سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :5

1.          تيلگو ”ساميت“ يا ”سامت“ لفظ پھاڪي ۾ ”ڀيٽ“، ”سمان وچن، اپمان، وغيره جي ھئڻ تي زور ڏئي ٿو. ڪنڙ ”گدي“ لفظ جو مطلب آھي – چوڻي.

2.         ڀارت – پاڪ اپکنڊ کان ٻاھر ٻين ملڪن جي ڪن ٻولين ۾ پڻ پھاڪي يا چوڻيءَ لاءِ ھن ريت لفظ ملن ٿا:

يوناني ٻوليءَ جو لفظ ”Paroemia“ جو مطلب آھي، ”عوام ۾ مروج سخن.“ اِتالوي ۽ لئٽن ۾ لفظ آھي ”Proverbio“ ٽسڪن ٻوليءَ جو لفظ ”Dettato“ جو مطلب آھي: ”اھو وچن جيڪو صدين کان بار بار دھرايو پيو وڃي.“ سپئنش ”Refran“ جو پڻ ساڳيو مطلب آھي. ترڪي ٻويلءَ جو ”Atalar Sozu“ ۾ ابن ڏاڏن جا وچن، ھئڻ جي معنيٰ سمايل آھي. چيني ٻوليءَ ۾ پھاڪن کي چون ”Yen,  Yen Yu“ جنھن جو مطلب آھي ”مقبول، ثابت ٿيل گفتگو“. عربي لفظ ”مثل“ پھاڪي ۾ تمثيل يا ڀيٽ جي ھئڻ طرف اشارو ڪري ٿو.

فارسي ”امثال“ مثل جو عدد جمع آھي، جيڪو پھاڪي لاءِ ڪتب اچي ٿو. سيامي ٻوليءَ ۾ چون – ” Suphasit“ جيڪو سنسسڪرت ”سڀاشت“ ۽ پالي ”سڀاستو“ جو بگڙيل اچار آھي.

انھن مثالن مان ظاھر آھي تھ جدا جدا ٻولين ۾ پھاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ انھيءَ جي ڪانھ ڪا وصف ڄاڻائين ٿا.

 

پھاڪي جي وصف (Definition)

اسان پھاڪن جي خاصيتن بابت جدا جدا عالمن جي ويچارن جو جائزو ورتو ۽ اھو بھ ڏٺو تھ انھن ۾ ڪنھن بھ ھڪ سمجھاڻيءَ ۾ پھاڪي جو سڀ وصفون پيش نھ ڪيون ويون آھن. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ نيٺ اھا ڪھڙي خاصيت آھي، جيڪا ڪنھن سخن يا ٻول کي پھاڪي جو درجو عطا ٿي ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين بھ چئجي، ڪنھن سخن يا ٻول کي پھاڪي جو درجو عطا ٿي ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين بھ چئجي، تھ آخر پھاڪي جي آتما يا جان ڇاکي سڏجي؟

ھسٽنگس نالي ھڪ عالم، جدا جدا پھاڪن جو اڀياس ڪري، انھن ۾ چئن وصفن جو ھئڻ لازمي ڄاڻايو آھي، ھو لکي ٿو تھ:

“Four qualities are necessary to constitue a proverbs, brevity (or, as some prefer to put it, conciseness), sense, Piquancy or salt (Trench) and popularity.”

 (Encyclopaedia of Religion and Ethics, Hastings, Vol. x. 412)

مطلب تھ ڪوبھ سخن پھاڪي جود رجو حاصل ڪري، انھيءَ لاءِ ان ۾ چئن خاصيتن جو ھئڻ ضروري آھي. اھي آھن:

- ٿورو – اکرائي يا ننڍڙو روپ.

- ويچارن جي گھرائي.

- سلوڻائي، ظسرافت يا اظھار جي نزاڪت.

- لوڪ يعني عوام ۾ انھيءَ جو پيچار.

الف: ٿور – اکرائي يا ننڍو روپ (Brevityk, Conciseness)

انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ جيڪي پھاڪا ملن ٿا، انھن جو گھڻو ڪري ننڍو روپ ھوندو آھي. اھي ڪنھن لساني سماج ۾ مروج استعمال (Formular Expressions) آھن. جيڪڏھن پھاڪو وڏو ھوندو، تھ اھو ڪنھن مقرر روپ ۾ ماڻھن کي ياد نھ پوندو. ان ڪري انھيءَ جي ڦھلاءِ ۽ پرچار ۾ بھ رڪاوٽ پوندي.

