجوع ڪيو ۽ نيٺ ان مامري جو نبيرو ڏوڪڙن تي ٿيو.

هتي آخر ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته انهن ٻن نياڻين - ڪلثوم ۽ نصرت - وڏيءَ دليريءَ سان انهيءَ وَنِيءَ/سوارا روايت سان ويڙهه کاڌي ۽ هڪ ڪُڌي رسم جي خلاف آواز اُٿاريو. ۽ ان ويڙهه ۾ هو سوڀاريون ٿيون. سو،- سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ باطل،- جي جنگ ۾، فتح سدائين سچ ۽ حق جي ئي ٿئي ٿي ۽ ڪوڙ جي مُنهن ۾ اُها ئي ڌُوڙ پوي ٿي.

 

الطاف شيخ

آمريڪا ۾ سواريءَ جو مسئلو

نيويارڪ جي بندرگاهه بروڪلن ۾ پهتاسين ته اسان جي مڪاني آفيس وارن نصيحت ڪئي ته هي ڪارن (شيدين) جو علائقو آهي، سج لٿي کان پوءِ اڪيلا نه نڪرجو. پر جي نڪرو ته به پيدل يا بس ۾ وڃڻ بدران ٽئڪسيءَ ۾ سواري ڪجو. جيڪڏهن ڪو شيدي ڦر لاءِ سامهون ٿئي ته مقابلو يا بحث ڪرڻ بدران هڙ ۾ جيڪي ڪجهه هجي سندس حوالي ڪري ڇڏجو.

بروڪلن ۾ انهن نصيحتن تي عمل ڪندي ڪيترائي ڏينهن گذارياسين. ان بعد آمريڪا جي هڪ ٻئي بندرگاهه چارلسٽن ۾ آياسين ته ان جي آفيس وارن به اها ئي نصيحت ڪئي. بروڪلن جو بندرگاهه ته وري به شهر کي ويجهو هو ۽ ٻه اڍائي ڊالر ٽئڪسي واري کي ڏيئي پيا شهر ايندا ويندا هئاسين. پر چارلسٽن جي بندرگاهه کان شهر ايترو پري هو جيترو پورٽ محمد بن قاسم کان صدر يا طارق روڊ. نتيجي ۾ اسان جهڙن جونيئرن مان پنهنجي خرچ تي ڪنهن به وڃڻ نه ٿي چاهيو. شهر کان اڳ - گهڻو اڳ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ هئي، جنهن ۾ هر شيءِ ملي ٿي. اوستائين ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ يا اچڻ ۾ فقط ڇهه ڊالر ڀاڙو آيو ٿي. اها ائين هئي ڄڻ پورٽ قاسم کان پپريءَ جو ڪو دڪان هٽ. سو اسان ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٿي ٽئسڪيءَ ۾ شهر وڃڻ بدران ان سپر مارڪيٽ ۾ ويندا هئاسين ۽ اوٽ موٽ جو ڀاڙو پوءِ جهاز تي پهچي پاڻ ۾ حصا پتيون ڪندا هئاسين. ان ڪم يا ٻي ڏيتي ليتيءَ جي حساب لاءِ عاشق ميمڻ کي اڳواڻ ڪيو هئوسين. هو به اسان وانگر ففٿ انجنيئر هو. کيس اسان ان ڪم لاءِ سندس قدبت يا مٿاهين رئنڪ ڏسي نه ڪيو هو، پر حساب ڪتاب ۾ ڀڙ هجڻ ڪري انچارج ڪيو هو. جيڪي ڪجهه اسان وٽ ٿورا گهڻا ڏوڪڙ هوندا هئا اهي هن وٽ ائين سوگها هوندا هئا ڄڻ سئٽزرلئنڊ جي بئنڪ لاڪرن ۾. هڪ دفعي ته بندرگاهه ڇڏڻ وقت ٻه ڊالر بچيا هئا تن کي به ٻن ٽن پوٽڙين ۽ لفافن ۾ ويڙهي سيڙهي وهاڻي اندر لڪائي رکيائين. خبر ناهي ڪنهن کان ڊپ هوس ته چوري ڪندو. اسان کان گهٽ پگهار ته ٻئي ڪنهن جو نه هو. بهرحال پئسي جي حفاظت سان گڏ عاشق اهو به خيال رکندو هو ته ڪنهن شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ نه چڙهجي. پر مجبوريءَ ۾ ٻي ڪا ٽئڪسي نه ملندي هئي ته شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڀاڙي جو هن کان اڳواٽ ٻولائيندو هو ته جيئن منزل تي لهڻ وقت ڦڏو فساد يا کِٽ پِٽ نه ٿئي.

