سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :20

 

شمس النساءِ مصطفيٰ وڳڻ

شعر

پريم پکيئڙا اڏاري ڇڏجان

منهنجو ديس وساري ڇڏجان

منهنجي اندر ۾ به رهي تون

مون کي دل تان ميساري ڇڏجان

چندرا نند جويري

چندرا سنڌيءَ جي مشهور ليکڪ نند جويريءَ جي پتني آهي، کين ٻه نياڻيون آهن، جيڪي پرڻيل آهن ۽ ممبئيءَ ۾ ئي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ سکيون آهن. نند جويري ته هيرن موتين جو پارکو آهي. اصل ته شڪارپوري آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ شيام نواس ممبئيءَ ۾ هڪ فليٽ ۾ ٻئي ڄڻا (چندرا ۽ نند) رهن ٿا. نند جويري هڪ ليکڪ آهي ۽ لطيفيات ۾ سندس خاص رُچي آهي. ڪنهن به ناريءَ جو هڪ ليکڪ سان گذارو، پتنيءَ / گهر واريءَ جي روپ ۾، ڪيئن ٿو ٿئي؟ اسان سرتيون لاءِ چندرا کان ڪجهه پُڇاڻو ڪيو. هن ان ڏس ۾ جيڪي ڪجهه چيو، سو سرتيون جي پڙهندڙن آڏو پيش آهي:

سرتيون: نند، هڪ ليکڪ جي روپ ۾ ڪيئن ٿو لڳيو؟

چندرا: سٺو ليکڪ آهي

سرتيون: هڪ پتنيءَ جي حيثيت ۾ نند (ليکڪ) لاءِ ڪهڙو احساس آهي توهان وٽ؟

چندرا: مون کي هن تي فخر آهي.

سرتيون: توهان کي وقت ڏيندو آهي؟

چندرا: ها مون کي وقت ڏيندو آهي.

سرتيون: ٻنهي ۾ ڪڏهن جهيڙو ٿيندو آهي؟

چندرا: نه _ اسان ۾ جهيڙو نه ٿيندو آهي.

سرتيون: گهر ۾ هن جو ورتاءُ ڪهرو هوندو آهي؟

چندرا: Mix  ٿيندو آهي. رلي ملي ويندو آهي.

سرتيون: ڀلا ٻارن سان ڪنهن جو پيار وڌيڪ آهي؟

چندرا: ٻنهي جو _ پر سندس وڌيڪ.

سرتيون: رڌ پچاءُ به ڪڏهن ڪندو آهي؟

چندرا: رڌو پڪو نه ڪندو آهي.

سرتيون: شادي پيار جي هئي يا مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي؟

چندرا: اسان جي ارينج مئريج هئي.

سرتيون: نند، توهان کي نالي سان سڏيندو آهي؟

چندرا: چندا.

سرتيون: ۽ توهين نند کي ڪهڙي نالي سان سڏيو؟

چندرا: شڪارپور ۾ هئاسين ته نالو نه کڻندا هئاسين ”ٻڌو“چوندي هيس. پر هاڻي ته نالو کڻڻ فيشن بڻجي ويو آهي.

***

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com