انھيءَ ڪري ٿور – اکرائي يا اختصار پھاڪي جي ھڪ مکيھ وصف آھي. سنڌيءَ ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙا جيڪي پھاڪا ملن ٿا، انھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ لفظ ضرور ھوندا آھن. عام طور، ٻوليءَ ۾ ھڪ لفظ وارا جملا بھ ملندا آھن. جيئن تھ،

اچ وڃ، کاءُت، واه! شاباس! ھيڏانھن!

پھاڪو  بھ پوري معنيٰ ظاھرڪ ندڙ ھڪ جملو آھي. پر ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ ھڪ لفظ وارو پھاڪو نظر نھ آيو آھي. انھيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تھ پھاڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن لفظن جو ھئڻ لازمي آھي. سنڌيءَ ۾ ان قسم جون چوڻيون ۽ پھاڪا ڪافي ملن ٿا. مثال طور،

قرض مرض، پنھنجي سنھنجي، بسياري خواري، لاڙ ساڙ.

ٽن لفظن وارن پھاڪن ۾ چوڻين جا مثال آھن:

کيتي، سرسيتي، ٻھ تھ ٻارھن، پئنچن ۾ پرميشور، ڦڙيءَ پڙيءَ تلاءُ.

ٻئي طرف اسين ڏسون ٿا تھ ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ وڏي روپ وارا پھاڪا بھ گھڻيئي ملن ٿا. مثال طور، سنڌي ءَ۾ ھيٺيان پھاڪا ڏسو:

1.          پلاھھ جھڙي پدمڻي، جي ھڪ حاضر ھوءِ،

تھ بوسي وجھھ پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.

 

2.         ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،

ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻئي ليکي ڄٽي.

مٺي سائي ڄٽي، مٺي سائي ڄٽي.

 ان حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ”ٿور – اکرائي“ جو مطلب ڇا کڻجي؟ منھنجي ويچار ۾ انھيءَ وصف جو مطلب اھو آھي تھ پھاڪن ۾ گھربل معنيٰ جو اثرائتو  اظھار ڪرڻ لاءِ جيترن لفظن جي ضرورت آھي، انھيءَ کان وڌيڪ لفظ ان ۾ ھئڻ کپن. انھيءَ کان وڌيڪ لفظ ان ۾ نھ ھئڻ کپن. انھيءَ کي ئي ”اختصار يا ننڍو روپ“ چئجي ٿو. ھتي انھيءَ ڳالھھ جو بھ ڌيان رکڻ گھرجي تھ وڏا پھاڪا گھڻو ڪري بيتن يا دوھن جي صورت ۾ ھوندا آن. انھن ۾ تڪبندي، تجنيس حرفي (انوپراس)، اظھار جو انوکو ڍنگ، وغيره خاصيتون بھ ھونديون آھن. ان ڪري ئي وڏا پھاڪا پڻ روزاني زندگيءَ ۾ عام ماڻھن جي يادگيريءَ ۾ گھر ڪري ٿا ويھن. ان ريت، انھن کي بھ ننڍڙن، پھاڪن جيان ايڪائي وصف وارو مروج روپ حاصل ٿي وڃي ٿو. اھي آسانيءَ سان زباني روايت ذريعي ئي سماج ۾ مشھور ٿي ٿا وڃن.

ب: ويچارن جي گھرائي (Sence)

پھاڪي جي ٻي وصف اھا آھي تھ انيھءَ ۾ ڪو اونھو ويچار يا سندر نڪتو سمايل ھوندو آھي، جنھن جو آڌار وھنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودو ھوندو آھي. پھاڪا اھڙا نڍڙا سڃاڻپ ڀريا وچن يا سخن آھن، جيڪي ڪنھن لساني سماج ۾ صدين کان وٺي ھر ھڪ پيڙھيءَ کي زباني طور ورثي ۾ ملندا پيا اچن، انھيءَ ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جو آزمودو محفوظ آھي، جيڪو وقت تي اسان جي رھنمائي بھ ڪري ٿو ۽ صحيح واٽ تي ھلڻ جي نصيحت بھ ڏئي ٿو. مثال طور،

”کھھ پيو ڏيرپو، جنھن وڇايو ڀيڻپو.“

انھيءَ مان اشارو ٿو ملي تھ ڪوشش ڪري ھڪ ئي گھر ۾ ڌيئرون پرڻائي نھ ڏجن. زندگيءَ ۾ ڪيترائي مثال نظر اچن ٿا، جتي ڏٺو ويو آھي تھ ٻھ ڀينر جڏھن ھڪ ئي ڪٽنب ۾ پرڻجي ٿيون وڃن،ت ڏھن ڏيراڻين بڻجڻ بعد سندن وچ ۾ ڪنواري ھوندي وارو سڪ – پريم، ميٺ، محبت قائم نٿا رھن. ان تي ڪنھن سياڻي چيو تھ اھو ڏيروپو ئي کڏ پوي، جنھن سان ڀينرن جي پيار کي ڇيھو ٿو رسي.