اهڙيءَ طرح ان بندرگاهه ۾ هڪ دفعي هڪ شيدي ڊرائيور جي ٽئڪسيءَ ۾ اُن سپرمارڪيٽ کان جهاز ڏي موٽياسين. ڊرائيور ڪو نئون هو يا ٻئي شهر جو، يا ٿورو گهڻو پيتل جو بندرگاهه جي ويجهو پهچڻ باوجود کيس بندرگاهه جو رستو ئي هٿ نه پئي آيو. جيتوڻيڪ ڪنهن پل يا مٿاهين رستي تان لنگهيو ٿي ته سامهون اسان وارو جهاز به پئي نظر آيو. جنهن ڏي اشارو ڪري کيس ٻڌايوسين ٿي ۽ هن ساري! ساري! چئي ان طرف رخ رکڻ جي ڪئي ٿي، پر وري ساڳي ڪار! هڪ هاءِ وي تان لهيو وڃيو ٻئي تي چڙهي. ۽ پوءِ واپس عام رستن تي ورڻ لاءِ وڌيڪ ٻه ٽي ميل ڪرڻا پئجي ويس ٿي. نيٺ مس مس اچي جهاز تي ڪڍيائين.

ظاهر آهي گهڻي هلڻ ڪري ميٽر تي ڇهن ڊالرن بدران تيرهن ڊالر ٿي ويا هئا. پر ڀاڙي لاءِ عاشق کيسي مان فقط ڇهه ڊالر ڪڍيا جنهن لاءِ اڳواٽ ٻول ٿيل هئي.

شيدي ڊرائيور ڇهه ڊالر ڏسي چوڻ لڳو: ”تيرهن ڊالر ڪڍو.“ اسان سان گڏ ٽيون راجا رفيق هو. شيدي ڊرائيور جو رنگ هاٺي ۽ قدبت جو جائزو لڳائي اسان ته چپ ٿي پوين صفن ۾ بيهي رهياسين ۽ اڳيان بيٺل پيش امام عاشق کي آهستي تيرهن ڊالر ئي ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيڻ لڳاسين، پر عاشق ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي.“ جهڙو قول ڳنڍ ۾ ٻڌي هلندو هو. تنهن بحث ڪندي چيس: ”اسان هر روز ڇهه ڊالر ڏيئي ايندا ويندا آهيون ۽ پنڌ به ڇهن ڊالرن جيترو ئي آهي.“

”پر منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ تيرهن ڊالر بل آيو آهي.“ ڊرائيور ضد ڪيو.

”ته پوءِ تون غلط رستن تان وٺي ڇو آئين؟“ عاشق وراڻيس.

”مڃان ٿو ته غلطي منهنجي آهي پر پليز گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“

”پر توسان رستي يا ميٽر جو نه پر ڇهن ڊالرن جو ٻولايو هئوسين.“

”اهو به صحيح آهي، پر گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“

اسان جهاز جي ڀر ۾ ئي بيٺا هئاسين. شيديءَ جي دانهن تي ڪيترائي جهازي جهاز جي بل ورڪ ۽ گئنڪ وي تي اچي گڏ ٿيا. سو اهو مڙيئي اسان کي ڏڍ هو ته پنهنجا ويجها آهن. ۽ ان ڏڍ تي ئي شايد عاشق به مڙيو نٿي. جيتوڻيڪ ڊرائيور کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي نه پئي ٿي ۽ جيئن عاشق چيس ٿي ته کپنئي ته ”ڇهه ڊالر کڻ وڌيڪ نه ڏينداسين“ تيئن ڏاڏي ڊرائيور ويسٽرن فلمن جي ولين وانگر خوفناڪ رڙ ڪري چيو ٿي:"give me Thirteen Dollars"

