سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :6

 

محاورو يا اصلاح

ٻوليءَ ۾  مروج استعمال جو اڀياس ڪندي اسان ڏٺو تھ محاورو يا اِصطلاح اھو مروج استعمال آھي، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آھي. مثال طور: ”ڪملا ساھيڙين واتان اِھا ڳالھ ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي“. انھيءَ جملي ۾ ”پاڻي پاڻي ٿيڻ“ ھڪ محاورو يا اصطلاح آھي، جنھن جو مطلب آھي، ”لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.“ ھتي اھڙن اسعتمالن بابت وڌيڪ وستار سان ويچار ڪجي ٿو.

 

محاوري يا اصطلاح جي اکري معنيٰ

”محاورو“ ۽ ”اصطلاح“ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آھن، جيڪي فارسيءَ ۾ بھ ڪتب ايندا آھن. اِنھيءَ لفظ پوءِ اردو، ھندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ بھ مروج ٿي ويا آھن. ”محاورو“ لفظ جو عربيءَ ۾ اچار آھي – ”محاورت“ اِھو ”حاور“ يا ”حور“ فعل مان نڪتو آھي، جنھن جو مطلب آھي ”موٽائڻ، ورندي ڏيڻ، پوءِ انھيءَ جي معنيٰ ۾ وستار ٿي ويو اھي. پلاٽس اِنھيءَ لفظ جون اردو – ھندي ڊڪشنريءَ ۾ معنائون آھن.

(١) گفتگو، ڳالھ ٻولھھ، (٢) اصطلاح، لفظي ميڙ، عام ڳالھھ ٻولھ جو طريقو؛ (٣) ٻوليءَ ۾ استعمال، (٤) روايت، پرمپرا، عادت[1]

جامع سنڌي لغات ۾ ”محاورو“ لفظ جون معنائون ھن ريت ڏنل آھن:

·          محاورو – جمع محاورا. مذڪر (عربي، حور = ھن ورائي چيو) گفتو – ٻول چال – ڳالھھ ٻولھھ – سوال جواب، علم نحو موجب اھو جملو، جنھن جي لفظي معنيٰ ھڪڙي ھجي، تھ ڪنايت معنيٰ ٻي ھجي، مثلا: ”اکيون پورڻ = بي شرم ٿيڻ، مرڻ“، وغيره. اصطلاح – ورجيس. استعمال – اڀياس – ساڌنا – مشق – آزمودو – تجربو.[2]

ساڳيءَ طرح، اصطلاح پڻ عربي لفظ آھي، جنھن جو بنياد آھي، ”صلح“ يعني موافق، سٺو يا وڻندڙ ٿيڻ.“ پلاٽس اِنھنيءَ لفظ جون اردو – ھنديءَ ۾ معنائون ڏنيون آھن. لفظي ميڙ، فقرو، محاورو؛ ٻوليءَ ۾ استعمال: ڪا مقبول معنيٰ؛ مروج ٽيڪنڪي لفظ.[3]

جامع  سنڌي لغات ۾ ”اصطلاح“ لفظ جي اڻپوري معنيٰ ڏنل آھي، اھا آھي – ڪنھن ڌنڌي يا فن جو لفظ – ورجيس، ٻئي طرف اِنھيءَ لفظ جي صفت روپ ”اصطلاحي“ ۾ وڌيڪ معنيٰ ڏنل آھي. ”محاوري وارو مشھور معنيٰ کانسواءِ ٻي خاص معنيٰ رکندڙ (لفظ)[4]

 

محاورو يا ورجيس

ٻوليءَ ۾ مروج استعمال جا قسم سمجھائيندي، موٽ ڏيکاريو آھي، تھ محاورو يا اصطلاح، معنيٰ جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آھي. حقيقت ۾ ورجيس اھڙو لسانيات استعمال آھي، جيڪو اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آھي. پر اھو ڪنھن خاص روپ ۾ مروج ٿي ويندو آھي، جنھن ڪري ٻين مروج استعمالن وانگر ان کي بھ ايڪائي وصف حاصل ٿي ويندي آھي. مطلب تھ ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ مطابق ڦير گھير ڪري نٿا سگھون. اردوءَ جي عالمن اھڙن استعمالن کي ”روز مره“ يا ”بول چال“ نالو ڏنو آھي.

مثال طور، ائين ڀڳو جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءُ، ھڪ ورجيس آھي، جيڪا اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندي آھي.“

ھو اھڙو ڪڇي جھڙو ڀت“ بھ ھڪ ورجيس آھي.

”ورجيس“ لفظ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا اچار آھن: ”ورجيس، ورج“ جامع سنڌي لغات ۾ اِنھن جون معنائون ڏنل آھن: ورج = رسم – رواج – دستور – ھلت. رھڻي ڪھڻي. ريت – پرويز – پر- ھلي چلي – مرجاتا – وتيرو – حال – عادت – ھير – ورد. محاورو – اصطلاح – وغيره[5]

”ورجيس“ جون پڻ ساڳيون معنائون ڏنل آھن.  منھنجي ويچار ۾ اِنھيءَ ورج جو سنسڪرت ۾ بنياد اھي ”ورت“ ڌاتو. ان جون معنائون گھڻيئي آھن جن مان ڪجھھ ھن  ريت آھن:

ھئڻ- ٿيڻ، ڦرڻ- موٽڻ (ڀيٽيو- سنڌي فعل ورجائڻ) گذر ڪرڻ- ريت رواج ۾ ھئڻ.

اِن مان اِسم ٺھيل آھھ ”ورت“ جيڪو لفظن جي خاص استعمال يا طاقت لاءِ پڻ استعمال ڪبو آھي. روج- ورجس- ورجيس پڻ اھو استعمال آھي، جيڪو ڪنھن ٻوليءَ جي رواج ۾ مشھور آھي ۽ بار بار ساڳئي نموني دھرايو وڃي ٿو.

انگريزيءَ ۾ محاوري (اصطلاح) ۽ ورجيس کي گڏي “Idiom” سڏيو وڃي ٿو، جنھن جون گھڻيئي ٻيون معنائون پڻ آھن.

سنسڪرت ۾ محاوري يا اِصطلاح لاءِ ڪو خاص الڳ ھم- معنيٰ ٽيڪنيڪي لفظ اسان کي ڪونھ ٿو ملي. انھيءَ جو ڪارڻ اِھو آھي تھ ان زبان جي ماھرن اھڙن استعمالن کي شبد شڪتي (لفظن جي طاقت) جي اندر سمجھايو آھي. انھيءَ ڪري ھنديءَ ۾ توڙي ٻين ڪن ٻولين ۾ ودوانن محاوري، اصطلاح ۽ ورجيس جي معنيٰ ماھر ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ٽيڪنيڪي لفظ گھريا آھن. جيئن تھ: واڪ- پڌ تي، واڪ- ريتي، واڪ- ويو ھار، واڪ- سمپردايھ، واگ- ريتي، واگ- ڌارا، وغيره. اھڙن لفظن جو گھڻو پرچار ٿي نھ سگھيو آيھ. ھنديءَ ۾ عام طور ”محاورا“ لفظ ئي اھڙن مروج استعمالن لاءِ ڪتب ايندو آھي.

