سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :19

سيد غلام شاهه جهانيان پوٽو

        سيد غلام شاهه ولد شير محمد شاهه ولد ويڌل شاهه جهانيان پوٽو، سنه 1840ع ۾ ٽنڊي جهانيان (حيدرآباد) ۾ ڄائو ۽ 1347هه/1928ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ هڪ سئو ڇهه ڪافيون چيائين، جيڪي هڪ قلمي بياض جي صورت ۾ محفوظ آهن، جن مان 24 ڪافيون ”جهانيان خاندان“ ۾ ڇپيل آهن. هيٺ انهن مان 8 ڪافيون شامل ڪجن ٿيون. (1)

[790]

                ڪوهيارل ڪاهيندياس، جيتر جان بدن ۾ آهي

1.      سِڪ سڄڻ کان سُور سرها

        آڏو نيئي اُڇلائيندياس

                                ڪَل ڪيچين کي تن ۾ آهي
2.      هي سر صدقو يار سڄڻ تان

        گهوري گهوٽ تان گهمائيندياس

                                تهدل دست دامن ۾ آهي
3.      ”قَيد الَماء اشَدُّ مِنَ قَيد الحَديِد

        ڀاڳ پنهنجي کان ڀائيندياس

                                ڪا جا ڏات ڏکن ۾ آهي
4.      ڪيچي ”غلام شاهه“ ڪڏهن ملندا

        پاڻ وڃائي پڇندياس
                                ڪڇ ڌڻي ڪک پن ۾ آهي.

 

[791]

پيچ وجهي پيوند يار ونگيئي دل ويڙهن سان

        سنجهي آيئي سماءُ سمهڻ جو، وسري ويڙءِ وقت وڃڻ جو
        پوءِ پڇائين پنڌ يار، لڏيئي نا ليڙن سان
2.      اؤکا اڙانگا گهيڙ ۽ گهاٽا،  چيتا چرن تي ڪن چرڙاٽا
        حال نه ڏين سي هنڌ يار، ٿڙڪي دل ٿيڙن سان
3.      پانڌيئڙن کان پنڌ پڇائي، اُجهي اوٺي لئي لَڪين ليلائي
        روئي نهاري رند يار، گهورون ڏي گهيڙن سان

4.      لاءِ ”غلام شاهه“ ’لا‘ جي ڪاتي، مار دوئي کي ضَربت ذاتي
        سوجهي نهارج سَنڌ يار، ڀيڙو ٿي ڀيڙن سان.

 

[792]

آوِي منهنجي اندر ۾ ٻاري ٻاروچن

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، توڙي ڌڳ ڌڳن

1.      سپيريان جي سڪ جا دونهان روز دکن
        ماسويٰ کي مات ڪيو ڄڀي ۽ ڄيرن
2.      نهائين کان نينهڙو سورهيه هوند سکن
        سارو ڏينهن سڙي پئي، ڪل نه ڪنهن جي ڪن
3.      سڙي جا سال ٿيا بنهه ڪين بچن
        مرڻ تن مشاهدو جيڻي هٿ جُنگن
4.      ذاتي واري ضرب سان هستي ڪوٽ ڪرن
        مرشد پنهنجي مهر سان ڪيو اعليٰ کؤن عرشن
5.      ”غلام شاهه“ چوي غير جو آيو مسلو هٿ موڳن
        هنجهه نه هيڻا ڪڏهن توڙي چلڙ منجهه چڳن.

[793]

        پڙهڻ پِرت ري ڪوجهو ڪم، اصل عشاقن ايئن فرمايو

1.      عشق وارن کان ورق نه ورندو، سِڪ سندو جتي ٻارڻ ٻرندو
        ”فاذ ڪروني اذڪر ڪم“، عشق اچي پنهنجو حڪم هلايو
2.      راتيان ڏيهان اندر ۾ اورن، ڏيهان ڏُوراهان ڏس ڏورن
        سدا شڪياين سير عدم، محبت ڏاڍو مچ مچايو
3.      سڻڻ سمجهڻ کان سير سوايو، اُتي عشاقن پيرڙو پايو
        لاهي دوئي جو سارو لحم، نانگن ناٿ کي سِرڙو نمايو
4.      نينهن ”غلام شاهه“ نڪتو پڙهايو، لڪ لڪوٽي اورڻ آيو
        ’لا‘ جي سي ڪيا قرب قلم، وهم عقل جتي پير نه پايو.

 

[794]

                سرتيون ري سنڀار، چڙو ڪيئن چُري ٿو
1.      خطرا خيال خودي جا کائي

        سيني اندر ڪئي آهي صاف صفائي

        وحدت واري ٿي ٻُجهي وائي

                بيحد بي اختيار، پٺيان تيئنپري ٿو
2.      ڪهنو ڪيف ڪلال پياريو

        درد جي دور وجود وساريو

        ساقي ڪو جو سبق سيکاريو

                ڪيائون مستي مان هوشيار، هينئڙي حرف هُري ٿو

        عشق اچي جتي جهاتي پاتي

        ذات صفات مؤن ڪئي اثباتي

        صوفي ”غلام شاهه“ هي ڳالهه سڃاتي

                سر ڏنو سالار، پريت بنان پنڌ پري ٿو.

 

[795]

عشق ٻڌا جڏهن مور، محبت رنگ لايا

چؤرخ ٿيا چؤٻوڙ، اجهي پرين آيا

1.      پڙ ۾ لال لُڇن لايو لالي، اچو ڏين سر مست موالي
        عشق اچي ڪئي سوڙهه، عقل گهر ڊاهيا
2.      جوان ٻڌن سِر شملا شاهي، اچو بيهن اڙٻنگ سپاهي
        ڏين وڙهڻ جي ووڙ، وتن ورسايا
3.      عشق ”غلام شاهه“ ڪئي خونخواري،مرد سوري تي ڪن سرداري
        وجهي نڙين ۾ نوڙ، لکين لڙڪايا.

 

[796]

        آئي موسوم چيٽ بهار دي، سانون قدر پيا ياري دا

1.      لڪندي ڇپندي نينهڙا لايا، رانجهن آيا خلق هلايا
                پئي ڌم کيڙان دي خواري دي

2.      خط پرواني لک لک ٿڪيان، خبر پڇيندا پلپل پکيان
                رانجهي دي رمز نياري دي

3.      مايوڙي! عشق رانجهن ڦٽيان، ٻڌ ٻڌ ٿڪيان وٽ وٽ پٽيان
                لائي چشمان چوٽ چوڌاري دي

4.      عشق ”غلام شاه“ اوکا اڙانگا، چاوڻ سيان سِر دا سانگا
                سانون عقل نه آيا اظهاري دي.

[797]

        راتيان جاڳڻ پيان ماهي تيڏي ڪارڻ، راتيان جاڳڻ پيان
1.      اٿڻ ٻهڻ آرام نه آوي، ننڊ نيڻان نون ڪونه سهاوي
                        پؤندي دروني جهاتيان

2.      روندي روز گذردا سارا، اندر وڄدا نينهن نقارا
                لؤن لؤن دي وچ لاتيان

3.      راتيان ڳڻيندي ڪتيان تاري،پلٽ پلٽ سر پوندي پاري
                پره ڦٽي پرڀاتيان

4.      سائين ”غلام شاهه“ ساعت سماني، اکيان لڳيان ماه ڪنعاني

                طلب جهينديان تاتيان.