زندگيءَ ۾ ناڻي جي اھيمت ڏسي، ڪنھن بنزرگ جي واتان نڪري ويو،

”اٿ بھ ناڻو، ويھھ بھ ناڻو، ناڻي بنان نر ويڳاڻو.“

روزاني  جيوت ۾ پيسي کي وڏي اطاقت آھي، جنھن وتان بدبختيءَ سببان لڇمي (دوتل) ھلي ٿي وڃي، تھ پوءِ سنگتي – ساٿھي، مٽ – مائٽ بھ کانئس ڪنارو ڪري ٿا وڃن. پوءِ اوکيءَ ويل ڪوبھ ساٿ نٿو ڏئيس.

”ٻھ ڀائر، ٽيون ليکو.“

واپاري جڳت ۾ صحيح وھنوار ڪرڻ لاءِ ھدايت ٿو ڏئي. جيڪڏھن ڌنڌي واپاري ۾ ٻھ ڀائر گڏ آھن، يا پاڻ ۾ ڀائيوار آھن،ت ھ کين حساب ڪتاب کي پنھنجو تيون ڀاءُ ڪري ليکڻ گھرجي، مطلب تھ ڏي – وٺ ۾ جيڪڏھن ماڻھوءَ صاف وھنوار نھ رکيو، تھ پوءِ شڪ شبھي، غلط فھميءَ پيدا ٿيڻ ڄو گھڻو امڪان آھي.

انھن مثالن مان ظاھر آھي تھ پھاڪا سياڻن جا اھڙا سخن آن، جن ۾ وھنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل سندن سياڻپ سمائي پئي آھي. اھي ڏاھن، مھاتمائن (درويشن) جا قولي ا صنيحت ڀريا نڪتا نھ آھن، پر جيون جي حقيقتن جا انوکا عڪس آن، جيڪي ٻين جي رھنمائيءَ ڪرڻ جي قوت بھ رکن ٿا.

اسين جڏھن ڪنھن بھ ٻوليءَ جي پھاڪن جو جائزو وٺون ٿا، تڏھھن اھو ھڪدم ظاھر ٿيو پوي تھ سڀني پھاڪن ۾ ان طرح جا ويچار سمايل نھ آھن. جيئن تھ،

- ڀڄ چريا، چي مست آيئھ (ڀڄ چريا مست ٿا اچني)

- شيرو ٻلو شاھ جو، نھ پيءُ جو نھ ماءُ جو.

- ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀر مٺو.

- ٺونٺ لڳي، ساھيڙي ڀڳي.

- کوڙيءَ کي گھمرو آھي.

انھن ۾ خاص ڪو اونھو ويچار سمايل نھ آھي. انھيءَ ھوندي پڻ اھي سماج ۾ مروج آھن. ان مان ثابت آھي تھ ويچارن جي گھرائيءَ واري وصف پھاڪن سان لاڳو نٿي ٿئي.

ٻ: سلوڻائي، ظرافت يا اظھار جو انوکو انداز

 (Piquancy, Salt or Trench)

اسان کي ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي پھاڪا ملن ٿا، جيڪي سلوڻائيءَ، چترائيءَ ڀرئي انوکي اظھار ۽ اثردار عبارت سببان ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي ھڪدم اثر ڪن ٿا.ل اھڙا پھاڪا عوام ۾ جلد ئي مشھور ٿي ويندا آھن. مثال طور،

- مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانھ، ڳئون کي چوي تھ ھل

    ڙي پڇ ڪاري!

- پرڻ چوي ڏنگھي کي، ھل ڙي ٽٽونگا!

- ٻري تيل، کامي وٽ، واھھ ڙي ڏيئا واھھ!

اھي اھڙا پھاڪا آھن، جو پنھنجيءَ سلوڻيءَ عبارت ڪري گھڻو اثر پيدا ڪن ٿا، پر اھا وصف پڻ ھر ھڪ پھاڪي يا چوني لاءِ لازمي نھ آھي. جيئن تھ:

- شاھوڪار ٻار چريو يا چتو.

- پنھنجي سنھنجي،

- اتراڻ اتريو، اڌ سيارو ڪتريو.

- ھٺ مارائيندڙ آھي.

- نيڪي برباد، گناھھ لازم.