محاورو ۽ لفظن جي طاقت

سنسڪرت زبان جي جاڻن ”شبد شڪتي“ يعني لفظن جي طاقت سمجھائيندي، لفظ ۽ انھيءَ جي معنيٰ بابت گھڻيءَ باريڪيءَ سان ويچار ڪيو آھي. جيئن تھ، محاورن ۾ پڻ معنيٰ جي نرالائي سمايل آھي، انھيءَ ڪري ھتي ٿوري ۾ لفظ ۽ انھيءَ جي معنيٰ تي بحث ڪجي ٿو.

ٻوليءَ ۾ اسين گھڻيئي اھڙا لفظ استعمال ڪندا آھن، جن جي اکري معنيٰ ھڪڙي ھوندي آھي، تھ بيان ۾ گھربل معنيٰ ٻي ھوندي آھي. مثال طور، جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي باري ۾ اسين چئون ٿا. ”فلاڻو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت، متان سندس ڦندي ۾ ڦاٿو اھين.“ تڏھن اسان جو مطلب اِھو نھ آھي تھ بيان ڪيل ماڻھو ٻگھھ پکي آھي. اھڙيءَ حالت ۾ ”ٻگھلو“ لفظ جي اکري معنيٰ نھ کڻي، اسين ان جو ٻيو مطلب کڻون ٿا، جيڪو آھي- ”ٺڳ، دوکيباز، مڪار“. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ لفظن ۾ اھا ڪھڙي شڪتي يا طاقت آھي، جيڪا اکري معنيٰ جي اظھار ڪرڻ کانسواءِ ٻي معنيٰ بھ ڄاڻائي ٿي.

لفظ ۽ معنيٰ

لفظ ۽ انھيءَ جي معنيٰ جو پاڻ ۾ ڪھڙي قسم جو لاڳاپو آھي؟

اسين ڳالھائڻ جي عضون ذريعي جيڪي آواز اچاريون ٿا، اھي ڪنھن مقرر ترتيب ۾ اچي ”لفظ“ جو روپ اختيار ٿا ڪن. ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ھر ھڪ لفظ کي ڪانھ ڪا معنيٰ ضرور ھوندي آھي. ڪنھن لفظ کي ٻڌڻ سان جنھن ڀاونا، ويچار، شيءِءَ يا پراڻيءَ جو نقش اسان جي دل ۽ دماغ ۾ اڀري ٿو، تنھن کي انھيءَ لفظ جي معنيٰ چئجي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڳئون لفظ ٻڌڻ يا پڙھڻ سان ھڪدم ھڪ خاص قسم جو چوپائي جانور جو چٽ اسان جي ڌيان تي تري ٿو اچي. ساڳيءَ طرح، ”ڪرسي“، ”ميز،“ ”ڪتاب“ وغيره لفظن ٻڌڻ سان اسان جو ڌيان ڪن مقرر بناوت وارين شين ڏانھن ڇڪجي ٿو وڃي. اِن طرح، ٻوليءَ جو ھر ھڪ لفظ ڪنھن نھ ڪنھن معنيٰ جو اظھار ڪري ٿو. ڪھڙي لفظ ڪھڙي معنيٰ ڄاڻائي، اِھو تھ فقط ان ٻوليءَ ڳالھائيندڙ سماج جي روايت يا لوڪاچار (Convention) تي ٻڌل آھي. اسين پنھنجن وڏن کان ۽ انھيءَ ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙ ٻين ماڻھن کان لفظ ٻڌون ٿا، سندن استعمال جاچيون ٿا ۽ انھن جون معنائون پروڙيون ٿا. پوءِ پاڻ بھ اھي لفظ ساڳيءَ طرح، ساڳين معنائن ۾ ڪتب آڻيون ٿا. انھيءَ طرح صدين کان وٺي پيڙھيءَ در پيڙھيءَ ٻوليءَ ھلندي پيئي اچي. سمي گذرندي ٻوليءَ جي بيھڪ، لفظن جي اچارن ۽ معنيٰ ۾ بھ ڪي قدر فرق اچيو وڃي. انھيءَ ڪري ”قاضي قادن“، ”شاھھ ڪريم“ ۽ ”شاھھ لطيف“ جي سنڌيءَ کان ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ اسان کي تبديلي نظر اچي ٿي.

ھتي اسان کي اھو چٽيءَ طرح ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ لفظ جو پنھنجيءَ معنيٰ سان لاڳاپو ڪنھن بھ خاص  ترڪ يا منطق تي ٻڌل نھ آھي. ٻوليءَ جي سماج لوڪاچار مطابق ھر ھڪ لفظ جي معنيٰ مقرر ٿي ويئي آھي. اِھا ڳالھھ اسان کي سھج ئي سمجھھ ۾ اچي ٿي وڃي، جڏھن اسين ڏسون ٿا تھ ھڪ ئي شيءِ لاءِ جدا جدا ٻولين ۾ الڳ الڳ لفظ مقرر ٿي ويا آھن. مثال طور، جنھن جانورن کي اسين سنڌيءَ ۾ چئون ٿا ”گانءِ يا ڳئون“ تنھن کي سنھلي ٻوليءَ ۾ چون ”دين يا ايلدين“، ٿٻيٽي ٻوليءَ ۾ چون ”پا“، انگريزيءَ ۾ چون ڪئو (Cow)، فرينچ ۾ چون ”واش“، تھ گريڪ ۾ چون ”بوي“ (Bove). مزي جي ڳالھھ تھ اھا آھي تھ ھڪ جھڙي اچار وارا لفظ بھ ھڪڙي ٻوليءَ ۾ ھڪ معنيٰ ٿا ظاھر ڪن تھ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ٻيو مطلب ٿا ڄاڻائين. جيئن تھ، ”تپ“ لفظ جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ آھي ”بخار“ تھ تامل ٻوليءَ ۾ ان جو مطلب آھي ”غلطي، چوڪ“. ”پيلا“ لفظ جي مراٺيءَ ۾ معنيٰ آھي ”پيالو“، تھ سنڌيءَ ۾ ان جو مطلب آھي ”انڊ ڪوش، آنوڙا“.

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ بھ ھوندا آھن، جن جي معنيٰ فقط ٻوليءَ جي وياڪرڻي ڍانچي سان واسطو رکندڙ ھوندي آھي، جيئن تھ ۾، تي، يا، ۽، واھ، اڙي. اھڙن لفظن جي اچار سان ٻڌندڙ جي ڌيان تي ڪنھن شيءِ پراڻيءَ، وغيره جو عڪس بھ اڀرندو آھي. پر ان جي بجاءِ ڪنھن جملي جي رچنا ۽ ان ذريعي ظاھر ٿيندڙ مطلب سمجھڻ ۾ مدد ملندي آھي.