 

 

 

 

 

هادي بخش شاهه ”مسڪين

        فقير هادي بخش شاهه ولد سيد روشن علي شاهه جهانيان پوٽو، حيدرآباد ۾ 1297هه/1880ع ۾ ڄائو. پهرين سندس نالو پڙڏاڏي جي پٺيان فتح الدين شاهه رکيو ويو، پر پوءِ هادي بخش شاهه سڏيو ويو. پنهنجي خانداني روايت موجب دنيا کي ترڪ ڪري جبل جهاڳيائين ۽ ٻارهن سال سفر ڪيائين. 3 صفر 1310هه/18 فيبروري 1942ع تي وفات ڪيائين.

        سهڻي صورت ۽ نيڪ سيرت جو صاحب هو. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ گهڻوئي ڪلام چيائين. سندس تخلص ”مسڪين“ هو.”جهانيان خاندان“ جي مصنف جي لکڻ موجب سندس ڪلام تمام گهڻو آهي. پر مذڪوره ڪتاب ۾ سندس سنڌي، سرائڪي ۽ هندي جون 35 ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

[798] ڪافي

جي جوڳي ويا جبروت، سامي سي ته صبور ۾

1.      سامين لاٿو سر جو سانگو، ڏسي عشق الله جو اڙانگو
        سي ماهر ٿيا ملڪوت، گهوٽ گهايا انهيءَ گهور ۾
2.      سدا خورش خوديءَ جي کائن، هستي هوڏي هٿ نا لائن
        لعل وڃي لاهوت، نظر وڌائون نور ۾
3.      جتي چنڊ جو ناهي چارو، اُتي آڌوتين اڏيو اوتارو
        حاصل ڪري هاهوت، محو رهن هن مذڪور ۾
4.      ”مسڪين“ ماڳ مهيسين وارو، آهي روپ ۽ رنگ کان نيارو
        بانڪا ويا باهوت، حاصل حال حضور ۾.

 

[799]

        رک ڌيان سارو دم دم ۾، ٿئي جاڳڻ جوش جسم ۾

1.      سهڻل سائينءَ سبق سيکاريو، جاءِ ڳجهيءَ تي جانب آيو
                        ٿيءَ ڳولائو لڱ لحم ۾

2.      ٿيءُ نفي ڪر اثباتي، پاءِ دَرُوني دم دم جهاتي
                        اٿي فڪر واري فهم ۾

3.      خوشيان خاڪي خرقو پائين، احديت مان عبد ٿي آئين
                        ٿي آئين اوج اعظم ۾

4.      ”مسڪين“ موجه ڪيو آهي ماهر، ذوق منجهان ٿي آيو ظاهر

                        ٿي آئين اوٽ آدم ۾.

 

[800]

جنهن پيچ پايو، تنهين جي مان آهيان

ڏسي ويس ڳاڙها نه لوئي لڄايان

1.      ڏسي کاجھ خاصا، مليدا ۽ مربا

        منگها، موٺ، مکئيون، خوشيءَ سان مان کاوان
2.      ڪيو خود ڪٿائون، اڇين باغ جنت

        هجان سنگ سڄڻ جي، دوزخ بهشت ڀانيان
        تڙي جي تڏي تان ڪڍي پاڻ پيارو

        مِڙي مَن نه ماسو،سچي تان سڏايان
4.      جنهين نينهن لائي، ڪيو کاتي خلاصو

        جيڪو دم حياتي، تنهنجا ڳڻ مان ڳايان
5.      ڪري خود ڪرامت مئا لک جياري

        ”مسڪين“ محب منهنجو، اهڙو ٻيو نه چاهيان.

 

[801]

        گهڙيونگ گهاريجا، ٻاروچا‘ ڇڏيو ڪين ڇپر ۾
1.      رهي رات ڀنڀور ۾، جڏي جياريجا
2.      ولهيءَ کي ته وڻڪار ۾ ساجن ساريجا
3.      لڪن جي لوڏن کان آري اُڪاريجا
4.      وعدا ڪيئي نه وڃڻ جا، پڪا پاڙيجا
5.      ملڻ شال ”مسڪين“ سان، پرين پاريجا

 

[802]

        جوش جبل جا جذبي وارا

                        غازي ٿي لنگهه گهارا، ٿيءُ نيارا
1.      پختو رکي پيچ پنهل سان، وندر ڏس وڻڪارا، ٿيءُ نيارا
2.      ’هو‘ جا هوڪا جام جبل ۾، پلپل سڻ پوڪارا، ٿيءَ نيارا
3.      دم قدم ڪر پيش پرين جي، ذاتي سڻ ذونقارا، ٿيءُ نيارا
4.      ”مسڪين“ ملڪ انهي جا مليا، پار پرين کؤن سارا، ٿيءُ نيارا

 

[803]

ڏسي آرا سي اکڙين، جا ويا ڪوپا لکين لٽجي

پسڻ سان پيچ پنبڻين جي، سوين سوره ويا سٽجي

1.      اڙن ٿيون هو جتي اکيون، امالڪ پاڻ سان ٻکيون
        وتن بازن مثل بکيون، ويا ويرم ۾ ڪئين وٽجي
2.      اهي ڪجليون اکيون ڪاريون، اچن ٻهڳڻ سي ٻيهاريون
        ڪئين ڪن ڪوس قهاريون، لکين ويا خان هت کٽجي
3.      ڪرن جت فير ٿي فالم، ڪئين اُت علم جا عالم
        سوين سورهه سنوان سالم، ڪئين لحظي ۾ ويا لٽجي
4.      اکيون ”مسڪين“ جٿي اتڪن، لکين لائق اتي لٽڪن
        ڏسي بانوريون سوين ڀٽڪن، ڪئين ويا فير ۾ ڦٽجي.

 

[804]

        چڱي وڻيئي توکي شال، هن نماڻيءَ جي حق ۾ هادي

1.      آءُ نماڻي عيبن هاڻي، ڪيو ٻيلايون ڀال
2.      چِت چرخي سان ڪين مان لاتو، ڪهڙو سڻايان حال
3.      دم دم سان شال گڏ تون هجين، تونهين ڪنديم نهال
4.      مهر منگي ”مسڪين“ ٿو، ٻي مايان منگي نه مال.

 

[805]

        بدل بره دا برسي آيا، ڪرڪي مينگهه ملاري دا

1.      آڙنگَ عشق آگم ڪر آيا، وڄڙين چا چمڪار مچايا
                        ويس ڪري وسڪاري دا

بوند بره دي برسڻ آئي، آوڻ نام ٿي سرت سوائي
                        کليا واءُ بهاري دا

بارش بره دي ڪيتي بهاري، باغ برابر ڪيتي گلزار
                        حسن ويکو هيڪاري دا

4.      ”مسڪين“ مام دا مينهن وسايا، راز رهبر دي رنگ لايا
                        قدر پيا تيڏي ياري دا.