اھي چوڻيون فقط سڌو سنواٽو بيان ڪن ٿيون. اِنھن ۾ اظھار جي ڪابھ انوکائي نظر نٿي اچي.

(پ) لوڪ – پسندي (Popularity)

ڪوبھ ٻول يا سخن جيستائين لوڪ ۾ پسند نھ پيو آھي، يعني عوام انھيءَ کي اپنايو نھ آھي، تيستائين اھو پھاڪي جو درجو حاصل ڪري نھ سگھندو.

ڪنھن سياڻي زندگيءَ ۾ ڪجھھ تجربو ھاصل ڪيو ۽ ننڍڙي گفتي جي صورت ۾ ان جو اظھار ڪيو. ٻين اھو ٻڌو تھ ھڪدم انيھءَ جي سچائي سندن دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويئي. پوءِ وھنواري زندگيءَ ۾ پاڻ بھ انھيءَ گفتي کي ھوبھو ساڳئي روپ ۽ معنيٰ ۾ دھرائڻ لڳا.ا ھڙيءَ طرح ھڪ شخص جو چيل نڪتو، ٻين جي اپنائڻ تي عوام جو نڪتو بڻجي ويو ۽ انھيءَ کي پھاڪي جو پد حاصل ٿي ويو. اِنھيءَ  مان ثابت آھي ھت عوام ۾ مروج ٿيڻ يا لوڪ مڃتا ھر ھڪ پھاڪي لاءِ لازمي وصف آھي. اِنھيءَ سبب ڪري ئي مذھبي ڄاڻ وارا وچن، سنتن مھاتمائن جا نصيحت ڀريا نڪتا پھاڪا  نٿا ليکيا وڃن، ڇاڪاڻ تھ اھي عام ماڻھن ۾ مشھور نھ ٿيا آھن. عوام انھن کي اپنائي دھرايو نھ آھي.

سترھين عيسويءَ  صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ جيمس ھاول ناليھ ڪ وڏو ليکڪ ٿي گذريو آھي. ھن انگريزيءَ پھاڪن جو ھڪ مجموعو تيار ڪري ڇپايو آھي. ان ۾ ھن پنج سؤ کن ننڍڙا نصيحت آميز نڪتا ۽ نيتيءَ جا وچن خود تيار ڪري، ان مجموعا ۾ شامل ڪري ڇڏپيا. جيئن تھ، سندس ٺاھيل ڪن سخنن جو مطلب ھن ريت آھي:

1.          گھمنڊ ھڪ اھڙو گل آھي، جيڪو دئيتن جي باغيچي ۾ ٽِڙي ٿو.

2.         شرڌا ھڪ وڏ گھراڻي عورت آھي، سٺا ڪم سندس نوڪر آھن.

ھاول جا اھڙي قسم جا سخن فقط سندس ڪتاب جي ورقن ۾ ئي محفوظ آھن. اھي پھاڪا بڻجي نھ سگھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن کي عوام ۾ مشھوري حاصل ٿي نھ سگھي، لوڪن انھن کي پنھنجو نھ بڻايو. اِنھيءَ مان ثابت آھي تھ لوڪ پسندي ئي ھر ھڪ پھاڪي جي لاءِ لازمي وصف آھي. ڪنھن پھاڪي ۾ ٻيون تي خاصيتون ڀلي نھ ملن، پر ھن خاصيت جو ان ۾ ھئڻ نھايت ضروري آھي. پر انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ ڪنھن بھ سٺي پھاڪي ۾ ٻين ٽن گڻن جو ھئڻ پڻ لازمي آھي.

ڪوبھ سخن ۾ مڃتا ماڻي، انھيءَ لاءِ منجھس عوام کي ڇھڻ جي خاصيت ھئڻ گھرجي.

 - مروان موت ملوڪان شڪار.

- ڪاڻيءَ جي وھانءَ ۾ نکٽ گھڻا.

- سخيءَ کان شوم ڀلو، جو تر ڏئي جواب.

- جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس:

- ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪونھ ڏسي.

- شاھوڪار جو ٽِٽ بھ کستوري.

اھڙا گھڻيئي پھاڪا سنڌيءَ ۾ آھن، جيڪي وھنوار زندگيءَ جي آزمودن تي ٻڌل آھن، پوڦءِ ڀلي منجھن ڳوڙھو گيان يا اونھو ويچار سمايل نھ ھجي. بس، عام ماڻھن کي اِھي وڻي ويا ۽ اِنھيءَ ڪري اھي واتين وڻين دھرائجن پيا. پھاڪن جا اصل رچيندڙ نامعلوم بڻجي ويا. ڪنھن ھڪ ضشخص جي رچنا سموري سماج جي گڏيل پونجي بڻجي ويئي. اِھائي آھي پھاڪي جي مکيھ خاصيت، جيڪا اِنھيءَ کي ٻئي رواجي جملي کان الڳ ڪري ٿي بيھاري.