لفظن جي طاقت

- ھي ”ھيرو“ تمام ملھائتو آھي.

- ھائر سيڪنڊري اسڪول جي اِمتحان ۾ ”ھيرو“ پھريون نمبر آيو آھي.

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ پھرئين جملي ۾ ”ھيرو“ جي معنيٰ ھڪ قيمتي پٿر يا جواھر آھي، پر ٻئي جملي ۾ ”ھيرو“ ڪنھن ڇوڪري جو نالو آھي. اِِنھيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تھ ڪنھن بھ لفظ جي معنيٰ جي پوري ڄاڻ تڏھن حاصل ٿئي ٿي، جڏھن ان جو استعمال جملي ۾ ڪجي ٿو.

لفظ جي اھا قابليت، جنھن جي ذريعي اھو جدا جدا جملن ۾ گھربل معنيٰ ڏئي ٿو، تنھن کي ”شبد شڪتي“ يا ”لفظن جي طاقت“ چئجي ٿو.

لفظن جي طاقت ٽن قسمن جي آھي.

الف: اظھار جي طاقت (Power of Expression)

ب: ڏس ڏسيندڙ طاقت (Power of Indication)

ٻ: اِشاري جي طاقت (Power of Suggastion)

ھاڻي اچو تھ لفظن جي طاقت جي انھن ٽنھي قسمن تي الڳ الڳ ويچار ڪريو.

الف: اظھار جي طاقت (Power of Expression)

لفظ ۽ انھيءَ جي معنيٰ تي ويچار ڪندي اسان ڏٺو، تھ لفظ جو سندس معنيٰ سان لاڳاپو فقط لوڪاچار يا پرمپرا تي ٻڌل آھي. ڳئون، مينھن، گھوڙو، گڏھھ، وڻ، کنڀ، ٻگھلو، زال، مرد، وغيره لفظ جيڪا پنھنجي پنھنجي معنيٰ ڄاڻائين ٿا، سا فقط انھيءَ ڪري جو اِھي اِنھن معنائن ڄاڻائڻ لاءِ سماج ۾ مروج ٿي ويا آھن. اظھار جي طاقت لفظ جي اھا قابليت آھي، جنھن ذريعي لفظ جملي ۾ سڌيءَ طرح پنھنجي پھرين يا مکيھ معنيٰ ڄاڻائي ٿو. اِن ريت حاصل ٿيل معنيٰ کي لفظ جي اکري يا مکيھ معنيٰ (Primary Meaning) چئبو آھي. سنسڪرت ۾ انھيءَ کي ”واچيھ ارٿ“ سڏيو ويو آھي ۽ اھڙن لفظن کي ”واچڪ شبد“ (اکري معنيٰ ڏيندڙ لفظ) چيو ويو آھي.

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اھڙا لفظ پڻ آھن، جيڪي بيان ۾ پنھنجيءَ اکري معنيٰ کي ڇڏي، ڪنھن ٻيءَ معنيٰ کي ڄاڻائيندا آھن. جيئن تھ:

1.          مومل ”گونگي گانءِ“ آھي.

2.         ھو اٿيئي ”ٻگھلو ڀڳت“، کانئس خبردار رھجانءِ.

3.         ھو تھ بلڪل ”گڏھھ“ آھي، ھيتري سمجھائڻ بعد بھ ڪم صحيح نموني پورو نھ ڪيائين.

اِنھن جملن ۾ ”گانءِ“، ”ٻگھلو“ ۽ ”گڏھھ“ لفظ پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ڪتب نھ آيا آھن. پر اھي ٻيو مطلب ظاھر ڪن ٿا. ”گانءِ“ جو مطلب ھتي آھي ”ماٺيڻي، سانتيڪي سڀاءَ واري ڇوڪري. ”ٻگھلو ڀڳت“ جو ھتي مطلب آھي ”دوکيباز، ٺڳ، مڪار“. ساڳيءَ طرح، ”گڏھھ“ جو ھن جملي ۾ مطلب آھي ”مورک، بيوقوف.“ اِن طرح، بيان ۾ لفظ جيڪا ٻي معنيٰ ڄاڻائن ٿا، انھيءَ کي لفظ جي ”اصطلاحي يا ٻي معنيٰ (Metaphorical or Secondary Meaning) چئجي ٿو.

ٻوليءَ ۾ لفظ، اصطلاحي يا ٻي معنيٰ ڄاڻائڻ لاءِ جنھن قوت يا طاقت کي استعمال ڪندو آھي. اھا ٻن قسمن جي ھوندي آھي. ”ڏسيندڙ طاقت “ ۽ ”اشارتي سگھھ“. ھاڻي اچو تھ اِنھيءَ تي وڌيڪ ويچار ڪريون.

ب: ڏسيندڙ طاقت (Power of Indication)

جڏھن اسين ڪنھن ماڻھوءَ بابت چئون ٿا تھ، ”فلاڻو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت. کانئس خبردار رھانءِ“. تڏھن ھن جملي ۾ ”ٻگھلو ڀڳت“ لفظ جي اکري معنيٰ ”ٻگھلو پکي“ نھ کڻي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ کڻجي ٿي، جيڪا آھي، ”ٺڳ، دوکيباز، مڪار“. اِھا ٻي معنيٰ لفظ ڪيئن ٿو ڏئي؟

جملي ۾ لفظ ھميشھ پھريائين پنھنجي اکري معنيٰ ظاھر ڪندو آھي. پر اھا جيڪڏھن ان جملي جي حاصل مطلب سان ٺھڪندڙ نھ ھوندي آھي، تھ پوءِ انھيءَ جي ٻي معنيٰ کڻبي آھي. ھتي ڏنل مثال ۾ ”ٻگھلو“ لفظ جي مکيھ معنيٰ ”ٻگھھ پکي“ جملي ۾ نٿي ٺھڪي، ڇاڪاڻ جو ٻڌندڙ کي ڄاڻ آھي تھ جنھن شخص جو ھتي ذڪر ڪيو ويو آھي، اھو ٻگھھ پکي نھ آھي، پر ھڪ ماڻھو يا اِنسان آھي. اِنھيءَ مان ثابت آھي تھ ڪوبھ لفظ ٻي معنيٰ ڄاڻائي، انھيءَ لاءِ پھريون شرط اِھو آھي تھ سندس مکيھ يا اکري معنيٰ ڄاڻائي، انھيءَ لاءِ پھريون شرط اِھو آھي تھ سندس مکيھ يا اکري معنيٰ ۾ رڪاوٽ پوڻ گھرجي. جڏھن لفظ جي مکيھ معنيٰ ۾ رڪاوٽ ٿي پوي، تڏھن اسين انھيءَ جي ٻي معنيٰ کڻون ٿا. پر انھيءَ جو اِھو مطلب بلڪل نھ آھي، تھ اسان کي جيڪا بھ معنيٰ کپي اھا کڻي سگھون ٿا. انھيءَ ٻيءَ معنيٰ جو پھرينءَ معنيٰ سان ڪونھ ڪو لاڳاپو ضرور ھئڻ گھرجي.