[806]

        لوڪ سڄا لهوارا، شاهه عشق چلي اوپارا

1.      لوڪ ڳوليندا بخت بشارت، عشق ڳوليندا مُلڪ ملامت

                        نينهن دا مُلڪ نيارا

2.      لوڪ هي منگدا شانا شاهي، عشق ڪريندا گذر گدائي
                        ڦردا مست متارا

3.      لوڪ منيندا تاج ڪلنگي، عشق ڪريندا مست ملنگي
                        گوندر غم گذارا

4.      ”مسڪين“ ڏونهين آپ نه ٺهندي، هِڪي گفتي مول نه ٻهندي
                        الٽ ڪريندا آرا.

[807]

صوفي نام سڏاوڻ سؤکا، اؤکا قدم اُٺاوڻ، آپ پڇاوڻ

1.      ڏيک شمع پرواني وانگر، کوري وچ آ کامڻ، آپ سڙاوڻ
2.      عاشق ٿي انصاف اُتي، ارڏا ٿي اُت آوڻ، ڪنڌ ڪپاوڻ
3.      دم دا حال پوي جنهن دم وچ، اپڻا نينهن نچاوڻ، ڇيريان پاوڻ

4.      ”مسڪين“ انهي تي محڪم، جوشان جوش جڳاوڻ، نينهن نڀاوڻ.

 

 

 

 

روشن علي شاهه ”روشن

        سيد روشن علي شاهه جهانيان پوٽو، سيد قطب علي شاهه ”قطب“ جو وڏو فرزند هو. ٽنڊي جهانيان (حيدرآباد) ۾ 1270هه ۾ ڄائو. درويشي ۽ شاعري اباڻي ورثي طور مليس. سنه 1350هه/1932ع ۾ وفات ڪيائين. ”جهانيان خاندان“ جي مصنف جي لکڻ موجب سندس ڪلام جو مجموعو ”گلشن روشن“ ڇپيل آهي، جنهن ۾ سندس 172 ڪافيون شامل آهن. ”جهانيان خاندان“ ۾ انهن مان انتخاب طور سنڌي ۽ سرائڪي جون 19 ڪافيون شامل آهن (1)

 

[808] سر گجري، کنڀات، تلنگ

ڏسي سهڻل جو سينگار، اکيون اري ۾ آيون آيون

1.      موءِ مسلسل ڪاڪل قهري، نسنگ نانگ زوراور زهري
        ونگيو وجهن سي وار، پيچ پريت جا پايون پايون
2.      عين عجيبن نينهن نظارا، چُڀيو چَرا ڪن پنبڻيون پارا
        لنگهي پون ڌُو پار، جيءَ منجهان ڪري جايون جايون
3.      اهي عجيب سدائين سهڻا، نيڻ قريبن جا ٻئي ڪُهڻا
        ٻَکين پون ٻيهار، گهڻيون دليون تن گهايون گهايون
4.      ”روشن“ ره تون حب ۾ هردم، توسان هوت سدائين همدم
        دوئيءَ کي ڪر ڌار، وريون وصال جون وايون وايون.

 

[809] سر تلنگ

جيڪو سڀئي سڀاڪا سَٽي سَٽي

                                سو مرد اچي ميدان ۾
1.      چوڻ ڪرڻ ۾ فرق ٿيو ڏاڍو

        ڪري اُهو جنهن کي قرب جو ڪاڍو

                                قول ڪلالن ڪَٽي ڪَٽي
                                اچي مٿو رکي مئخان ۾
2.      لوڪ ملامت سر تي سهائي

        جاڙون جٺيون پلؤ ۾ پائي

                                هڏ نه پوئتي هَٽي هَٽي
                                ڀري گام انهي گذران ۾
3.      عشق جو بار اُمالڪ آيو

        مردن مرڪي سِر تي چايو

                                لاڳاپا سڀ لَٽي لَٽي
                                رهيا نفعي نڪي نقصان ۾
4.      ”روشن“ رمز جنهين سان لائي

        بره بهادر پاڻ ڀَلائي

                                پوريل در ٿو پَٽي پَٽي
                                جڏهن عشق اچي انسان ۾.

 

[810] سر تلنگ

        ڪيئي بره ڀلائي ڀال، مارو دم دي درس ڌمال

1.      عشق جنهين قول آيا هي، تنهن معنيٰ مطلب پايا هي
        ول درس دروني لايا هي، هڻ ڦيرو من دي مال
2.      محبت دي مئخاني آون، ڪاڻ وَٽِي ڪُڏ ڪنڌ ڪپاون
        آپ گنوا مطلوب نُون پاون، ڪِيتي ناز نهال
3.      خيال دي نال خيال لڀيندا، خواهش پوري خيال ڪريندا
        عروج نزول به خيال نون ٿيندا، خوش ٿي هٿ ڪر خيال
4.      ”روشن“ راز رندي نون ڄاڻن، مرد اُهي ميدان ملهاون
        سانگا سوره سِر دا چاون، واصل ڪرن وصال.

 

[811] سر آسا

        اڱڻ تي دوست من محرم، ڀلي آيو ڀلي آيو

        دلاسو دل کي ٿيو دم دم، ڀلي آيو ڀلي آيو

1.      اچي محبوب اجھ مون کي ڪيو سرشار پُر پياري
        پيالا پرت جا پيهم، ڀلي آيو ڀلي آيو
2.      ڳايان ڳڻ ڪيترا آئون، ڀلي جي هن ڀلائي جا
        ولهيءَ تي وڙ ڪيئين هردم، ڀلي آيو ڀلي آيو
3.      ڪيا ڪوڙئين ڪرم پنهنجا، اچي اڄ عشق عاصي تي
        ڪيئن حيوان مان آدم، ڀلي آيو ڀلي آيو.
4.      پروڙي رمز هيءَ ”روشن“، جنين دم ساڻ لئون لائي
        وڃي ذات ۾ ٿيا سي ضم، ڀلي آيو ڀلي آيو.

 

[812] سر آسا

        پريم ننگر دا واسِي ٿيوسي، عشق ڪيتي احساني، الا

1.      پريم ننگر ديان ڳُوڙهيان ڳليان

        سڌڙيان آنديان واٽ تون وليان

        ويکن جيڪي پِرت ديان پَليان

                                نينهن دي هي نيشاني، الا
2.      پريمننگر دا سؤدا اؤکا

        گهنڻ سِر دي سوا نهين سؤکا

        جيڪو سَٽيندا جيءَ دا جوکا

                                سوئي ڪري سلطاني، الا
3.      پريم ننگر وچ پِرت پساري

        وحدت دي وچ ڪر وڻجاري

        سوري تي چڙهه ڪر سرداري

                                مرد اهو لاثاني، الا
4.      ”روشن“ رمز دي ڪر منظوري

        دوست هٿئون وڃ سِک دستوري

        پِرت تڏهائين ٿيسين پوري

                                عشق هي راز رباني، الا.

