سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :5

 

رخسانه پريت

غزل

آسمان اداس ڪنهن تارا کڻي ڇڏيا،
۽ چوطرف ڌرتيءَ تان نظارا کڻي ڇڏيا.

 

آخر ته محبتن جو ڀي رکڻو ڀرم هيو،
الزام جي لڳا اسان سارا کڻي ڇڏيا.

 

قدرت اسان کي سامهون ئي منزل کي ڏيکاري،
۽ وڃڻ وارا سڀئي چارا کڻي ڇڏيا.

 

سَولن سڌن رستن جي هت سڀني کي هُئي تلاش،
اسان ئي بس گوندر سان گذارا کڻي ڇڏيا.

 

جا ناو هئي لهرن لٿي منزل تي سا پُڳي،
پوئتي رهيا جنين ها ڪنارا کڻي ڇڏيا.

 

جو اوچتو نظر پئي رنگ برف جو ڏٺو،
پتو نه پيو ته وار ڪنهن ڪارا کڻي ڇڏيا.

ڏاڍو متل هو شور هن دنيا ۾ چوطرف،
جاٿي ڏٺاسين نينهن جا نعرا کڻي ڇڏيا.

 

غزل

 

اڃا جيئون هر سزا مليل آ،
اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ.

 

تنهائي ۽ اڀ چانڊوڪيون،
چاهت آ يا چِتا مليل آ.

 

مڃيون حياتي سور سڀن جي،
درد هي دل جو جدا مليل آ.

 

ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ،
شايد هن سان هوا مليل آ.

 

چپ چپ ۾ سڀ ڪجهه چئي پيو ٿو،
هن کي اهڙي ادا مليل آ.

 

ڪئي مسيحا، پر پيو ڳولي،
جنهن کان هن کي شفا مليل آ.

 

هن کي ڪيئن ماري تون سگهندين،
هن سان آخر خدا مليل آ.

 

غزل

 

جي اکڙيون ٿينديون ٿاڪ پرين،
ڪئي رهندا ات رولاڪ پرين.

 

تو گهر جي در جي ڳالهه ڪئي،
مون دل جا کوليا تاڪ پرين.

 

هڪ پيار جي دل ۾ چڻنگ دُکي،
ٻيو چنڊ ڪري دل چاڪ پرين.

 

ڇا سُرڪي تن سيراب ڪري،
جي عرصن جا هيراڪ پرين.

 

ٿا پهرڻ هي جذبا چاهن،
ڪا پيار سندي پوشاڪ پرين.

 

هت ڪو ته اچي مومل کي ماڻي،
ڪو ته ڪڪوري ڪاڪ پرين.

 

ريشما ناز مٺل سومرو

بهار ۾ ڇڻيل گُل

ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ننڍي شهر راڌڻ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول ۾ اسان چئن ڇوڪرين جي پاڻ ۾ تمام گهڻي گهري دوستي هوندي هئي. اسان ويهنديون، کيڏنديون، گهمنديون، کائينديون گڏ هيونسين. اسان هوشيار به ڏاڍيون هيونسين. اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪو دوستيءَ جو مثال ڏيندو هو ته اسان چئن سرتين جو ڏيندو هو. اسان سرتين جا نالا هي آهن:ريشمان مٺل سومرو، رضيه، سلميٰ ۽ انيتا.

رضيه جو گهر ته پرائمري اسڪول جي ڀرسان هوندو هو، باقي منهنجو ۽ سلميٰ جو گهر جامع مسجد جي ويجهو هڪ ئي ڳليءَ ۾ هوندو هو. باقي انيتا جو گهر اسان ٽنهي سرتين جي وچ تي هوندو هو. اسان چئن کي جيڪڏهن اڃ لڳندي هئي ته اسڪول مان نه پر، رضيه جي گهر مان وڃي پاڻي پيئنديون هيونسين ۽ رضي جي گهر وارا به رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. انڪري هو اسان کي به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. مان ۽ رضيه ته هڪٻئي سان واعدو به ڪري چڪيون هيونسين، ته اسان، پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به گڏ پڙهنديونسين ۽ نوڪري به ساڳيءَ ۽ هڪ جاءِ تي ڪنديونسين.