”ٻگھلو“ لفظ جي مکيھ معنيٰ ڇڏي، جڏھن اسين ٻي معنيٰ کڻون ٿا، انھيءَ جو ڪارڻ اِھو آھي جو ٻنھي معنائن ۾ گھرو سنبنڌ آھي. ٻگھھ پکيءَ ۽ ٺڳ ماڻھوءَ جي سڀاءَ ۾ ھڪجھڙائي آھي. ٻگھھ پکي جڏھن ڳچي بدن ڏانھن سرڪائي، اکيون ٻوٽي چپ چاپ ڍنڍ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيھي رھندو آھي، تڏھن ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ تھ ڪو ساڌو مھاتما پاڻيءَ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيٺو تپسيا ڪري. پر جيئن ئي پاڻيءَ ۾ ٿورو بھ چرپر ٿي، تئين ئي ھو اکيون ڦرڙائي، مڇيءَ کي ڏسڻ شرط ئي جھپ ھڻي پڪڙي وٺندو آھي. ٺڳ ماڻھو بھ ٻگھھ پکيءَ جيان آھي. ھو ٻاھران تھ گھڻو ئي ساڌو لڳندو آھي، پر اندر ۾ ٻھ آڱر واڌو يعني پڪو ابليس ھوندو آھي. ھاڻي ثابت ٿيو تھ لفظ ٻيا معنيٰ ڏسي، انھيءَ لاءِ ٻِيو شرط اِھو آھي تھ انھن ٻنھي معنائن ۾ ھڪ جھڙائي ھئڻ کپي. اِتي توھان سھج سڀاءُ اِھو سوال پڇندا تھ اسين اھڙا لفظ ڪتب ئي ڇو ٿا آڻيون، جو جملي ۾ سندن مکيھ معنيٰ نٿي ٺھڪي، جنھن ڪري پوءِ اسان کي سندن ٻي معنيٰ ٿي کڻڻي پوي. اِنھيءَ جو جواب اِھو آھي تھ اسين ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ ان ڪري ٿا استعمال ڪريون، جو منجھن اثر ۽ زور پيدا ڪرڻ جي جيڪا قوت آھي، اھا اکري معنيٰ ڏيندڙ لفظن ۾ ڪانھي. ڪنھن شخص کي ٺڳ يا دوکيباز چوڻ سان انھيءَ ماڻھوءَ جو سڀاءُ چٽيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني ظاھر نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تھ ٺڳي ھڪ خيالي (Abstract) عمل آھي. پر انھيءَ ماڻھوءَ کي ٻگھلو چوڻ سان اسين ٻگھھ پکيءَ جي سڀاءَ جي تمثيل ڏيئي، سندس عادت ۽ وھنوار جو چٽو ۽ اثرائتو چٽ چٽي ٿا ڇڏيون. اھڙن لفظن کي ٻوليءَ ۾ ڪتب آڻڻ جو اھوئي مکيھ ڪارڻ آھي.

ھاڻي ظاھر ٿيو، تھ ٻوليءَ ۾ جڏھن اسين ڪنھن لفظ کي اکري معنيٰ ۾ نھ کڻي، انھيءَ سان واسطو رکندڙ ڪنھن ٻيءَ معنيٰ ۾ ان کي ڪتب آڻيون ٿا، تڏھن انھيءَ لاءِ ڪو خاص مقصد يا ڪارڻ ھوندو آھي. اِن ڳالھھ کي سمجھڻ لاءِ ھي جملا ڏسو:

·           اڄ ڪرڪيٽ راند ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جو مقابلو ٿيندو.

·           ھردوار ۾ گنگا تي سوامي گڻيشانند جو آشرم آھي.

·           سر تي ڇو چڙھيو بيٺو آھين؟ ڪم ڪرڻ ڏي.

پھرئين جملي ۾ ”ڀارت“ ۽ ”پاڪستان“ جو مطلب اِنھن ٻنھي ملڪن جي رانديگرن جي ٽيم آھي، جيڪي حقيقت ۾ پنھنجي پنھنجي ملڪ جا عيوضي آھن، شان آھن. ھتي ”ٽيم“ يا ”ٽولي“ چوڻ بدران انھن ٽولين جي ملڪن جو نالو استمال ڪيو ويو آھي، جنھن جو ڪارڻ اِھو ڏيکارڻ آھي، تھ اھي ٽوليون ڄڻ تھ پنھنجي ملڪ جي شان جي علامت (Symbol) آھن. ٻئين جملي ۾ ”گنگا تي“ لفظن استعمال ڪرڻ جو مقصد اِھو آھي تھ اھو آشرم بلڪل گنگا نديءَ جي ڪناري تي آھي يعني نديءَ جي تمام ويجھو آھي. ساڳيءَ طرح ٽئين جملي ۾ ”سر تي“ لفظن جو مطلب آھي تھ ايترو ويجھو ڇو بيٺو آھين، جو مون کي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ٿي ٿئي. اِن طرح لفظن جي اھڙن استعمالن ۾ ڪونھ ڪو مقصد ھوندو آھي. وقت گذرندي گھڻيئي لفظ پنھنجيءَ ٻيءَ يا اصطلاحيءَ معنيٰ ۾ ٻوليءَ ۾ مشھور ٿي ويندا آھن. اِنھيءَ ڪري اھڙن لفظن جي اکري معنيٰ سان گڏ، انھن جي اِصطلاحي معنيٰ بھ ڊڪشنريءَ ۾ درج ڪري ڇڏبي آھي، جيئن تھ، گڏھھ ۽ گانءِ پنھنجيءَ اکري معنيٰ ۾ خاص جانورن ڏانھن ڌيان ڇڪائين ٿا. پر انھن جي اِصطلاحي معنيٰ ”گڏھھ“ يعني ”مورک“ ۽”گانءَ“

يعني ”ماٺيڻي، حليم سڀاءُ وارو اِنسان بھ ٻولي ۾ مشھور آھي.

ڪيترائي لفظ جڏھن پنھنجيءَ اصطلاحي معنيٰ ۾ مشھور ٿي وڃن ٿا تڏھن اڪثر اِھو سمجھڻ مشڪل ٿي پوندو آھي تھ ان لفظ کي اِھا ٻي معنيٰ ڪھڙي مقصد يا ڪارڻ سان ڏني ويئي. مثال طور:

·           فلاڻي کي تھ نڪ ئي ڪونھي.