ٿوري دير ساڳين ڊائلاگن ۽ نظارن جو ائڪشن Replay ٿيندي ٿيندي اوچتو ئي اوچتو سين بدلجي ويئي. ڊرائيور تي جهڙي کنوڻ ڪري جو هڪدم پلٽو کائي، ولين واري ائڪٽنگ ختم ڪري منٿ واري نموني سان بيحد نرمائي ۽ ڌيرج سان چوڻ لڳو:”اوڪي! مئن ميڪ اٽ سيون.“

ڊرائيور جي ان جملي تي عاشق کي پهرين ته يقين ئي نه آيو پر پوءِ هن جي وري ورجائڻ تي عاشق جهٽ پٽ ڇهه ڊالر سندس هٿ تي رکي چيس:”کپنئي ته کڻ نه ته اسان وڃون پيا.“

ڊرائيور نڪا ڪئي هم نڪا تم. ڇهه ڊالر کيسي ۾ وجهي روانو ٿي ويو. ان ئي وقت مڙي کڻي ڏسون ته اسان جي پويان بندرگاهه جا ٻه پوليس وارا ويسٽرن فلمن جي هيرو وانگر، پستولن تي هٿ رکي پيا اچن. راجا رفيق چيو:

”آءٌ به چوان ته ڊرائيور کي اوچتو ڪهڙي نانگ کاڌو جو تيرهن ڊالرن مان هڪدم ستن تي لهي آيو ۽ خوشيءَ مان ساڳيا ڇهه وٺي ويو.“

***

آمريڪا جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي عاشق ۽ آءٌ بيمار ٿي پياسين. بلڪه بيماريءَ جو بهانو ڪري آفيس جي ايجنٽ سان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي وچ شهر ۾ آياسين. ڊاڪٽر وٽ ڪجهه مريض اڳ جا ويٺل هئا سو ايجنٽ پاڻ هليو ويو ۽ اسان کي سمجهائي ويو ته جڏهن واندا ٿيون ته ٽئڪسي گهرائي جهاز تي پهچي وڃون. نرس کي پڻ چئي ڇڏيائين ته جيئن اسان واندا ٿيون ته هوءَ اسان کي ٽئڪسي گهرائي ڏي. اسان اسپتال مان واندا ٿي، پهرين شهر جو چڪر هڻي پوءِ نرس وٽ آياسين، جنهن ٽئڪسين جي آفيس ۾ فون ڪري اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائي. ٽئڪسي ڊرائيور عورت هئي - پر شيدي عورت. يعني ڏسڻ ۾ ته چڱي خاصي ماڻهوءَ مار هئي، پر وري به آمريڪا جي جهڳڙالو شيدي مرد کان گهٽ شيدي عورت ٿي. اسان جي ويهڻ مهل نرس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان پاران اسان جي فلاڻي آمريڪن ڪمپني ڏيندي - جنهن جو سامان اسان پنهنجي جهاز تي کڻڻ آيا هئاسين. پنهنجي خاطر جوئي - ۽ وڏي ڳالهه ته حبشڻ ڊرائيورياڻيءَ کي پڪ ڪرائڻ لاءِ اسان هڪ دفعو رستي تي به کيس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان کان نه پر ڪمپنيءَ کان ملندءِ. اسان کي ڊپ هو ته متان لهڻ وقت ڪو ڦڏو ڪري ۽ هيڏي فاصلي جا ويهه ٽيهه ڊالر ڀرڻا نه پون. سو ان کان اڳ فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيوسين ۽ جي هوءَ ڳالهه نه ٿي سمجهي ته اڳتي وڌڻ بدران اوستائين ٿيل ٽي چار ڊالر ڀاڙو ڏيئي لهي پئجي پر هن مولائڻ ڪو اعتراض نه ڪيو. FM ريڊيو تان ڳري ميوزڪ وارن گانن تي سڄي واٽ ڪنڌ ۽ مٿيون ڌڙ ڌوڻيندي هلي. عاشق چيو: ”خوش آهي يا شايد گونگي آهي. ڳالهائي نه ٿي سگهي.“