 

[813] سر آسا

        جنهن ڪون عشق ڪري البيلا

                                تنهن ڪُون ڪَون بڻاوي چيلا
1.      عاشق مست سدا متوالي، چست تنهان دي شاهي چالي
                        واند ڪَرن نا ويلا

2.      عاشق عام ڪنون هِن اعليٰ، بخت انهان دا بلند تي بالا
                        مرسونُ ٻَڌن سِر سيلا

3.      مرد موليٰ دي شاهي چاون، توڙي دَلق پراڻا پاون
                        صاف رهن توڙي ميلا

4.      ”روشن“ رمز تنهان دي نرالي، رهندي وحدت وچ لا اُبالي
                        ڪاٽن وقت اڪيلا.

 

 

 

 

شمس الدين شاهه ”شمن

        سيد شمس الدين شاهه جهانيان پوٽو، فقير سيد قطب علي شاه جو فرزند هو. حيدرآباد ۾ سنه 1879ع ۾ ڄائو ۽ 26 ذوالحج 1339هه/1920ع ۾ وفات ڪيائين. ڪلام ۾ تخلص ”شمن“ ڪم آندائين. ”جهانيان خاندان“ جي مصنف سندس ڪلام مان سنڌي ۽ سرائڪي جون 15 ڪافيون انتخاب طور ڏنيون آهن.

[814] سر تلنگ

        ٻيا فڪر فنا جا ڊهي ڊهي، انهي ذاتي واري ذوق ۾
1.      ذاتي اندر ذات سڻائي، صورت حق جي سيني سمائي
                        راز انهي دل رَهي رَهي

2.      رنگي رنگ عجائب لايو، پرين پاڻ ۾ پنهنجو پسايو
                        ڪير ڪَتي هاڻ ڪَهي ڪَهي

3.      نفي نفس نمايو ناري، آئي وصل جي يار جي واري
                        ٺاهي پيا سڀ ٺهي ٺهي

        ”شمن“ شاهي طبل وڄايو، اچڻ عجيب تنهن جي آيو
                        نينهن نڀائن نيهي نيهي.

[815] سر سورٺ

        جي چون ٿا سُور سرتيون، آهن يادگيريون سي يار جون
        نينهن آنديون هي نعمتون پِرين سندي پار جون
1.      ميخون محبت جون لڳيون، ’لا‘ سندي لغار جون
        شال پَنديون سي پِرينِ سان وحدت جي واپار جون
2.      تا سِٽون سورن جون سمجهون، سي وصل جي وار جون
        سڀ سڄڻ جون ٿيون سيبائِن، دلبر جي ديدار جون
3.      آيون وسڻ بوندون بره جون عشق جي اسرار جون
        صاف ڪن ٿيون سي سيني کي قرب جي قرار جون
4.      پلؤ ۾ پيون جي پَٽيون نينهن جي نروار جون
        سِرجندي آيون سي ”شمن“ ازل جي اقرار جون.

 

  

13 صدي جي آخر ۽ 14 صدي هجري جي شروع (19 صدي عيسوي جي آخر ۽ 20 صدي عيسوي جي شروع) واري دور جا شاعر

 

حيات لغاري

        حيات لغاري ڪاڇي جو شاعر ”حيات ٻوڙي“ جي نالي سان مشهور هو. حمل جي پيءُ رحيم خان سان بيتن ۾ سوال جواب ڪيائين، حمل به کيس جواب ڏنو. سندس چيل ٻه ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون. انهن کان سواءِ هڪ ڪلام قلات جي خان خداداد خان جي تعريف ۾ چيائين، جيڪو 1873ع ۾ شڪارپور ۾ انگريزن طرفان منعقد ڪيل دربار ۾ شريڪ ٿيو هو. ان مان ظاهر آهي ته حيات لغاري، خداداد خان واري دور 1857-1893ع) ۾ ٿي گذريو.

[816]*

ادا ڪانگا! ڪر ڪاتيار

منهنجي پرين کي ڏي وڃي خبر ساري

1.      ڀانيان ٿي ڀر ۾ پرين آيا ٿم پاڻ
        جي چوريان پاسو ته آهن سڄڻ مان ساڻ
        ساري سڏڪيان، ڪڍي آهه تنهنجي ڪاڻ
        ننڊ ۾ نماڻيءَ کي ڏيئي ويا ڏيکارِي
2.      پِريَن سندا پُور پل نه ٿين پري
        ڪيو اچن گهُور فوجان ساڻ ڪري
        ڏسي تنهنجا ڏيل دم دم دل گهري
        جادو جيءَ اندر لائي ويم جارِي
3.      پانڌي ڏي پيغام سڄڻ کي ساري
        اهڙي نه گهرجي ويهه نه وساري
        دلبر ديدن سان ويو دلڙي ڌتاري
        محبت اَنهنجي ڳل پئي آهي ڳارِي

 

[817]

مئن ته رانجهن دي نال وَيسان

ايهو کيڙا گهول گهمائيسان

1.      هي عرض ڪريندا الاهي، ميلي رهبر راهنمائي
        ويکان روضي دي آشنائي، مئن تان سهجؤن سجدا ڏيسان
2.      گهڻا ڪر ڪر رهيان مئن حيلا، ڇوڙيان ماءُ پِيُو خويش قبيلا
        ميڏا رانجهن ٿِيسي رسيلا، مئن چُم اکيان سر چئيسان
3.      ڏاڍي برهه بنائي بازي، اڳُون تُلسي تور ترازي
        جڏان آپ ٿيسي رب قاضي، مئن ڪهڙا جواب ڪريسان
4.      ”حيات آکي رانجهن مِلسي، ٽور اڱڻ آسا ڏي ٽِلسي
        گهونگهٽ لاهه سهڻا خوش کِلسي، مئن سر قربان ڪريسان.

 

[818]

وَسئي خان خداداد خاني

هوسئِي رحمت روز رباني

1.      تَئن تي خان خدا دا سايا،  هوسين روزؤن روز سوايا
        هوسِئي نور نبي دا رايا، تيڏي مدد شاهه جيلاني
2.      تئن تان چڙهدئين نال فوجان دي، لکين سوار هزارين پيادي
        تيڏي مَنصبدار شهزادي، صِفان کڙدي جوڙ ڪماني
3.      تئن تان وچ ڪچهري ٻهندا، تيڏا جڳ سلامي رهندا
        تيڏا منصب تيڪون ڊهندا، هي حڪم شير شهاني
4.      ٻَڌ شَملا چَڙهدئِين رنگي، سِر سونهي تاج ڪلنگي
        ڪلهي لعل لَٻر دِي لونگي،خلقت ويکڻ ڪاڻ حيراني
5.      وڄن ساز سُرودي ڀيران، ڪَنين پوَن لوڪ تنواران
        مئن ته لکين شر گذاران، تيڏا حڪم دين دا باني
6.      ڏِتئي راه انگريز ڪُون، رستا، ڪيتوئي فرنگي ڏيهه وچ ڏاني
        لکين بار ٻَڌوي بَستا، ڪِيتوئي فرنگي ڏيهه وچ ڏاني
7.      گهت سنج سونهري گهوڙي، شل منصب هوسئي ڏوڙي
        منگي دان ”حيات“ هٿ جوڙي، پڙهه حمد سُورة فرقاني.