·           حيدرآباد، سنڌ جو نڪ آھي.

پھرئين جملي ۾ ”نڪ“ لفظ جو مطلب آھي، ”لڄ- شرم، حياءُ، ٻئين جملي ۾ ”نڪ“ لفظ جو مطلب آھي” شان، فخر“، ”نڪ“ لفظ جون اِھي اصطلاحي معنائون ھاڻي اسان جي ٻوليءَ ۾ مشھور ٿي ويون آھن. سڀ کان اول جنھن شخص ”نڪ“ لفظ جو استمال اِنھن اِصطلاحي معنائن ۾ ڪيو ھوندو، تڏھن سندس سامھون ڪو خاص مقصد ھوندو، جيڪو ھن ريت ٿي سگھي ٿو. جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي جسم ۾ منھن ھڪ مکيھ عضوو آھي، انھيءَ ۾ پڻ ”نڪ“ منھن جي سڀني حصن کان ٻاھر ۽ سامھون بيٺل آھي، ساڳيءَ طرح، ”عزت، لڄ، شرم“ جو جذبو پڻ اِنسان جي وجود جو ھڪ مکيھ اسم آھي ۽ سندس شان آھي. ھاڻي ثابت ٿيو تھ ڪنھن بھ لفظ جي اکري معنيٰ ڇڏي، انھيءَ جي ٻي اصطلاحي معنيٰ کڻڻ لاءِ ٽيون شرط اِھو آھي تھ اھا معنيٰ يا تھ ڪنھن ڪارڻ تي ٻڌل ھجي، يا انھيءَ اصطلاحي مطلب ۾ اھا ٻوليءَ ۾ مروج ٿي ويئي ھجي.

ھتي بيان ڪيل نموني، ڪوبھ لفظ، جڏھن ٻي معنيٰ ڏئي ٿو، تڏھن انھيءَ معنيٰ ڏيکارڻ لاءِ لفظ جي ”ڏسيندڙ طاقت“ ڪم ڪري ٿي. ڏسيندڙ طاقت لفظ جي اھا طاقت آھي، جيڪا لفظ جي مکيھ يا اکري معنيٰ ۾ رڪاوٽ پوڻ بعد، مکيھ معنيٰ سان لاڳاپو رکندڙ، سماج ۾ مروج يا ڪنھن ڪارڻ تي آڌار رکندڙ ٻي معنيٰ ڏسي ٿي. اھڙيءَ ريت حاصل ٿيندڙ معنيٰ کي لکشيارٿ (لکشيھ + ارٿ يعني ڏسيل معنيٰ) چئجي ٿو، ۽ اھا معنيٰ ڏيندڙ لفظ کي لاکشڻڪ شبد (ڏسيندڙ لفظ) سڏجي ٿو.

ٻ: اشارو يا اشاري جي طاقت (Power of Suggestion)

جڏھن اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي ٻگھلو ٿا چئون، تڏھن جملي ۾ اِنھيءَ لفظ جي مکيھ معنيٰ ۾ رڪاوٽ پوڻ ڪري، ٻڌندڙ شخص اشارتي سگھھ ذريعي انھيءَ لفظ جي ٻي معنيٰ ”ٺڳ، دوکيباز“ ٿو کڻي، پر ”ٻگھلو“ لفظ ٻڌڻ سان، ٻگھھ پکيءَ جي تمثيل تي، ٻاھران ساڌو ۽ اندر ۾ ابليس ھئڻ، ٺڳيءَ دوکي يا مڪاريءَ سان ڀرپور ھئڻ، وغيره ڀاونائن جو چٽو ۽ اثرائتو تصور ڪرائڻ ۾ لفظ جي جيڪا طاقت ڪم ڪري ٿي، تنھن کي اشاري جي طاقت چئجي ٿو.

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ھم آواز لفظ ھوندا آھن، جن لاءِ رواجي طور ماڻھو ائين چوندا آھن تھ ھڪ ئي لفظ جون اِھي الڳ الڳ معنائون آھن. مثال طور، ”ٻانھن“ لفظ جي ھڪ معنيٰ آھي ”اِنسان جي بدن جو ھڪ عضوو“؛ ۽ ٻي معنيٰ آھي ”زال، عورت، گھر واري“، ساڳيءَ طرح ”ڀولو“ لفظ جي ھڪ معنيٰ آھي ”سادو، سرل سڀاءُ وارو“ ٻي معنيٰ آھي ”غلطي، چوڪ“. ٻوليءَ جي ماھرن موجب، ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ مکيھ معنيٰ ظاھر ڪندڙ ھر ھڪ لفظ کي الڳ لفظ ليکبو آھي. اھو فقط ھڪ اتفاق آھي تھ ڪجھھ لفظن جو ڳالھائڻ ۾ اچار ۽ لکڻ ۾ روپ بلڪل ساڳيو ٿو ھجي. انھيءَ اصول موجب ”ٻانھن“ جون جيتريون مکيھ معنائون آھن، اوترائي ان لاءِ ٻوليءَ ۾ لفظ ليکبا، جيڪي فقط پاڻ ۾ ھم- آواز (Homophonous, Homonyms) آھن. اھڙن ھم- آواز لفظن جي استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ ۾ ڪيترن ھنڌن تي جدا جدا مطلبن طرف اِشارو ملندو آھي. جيئن ت ڪو شخص محنت سان ۽ پنھنجن ساھرن مائٽن جي مالي مدد سان جيڪڏھن اوج تي رسيو آھي، ان لاءِ جيڪڏھن ڪو چوي تھ ”فلاڻي ٻانھن جي ٻل تي ھيترو واڌارو ڪيو آھي.“ تھ اِنھيءَ جملي جي ھڪ اکري معنيٰ تھ اھا ملي- ”ھو پنھنجيءَ طاقت ۽ محنت سان ايڏي اوج تي پھتو آھي.“ پر ڄاڻوءَ ۽ سياڻي کي مبھم طور اِھو بھ اِشارو ٿو ملي، تھ ”ھو پنھنجيءَ زال جي مائٽن وٽان يعني ساھرن کان مدد ملڻ تي ايتري ترقي ڪري سگھيو آھي.

ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي ڍنگ، بيان جي معنيٰ وغيره جي آڌار تي پڻ ”اشارتي سگھھ“ ٻوليءَ ۾ گھڻيئي رنگ ٿي رچائي. مثال طور، جيڪڏھن ڪنھن ڏڏ يا موڳي ڇوڪري کي ماستر ٽوڪيندي چوي ”تون تھ اِمتحان ۾ ضرور پھريون نمبر ايندين.“ تھ اِنھيءَ بيان مان اِشاري طور اِھو مطلب ٿو نڪري تھ ”تون امتحان ۾ پاس ڪونھ ٿيندين. پر جيڪڏھن پاس ٿيئن تھ بھ پوئين نمبرن ۾ ھوندين.“

ڪنھن شخص ٻئي کي چيو تھ، ”تنھنجي منھن مان تھ شيطاني پيئي بکي.“ اڳلو تھ ڪو تمام حاض جواب ھئو. تنھن امالڪ وراڻيس، ”ائين آھي؟ مون کي اڄ خبر پيئي آھي تھ منھنجو منھن آرسي آھي.“ ھن گفتگوءَ جو لطف تڏھن ايندو، جڏھن جواب ڏيندڙ جو اشارو سمجھون، جيڪو ھن ريت آھي، ”سچ پچ تھ بدمعاش تون ئي آھين. تنھنجي منھن مان جيڪا شيطاني پيئي بکي، تنھن جو عڪس منھنجيءَ صورت ۾ پيو پسين.“

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ بيان ۾ اشاري واري مطلب جو آڌار يا ڪو خاص لفظ ھوندو آھي (جيئن ”ٻانھن“) يا اھو ڳالھائيندڙ جي ڍنگ ۽ بيان جي حوالي تي ٻڌل ھوندو آھي.

اِشاري جي طاقت، لفظ جي اھا طاقت آھي، جيڪا ڏسيندڙ لفطن ھم- آواز لفطن يا بيان جي نوع مان حاصل ٿيندڙ معنيٰ جي آڌار تي ڪنھن ٻيءَ معنيٰ طرف اِشارو ڪندي آھي. اھڙيءَ طرح حاصل ٿيل مطلب کي اِشارو ڪيل معنيٰ ۽ اھڙيءَ معنيٰ ڏيندڙ لفظ کي اشارو ڪندڙ لفظ چئبو آھي.

محاورن ۾ ڏس ۽ اشارا

ڪنھن بھ ٻوليءَ جي محاورن يا اصطلاحن جو جيڪڏھن اسين جائزو وٺنداسين، تھ معلوم ٿيندو تھ انھن جي جيڪا اِصطلاحي معنيٰ ٻوليءَ ۾ مروج ٿي ويئي آھي، انھيءَ جو بنياد لفظن جي ڏسيندڙ يا اشارتي طاقت ئي آھي. محاورو يا اِصطلاح جيئن اول سمجھايو ويو آھي تھ اھو مروج استعمال آھي، جيڪو جملي جو جزو ھوندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ڪنھن ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. مثال طور، ”تون تھ گھوڙي تي چڙھي آيو آھين“ جملي ۾ ”گھوڙي تي چڙھي اچڻ“ ھڪ محاورو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”تمام تڪڙ ڪرڻ، جلدي ڪرڻ“. جيڪڏھن ڪو شخص سچ پچ گھوڙي تي سوار ٿي آيو آھي، جنھن کي اِھو جملو بيان ٿو ڪري تھ پوءِ اِھا اِن بيان جي اکري معنيٰ چئبي، ان حالت ۾ اِن کي محاورو نھ سڏبو. ساڳيءَ طرح، ”ھوءَ تھ ڀت جي ڀوري آھي.“ اِن جملي ۾ ”ڀت جي ڀوري ھئڻ“ محاوري جو مطلب آھي ”تمام سندر ھئڻ، نازل ھئڻ،“ جڏھن سامھون بيٺل ڪنھن سندر ڇوڪريءَ ڏانھن اِشارو ڪري، سندس سونھن جي واکاڻ ڪئي ويئي آھي، تھ پوءِ اِھو محاورو سڏبو. پر جيڪڏھن ڪنھن ديوار ۾ لڳل ڀوريءَ يا گڏيءَ جو اِن ۾ بيان آھي، تھ اِھو جملو اکري معنيٰ ۾ ھئڻ ڪري محاورو نھ سڏبو. ھاڻي محاورن جا ڪجھھ وڌيڪ مثال ڏسو:

”وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ جواب ڇو نھ ٿو ڏين؟“

ھن جملي ۾ ”وات ۾ مڱ پوڻ“ ھڪ محاورو آھي، جنھن جو مطلب آھي ”چپ رھڻ“ ڪجھھ بھ نھ ٻولڻ“. جنھن شخص کي ھيءَ ڳالھھ چئي ويئي آھي، تنھن جي وات ۾ سچ پچ مڱ پيل نھ آھن. اِنڪري اکري معنيٰ ۾ رڪاوٽ پوڻ سببان پوءِ ٻي معنيٰ کڻون ٿا، جيڪا آھي چپ رھڻ، ڪجھھ بھ نھ ڳالھائڻ. اِھا معنيٰ ڏسيندڙ طاقت ذريعي حاصل ٿي آھي، جنھن جو مقصد آھي تھ سانت ھئڻ جي اِنتھا ظاھر ڪرڻ. جھڙيءَ طرح، ڪنھن شخص جي وات ۾ مڱ پيا ھجن تھ ھو بلڪل ڳالھائي نھ سگھندو. ساڳيءَ طرح، بيان ڪيل شخص بھ ان وانگر ماٺ ۾ آھي، بلڪل ڳالھائي نٿو.

”ھن جي تھ ڪنڌ ھيٺان وھاڻو آھي.“

اِنھيءَ جملي ۾ ”ڪنڌ ھيٺان وھاڻو ھئڻ“ جو مطلب آھي ”بي فڪر ھئڻ، ڪابھ ڳڻتي، چنتا نھ ھئڻ.“ ھتي جنھن شخص جو ذڪر ڪيل آھي، انھيءَ جي ڪنڌ ھيٺان سچ پچ ڪو وھاڻو ڪونھ رکيو آھي. اِن ڪري اکري معنيٰ ۾ رڪاوٽ پيدا يٿڻ بعد ان جو ٻيو مطلب کنيو ويو آھي. جھڙيءَ طرح، ڪو ماڻھو ڪنڌ ھيٺان وھاڻو رکي، آرام سان ڪنھن بھ الڪي کانسواءِ گھري ننڊ ۾ سمھيو پيو ھوندو آھي، تھڙيءَ طرح ھن جملي ۾ ذڪر ڪيل شخص بھ بي پرواھھ آھي، کيس ڪوبھ فڪر نھ آھي. اِن طرح ھتي اِھا ٻي معنيٰ ڏسيندڙ طاقت ذريعي ملي آھي.