شاعرن جي ڪلام جون ڪجھھ تڪون بھ جيڪڏھن عوام جي من کي ڇھڻ جي طاقت رکن ٿيون، تھ اھي پڻ وقت گذرندي پھاڪا بڻجي  ٿيون وڃن. مثال طور، شاھ لطيفج ي ڪلام جون ھي تڪون ڏسون:

- ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟

- ڇا جي ڏنگا ڏير، منھنجو ڏينھن ڏنگو م ٿئي.

- لکيو منجھھ للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نھ وھي.

اِھي سٽون وقت گذرندي پھاڪن ۽ چوڻين جود رجو حاصل ڪري چڪيون آھن. ٻئي طرف لاکيڻي لطيدف جا ڳوڙھن صوفي ويچارن سان پر بيت پھاڪا بڻجي نھ سگھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي عام ماڻھن جي سمجھھ کان ٻاھر آھن. جيئن تھ:

ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،

جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون

يا

پيھي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رھاڻ،

نڪو ڏونگر ڏيھھ ۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ

پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا

پھاڪن جي روپ بابت ھيستائين ڪيل ويچارن مان ظاھر آھي تھ ٿور – اکرائي، ويچارن جي گھرائي ۽ سلوڻاڻي عام طور گھنين ڪھاوتن ۾ نظر ايندڙ گڻ آن، پر لوڪ – پسنديءَ جي وصف ھر ھڪ پھاڪي ۾ ھئڻ لازمي آھي. ڪنھن سٺي وپھاڪي ۾ اِنھن چئني گڻن جو ھئڻ ضروري آھي. اِنھيءَ حقيقت کي خود ھاول بھ قبول ڪيو آھي. ھو لکي ٿو:

“The people’s voice, the coice of God we call,

And what are proverbs, but the people’s coice,

Coined first and current made by common choice.

Then sure they must have weight and truth withal.”

مطلب تھ: پھاڪا عوام جو آواز آن، انھيءَ ڪري اسين انھن کي خدا جو آواز سڏيون ٿا. لاشڪ اھي عام ماڻھن جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ آھن. ڪو پھاڪو چاھي اول ڪنھن ھڪ شخص ٺاھيو ھئو، جيڪو ٻين جي قبول ڪرڻ تي سماج ۾ مشھور ٿي ويو آھي. انھيءَ ڪري ھر ھڪ پھاڪي ۾ وزن ۽ سچائيءَ جو ھئڻ لازمي آھي.

نتيجو

پھاڪي جي لازمي وصف کي ڌيان ۾ رکي ھاڻي انيھءَ جي سمجھاڻي ھن طرح ڏيئي سگھجي ٿي:

اھو مروج استعمال جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان ٺھيل جملو يا جملن جو اھڙو ايڪو آھي، جنھن ۾ وھنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڄاڻ ڀريو پيو آھي، ۽ جيڪو گھڻو ڪري اکي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي، تنھن کي پھاڪو چئبو آھي. اکري معنيٰ ۾ ڪتب ايندڙ پھاڪي کي سنڌيءَ ۾ ”چوڻي“ بھ سڏيو ويو آھي.

 

پھاڪن جي سچائي ۽ ڪن پھاڪن ۾ نظر ايندڙ تضاد

ڪڏھن ڪڏھن ڪن پھاڪن جي ويچارن ۽ تضاد نظر ايندو آھي. يعني انھن ۾ ھڪ ٻئي جي خلاف بيان محسوس ٿيندا آھن. اھڙيءَ حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي، تھ پھاڪن جي ويچارن ۾ ڪيتري قدر وزن آھي؟ ڇا انھن جي بيان جي سچائي ھر حالت ۾ لاڳو ٿي سگھي ٿي؟ سنڌيءَ ۾ اھڙن پھاڪن جا ڪجھھ مثال ڏسو:

١. ڪن سان ڪن ڪونھ ڏوپندو

(جيڪڏھن ڪو برائي ڪري ٿو يا خراب ھلت ڪري ٿو، تھ ساڻس ساڳي ھلت ڪرڻ سان ھو سڌري نھ سگھندو)

ٻئي طرف ان جي ابتڙ ويچارن وارا پھاڪا بھ ملن ٿا، جيئن تھ:

- ”جھڙي سان ٿجي تھڙو“ يا ”لچ کي لچ ٿي ملجي“

(يعني جيڪڏھن ڪو ڏنگو ٿو ھلي، تھ اوھين بھ ساڻس ان ريت ھلت ڪري کيس سبق سيکاريو،)

ڀيٽيو: انگريزي – “Tit for tat” سنسڪرت – ”شٺم پرتي شاٺيم ڪريات“

٢. پڇڻا نھ منجھڻا

(ٻين کان صلاح وٺي ڪم ڪبو، تھ مونجھارو نھ ٿيندو)

- جيترو پڇندين، اوترو منجھنديدن.