آخر ڪلاڪ مُني بعد بندرگاهه ۾ گهڙياسين ۽ ان بعد جيٽيءَ ڏي جتي اسان جو جهاز لنگر انداز هو. جيٽيءَ جي شروعاتي ڪنڊ وٽ پبلڪ ٽيليفون هو جنهن کان هوءَ ڪا اڳهين واقف هئي جو پري کان ئي بريڪ هڻي پورو ان وٽ اچي بيٺي. اسان کيس ٻڌايو ته ٿورو اڳيان جهاز جي ڏاڪڻ وٽ هل. پر اسان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري پنهنجو سيٽ بيلٽ کولڻ لڳي. عاشق چيو: ”ايترو به صحيح آهي، باقي ڪجهه پاڻهي هليا هلنداسين.“ ان تي اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري لهڻ لاءِ دروازو کوليو ته کلي نه. ان ڪار ۾ دروازو مڪينيڪل نه پر اليڪٽريڪل هو ۽ هئنڊل سان کلڻ بدران ڊرائيور وٽ سئچ دٻائڻ سان کليو ٿي. ڊرائيورياڻيءَ پنهنجو دروازو کوليو ته اسان اشارو ڪيس ته اسان جا دروازا به کول.

هيترو وقت جيڪا گونگي ٿيو پئي هلي تنهن ڇڙٻ ڏيندي چيو: Wait till I confirm. (ترسو جيسين آءٌ پڪ ڪريان) ته توهان جي ڪمپني ڀاڙو ڏيندي يا نه.“ ان بعد کيسي مان ڏهه سينٽ ڪڍي ٽيليفون ڪرڻ لڳي. تيسين اسان ٽيئي ڄڻا جيڪي ان وقت جهاز جا سڀ کان جونيئر آفيسر هئاسين، ميٽر ۾ ڏيکاريل ستاويهه ڊالرن کي ٽن سان ونڊ ڪرڻ لڳاسين. جيڪو ڀاڙو تنهن زماني يعني 1968ع جي ماهياني پگهار چار سؤ رپين تي ملندڙ ٽيهه سيڪڙو فارين ايڪسچينج يعني چوويهه ڊالرن کان به مٿي هو. آفيس ۾ ڪو صحيح دماغ وارو ماڻهو فون تي ملي ويس جو ان ئي گهڙيءَ شيدياڻي ڊرائيور فون واپس رکي موٽڻ لڳي. اسان جا دروازا هڪ ئي وقت کولي چيائين:”اوڪي. يو ڪئن گو - توهان وڃي سگهو ٿا. ڀاڙو توهان جي ڪمپني ڏيندي. باقي مهرباني ڪري فون جا ڏهه سينٽ ڏيندا وڃو، پليز.“

اهڙن تجربن بعد جڏهن آمريڪا جي ٽئين بندرگاهه بالٽيمور ۾ پهتاسين ۽ هڪ هنڌ گهڻي سامان وٺڻ ڪري ٽئڪسيءَ جي ضرورت پيئي ته منجهي پياسين ته ڇا ڪرڻ کپي. نيٺ سامان وٽ رفيق ۽ مون کي ويهاري عاشق مين روڊ تان ٽئڪسي آڻڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جهڙيون ئي ٻه چار وکون کنيون ته رفيق رڙ ڪري چيس: ”اهڙي ڪا ٽئڪسي نه آڻڄانءِ جنهن جو شيدي ڊرائيور هجي.“ انهيءَ گهڙي رفيق کي وري ڪو ٻيو خيال اچي ويو، سو ساڳي ساهه ۾ رڙ ڪري چيس: ۽ ”ها. نه وري ڪا شيدياڻي هجي.“

