سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :6

 

آتم ڪهاڻي                                                           قسط 11

منهنجي يادن جو خزانو

ڪويت يونيورسٽيءَ وارا ته منهنجي انتظار ۾ هئا ته آءٌ واپس ويندس. انهن مون کي ڪويت واپس اچڻ جي لاءِ ويزا ۽ ٽڪيٽ به موڪلي هئي. ڏيڍ سال لنڊن ۾ رهڻ کان پوءِ اپريل 1992ع ۾ ڪويت وياسين. ڪويت جي موسم به ان وقت ڏاڍي سٺي هئي ۽ حالتون به ٺيڪ پئي نظر آيون. سواءِ هڪ ٻن هوٽلن جي، جن مان جنگ جا آثار نظر اچي رهيا هئا. باقي اهو محسوس به ڪونه پئي ٿيو ته اتي ڪا جنگ به ٿي هئي. اسين جتي پهرين رهندا هئاسين، اها ته سڄي بلڊنگ خالي پئي هئي ۽ اسان جي رهڻ جو بندوبست ميڊيڪل فئڪلٽي جي ڀرسان هڪ فلئٽ ۾ ڪيو ويو هو. رات گذاري صبح جو ميڊيڪل فئڪلٽي ويس، ڪجهه ٻيا به منهنجا ڪليگس ڪويت واپس اچي چڪا هئا. اهي مون کي ڏسي خوش ٿيا. ايناٽامي ڊپارٽمينٽ ۾ صرف ٻه پروفيسر موٽيا هئا، جن مان هڪ انڊين ۽ هڪ مصري هو. آءٌ پهرين پنهنجي آفيس ۽ پوءِ پنهنجي لئبارٽريءَ ۾ ويس. سواءِ ڀڳل ٽٽل ڪئبن جي، باقي ڪجهه به ڪونه بچيو هو. ڀتين تي لڳل پوسٽر جيڪي Pathologists  ڊاڪٽرن جي پڙهائڻ لاءِ استعمال ڪندي هئس، اهي به لاهي کڻي ويا هئا. غير ضروري ڪجهه پراڻا جرنلس ۽ فقط فوٽا پيا هئا. سڀ منهنجا ڪتاب ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل، پيپرن جا مسودا سڀ غائب هئا. رهي کهي اميد ختم ٿي وئي، افسوس ته ڏاڍو ٿيم جو اهو سڀ ڪجهه پيسن سان به خريد ڪونه پئي ڪري سگهيس. مون کي اهو ته يقين ڪونه پئي آيو ته عراقي سولجر چونڊي چونڊي، منهنجي ريسرچ  ۽ پريڪٽيڪل وارو سامان کڻي ويا هوندا، بلڪ منهنجي خيال جي مطابق اهو انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪم هو، جيڪو منهنجي ريسرچ مان چڱي طرح واقف هو.

پنهنجي آفيس ۽ لئبارٽري ڏسڻ کان پوءِ اليڪٽران مائڪرو اسڪوپي يونٽ ۾ ويس، اُتي به اهوئي حال هو، اتان به سڀني شين سان گڏ جيڪي گهڻي محنت سان پوسٽر ٺاهي ڀتين تي ٽنگيا هئم، اهي سڀ غائب هئا. ائين محسوس ڪيم ته سڄي عمر جيڪا پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ محنت ڪئي هئم، اها هڪ رات ۾ ختم ٿي چڪي هئي. مون کي اهو به فيصلو ڪرڻو هو ته ڪويت ۾ رهي پنهنجي نوڪري ڪريان يا واپس لنڊن هلي وڃان. مقبول ته اهو سڀ ڪجهه منهنجي مرضيءَ تي چڏيو هو. آءٌ واپس پنهنجي آفيس ۾ ويس ۽ سوچڻ لڳس. پگهار به وڌيڪ پئي ڏنائون. زور به گهڻو پئي وڌائون ته آءٌ واپس نوڪري شروع ڪيان. ٻئي طرف کان ڪويت جي جنگ مان مشڪل سان جان بچائي آيا هئاسين ۽ ان جو اثر اڃا تائين به اسان ٻنهي تي هو. ڪويت ۾ رات جو سمهيا پيا هئاسين ته بندوقن جا آواز به بڌڻ ۾ آيا هئا. ڪويت ۾ امن امان به ته ڪونه رهيو هو. ڏهن منٽن جي اندر فيصلو ڪري ورتم ته ڪويت ۾ رهڻ ۾ مزو ڪونه ايندو ۽ لنڊن واپس وڃڻ ۾ ئي بهتري آهي. اهو فيصلو ڪري سڌو dean  جي آفيس ۾ ويس ۽ کيس پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيم. هو ناراض ته ٿيو، پر آءٌ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيس. مهينو کن ڪويت ۾ رهي، جيڪا به ڪاغذي ڪارروائي هئي، اُها پوري ڪري حساب ڪتاب لاهي، هميشه لاءِ ڪويت کي خدا حافظ چئي واپس لنڊن آياسين.