 

 

 

 

 

 

راوت

   شاعر راوت سنه 1892ع ۾ يا ان کان اڳ ٿي گذريو. سندس مولود پڻ مشهور آهن. (1)

[819]

        پنوهارن جي پاڙي کان مون ڪا دل مَٽائي
1.      منهنجي ماروئڙن سين سومرا آهي سڱائي
        کڙي هيس کوهه تي، مون کي اوٺيءَ اچي اُٺائي
2.      کاهڙ جي کيرن ۾ عمر آءُ ڄائي
        گڏ هيس گهر ۾ ننڍٺڙي جن نپائي
3.      زور ڪرڻ ضعيف سان، هيء پڻ ڳالهه اَجائي
        رنجائڻ راڄن کي چڱا ناهي چڱائي
4.      رخصت ڏي ”راوت“ چئي ڀَلاڪر ڀلائي
        مٺن ماروئڙن سان منهنجي جيئري لاهه جدائي.

  

 

مير محمد

        شاعر ميرمحمد سنه 1892ع ۾ يا ان کان اڳ ئي گذريو. سندس مولود پڻ مشهور آهن. (1)

[720]

        نينهن جا نيزا نسنگ ڪي جگر منجهه يار جا
1.      نينهن نڀاوڻ سِر لڪاوڻ، اي نه ڪم عاشقن ادا
        جي گهڙين تون مچ ۾، سانگا ڦٽا ڪر ساهه جا
2.      اُٽ سڄڻ ساڃهه ڪري نه ته بره ماريندءِ بَجَا
        جڳ مڻي فرياد ڪر نِت سائينءَ جي در تي سدا
3.      گهوٽ تنهنجي گهُور گهايس، ڪوڙين ڪُٺا تو ڪيٿرا
        سي مُٺا ڪيئن مانُ ڪن، جن چاڪَ چشمن جا چڪيا
4.      ”ميرمحمد“ چوي ماٺ ڪر، نه ته تاڻ پرين جا تڪيا
        جن کي لڳا جيءَ جان ۾، ڪان قهرن جا تکا.

 

 

 

 

 

 

 

ڪالو

        شاعر ڪالو سنه 1892ع ۾ يا ان کان اڳ ٿي گذريو. سندس چيل مولود ”مجموعہ مولود“ ڇپيل سنه 1892ع) ۾ ڏنل آهن. (1)

[821] *

                ستي رات سڄڻ سانگي ساريا اٿم
                پنهنجا ويڙهيچا ڪين وساريا اٿم
        1.      اٿم اميد اها وينديس ويڙهه وري
                ملنديس مارن کي پوندم نيڻ ٺري
                اها ڳالهه مارن جي مون کي آهي ڳري
                گهنگهر ڏينهن پرين سان گڏ گهاريا اٿم
        2.      ڀونگا پاس ڀٽن منهنجن مارن جا
                تن ويڙهيچن ۽ ولهارن جا
                اچو پور پون تن پنهوارن جا
                چڱا مال تنهين سان گڏ چاريا اٿم
        3.      ”ڪالو“ اباڻن جي ڏاڍي تانگهه اٿم
                قابو ڪوٽن ۾ نِيَرَ نانگ اٿم
                اها ڳالهه مارن جي ڏاڍي ياد اٿم
                ڪيل قول تنهين سان نه پاريا اٿم.

 

 

 

قاضي محمد يعقوب ”گلچين

        قاضي محمد يعقوب ابڙو ”گلچين“ هالا جو ويٺل هو، ۽ 1894ع ۾ حال حيات هو، يا اڳ ٿي گذريو. وڏو عالم شخص هو. فارسي ۽ عربي جو ڄاڻو هو، ۽ ٻنهي ٻولين ۾ سندس ڪتاب تصنيف ڪيل آهن. سندس هيٺين ڪافين ”ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي“ ۾ ڇپيل آهي *

[822]

سڄڻ جي سانگ ويا سپرين، والي مَن سي وطن واري

1.      وتي ويران هيءَ واندي، مري مشتاق دل ماندي
        پرين کي چئج تون پانڌي، مُٺي هيءُ موت ٿو ماري
2.      درد سڀ دوست جا ڌريان، جَنڊي پايو جانَ ڏک ڏريان
        ظاهر هڪ جي ذري ڪريان، وجهان ڏونگر جبل ڏاري
3.      کِيانتا لات ڪا لَئُه تون، پِرين جي ڪا خبر پُههُ تون
        مري وينديس ڪي ملندا مون، سدا منهنجو ساهه ٿو ساري
4.      ”يعقوب“ چئي جي مِيلي جاني، ڪريان سِرُ ساهه قرباني
        جتي گوهر جو گذراني، ڏاتر شل ڏيهه ڏيکاري.

 

 

 

 

ميان عبدالله لکوي

        ميان عبدالله لَکوي، امام بخش ”خادم“ شڪارپوري جو همعصر شاعر هو. امام بخش ”خادم“ سان سندس دوستي 1881ع ۾ ڪشمور ۾ ٿي، جنهن سندس ڪلام پنهنجي بياض ۾ قلمبند ڪيو. سندس هيٺين ڪافي ”ڪليات خادم“ ۾ ڏنل آهي.*

[823]

مانجهي اچيو ميخان ۾، سورهيه سوين سر ٿا ڏين

1.      پنهنجو پڌر ڳجهه پاڻ ڪيو آگي اچي انسان ۾
        پانوَ انهي پهه پُور جي جلندا وتن جولان ۾
                        سي ڪيئن جڏا جڳ ۾ جين

2.      بيٺا سڄڻ سي سامهون محبت سندي ميدان ۾
        مڃئون شهادت شوق مان، عاشق آيا ايمان ۾
                        پڙ کان نه سي پاسي ٿين

صاحب لکين صفتون سندن قادر
        ڪنڌ قتل کان نا ڪڍن، فائق آهن فرمان ۾
                        پُر جام هو پلپل پين

4.      عبدالله اها عبرت ڏسي، هر ڪو پوي حيران ۾
        مشتاق ٿيا محبوب جا سدا نينهن جي نيشان ۾
                        حُب ڪا اٿن اندر هِنَ.

 

 

 

واليڏنو فقير

        واليڏنو ولد الهورايو، شڪارپور جو ويٺل هو. سن 32/1231هه ڌاري ڄائو ۽ 1307هه/1889ع ۾ وفات ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي چڱي ڄاڻ هيس. ان کانسواءِ جفر ۽ نجوم ۾ به کيس مَلڪو حاصل هو. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ ڪلام چيائين. ڪلام ۾ ”فقير“ تخلص طور ڪم آندو اٿس.

 

[824] *

        وڏو ٿم آسرو دل کي، اڱڻ منهنجي پرين ايندا
        دلاسو دل ڌتاريل کي ڏسڻ سان ئي اچي ڏيندا
1.      وسن ٿا مينهن محبت جا، وهن ٿا نار نيڻن کؤن
        اُٿاري هن اُڃايل کي پيالو پُر پياريندا
2.      برهه جي باهه جا ڀڙڪا، ڪَرن ٿا جوش لونءَ لونءَ ۾
        مهر جو مينهن محبت سان وسيلو ٿي وسائيندا
3.      بديون بدڪار جون ميٽي، وڇوڙا ورهه جا ريٽي
        چريءَ جا چاڪ سڀ چيٺي، ڇيهي ڇَر کان ڇڏيندا
4.      اميدان دل سنديون آخر، ”فقيرا“ هو پڄائيندا
        ملڻجي ساز کي ڇيڙي، مُئي دلڙي جياريندا.