”مھيني ۾ پنجاھھ روپيا ڪمايائين تھ ڏاڍي ڪا آبادي ٿي!“

ھن جملي ۾ ”آبادي ٿيڻ“ محاورو آھي، جيڪو اڳلي کي ٽوڪ واري نوع ۾ چيو ويو آھي. اِن ڪري ھتي اشارتي طاقت ذريعي مطلب کڻبو، جيڪو آھي ”ڪا وڏي ڳالھھ نھ ٿي.“

”ھوءَ پاڻ کي سمجھي ڇا ٿي؟ شڪل ٿي شيشا ڀڃيس!“

ھن بيان ۾ ”شڪل ٿي شيشا ڀڃيس!“ محاورو آھي جنھن جي اکري معنيٰ آھي تھ ”منھن ۾ اھڙو تيج اٿس، جو ان جي تابش ڪري شيشا بھ ٽڙڪيو پون.“ جيئن تھ ھي جملو ڪنھن بدصورت عورت لاءِ يا عام رواجي شڪل شبيھھ واريءَ لاءِ چيو ويو آھي، انھيءَ ڪري اِن جملي کي پڻ ٽوڪ واري نوع ۾ چيل ليکبو. انھيءَ ڪري ان جو اشارتي مطلب کڻبو تھ ”ھوءَ سندر نھ آھي.“

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ حاصل مطلب ئي ھر ھڪ محاوري جي جان آھي. ٻوليءَ کي اثردار ۽ زور ڀريو بڻائڻ لاءِ محاورا رام- پاڻ جھڙو ڪم ڪن ٿا. حاصل مطلب جو آڌار ڏسيندڙ يا اشارتي طاقت آھي، جيڪا سموري محاوري کي ھڪ ايڪي طور کڻڻ سان ئي معنيٰ ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿي. بيان ۾ اسان کي محاوري جي ڪھڙي معنيٰ گھرجي، انھيءَ جو مدار وري سموري بيان جي حوالي ۾ ئي اسان کي جاچڻو پوي ٿو. مثال طور، ڪنھن وڇڙيل دوست سان گھڻي وقت بعد اچانڪ ملاقات ٿيڻ تي جيڪڏھن اسين کيس چئون، ”توکي ڏسي اڄ منھنجي دل بھاربھار ٿي ويئي.“، تھ اِتي انھيءَ جو مطلب آھي تھ توکي ڏسي اڄ مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي. پر اِھو ساڳيو ئي محاورو جيڪڏھن اسين ”برائي چاھيندڙ ڪنھن ڪميڻي اِنسان لاءِ، آواز جي لھجي ۾ ٿورو فرق آڻيندي چئون تھ انھيءَ جو مطلب بلڪل ابتڙ ٿي ويندو. اِن طرح ڳالھائڻ جي لھجي ۾ سر جي لھرن ۾ تبديل آڻڻ سان پڻ مطلب بدلجي ويندو آھي. سر جي اھڙي لاھھ- چاڙھھ کي سنسڪرت جي دودوانن ”ڪاڪو“ سڏيو آھي. اھڙيءَ حالت ۾ اشارتي طاقت گھربل مطلب يعني تاتپرج طرف اِشارو ڪندي آھي.

محاورو ۽ النڪار (رنگين زباني)

”النڪار“ جي لفظي جي اکري معنيٰ آھي، ”سونھن وڌائيندڙ يا سھڻو بڻائيندڙ.“ ان جو ٻيو مطلب آھي ”زيور، ڳھڻا“، جيڪي پائڻ سان انسان جي سونھن وڌائين ٿا. اِن ڪري انھن کي پڻ النڪار سڏيو ويو آھي. سنڌيءَ ۾ انھن کي ”رنگين زباني“ ۽ انگريزيءَ ۾ Figures of speech چون ٿا. رواجي، سنڌي سنواٽي ٻوليءَ کي ڇڏي، اظھار جو جيڪو نرالو يا غير رواجي طريقو اپنايو وڃي ٿو، تنھن کي عالمن ”رنگين زباني“ سڏيو آھي. انھيءَ جو مقصد ھوندو آھي، اظھار کي پر اثر ۽ زوردار بڻائڻ، محاورن جو مقصد پڻ ساڳيو ئي آھي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تھ ٻوليءَ ۾ مروج رنگين زبانيءَ جا اھي استعمال جيڪي جملي جو جزو بڻجي ڪتب اچن ٿا ۽ اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ظاھر ڪن ٿا، اھي ئي النڪارن (رنگين زبان) وارا محاورا آھن. مثال طور:

1.          ياراڻي پاڻي ٿيڻ؛

- کير کنڊ ٿيڻ،

- چچڙ ٿي چنبڙڻ،

- ڄور ٿي لڳڻ،

- تپي باھھ ٿي وڃڻ،

- گڏھھ ھئڻ،

- ٻگھلو ڀڳت ھئڻ،

انھن سڀني ۾ استعاري وارا (Metaphor) النڪار آھي.

2.         آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ؛

- ھوا سان ڳالھيون ڪرڻ،

- ڦوسي آڪاس (آنگاس) چڙھڻ،

انھن ۾ مبالغي يا وڌاءُ واري رنگين زبان (مبالغي Hyperbole) النڪار آھي.

3.         ڪن جو ڪچو ھئڻ،

 ڪاغذ ڪارا ڪرڻ،

- اِنھن محاورن ۾ تجنيس حرفي جي رنگين زباني النڪار، (تجنيس حرفي، (Alliteration) آھي.

اِن طرح ٻيابھ ڪيترائي النڪار آھن، جيڪي محاورن ۾ سمايل آھن.

ورجيس تي وڌيڪ ويچار

محاوري وانگر ورجيس پڻ ھڪ اھڙو ايڪو آھي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي. ٻنھي ۾ فرق اِھو آھي تھ محاورو اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ڏيندو آھي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿيندي آھي. ورجيس جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

١- ٻٽا لفظ

ڏٽو مٽو، ڀاڙو ڀتو، تيوڻ تلھو، ڇوڪر ٻاڪر، جوڙجڪ، اٿ ويھھ، لھھ چڙھھ، اچ وڃ، پنج ڇھھ، ٻھ- ٽي، شربت- ٻربت، پاڻي- ٻاڻي.

٢- ڀيٽ ڏيکاريندڙ لفظي ميڙ (Phrases)

جيڪي ٻوليءَ ۾ مشھور ٿي چڪا آھن:

اڇو جھڙو کير، ٿڌو جھڙو برف؛ مٺو جھڙو ماکي، ڪارو جھڙو ڪوئلو، شينھن وانگر بھادر؛ جبل جيان اڏول. ائين ڀڳو جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءَ؛ اپما (تشبيھي) اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت. سانڊي وانگر رنگ بدلائڻ، ڇتي ڪتي وارا چڪ پائڻ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦرندو رھڻ؛ ڍڳي وانگر وھڻ.

(اِنھن سڀني ۾ اپما النڪار آھي. اپما = تشبيھھ = Simile

٣- جانورن، پکين جا آواز ڄاڻائيندڙ لفظ

گڏھھ جي ھينگ؛ گھوڙي جي ھڻڪار؛ تِتر جي تنوار؛ ٻليءَ جي ميائون ميائون، ڪڪڙ جي ڪڪڙو ڪو يا ٻانگ؛ ڪتي جو ڀونڪ، ڪانءِ جي ڪان ڪان.