(تون پنھنجي سمجھھ سان ڪم ڪر، جيترو ٻين کان پڇندين،ا وترو پيو منجھنديدن، ڇاڪاڻ تھ ھو ڪو پيو الڳ الڳ صلاح ڏيندءُ)

- ٻڌجي سڀ ڪنھن جي ڪجي پنھنجي

(سڀ ڪنھن کان راءِ وٺڻ گھرجي، پر پوءِ پنھنجي من سان سوچجي تھ ڪھڙي واٽ صحيح آھي. ان  موجب ھلت ڪجي، ڀيٽيو ھوندي: سنو سبڪي، ڪرو من ڪي.)

٣. جيڪي چلھھ تي، سي دل تي

(جيڪي گڏ رھن ٿا، اھي ھميشھ ياد رھن ٿا، منجھن سڪ پريم وڌيڪ قائم ٿو رھي.)

- دور باش، خوش باش

(گڏ رھڻ سان کٽ پِٽ، جھڳڙي ٿيڻ جو انديشو آھي. اِن ڪري ھڪ ٻئي کان دور رھجي، تھ انھيءَ ۾ خوشي ۽ سک شانتي قائم رھي ٿي.)

٤ – ٻھ ڀائر ٽيون ليکو

(واپار ۾ حساب ڪتاب صاف رکڻ گھرجي)

- شريڪت ۾ مريڪت ڇا جي

(ڀائيواري يا ڌنڌي واپار جي وھنوار ۾ مروت، يلا للي چپي ڇا لاءِ ڪجي؟ مطلب تھ اِن ۾ ڪنھن جو بھ لحاظ نھ رکجي.)

(Money has no blood relation)

اِنھيءَ جي ابتڙ اِھا بھ چوڻي آھي تھ

”ڀائرن سان ڪھڙا ليکا؟

(پنھنجپائيءَ ۽ ڀائپيءَ ۾ ڏي وٺ جو حساب رکڻ جي ضرورتنھ آھي.)

٥. ڀاءُ جھڙو ڪو پيارو ناھي ۽ ڀاءُ جھڙو ڪو ويري ناھي.

ٻي چوڻي اِھا آھي تھ:

- ڀاءُ آھي ڀاءُ، پر جيٿ ئي دشمن، تھ ڪڍي ساھھ

(راڄن تان، ملڪيت تان ڀائرن جا جھڳڙا اڪثر ڏٺا ويا آھن، پوءِ اھي ھڪٻئي جا جاني دشمن بڻجيو پون، سنڌ جي لوڪ ڪٿائن ۾ دودي چنيسر جو قصو مشھور آھي)

٦. گھڻين زالين گھر نھ ھجلي، گھڻين مڙدين ھر نھ ھلي

(مطلب تھ ڪنھن ڪم ۾ جي گھڻن جو ھٿ پيو، تھ اھو ڪم بگڙي پوندو يا بلڪل نھ ٿيندو(

يا ٻي چوڻي آھي:

- شراڪت جي ديڳ ڌڻي تپائي

(جڏھن روٽي ٺاھڻ جي جوابداري گھڻن ڄڻن تي ڇڏيل آھي، تھ پوءِ اھا تيار ٿي نھ سگھندي). انھن جي ابتڙلله ھي چوڻيون بھ ملن ٿيون.

- ٻھ تھ ٻارھن

(ٻھ ماڻھو جيڪڏھن پاڻ ۾ ملي ڪم ڪن، تھ اھي ٻارھن ڄڻن جي برابر آھن.)

- گھڻن کنئي ڇپر کڄي.

(گھڻا ماڻھو پاڻ ۾ ايڪو رکي جيڪڏھن جبل بھ کڻندا، تھ اھو بھ کڄي ويندو. مطلبن تھ، ڪھڙو بھ اوکو ڪم ڇو نھ ھجي، اھو آسان بڻجي پوندو)

٧ – پنھنجا وري بھ پنھنجا يا رت ونگو بھ وري:

(يعني پنھنجو رت ڏنگو ڇو نھ ھجي يعني مائٽ پاڻ ۾ رٺلي ا وڙھيل ڇو نھ ھجن، پر وقت تي اھي ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ ھليا ايندا.