خير پرائمري ته هڪ ئي اسڪول ۾ ڪئي ۽ وري ڇهين ۾ به اسان گڏ داخلا ورتي ۽ وري اتي نائين ڪلاس تائين گڏ پڙهيون سين. جڏهن ڏهين ڪلاس ۾ پهتيونسين، ته اوچتو رضيه جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي پئي ۽ رضيه اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. رضيه جي اسڪول نه اچڻ سان منهنجي، سلميٰ ۽ انيتا جي بلڪل پڙهائيءَ ۾ دل نه لڳندي هئي. پر تنهن هوندي به اسان اسڪول وينديون هيونسين ۽ موڪل ۾ رضيه کي ڏسڻ لاءِ رضيه جي گهر وينديون هيونسين. ائين ڪندي ڪندي ڪجهه مهينن کان پوءِ رضيه اسڪول آئي ۽ هڪ مهينو مس آئي ته وري هن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن مان رضيه جي گهر ويس ته رضيه جي طبيعت خراب هئي ۽ هن جو جسم سُڄي ويو هو ۽ هوءَ ڦڪي ٿي وئي هئي. هن جي گهر وارا تمام غمگين ويٺا هئا. پڇيومانِ ته ”ماسي ڇا ڳالهه آهي؟ توهان هيئن غمگين ڇو ويٺيون آهيو؟“ تنهن تي رضيه جي وڏي ڀيڻ چيو ته ”ڀيڻ ريشمان، تنهنجي دوست رضيه جي جيري تي سوڄ ٿي پئي آهي. سو ڊاڪٽرن جواب ڏنو آهي.“ تنهن تي مون هنن کي دلداري ڏني ۽ رضيه سان ملڻ ان جي ڪمري ۾ ويس ته رضيه مون سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. بس ائين ڪندي وڃي اسان جا امتحان ويجها ٿيا. آخرڪار اسان امتحان ڏنو ۽ رضيه امتحان نه ڏنو. وري مان اڳتي پڙهڻ لاءِ خيرپور ناٿن شاهه تي پنهنجي وڏي چاچي نياز جي گهر وڃي رهيس ڇو جو ان وقت راڌڻ ۾ ڪاليج نه هوندو هو. تڏهن مون خيرپور ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي ۽ رضيه راڌڻ ۾ مئٽرڪ ۾ ورائي داخلا ورتي ۽ سلميٰ ۽ انيتا مئٽرڪ پاس ڪري گهر ۾ ويهي رهيون ۽ جڏهن مون فرسٽ ايئر پاس ڪري انٽر ۾ داخلا ورتي، تڏهن راڌڻ ۾ به ڪاليج کليو. ۽ رضيه اتي ئي فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي. جڏهن مون انٽر پاس ڪئي ته واپس اچي پنهنجي شهر راڌڻ ۾ رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن رضيه جي گهر ويندي هيس ۽ ائين رضيه به انٽر پاس ڪئي. ان کان پوءِ وري رضيه جي طبيعت خراب ٿي پئي. نيٺ اسان راڌڻ کي ڇڏي ڪوٽڙيءَ لڏي وڃي رهيا هياسين ۽ مان آخري دفعو رضيه کان موڪلائڻ ان جي گهر ويس ته رضيه مون کي چيو ته ”ريشمان تون ڪوٽڙيءَ نه وڃ. مان اڪيلي ٿي وينديس.“

تڏهن مون رضيه کي چيو ته مان جڏهن به راڌڻ اينديس ته توسان ضرور ملڻ اينديس.“ تڏهن رضيه دل نه جهلي ۽ هن روئي ڏنو ۽ آخر ۾ هن هڪ گانو ڳايو ۽ موڪلايو.

”ڇڏي وڃڻ جي ڳالهه نه ڪر،

متان توکان اڳي منهنجو ساهه وڃي،

ساهه وڃي، ها ساهه وڃي.“

ته مون جواب ۾ هي گانو ڳايو:

”هجيئي حياتي

شل ڪوسو نه توکي واءُ لڳي،

واءُ لڳي، واءُ لڳي ها واءُ لڳي!