٤-  اڳياڙين ۽ پڇاڙين وسيلي جڙيل مرتب لفظ

ھر روز يا روز روز (”ھر ڏينھن“ مروج نھ ليکبو)؛

غير ضروري (بي ضروري صحيح نھ آھي.)

غير واجب (بي- ضروري صحيح نھ آھي.)

ناجائز (غير جائز يا اڻ جائز چوڻ درست نھ آھي.)

سنجيدگي (سنجيدائي چوڻ ٺيڪ نھ آھي.)

تازگي (تازائي يا تازاڻ چوڻ درست نھ آھي.)

اوسر يا اوڀر (اِن بدران اوسراڻ يا وڀراڻ چوڻ صحيح روپ نھ آھي.)

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ ورجيسون ٻوليءَ جي سٽاءِ يا بناوت لاءِ نھايت لازمي آھن. اِنھن جو جيڪڏھن صحيح نموني استعمال نھ ڪبو، تھ ٻولي غلط ليکي ويندي. ٻئي طرف محاورا، ڪھاوتون ۽ چوڻيون ٻوليءَ کي نزاڪت ڀريو ۽ زوردار بڻائڻ وارا استمال آھن. اھي جيڪڏھن ڪو شخص پنھنجي لکڻ يا ڳالھائڻ ۾ استعمال نٿو ڪري، تھ بھ ھو اثرائتي نموني پنھنجن جذبن ۾ ويچارن جو اظھار ڪري سگھي ٿو.

ورجيسن کي اردوءَ جي عالمن طرز- ڪلام، روز مرره يا بول چال، سڏيو آھي. مولانا حاليءَ پنھنجي ڪتاب ”مقدمھ شعر و شاعري“ ۾ روز مرره ۽ محاوري جي وچ ۾ فرق سمجھائيندي نھايت ئي موزون تشبيھھ پيش ڪئي آھي. ھو لکي ٿو تھ، ”محاوري جو جيڪڏھن سھڻي نموني شعر ۾ استعمال ڪجي تھ اھو ھڪ پست شعر کي بلند ۽ بلند کي تر ڪري ڇڏي ٿو. پر ھر ھڪ شعر ۾ محاوري جو استعمال ڪرڻ ضروري نھ آھي. اِھو ممڪن آھي تھ شعر محاوري کانسواءِ پڻ فصاحت ۽ بلاغت جي اعليٰ درجي تي پھچي سگھي ٿو. حقيقت ۾ تھ محاوري کي ڪنھن شعر ۾ ائين سمجھڻ گھرجي، جيئن انسان جي بدن ۾ ڪو خوبصورت عضوو يا انگ ھجي. ٻئي طرف، روز مرره کي ائين سمجھڻ گھرجي، جيئن انسان جي بدن ۾ جدا جدا انگن جي صحيح ۽ سڊول بناوت ھجي. جيڪڏھن ڪنھن اِنسان جي بدن ۾ ھڪ ٻانھن ننڍي ھجي تھ ھڪ وڏي، منھن جي بيھڪ جي حساب کان چپ ٿلھا ھجن، نڪ ٻاھر نڪتل ھجي يا کاڏي اندر ھجي، ٽنگون ڏنگيون- ڦڏيون ھجن ۽ پير ھڪ ٻئي طرف مڙيل ھجن تھ اِن حالت ۾ انھيءَ شخص جو روپ رنگ ۽ جسم جي بيھڪ بلڪل بدزيبي ۽ اڻوڻندڙ ٿي پوندي. پوءِ ھو ڀلي ڪري ڪيترو بھ ھار سينگار ڇو نھ ڪري، تھ بھ کيس ڪوبھ سھڻو نھ ليکيندو. ساڳيءَ طرح، شعر جي ٻوليءَ ۾ جيڪڏھن روز مرره يا ٻول چال جي پابندي نھ رکي ويئي آھي، پوءِ ڀلي انھيءَ ۾ ڪيترائي پھاڪا، محاورا ۽ النڪار، وغيره ڇو نھ استعمال ڪيا وڃن، تھ بھ ان شعر کي ڪير بھ سھڻو نھ سڏيندو.“

روز مره جي پابنديءَ جا ٻھ- ٽي مثال مولانا حاليءَ ڏنا آھن:

١- ”ڪلڪتي سي پشار تڪ سات آٺ ڪوس پر ايڪ پختا سرايھ ايڪ ڪوس پر مينار بنا ھئا ٿا“.

ھيءُ جملي اردو زبان جي بول چال مطابق ٺيڪ نھ آھي. انھيءَ بدران ھن ريت چوڻ گھرجي:

ڪلتي سي پيشاور تڪ سات- آٺ- آٺ ڪوس پر ايڪ ايڪ پختا سرايھ اور ڪوس ڪوس پر ايڪ ايڪ مينار بنا ھئا ٿا.

٢-         اسڪا خط ديکتي ھئن جب سياد،

     طوطي ھاٿون ڪي اڙا ڪرتي ھئن.“

اِنھيءَ شعر ۾ نھ ڪا خوبي آھي، نھ ڪو مضمون آھي، صرف ھڪ محاورو استعمال ڪيو ويو آھي، اھو بھ روز مره جي خلاف آھي، يعني ”اڙي جاتي ھئن“ جي جاءِ تي ”اڙي ڪرتي ھئن“ اڻوڻدڙ ۽ اسڀاويڪ استعمال آھي.

اِنھي بحث مان ھاڻي صاف ظاھر آھي تھ روز مره يا بول چال جي پابندي رکڻ سان ٻولي صحيح ۽ سڀاويڪ بڻجي ٿي. سنڌيءَ ۾ ”ڇوڪر ٻاڪر“ بدران ”ٻاڪرف ڇوڪر“ چرڻ، ”اچ- وڃ“ بدران ”وڃ- اچ“ چوڻ غلط آھن. ساڳيءَ طرح، ”گھوڙي جي ھڻڪار“ بدران ”گھوڙي جي ھينگ، رنڀ يا آواز“ چوڻ بھ غلط آھي. ھاڻي ثابت ٿيو تھ روز مره يا بول چال يعني ورجيس ٻوليءَ جي بيھڪ جو ھڪ لازمي جزو آھي.


 

[1]   Platts, John T., A Dictionary of Urdu, Classical Hindi and English Oxford. 1884, P. 1007

S.M. Dialogure, Conversation, Conference, Idiom, Phraseology, Common or Current speech, usage, practice, habit.

[1]  بلوچ، نبي بخش خان: ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد پنجون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ ١٩٨٨ع، ص. ٢٦١٦

[1]   Platts, same  S.F. Phrase, Phraseology, idiom, usage, assepted signification, conventional meaning, conventional term, technical term, P. 58

[1]  بلوچ، نبي بخش خان: ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد پھريون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص. ٢٠٤

[1]  ساڳيو، جلد (پنجون)، ص. ٢٩٣٩

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com