ڀيٽيو: “The blood is thicker than water”

اِنھيءَ جي ابتڙ چوڻي آھي:

”سوڙھيءَ سيرانديءَ وھنوار نھ ڪجي“

(ويجھو مائٽيءَ يا دوستيءَ ۾ ڏي – وٺ يا وھنوار نھ رکجي، ڇاڪاڻ تھ اِن مان پاڻ ۾ پڪت پيدا ٿي پوڻ جو انديشو آھي.

ڏسو: “Curse on accounts with relations”

٨. ”مھمان اچن وڏ ڀاڳين گھر“

يا

”مھمان آھن ڀڳوان جو روپ

ٻئي طرف اِھا بھ چوڻ آھي تھ:

”اويلو مھمان پٽائي پاڻ

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ پھاڪن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ٻئي جي خلاف ويچار نظر اچن ٿا. اِنھيءَ حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي، تھ پھاڪن ۾ ڪيتري قدر سچائي آھي؟ حقيقت ۾ ڏٺو وڇي ھت پھاڪا زندگيءَ جي ازمودن تي ٻڌل آھن. زندگيءَ جي راھھ تھ تضادن ۽ مختلف تجربن سان ڀري پيئي اھي. ڪڏھن اِنسان ڏسي ٿو تھ جيون ۾ نيٺ سچائيءَ جي سوڀ ٿئي ٿي. اِن تي ھو چوي ٿو تھ،

”سچ تھ بيٺو نچ“

پر ٻئي دفعي وري ڪي اھڙا مثال اکئين ڏسي و، جتي سچ جي راھھ تي ھلندڙ شخص قدم قدم تي ڪشالا ٿا سھن ۽ مصيبتن ۾ ٿا ڦاسن، ٻئي طرف ٺڳ، دوکيباز ۽ ھريف ماڻھو موجون پيا ماڻين، تھ ھو محسوس ٿو ڪري تھ دنيا ۾

”اکر نھ کٽي، مڪر کٽي“

يا

”پئسا ڪمائو مڪر سي، روٽي کائو شڪر سي.“

اِنھيءَ مان ثابت آھي تھ پھاڪن جي سچائي ڪا عالمگير سچائي نھ آھي جيڪا ھر وقت، ھر ملڪ ۾ ۽ ھر حالت ۾ لاڳو ٿي سگھي. ھڪ ئي حقيقت جو عڪس جدا جدا ڪنڊن تان الڳ الڳ نظر اچي ٿو. ساڳئيءَ طرح پھاڪن ۾ بيان ڪيل سچائي بھ پوريءَ حقيقت جو ڪو ھڪ خاص پھلو پيش ڪري ٿي. اِنھيءَ ڪري پھاڪن جو سچ اِخلاقي نڪتي نگاھھ کان صحيح آھي. اھو منطق تي ٻڌل مڪمل سچ نھ آھي. جيون جي حقيقتن مان ماپا ۽ ماڻ سين ڳڻپ جي نيمن مطابق مقررنٿا ڪري سگھون. اھي تھ جدا جدا حالتن ۽ الڳ الڳ زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان بدلجندا ٿا رھن. انڪري پھاڪن جي بيان ۾ جيڪڏھن ڪٿي ڪٿي تضاد يا مختلف رايو ملي ٿو، تھ اھو سڀاويڪ آھي.

 

پھاڪا ۽ ٻيا سخن

ھتي پھاڪن ۽ انھن سان مشابھت رکندڙ ٻين سخنن جي وچ ۾ فرق ڏيکارجي ٿو.

الف: پھاڪو ۽ حوالو (Quotation)

وڏن شاعرن جي شعر جون تڪون ۽ ليکن جون ڪجھھ سٽون اڪثر بيان ۾ حوالي طور ڪتب آڻجن ٿيون. جيئن تھ:

1.          ”وحد تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحد ڪل،

حق حقيقي ھيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ ۾ ڀل.“

(شاھ لطيف)

2.         ”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين“

(شاھ لطيف)