***

بالٽيمور بعد فلڊلفيا آياسين. اتي به جهاز وچ شهر کان تمام گهڻو پري بيٺو. هڪ ته جونيئر هجڻ ڪري انجڻ روم جو اسان لاءِ ڪم گهڻو هو. ٻيو پگهار ٿورو. ٽيون وري شهر گهمڻ جو شوق به پورو ڪرڻ چاهيوسين ٿي. جو اهو سمجهيوسين ٿي ته جهازن جي پڪ نه ٿيندي آهي ته ٻئي سفر ۾ به ساڳي ملڪ ۽ بندرگاهه ۾ اچي. عاشق ميمڻ - بقول سندس ملين ڊالر جي ڳالهه ٻڌائي ته ٻين ملڪن ۽ بندرگاهن وانگر فلڊ لفيا ۾ به ضرور عيسائين جو ڪو ”سي مين ڪلب“ هوندو، جيڪي هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته بي گهر جهازين کي ريهي ريڀي ڪلب ۾ آڻجي جيئن ظاهري طرح ته هو وندر جون گهڙيون اتي مفت گذارين: رسالا ڪتاب پڙهن، ٽي وي ڏسن، رانديون ڪن وغيره. پر اندروني طرح هنن کي عيسائيت جي ترغيب ڏجي.

اسان اهو فيصلو ڪيو ته جي سي مين ڪلب طرفان بس آئي ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائڻ خاطر ان ۾ ڪلب هلي، ٿوري دير ويهي پوءِ شهر جي چڪر تي نڪري پئبو ۽ ٻڌايل وقت تي موٽي واپسيءَ جي بس ۾ جهاز تي هليو اچبو. ڪلب ۾ اهڙي بس موڪلڻ لاءِ فون ڪيوسين ته انچارج چيو:”بس خراب ٿيل آهي. باقي ٿوري دير بعد ڪار موڪليون ٿا پر ان ۾ فقط چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، وڌيڪ نه.“

اسان هئاسين ئي ٽي ڄڻا سو کين پڪ ڏنيسين ته هو بي فڪر ٿين. وڌيڪ ويهي ڪار جو چالان نه ڪرائينداسين. ۽ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجهي وڏن رئيسن وانگر شوفر ڊرون، مفت جي - بلڪه خيراتي ڪار جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد جهاز جو ريڊيو آفيسر عبدالحئي صاحب جهاز جي ڏاڪڻ لهندو ڏٺوسين. کيس پاڻ ڏي سڏي وڏي آڪڙ مان چيوسين: ”عبدالحئي صاحب! شهر ڪونه ٿا وڃو-؟“

”بلڪل وڃڻ چاهيان ٿو، پر خبر ناهي بس اسٽاپ ڪٿي آهي.“

”فڪر نه ڪريو، توهان کي ڪار ۾ وٺي ٿا هلون.“ اسان ٽرڙپائي ڪندي ٻٽاڪ هنئي، ”بس ڪار اجها آئي ڪا آئي.“

عبدالحئي صاحب جيڪو اسان کان عمر، سامونڊي نوڪري ۽ پگهار ۾ گهڻو مٿي هو سو اسان جي ڳالهه تي اڌ شڪ اڌ پڪ جي حالت ۾ بيهي رهيو. عبدالحئي صاحب جا اسان مڙني تي ٿورا ٿيل هئا سو اڄ ڪجهه ٿورا لاهڻ جو سٺو موقعو هو. نقصان اسان کي به نه هو جو عبدالحئي نه اچي ها ته هڪ سيٽ هونءَ ئي خالي وڃي ها. سيٽون پوريون هجن ها ته پوءِ کيس صلاح هرگز نه ڪريون ها.