 

[825]*

        دل منهنجيءَ کي درد لايُون

                        ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ ڏي ڪاهيون
1.      ٿي اڻڄاڻ مون نينهڙو لايو

                        چئي ڪنهن کي مون ڪين ٻڌايو
2.      ڇا ڪنديس تنهنجا پَٽ پٽيهر

                        ڇا ڪنديس تنهنجون محل ماڙيون
3.      چوي ”فقيرو“ ڏيرن ڏا جو ڪيڙو

                        ڇاکؤن ڇڏي پنهون ڪيچ جو ويڙو
                سڱ سڙيءَ جو ناهي، ڪهڙي دعويٰ لايون.

 

 

 

 

حفيظ تيوڻو

        حفيظ جو اصل نالو ”لعل بخش“ هو، پر عام طرح سان کيس لعلو فقير به چوندا هئا. ذات جو تيوڻو هو. واره تعلقي جي ڳوٺ ڏاتو تيوڻي ۾ 1810ع ڌاري ڄائو. اڻ پڙهيل هو ۽ سڄي عمر مينهون چاريائين. وڏو سگهڙ شاعر هو. سندس بيتن ۾ چيل ”مومل راڻي جو قصو“ مشهور آهي. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ مثنوين تي مشتمل آهي. اندازاً سٺ ورهين جي ڄمار ۾ 1303-1308هه/85-1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

[826] *

                سرتيون سُٽ نه سنڀران، آءُ ڪين اوبيان اُنَ

        1.      جيڏين جوڙيون اُڻائيون، مون پڃايون پاءُ نه
                ڪتڻ ڪين سيکاريو مون کي مُنڍون ماءُ نه
                اصل اساريءَ جو هُيو چرخي سان چاءُ نه
        2.      سهڻيءَ سندو سَس سان هليو دلي تي داءُ نه
                محبت خاطر ميهر جي ڪامڻ جهاڳيا ڪناءُ نه
                ساهڙ تنهن جو سِير ۾ لڌو سُتت سماءُ نه
        3.      ليلان پنهنجي لاڏ کئون جهليو ٿانهر جو ٿانءُ نه
                ڪچيءَ ڪؤنروءَ سان هليو ڏاهپ جو ڏانءُ نه
                ور ويڇاهڙ پانهنجو ويٺي کٽائي کانء نه
        4.      مارئي ماڙيءَ ۾ چيو عمر کي آءُ نه
                بيشڪ بندياڻيءَ جو ڀڳو راڄي راءُ نه
                پاڪ ته پهنواريءَ جو کڻي ڀلايو ڀاءُ نه
        5.      محبت مجني کي وڌو ڳل ڳچيءَ ڳاراءُ نه
                ويڙس ساهه سرير مؤن، ڪيس جوش جلاء نه
                سوين ڪهاڙا سِر مٿي ويهي سورهيه سَٺا اُن
        6.      مومل مڪر مؤن لڌو، ڏس ڪيڏو ڪهڪاء نه
                موٽي تنهن سان مينڌرو ريڌو هئو راء نه
                راڻل سندي رنج جو لٿو گهوريءَ تؤن گهاء نه
        7.      سسئي پنهل کؤن پوءِ ڪيو سيڄ سمهي ساء نه
                گيرب جي گذران جو بڻي بيٺس بقاء نه
                حجت جو ”حفيظ“ چئي ٿيندو هرگز هلاء نه.

 

*[827]

        عشق جني سان ڪئي آهي اور

                        انگ عقل جا سي ڪيئن سکندا
        بره جني سان ڪئي تڪ تور

                        انگ عقل جا سي ڪيئن سکندا
1.      آخوندن تي ناهي اعتباري

        ”دال“ ڏسي ٿا سي ڪن دؤڙ

                        صفائي لئي سي گهڻو سڪندا
2.      لکين لباسي هڻن ٿا لافون

        پوءِ شرط ڀڃي شهزور

                        دولت دريءَ مؤن سي وڃي ڏسندا
3.      ”حفيظ“ حق مخفي جي

        توڙي ٿيندي تڪ تور

                        لعل ڪپورن ۾ ڪيئنلِڪندا.

 

 

صوفي شهاب الدين

        صوفي شهاب الدين، مشهور درويش ۽ فقير محمد صديق ”صادق“ جو چوٿون نمبر فرزند هو. سال 1244هه/1828ع ۾ ڄائو ۽ 1308هه/1891ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار پنهنجي اَباڻي مقام ”صوفي صادق فقير“ ۾ آهي. کيس شاعري ۽ درويشي پنهنجي والد کان ورثي ۾ ملي. ”وڻجارن وايون“ ۾ سندس هيٺيون 4 ڪافيون شامل آهن.*

[828]

        درد بنا آهي ڪوڙي بات، ذات نه ڄاڻان ڪير آءُ آهيان

1.      پاڙي اسان جي پهاڄيون، کَر به اسان سان ڇات
2.      اؤکي ويل اسان سان مرشد هجي هميشه ساٿ
3.      هادي ويل هلڻ جي مون کان ڪلمون چوائين وات
4.      ”شهاب الدين“ ڪري سو ڪري وٺ، ڦُٽڻ تي آ پرڀات.

 

[829]

                ٻيو نه رکج مال، نالو رکج دل ۾ هردم

        1.      تڙي ڪڍج دل منجهان تون، هو جو خام خيال

        2.      هيڪڙائي کي هڪ ڪري، دوئي جو ڪڍ دوال
        3.      ويهه پاڙي پرينءَ جي، تان رچي ٿئين لال
        4.      ”شهاب الدين“ تي ڪندو مرشد، ڀلو سونهارو ڀال.

 

[830]

        صدقي صدقي جاني، آهيان اصل کان تنهنجي گولي
1.      اصلئون ڏنڙي ماءُ مون کي هئي

                                درد پِريان جي لولي
2.      گلا غيبت جي لوڪ جي آڏو

                                جهلي آهي مون جهولي
3.      ناتي پنهل جي سسئي ويچاري

                                رندن ۾ هئي رولي
4.      ”شهاب الدين“ کي مرشد سائين

                                مِٺي وڻي تنهنجي ٻولي.

 

[831]

مومل ساڻ ماڻا، يار راڻا، ڪرمَ رسڻ جا

1.      ڪرهو ڪاهي ڪاڪ تي، پرين ڪر مَ پڇاڻا
2.      توريءَ مير مينڌرا، وِه ٿيا هي وهاڻا
3.      ڌريان ئي ڌوڙ ڀرجي، ٿيڙا پلنگ پراڻا
4.      ”شهاب الدين“ چئي توريءَ اڱڻ جا، راڻا ڪنول ڪوماڻا.