شاھ لطيف جي ڪلام مان اھڙيون سٽون جيڪڏھن بيان ۾ ڪتب آڻبيون، تھ اھي حوالا چئبا، جيڪي پنھنجيءَ ڳالھھ جي پٺڀرائيءَ لاءِ استعمال ڪيا ويا آھن. اِھي پھاڪن کان اِن ڳالھ ۾ الڳ آھن، تھ  اِنھن جي رچيندڙ جي ڄاڻ آھي، ٻئي طرف پھاڪو اصل ۾ ڪنھن سرجيو، اھو معلوم نھ ھوندو آھي. ٻيوتھ اِھي سٽون پھاڪن وانگر روزاني زندگيءَ جي شخصي آزمودن تي بيٺل نھ آھن.ا ِنھن ۾ اونھي فلاسافي سمايل آھي، جيڪا عام طور پھاڪن ۾ نھ ھوندي آھي. ٽيون تھ عام ماڻھن ۾ ڦھلاءُ، - جيڪا ھر ھڪ پھاڪي جي لازمي وصف آھي، اھا پڻ اِنھن ۾ نھ ٿي ملي. اِنھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ شاھھ جي ڪلام جون ٻيون ڪيتريون سٽون عوام ۾ مروج ھئڻ ڪري پھاڪي جو درجو حاصل ڪري چڪيون آن. مثال طور:

- ڏک سکن جي سونھن، گھرويا سک ڏکن ري.

- تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھھ، ڪانھي ويل وھڻ جي.

- ڏات نھ آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.

ب: پھاڪو ۽ قول

سنتن مھاتمائن جا قول ۽ ڄاڻ وارا نصيحت ڀريا نڪتا پڻ پھاڪن کان الڳ آھن. جيئن تھ:

”علم انسان جو ٽين اکي آھي.“

”برھم سچ ۽ جڳت ڪوڙ آھي.“

”روح امر آھي جسم فاني آھي. روح امر آھي ۽ جسم فاني آھي.“

اھڙا قول چاھي لوڪ ۾ مشھرو بھ ٿي وڃن، تھ بھ انھن جو واسطو ڄاڻ ۽ دماغي ورزش سان آھي. اِھي عام لوڪن جي اپج نھ آھن ۽ نڪو روزاني زندگيءَ ۾ شخصي آزمودن تي بيٺل آھن. اِن ڪري اھڙا ۽ نصيحت ڀريا نڪتا پھاڪا نٿا ليکجن.

ٻ: پھاڪو ۽ ٽوٽڪو يا لطيفو

پرمانند ميوارام جي ڪتاب ”دلبھار“ ۽ ڪيولرام سلامتراءِ جيڪ تاب ”گل“ ۾ چڱائيءَ ٽوٽڪا ۽ لطيفا گڏ ڪري ڏنا ويا آھن، چاھي ڪو ٽوٽڪو يا لطيفو ٻن ٽن سٽن جو ئي ڇو نھ ھجي، پر اھو پھاڪو نٿو ليکجي، ڇاڪاڻ تھ منجھنس ايڪائي وصف  نھ آھي. يعني اھو ڪنھن ھڪ مقرر روپ ۾ عوام ۾ دھرايو نٿو وڃي. ٻيوتھ اھڙن لطيفن ۽ ٽوٽڪن جو مکيھ مقصد چرچو گھٻو ۽ وندر سان گڏ نصيحت ھوندو آھي.

پ: پھاڪو ۽ پرولي

پھاڪن وانگر پروليون بھ عوام ۾ مروج آھن ۽ ننڍڙي روپ واريون ھونديون آھن، پر ٻنھي جي مقصد وچ ۾ گھڻو فرق آھي. پھاڪا عام ماڻھوءَ جي روزاني زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودن جو اظھار آن. پرولين ۾ پڻ اھا وصف ملي ٿي، پر انھن جو مقصد ٻئي جي سھج سڀاويڪ ڄاڻ جي پرک ڪرڻ آھي. اِن ڪري، ان ۾ سمايل سوال يا راز کي حل ڪرڻ لاءِ دماغ کان ڪم وٺڻو پوندو آھي. روزاني زندگيءَ ۾ جڏھن پھاڪا پنھنجي ڳالھھ جي پٺڀرائيءَ، وغيره لاءِ ڪتب آڻجن ٿا، تڏھن پروليون ٻين کي سلڻ لاءِ ڏجن ٿيون.

پرولين جا ڪجھھ مثال آھن:

- سوڙھيءَ گھٽيءَ ۾ نانگ لنگھائي ڏي. (ابداڻي ۾ اڳٺ)

- ماءُ ڄائي ناھي تھ پٽ ڪوٺا ٿو ٽپي. (باھھ ٻرڻ کان اڳ دونھون

    نڪرڻ)

- جيئن ڇڪ، تيئن ڇوٽي ٿئي. (ٻيڙي)

- ھيڏڙي، تر جيڏڙي، وڏن جا ٿي پٽڪا لاھي. (جونءِ)

- مڙس ٽنگيو پيو آھي، زال پئي گھمي.  (ڪلف ڪنجي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com