جيڪو وقت ”سي - مين“ ڪلب وارن ٻڌايو هو ان ۾ هاڻ ڪي ٻه ٽي منٽ وڃي بچيا هئا ته اتي ڏسون ته جهاز جو ڪرسچن ڊيڪ آفيسر مائيڪل پيو اچي. مائيڪل کي ڏسي اسان سڀ منجهي پياسين ته ڪجي سو ڪجي ڇا. ڄاڻ ته ڪار به آئي. چئن کان وڌيڪ بنهه نه کڻندي ۽ مائيڪل کي جي نٿا کڻن ته اهو ڪم به خراب جو اصل عيسائي جنهن لاءِ سي مين ڪلب آهي اهو پٺيان رهجي وڃي باقي اسان ٺڳ ٺهي ٺڪي ڪار ۾ روانا ٿيون.

بهرحال ان بعد اسان سي مين ڪلب ۾ پهتاسين جو اتان پوءِ شهر جا خوب چڪر هنياسين. پر اهو ياد نه ٿو اچي ته مائيڪل جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو هئوسين. ان کي ٽيهه (30) سال اچي ٿيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ عاشق ميمڻ سان ملاقات ٿيڻ تي کيس اهي ڏينهن ياد ڏياريم ته ڪيئن اصلي ڪرسچن کان وڌيڪ وڏا پادري پاڻ ٿي ڪرسچنن جي ڪلب ۾ پهتاسين. پر افسوس جو کيس به اهو ياد نه آيو ته مائيڪل کي ڪهڙي گولي ڏني هئيسين. لڳي پيو ته ان وقت مينهن وسڻ ڪري ريڊيو آفيسر ترسي پيو هو. يا شايد ڪار بدران وئن آئي هئي جنهن ۾ سڀ اتي پهچي ويا هئاسين يا ڪو ٻيو چڪر ٿيو هو، جنهن ۾ لعل به لڌو هو ته پريت به رهجي آئي هئي.

 

بينا بيدل

زلزلي ۾، مظفرآباد جي هڪ ڊٺل گهر هيٺان آخري چُمي

 

هڪ پيارو گهر

محنتن ۽ محبتن سان

تولئه جوڙيو هئم پرين!

گهر جنت بڻجي ويو اُن پَل

جڏهن

تو پير چانئٺ تي رکيو

تڏهن

اسان جي ٽهڪن ۾ شامل هئا

ڄڻ هزارين جلترنگ!

اُهي سياري جون ساريون طويل راتيون

منهنجي ڀاڪرن ۾ مون سان

چنبڙي سمهندي هئينءَ تون

۽ اڪثر ڇرڪ ڀري جاڳي پوندي هئينءَ

۽ ڍڪيندي هئينءَ مون مٿان

سِرڪي ويل سَوَڙ

۽ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي

سمهي پوندي هئينءَ

اڄ به

ساڳئي انداز سان

منهنجي ٻانهن ۾

منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي چنبڙي سمهي پئي آهين

سدا لاءِ تون

موت به توکي مون کان جدا ناهي ڪري سگهيو

محبتن جو ڪاڪ محل جو جوڙيو هو مان چاهه مان تولئه

سو پل هڪڙي ۾ اچي آهي پَٽ پيو

هي زلزلو هو يا قيامت جي گهڙي

اگهُور ننڊ ۾ خبر ئي نه پئي

شايد ڪنهن ڇِپ هيٺان تون ۽ مان آهيون دٻيل

چُپ آهن تنهنجا چَپَ

نه سُڏڪو نه ڪائي رڙ

بس خاموشي ئي خاموشي آهر طرف

رڙ منهنجي پڙاڏو بڻجي موٽي ٿي اچي

ڄڻ راڪاس گهمي ويو آهي شهر مان

ڏينهن آهي يا رات؟ ڪا ناهي خبر

ڪالهه تائين جو گهر هو اڄ آهي قبر!

مڻين مٽيءَ هيٺان

زندگيءَ جي موت سان ويڙهه آ

پر خوش آهيان مان ان احساس سان

ناهين تون مون کان پري - تون مون سان ساڻ آن

ها، پر هيءَ منهجي ٻانهن ڇو ساڻي ٿيندي پئي وڃي؟

ساهه ڇو ٻوساٽبو وڃي!