 

 

غلام محمد ”گدا

        غلام محمد ”گدا“ ولد محمد صالح مڱڻيجو، لاڙڪاڻي شهر جو رهاڪو هو. سنڌي ۽ فارسي زمان تي عبور حاصل هئس. فارسي ۾ سندس ”ديوان گدا“ موجود آهي. سنڌيءَ ۾ به ڪيتريون ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام چيو اٿس. پاڻ حضرت عبدالحق فاروقيءَ جو مريد هو، ان ڪري ئي سندس ڪلام صوفيانه رنگ ۾ آهي. پهرين جمادي الاآخر 1310هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت تي هر سال 12 شوال تي ميلو لڳندو آهي.

[832] *

        جي تون ذات کي پنهنجي سڃاڻي، ڇڏ ڄاڻ عدم جو اڪاڻي
1.      ڪيئي وحدت نُقطَ فَرازي، ٿي صفت طَويل مَجازي
        اٿئي لِڪ ڇِپ واري بازي، پئي  مفت مَلام سوداڻي
2.      ڏَنہ ذات صفت دي چولي، ويٺو باتيان لک لک ٻولي
        ويهي ڪايا پلٽ جان اولي، ڪري زيب عجب هرڀاڻي
3.      منجهه صورت مورت جوڙي، بيٺو گُل مُڇَن کي موڙي
        منجهه عينن عينڪ کوڙي، عو وَرڻ هزارين ماڻي
4.      جنهنجي سونهن سڄڻ دل ريهي، وڃ پاڻ پَکي تن پيهِي

        هيءَ مامَ ٿِي سمجهڻ جيهي، جا اصل ”گدا“ دل ڄاڻي.

 

 

[833]

عشق عجب آفات، هي بي مثل مثالي

1.      عشق جٿاهين ٿان ڪريندا، هستي دا اول ڪوٽ ڀَنيدا
        ٽوڙا اِها طلسمات، ڪريندا حڪم بحالي
2.      بي رنگ بحر وچ مار نقارا، جي ڪنهن طرف ڪريندا مارا
        ويندا ڀُل اسم جسمات، رهندا وچ خاص خيالي
3.      وحدت دي هن صحن يگاني، ڀن خودي تين غير دي خاني
        هٿ ڪر ’لا‘ دا ڪات، ڪپ دوئي دِي دوالي
4.      هر سُو ”گدا“ ڏس پاڪي جهاتي، ويک هڪو هڪ ذات صفاتي
        رک بات اِها اثبات، رهه پڇين تون خوش خصالي.

 

[834] روپ جهنگلو*

        کُليا نُور جبين-ئون نقاب ميان

                        جيوين سورج ڪُنون ته سحاب ميان
1.      سِيَہ خال عجب رخسار اُتي

        هويا ڀنؤر جيوين گلزار اُتي

                        خجل ناف خَتن شتاب ميان
                        ڪريندا عَنبر تي سو عتاب ميان
2.      پيچان پيچ ويکو خمدار ميان

        ٻيٺا گنج اُتي جيوين مار ميان

                        ويکو سنبل طُري دا تاب ميان
                        هويا هوش عقل بيتاب ميان
3.      ڪَجل ريهه تکي ڪنون سيف ميان

        سرخي پان ويکو تعريف ميان

                                خط سبز گِرد وهه تاب ميان
                                جيوين حلقا لڳا مهتاب ميان
4.      هويا خوف خطر ڪُل گم تڏان

        روشن عشق ڪيتا اسم جڏان

                                هويا تَم ستاري دا تاب ميان
                                طلوع هويا جڏان آفتاب ميان
5.      ڪيتا آپ ”گدا“ نون شاد ميان

        ارشاد مغان دي آباد ميان

                                آيا ترڪ گناهه غواب ميان
                                ڪِيتا قُلقُل جب شراب ميان.

 

[835] *

        اِيوين طلسم دا هي سير

                                حيرت دي وچ گُم هويا
1.      نقش نگار دا ويک نظارا

        خال خط رنگي ڏيک پَسارا

        ٿِيوين نه دل غمگير، سوز چشم پُرنم هويا
2.      زيبا قبوح نون هڪ ڪر ڄاڻين

        هيئِي بهر سُو نور نشاني

        حيوين زُنڊ لَبَن لا غير، هر مظهر وچ گم هويا
3.      جوڙ صفت دا خوب آئينا

        هر صورت ڏي زيب نگينا

        کَڙا عڪس پلٽ دا بن ڀير، حرص حُسن دا ڌم هويا
4.      آکيا ”گدا“ هي عشق اشارا

        بيرنگ دا هر رنگ نظارا

        مسجد ڪيا وچ دير، شاهه عرب عجم هويا.

 

[836]

                ويکو صفاتي سير، وحدت اندر گم هويا

1.      ”سِري و اَنا سِروّ“ ڇپ ڇپايس

        ’وَفِي اَنَفُسِڪم‘ راز اَلايس

        ڦند اِٿان نهين ڦير، هم نهين ڪوئي تم هويا
2.      طلسم دا هي ڀڃ بتخانا

        وانگي حلاجي مرد يگانا

        ”لا“ دي پڪڙ شمشير، هر جا تون هم جم هويا
3.      هر جا ظهورا حق دا مُحِطي

        جِيوين بهر جا باد بسيطي

        کول اکيان ٿي ذات بَصير، غير پِڇي ڪُل تم هويا
4.      بيت الاِرم نون ڄاڻ عدم تون

        طرف اصول دي چاوين قدم تون

        ڌرين نه پِڇون تي پير، ثابت رکڻ قدم هويا
5.      وحدت دي وچ گم ٿي اِيوين

        قطرا قُلزم دي وچ جِيوين

        آکيا ”گدا“ هي نينہ نظير، خيال رکڻ محڪم هويا.

 

 

 

 

 

حاجي گل محمد رند

        گل محمد رند اصل ڀاڳناڙي (بلوچستان جو ويٺل هو. ويهن سالن جي عمر ۾ وطن ڇڏي ضلعي ٿرپارڪر جي سيد علي حسن شاهه جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، ۽ ان بعد فارسي تعليم حاصل ڪيائين. سِگهه (تعلقو کپرو) ۽ ڊيي (تعلقو عمرڪوٽ) ڳوٺن ۾ رهيو، حڪيم هو ۽ حڪمت ڪندو هو. سنه 1310هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. *

[837]

                گهنڊ کوليو گهورون ڏيو

                                ماڻا ڪريو ماريو ڇڏن
        1.      ڪن کي ڪنڌيءَ تان منجهه ڪُنن

                                ڪيرائيو ڪنڌ ڀر هڻن
                ڪن جا ٻڏل ٻيڻا سڄڻ

                                طوفان مان تاريون ڇڏن
        2.      ڪي مي پي مستان ٿيا

                                ميخان ۾ جي خاص هئا
                ڪن کي پيالا پُرا ڏيو

                                هٿ کان کسيو هاريو ڇڏن
        3.      ڪي ”رند“ ريڌا راهه تي

                                ڪي مجلسي ميخواهه تي
                ڪي درد ڪنان سهڻا سڄڻ

                                وانجيو وَريو واريو ڇڏن.
[838]

                عمر ماڙيو سندئي ساڙيون

                                اسان کي نيون وڻن واڙيون
        1.      وسن ويڙيون، ڀِٽن ڀيڙيون

                                اسين پنهنجو مالڙو ميڙيون
                ڪپي ڇڏي قيد جون ٻيڙيون

                                ڀڃي در طاق ۽ تاڙيون
        2.      جتي ڄاريون، تتي گهاريون

                                وڍيون ٽاريون، پَهوُن چاريون
                جُسو پِس پيڄ تي پاريون

                                اسين جهانگي ٿا جهڻ ڪاڙهيون
        3.      پُلائن جو پُڇائِن جي

                                عمر واري ڏي انهن کي
                اسين ڏوٿي وڃيو ڏٿ تي

                                لُلر لُوڻڪ چڀڙ چاڙهيون
        4.      لڳڙس لامَ، تنهنجي ڄام

                                مٿي مسڪين جهل ڪج ڪامَ
                اسين اڀرا اوهان جي سام

                                چئي ”رند“ رب مٿي ڀاڙيون.