ائين ڪندي اسان هڪٻئي کان آخري ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ ڪوٽڙيءَ جي غريب آباد، نزد بهار ڪالونيءَ ۾ اچي رهياسين. اتان جي موسم، هوا ۽ ماحول تمام زبردست ۽ ڏاڍو سٺو هو. پر انهن خوشين ۽ مزن کي ڏسي خوشي به ٿئي پئي ۽ ڏک به ٿئي پيو. ۽ پنهنجي سرتين جي ياد به ايندي هئي ۽ رضيه جي ته ڏاڍي ياد ايندي هئي. ڪوٽڙيءَ ۾ اسان کي رهندي ٻه سال مس گذريا ته مون کي رضيه جي يادگيري آئي ۽ مان هن سان ملڻ جڏهن راڌڻ پنهنجي چاچي انور علي سومرو جي گهر آيس ته چاچي مون کان حال احوال ورتا: ”خير ۾ اچڻ ٿيو.“

ته مون چيو ته:”چاچا مان پنهنجي دوست رضيه سان ملڻ آئي آهيان.“ ته اتي منهنجي ماسيءَ چيو ته ”تنهنجي دوست رضيه کي ته ٻه سال ٿيا آهن ته هوءَ فوت ٿي وئي آهي!“

اهي لفظ ٻڌڻ سان ئي منهنجي پيرن جي هيٺان زمين نڪري وئي ۽ منهنجي سڄي جسم مان ساهه نڪري ويو ۽ مان بُت بڻي بيٺي رهيس. جڏهن مون کي هوش آيو ته مان ڏاڍو رُني هيس ۽ دل جهلي رضيه جي گهر پهتيس ته جيئن رضيه جي ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ ڀائرن مون کي ڏٺو ته هنن سڀني روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چيائون ته ”ريشمان تنهنجي دوست رضيه تنهنجي وڃڻ کان پوءِ جلدي توکي ۽ اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي وئي ۽ هن جي ڀائرن ته روئي روئي هيڻا حال ڪري ڇڏيا. ننڍي ڀاءُ مني کي ته ڄڻ هوش ئي نه هو ڇو جو رضيه جا ٽئي ڀائر رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا.“

حقيقت ۾ روئڻ ته مون کي به تمام گهڻو پئي آيو، پر تنهن هوندي مون انهن کي آٿت ڏني. ۽ مون دل ۾ سوچيو ته اسان چئن دوستن ڇا سوچيو هو ۽ ڇا ٿي ويو! بندي جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي.

الله کي به هميشه سٺن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. ڀلا رضيه جي عمر ئي ڇا هئي. هُن هن دنيا ۾ ڏٺو ئي ڇا هيو. ان جي وڃڻ جي عمر ڪانه هئي پر هوءَ هڪ سٺي ڇوڪري هئي. الله سائينءَ کي ان جي ضرورت هئي ۽ الله رضيه کي پاڻ ڏانهن گهرائي ورتو. بس مان رضيه جي گهر ڀاتين کان ۽ چاچا انور ۽ ماسيءَ کان موڪلائي واپس ڪوٽڙيءَ گهر آيس ۽ جيئن ئي کٽ تي ليٽيس ته مهينو پورو مون کي بخار رهيو ۽ جڏهن هوش آيو ۽ چاڪ ٿيس ته مون قرآن شريف پڙهي رضيه جي روح کي بخشرايو. ۽ منهنجي رب کان هميشه اها ئي دعا هوندي آهي ته الله رضيه کي جنت نصيب ڪري.

 ***

 
 