اڄ وقت به مون تي

بُک جا اُڃ جا

هٿيار پيو استعمال ڪري!

 

نيٺ مان جنگ اِها کٽي ويم

اُڃ بُک کان نيٺ بي نياز ٿي ويم!

روشنيءَ جو ڪو به ڪِرڻو نه ٿو ڦُٽي

(هڪ) طويل رات آ جا نٿي کُٽي!

جسم بي جان ٿيندو پيو وڃي

ننڊ گهري آ اکين ۾

بس خمار ئي خمار آ پرين

ڏي اجازت هاڻ مان به سمهان

پر سمهڻ کان پهرين

تنهنجن ٿڌن چپن تي

پنهنجا ٿڌا چپ رکان ٿو پرين!

****

ڌرتيءَ کي ڇِڪِي

ڌرتي تنهنجي ڪُک ۾

ڪيترا ارمان کڻي

پلجي پئي جا زندگي

قدرت آڏو

فقط هڪ ڇِڪِيءَ سان

خاموش ٿي وَئي زندگي!

***

8 - آڪٽوبر جا يتيم

معصوم اکين ۾

نه ختم ٿيندڙ سوال

زبان خاموش آهي

ڪنهن وٽ ناهي جواب

سُڪل ڳوڙهن جا نشانَ

گلابي ڳلن تي رهجي ويا

اُگهڻ وارا هٿ،

اهي اُگهڻ کان پهرين ڇڻي پيا!

سُڏڪا سُڏڪندا رهيا

معصوم ٻاتا ٻول سَڏَ بڻجي ويا

ڀاڪُر، پيار ۽ پاٻوهه

مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ٿي ويا

هڪ لحظي ۾

مُرڪندڙ زندگيءَ جي

معنيٰ بدلجي وئي!

****

وقت جي راند

موت کي ساٿي ڪري

وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)

زندگيءَ سان

راند ڪا اهڙي رَچي

موت جنهن کي ويو کَٽي

وئي زندگي هارائجي!

****

هر ڪَتبو هڪ ڪهاڻي

منهنجو سينو ڄڻ ڪو قبرستان آ

جنهن ۾ آهن دفن

ڪيتريون ئي خواهشون، يادون

يادن جا ڏک

پنهنجن جا سُورَ

ڪڏهن ڪڏهن

تنهائي ۽ بيخودي هٿ کان جهلي

اِن قبرستان ۾ آڻي ٿي بيهاري

۽ هتي هر قبر تي هڪ ڪتبو آهي لڳل

۽ هر ڪتبي تي هڪ ڪهاڻي آ درج ٿيل!

 

زيب نظاماڻي

تاريخ جا ڪارا باب

(آزاد نظم)

زندگي ماتمڪدو!

۽ موت آ رقصان جتي

درد جو ڪاٿو نه ڪو

آه ڪنهن جي....!؟

دانهن ڪنهن جي....!؟

ڪو ماٺ ۾ سڏڪي پيو....

ڪوهه قاف جي پَرِيُن مٿان

قهر اهڙو ڪڙڪيو.

سونهن سڏڪي دانهن ڪَئي

حُسن جي وادين ۾ سهسين

سون ورنيون سوڍيون شهزاديون

پٿرن جي ڍير ۾ دٻجي ويون

مُرڪون مٺيون لُٽجي ويون

معصوم مُرڪن جي چپن جا

گيت، پوپٽ، هاءِ! سڀڪجهه دفن ٿي ويو

پيءَ پوڙهي جي ڪُلهي تي

نوجوان لاشا ڏسو

ماءُ جي جهولي آ خالي

ڀيڻ جي پوتي ڪٿي!؟

هر ڪنوار جو جوڀن

صدين جي ماٺ آ بڻجي ويو

جهانجهرن جا سُر سڀئي

ڌرتيءَ اندر گهُٽجي ويا

ٻار کي پينگهي ۾ لوڏيندي

ماءُ پڻ دٻجي وئي!