باقي زندگي لنڊن ۾ گذارڻ

ڪويت وڃڻ کان پوءِ رهي کهي جيڪا اميد هئي ته منهنجي تعليم سان لاڳاپو رکڻ واريون شيون شايد ملي وڃن، اها اميد به هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. پنهنجي ڪيريئر جو اوچتو ختم ٿيڻ ۽ مٿان وري مهربان ڀيڻ جو وڃڻ. منهنجي ته ڪنهن به ڳالهه ۾ دل ڪونه پئي لڳي. منهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي اولاد ته منهنجو ڏاڍو خيال پئي رکيو، انهن سان گڏ ٻين مائٽن به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو، ڪراچيءَ به مهينو کن رهي آئي هئس ۽ ڀيڻ جي اولاد سان ملي آئي هئس، پر اداسي نه پئي وئي. منهجي ڀيڻ نظير جو وڏو پٽ ڊاڪٽر الطاف انصاري به ماءُ جي وڃڻ ڪري ڏاڍو اداس رهندو هو ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجهندو هو، ان مون کي امريڪا مان فون ڪيو ۽ ڪجهه وقت جي لاءِ سندس وٽ نيو يارڪ ۾ اچڻ لاءِ چيائين. اسان به سندس چوڻ تي 1992ع ۾ نيويارڪ وياسين هو ڏاڍو خوش ٿيو هن کي به سندس ماءُ جي آسيس مون مان ملي رهي هئي. اسان کي خوب گهمايائين. نيويارڪ ۽ ڪئناڊا جا Nigrafalls  جيڪي دنيا ۾ ڌاڍا مشهور هوندا آهن، اهي به ڏيکاريائين. ان کان پوءِ Atlantic City  نيو جرسي، Mahal    Trump Taj ، Trump Towers  وغيره جو سير به ڪرايائين. مقبول به اداس هو، اهو به پنهنجي سوٽ نذير مغل سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. مهينو کن نيويارڪ ۾ رهياسين، اهڙيءَ طرح سان گهمي گهتي واپس لنڊن آياسين.

لنڊن ۾ اچي مون ڊاڪٽر فلپ کي فون ڪيو. ان مون کي واپس ان وٽ وڃي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، پر هن وقت منهنجا حالات مختلف هئا. گوڏن جي آپريشن جي ڪري هلڻ کان عاجز ٿي چڪي هئيس، خاص طور سان ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ ته منهنجي لاءِ ممڪن به ڪونه هو. اسپتالون گهر کان گهڻو پرتي هيون ۽ گاڏين ۾ اچڻ وڃڻ به منهنجي لاءِ ممڪن ڪونه هو. ٻين اسپتالن ۾ به وڃي ڪري ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکي ڳالهه هئي. گهر ۾ ويهي ڪڏهن ڪڏهن ته دم گهٽبو هو.

لنڊن ۾ پهرين ته ڪافي مائٽ هوندا هئا، جيڪي هاڻي سڀ پاڪستان هليا ويا هئا. آءٌ پاڻ کي بلڪل اڪيلو سمجهڻ لڳس، پر ڪجهه وقت کان پوءِ اها خوشخبري ملي ته منهنجي ڀائٽي ڊاڪٽر فرح انصاريءَ جي شادي منهنجي سوٽ جي پُٽ، ڊاڪٽر سهيل انصاريءَ سان ٿي رهي هئي ۽ اهي ٻئي شاديءَ کان پوءِ انگلينڊ اچڻ وارا آهن. اها ڳالهه ٻڌي آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس. ڊاڪٽر سهيل انصاريءَ کي نوڪري لنڊن کان گهڻو پري ”لورپورل“ (Liver Pool)  ۾ ملي هئي. لنڊن ۽ لورپول اچڻ وڃڻ ۾ ٽوٽل اٺ ڪلاڪ لڳندا هئا. ڪڏهن اسان انهن وٽ هليا ويندا هئاسين ته ڪڏهن ڇنڇر آچر تي هو اسان وٽ هليا ايندا هئا. گهڻو ڪري اسان عيدون به گڏ ملهائيندا هئاسين. هوءَ مون کي ڪافي تسليون به ڏيندي رهندي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ منهنجو هڪ مائٽ ڊاڪٽر اشفاق انصاري جنهن کي آءٌ انسان جي روپ ۾ هڪ فرشتو ڪري سمجهندي آهيان، اهو به پنهنجي فيملي سميت واپس انگلينڊ ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيو. ڏاڍي خوش تيس، سوچيم ته اها سڀ الله سائينءَ جي مهراباني آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com