ڪنول سميجو

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾

نثار ۽ نجمه زندگيءَ جا ساٿي هئا ۽ پنهنجي زندگي ڏاڍي خوشيءَ سان گذاري رهيا هئا. نجمه سُلڇڻي ۽ سگهڙ زال هئي ۽ گهر جو هر ڪم تمام سهڻي نموني ڪندي هئي. سندس پيڪا به پنهنجي نياڻيءَ جي اخلاق تي ناز ڪندا هئا. نثار جون ڀينرون ۽ ڀائر کيس چوندا هئا ته ”تون خوشنصيب آهين جو ههڙي سيبتي زال ملي اٿئي.“ نجمه ساهرن جي عزت پنهنجي مائٽن وانگر ڪندي هئي ۽ هو به کيس ڌيءَ وانگر ڀانئيندا هئا. سندن خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون. جڏهن نجمه کي چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اويس رکيائون. گهر جا سڀ ڀاتي ننڍڙي اويس کي ڏسي پيا ٺرندا هئا ۽ ٻلهار  پيا ويندا هئا. نثار جو ته اويس ۾ ڄڻ ساهه هوندو هو. جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو ته پڻس کيس پنهنجي هٿن سان نيرن ڪرائي تيار ڪري اسڪول ڇڏي ايندو هو. ائين ئي خوشين جون گهڙيون ڄڻ پرديسين پکين جيان پَرَ ڪري اُڏاڻيون جو هڪ ڏينهن اوچتو نثار جي طبيعت خراب ٿي پئي. سندس چهرو لٿل ۽ دل وساڻيل ڏسي سڀئي گهر ڀاتي پريشان ٿي ويا ۽ کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيائون. پر هن ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏينهن نثار جيئن ئي آفيس مان آيو ته بيهوش ٿي ڪري پيو. سڀ گهر ڀاتي گڏ ٿي ويا ۽ جلديءَ ۾ ايمبولينس گهرائي کيس اسپتال کڻائي ويا. ڊاڪٽرن کي في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. هوش ۾ اچڻ تي کيس گهر موڪلي ڇڏيائون ۽ چيائون ته چڪاس رپورٽون شام اچي کڻي وڃجو. جيئن رپورٽون اچن ڪا خير جي خبر پوي تيسين سڀني جو ساهه مٺ ۾ هو. سڀني دعائون پئي گهريون. شام جو نثار جو ڀاءُ امتياز لئبارٽريءَ تان چڪاس -رپورٽون کڻي لاڳاپيل ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر رپورٽون ڏسي پريشان ٿي ويو. ڊاڪٽر ڪجهه چوڻ پئي چاهيو پر چئي نه پئي سگهيو. امتياز چيو، ”ڊاڪٽر صاحب! خيريت ته آهي نه؟

امتياز.....۽ ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو.

آخر رپورٽن ۾ آهي ڇا؟ توهان جي خاموشي منهنجي ڳڻتي وڌائي رهي آهي.“

ڊاڪٽر چيو: ”نثار کي ڪئنسر ٿي ويو آهي.“

اهو ٻڌي امتياز کان بي اختيار رڙ نڪري وئي ۽ ڊاڪٽر کي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب ائين .... ٿي نه ٿو سگهي!“

ڊاڪٽر کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ امتياز چيو:”ڊاڪٽر صاحب نثار کي ان مرض مان ڇوٽڪارو ڏياريو. اسان سڀڪجهه داءَ تي لڳائي ڇڏينداسين، فقط نثار کي ڪجهه نه ٿئي! جي هتي علاج ممڪن ناهي ته اسين ٻاهر وڃڻ لاءِ به تيار آهيون.“

”امتياز، اسان جي وس ۾ جيترو به هوندو اسين نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائينداسين، باقي ٻاهرين ملڪ وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو! مان توهان کي دوکي ۾ رکي پرديس رُلائڻ نه ٿو چاهيان. توهان کي حقيقت جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هاڻي نثار ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. ٿي سگهي ٿو ته علاج مان ڪو فائدو مليس. وڏي دل ڪريو، قدرت تي ڀروسو رکو!“

ڊاڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي امتياز درد جو پهاڙ سِر تي رکي ٻاهر نڪتو ۽ سوچيندو رهيو ته اها خبر مان گهر ۾ ڪيئن ٻڌايان! امان ۽ بابا ته بلڪل به سهي نه سگهندا ۽ ڀاڄائيءَ جو ڇا حال ٿيندو!؟ يا الله هي ڪهڙي آزمائش آهي. آخر مان ڇا ڪريان. سڄي واٽ اندر ۾ روئندو ۽ سوچيندو نيٺ اچي گهر پهتو. نجمه يڪدم ڊوڙي آئي ۽ امتياز کي چيائين ”ادا خير ته آهي نه! ڊاڪٽر ڇا چيو؟“

امتياز جو منهن لٿل ڏسي سڀ پريشان ٿي ويا. امتياز ۾ بلڪل به همت نه هئي جو کڻي ڪجهه ٻڌائي، اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس ۽ رپورٽون کڻي ڀاڄائس کي هٿ ۾ ڏنائين. نجمه يڪدم رپورٽون کولي پڙهيون. خبر پيس ته نثار کي ڪئنسر آهي. دانهن نڪري ويس ۽ ڪاغذ هٿن مان ڪري پيس ۽ سڀني گهر ڀاتين کي اصل حقيقت جي خبر پئجي وئي، ڄڻ ته سڀني جون دليون ٽُٽي پيون هجن، ڪنهن ۾ به همت نه هئي جو ٻئي کي حوصلو يا آٿت ڏئي.