هو جو ٻالڪ هيکلو

ڪنهن کي سڏي

ڪير آ

ڏُکُ اُن جو ڪو ٻُڌي!

آهي ڪو جو نينگريءَ کي

ماءُ پيءُ جو ڏس ڏئي

ڪير آ

ڪير آ

ٽيڪ ٿئي جيڪو ٻڍاپي جي

ڀلا هت ڪير آ جو هن لڄ جو رکوالو ٿئي

جو حوالو ٿئي ڀلا انسانيت جو

ڪير آ

ڪير آ

ڍُڪ پاڻي ٿي گهري! اڄ زندگي هُن ديس ۾

جت نديون جهومي نچي

چَپَ چشمن جا چُمي

وهنديون هيون جهوليون ڀري

مات ڏينديون بُک کي ۽ اُڃ کي جيڪي هيون

هاءِ اُت مانيءَ ڳڀي لئي

زندگيون تڙپن پيون

سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون

صحت افزا جي هوائون هت هيون

جت اگهائي ڪانه هئي

دارون دوا جي ڪا به حاجت ڪانه هئي

ان ماتريءَ ۾

چاڪ ٿي پوندو هيو بيمار ڀي

اڄ اُتي ناهي دوا جي ڪا ڦڙي

زندگيون تڙپن پيون

سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون

هي ڍير مٽيءَ جا ڏسو

ڄڻ ته ڪي آثار ماضيءَ جا هجن

اي خدا

تون رحيم آهين ڪريم آهين

ائين معصوم جيون ڇو ڀلا

جهوري وڌئي!

پل اَپل ۾ زندگيءَ جا سڀ ڏيا

ويا اُجهامي

ڄڻ ٻريائي ڪونه هئا ڪڏهين اُهي

هو ٻارڙو ڇا ٿو چوي

ڪَن ڏئي هن کي ٻُڌو!

صبح جو پهريون پهر

جو نويد آڻيندو آهي زندگيءَ جي

اُن صبح جو سج اَڀاڳو

پر هيءُ ڇا

موت جا ڪارا ڪفن ڪشمير کي پهرائي ويو

حسن کي ڌرتيءَ مٿان

ويو هميشه لاءِ ميساري

کُليو هي آسمان

ڌرتيءَ جي ڇاتي ڏار ڏار

ڪوئي در ديوار آهي ۽ نه گهر

دفتر نه آ

بس رڳو

پٿرن جو قبرستان

اجتماعي ميتن جو آهه مسڪن!

هُن ٻارڙيءَ معصوم ٻُڪ اُڀ ڏانهن کنيا

اي! خدا! منهنجا خدا

رحم جي ڪا ڪر نظر

بي گهر بُکيو آهيان

خدا! منهنجا خدا!

رحم جي ڪا ڪر نظر

نيلم سندي واديءَ جو حسن

جهلم جي ماٿر جو چمن

ترت موٽائي ڏجان

منهنجا خدا!!

درد جنهن جو

وقت ڀي مرهم ڪڏهن

ٿي نه ٿو اُن جو سگهي

ماني ڳڀي جي لئه اجهي لئه

تڙپندڙ هي زندگيون ماٺيون اکيون

جن ۾ لڙڪن جون نديون

وييون سُڪي

هُو ٻڌو خاموش سُڏڪا

ڪنهن جي اچڻ جي لاءِ آتو آهه هر ڪو

زندگي ڪيڏي بڻي آهي حقير

خيرات توکان ٿي گهران

اي خدا! منهنجا خدا!

 

منهنجي جيجل ماءُ ڌرتيءَ تي

ڏمر اهڙو نه ڪڏهين آڻجان. ڪو قياس اهڙو ڌارجان

هي زلزلن جو داستان

هيئن نه تون دهرائجان

هيئن نه تون ورجائجان

بس ٺَپي ڇڏ

باب هي

تاريخ جا هي ڪارا باب!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com