هڪٻئي سان ڀاڪر پائي خوب رنا ۽ پوءِ اهو طيءِ ٿيو ته نثار کي سندس بيماريءَ بابت ڪجهه به ناهي ٻڌائڻو ۽ پوءِ نثار جي سامهون سڀ نارمل ٿي ويندا هئا.

نثار سندن اُداس چهرا ڏسي سمجهي ويو ته هنن کي منهنجي بيماريءَ جي خبر پئجي چڪي آهي پر مائٽن جي اڳيان پاڻ کي بي خبر محسوس ڪرايائين. سندس علاج ڊاڪٽر ڪري رهيا هئا. ڊاڪٽرن چيو ته نثار وٽ هاڻي بلڪل ٿورو وقت آهي، توهين کيس ٻڌائي ڇڏيو ته هن کي ڪئنسر آهي. هنن گهڻي ڪوشش ڪئي ته کيس ٻڌائن، پر ٻڌائي نه سگهيا. جڏهن نثار سمجهي ويو ته هي مون کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهين ته کين چيائين ”توهان اهو ٿا چوڻ چاهيو ته مون کي ڪئنسر آهي.“ سڀ حيرت ۾ پئجي ويا ته آخر نثار کي خبر ڪيئن پئي! هن چيو ته ”جڏهن شروع ۾ منهنجي طبيعت خراب ٿي هئي ته مون چڪاس ڪرائي هئي ان وقت مون کي خبر پئجي وئي هئي ته مون کي ڪئنسر آهي. پر مون توهان کان لڪائڻ پئي چاهيو ته جيئن توهين پريشان نه ٿيو. نثار جا اهي لفظ ٻڌي سڀ زاروزار روئڻ لڳا ۽ سندس بهادريءَ تي حيران هئا ته هن هيڏو درد پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو. نثار به ساڻن گڏ روئڻ لڳو. ۽ پوءِ کين چيائين ته ”مان پنهنجي زال ۽ پٽ، الله ۽ توهان جي سهاري ڇڏيو پيو وڃان.... اويس اڃا معصوم آهي. مون کي خبر آهي ته اويس مون کان وڌيڪ توهان کي پيارو آهي، پر پيءُ جي ناتي وري به توهان کي پارت ٿو ڪريان. ۽ مون نجمه کي ڪڏهن جهِڻڪيو به نه آهي. پر ڇا ڪجي، بيوس اُٺن بار ڇڏيا آهن.“

نجمه، تنهنجي باقي زندگيءَ جو فيصلو توتي ٿو ڇڏيان، ٿي سگهئي ته مون کي وساري ڇڏجانءِ!

نثار جي ڳالهين تي سڀني جا هانوَ پئي ڦاٽا. نجمه هنجون هارڻ لڳي ۽ جذباتي ٿيندي کيس چيائين ته ”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر توکي ڪجهه به نه ٿيندو. هيءَ بيماري توکي مون کان کسي نه ٿي سگهي! تنهنجي منهنجي پيار جي حفاظت قدرت ڪندي. قدرت کي ضرور رحم ايندو.“

بيمار رهڻ جي ڪري ننڊ ته کانئس رُسي وئي هئي ۽ کيس اهو اندازو هو ته باقي حياتيءَ ڏهاڙا چار! سو سڀني گهر ڀاتين سان ويٺو ورونهن ڪندو هو...

۽ هڪ ڏينهن سندس طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ سڄو ڏينهن بيهوش هو ۽ ٻئي ڏينهن هي فاني جهان ڇڏي، سڀني کي دلين ۾ درد ڏيئي هليو ويو.

چوندا آهن ته جوانيءَ جو موت وڻن مان به واڪا ڪڍي ڇڏيندو آهي. نثار جا ماءُ، پيءُ، ڀينرون، ڀائر ۽ سندس روح جي راڻي نجمه، هر ڪنهن وٽ درد جو الڳ الڳ داستان هو. بس هاڻي ته سڀني جي جيئڻ جي آس نثار جي ڇڏيل نشاني ننڍڙو اويس هو. هاڻي نثار جي حصي جو پيار اُن کي ڏيئي، زندگي گذارڻ جو جواز پيدا ڪيو هُئائون ۽ نجمه جي زندگيءَ ۾ نثار جون هزارين يادون هيون. هُن پنهنجي زندگي انهن يادن جي سهاري ائين گذاري ڄڻ حقيقت ۾، هُو ساڻس گڏ هجي.

پاڻياري سر، ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com