 

 

 

[839]

                وڌايو وِرهه کي ويڄن

                                نڪو ٿا فيض ڪن ڦيڻا
        1.      مٺي محبوب جا مُرڪي

                                ڏني آهي سور جي سُرڪي
                طبيبن جا ٻُڪي ٻُرڪي

                                ٻُڪيءَ تنهن سان ٿيا ٻيڻا
        2.      برهه جو باز ٻولائي

                                چنبن ۾ دل ويو چائي
                ڦٽيو ڦاڙيو ڪپيو کائي

                                تڏهن ٿياسون جهڄي جهيڻا
        3.      ڏکوئن کَر اچيو هر هر

                                اچن گوندر ڏيو وَر وَر
                ڦٽي دل درد ڪئي در در

                                وِره ٻيڻا ڪيا ٽيڻا
        4.      ڪيم سهڻي اڳيان آزي

                                کلي ٿيو ”رند“ تي راضي
                ڀڳي دشمن سندي بازي

                                هڻي سڀ کَر ڪَيَئين هيڻا.

 

 

 

 

 

 

حاجي پريل شاه*

        سيد حاجي پريل شاهه ولد سيد گنبل شاهه بخاري محبت ديري جتوئي تعلقي ڪنڊياري جو هو. سندس جنم 1222هه ۾ ٿيو ۽ 1312هه/1894ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قلمي بياض ۾ سنڌي ۽ سرائڪي هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪافيون ڏٺيون ويون.

[840]

        پيرن تي آءُ پونديس، هيئن چَونديس ڙي الا

                ڏکيا تو لئي ڏينهڙا گذاريان

1.      ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون ميان الا

                        ساه اندر سانينديس، نال نينديس
2.      سِڪ اوهان جي ساهه مُنهنجي کي ميان

                        جيتر آءُ پئي جيئنديس، هيڪ ٿينديس
3.      محب اوهان لاءِ مُلڪ ۾ ميان الا

                        ڏونگرڙا ڏورينديس، گهوري ٿينديس
4.      ”حاجي پريل شاهه“ چئي هوت حمايت ميان

                        مُحبن کي آءُ ملنديس، دانهن ڏينديس.

 

[841]

ڪر خبر ميان خابرو، آءُ ڪي ياد هيڙس يار کي

منهنجي من ميلاپ جي، ڪا سمن هئي سردار کي

1.      ويڄ ڪين وڌاءَ تون، هن درد جي دهڪار کي
        ديد ريءَ ڪانهي دوا، هن برهه جي بيمار کي
2.      دل سڪي ٿي دوست لاءِ، ديدان سڪن ديدار کي
        دائم دم دم سڪن ٿا گوش تنهن گفتار کي
3.      خبر سڌ سڄڻن سندي، پَئي، ڪهڙي ڪُور قطار کي
        مِڙنِي منجهه مُصحاف جو ڪهڙو قدر ڪُفّار کي
4.      پلڪ ۾ پانڌي ميان تون آڻ هن اخبار کي
        ڪڏ اڱڻ ايندا پرين، چمندو ”پريل“ پيزار کي.

 

[842]

        منهنجي ديدن سان دل ڏنگي ويو

                        ڪنهن سرمي جي سينگار سان
1.      نين سڄڻ جا خنجر خماري، ري هٿيار ڪُهڻ ڪن ڪاري
        وَلو ڏيئي دل ونگي ويو، دم ديدن جي ديدار سان
2.      ماڻي سان محبوب ماري ٿو، حرف هيڻي تي ڇا کئون ڌري ٿو
        سِسي وِچائون سَنگي ويو، سو پرچي پرين ڪنهن پيار سان
3.      عُشوي نال عُشاق آزاري، عجب چال عجيبا ڌاري
        هيءُ مشتاق ويکڻ منگي ٿو، تنهن کي ملواچي ڪنهن وار سان
4.      محب مُئي سان ڪر نه ماڻو، اصل منهنجي تون ساه سيباڻو
        چاهه ڏيئي دل چنگي ويو، ڏاڍو کيپ چاڙهي ته خُمار سان
5.      ”حاجي پريل شاهه“ کي حسن ويکايو، سڄڻ سڪ ۾ ڪيم سڪايو
        طلب اوهان جي تانگهي پيو، تکي تات اوهان جي تار سان.

 

 

 

[843]

        سمهان ته سپرين ڪول سدائين

                                جاڳان ته آهي قدرت ڪا
1.      بي ستون آسمان اڏايس، عرش زمينون بيت بنايس
                                آگي جي آهي عبرت ڪا
2.      اهو اسرار بسيار ڏٺوسين، پَرو پرت جو ڪونه پيوسين
                                حاڪم جي آهي حڪمت ڪا
3.      خواب خيال آهي سپنو سارو، آهي سڀني کي اڳ جو اشارو
                                مان لهي ٿي محبت ڪا
4.      رنگ رباني لامڪاني، سير ڪيوسين وه سبحاني
                                ”حاجي پريل شاهه“ آهي حيرت ڪا.

 

 

مير محمد باقر خان

        خيرپور جي ميرن مان غزل گو شاعر ٿي گذريو آهي. مرثيا به چيائين. تاريخ 28-آڪٽوبر 1891ع تي وفات ڪيائين.

[844]*

                محب مٺا منٺار، تو لئي ماندي آهيان

1.      پلپل تنهنجا پور پون ٿا، سوز فراق جا سور اٿن ٿا
                                        حالت آهي زار
2.      محبت تنهنجي مچ مچايو، سيني اندر سوز سمايو
                                        ناهي وٿي هڪ وار
3.      توکي ساريان روز پڪاريان، هجر ۾ تو لئي هنجون هاريان
                                        جلد لهي وڃ سار
4.      جهڙو تهڙو ميرو مندو، ”باقر“ آهي تنهنجو بندو
                                        تار منجهان اچي تار.

 

 


 


(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”جهانيان خاندان“، وي. جي. مَٽائي، مصبوع اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، 1972ع.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”جهانيان خاندان“ وي. جي. مَٽائي، مطبوع اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، 1972ع.

* [816] کان ]818] هريسنگ جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.

(1) (1) ”مجموعٿ مولود“ ڇپيل ”مطبع شاخ فتح ڪريم بمبئي“ سنه 1892ع تان ورتل.

(1) (1) سندس هي ڪافي ۽ مولود ’مجموعہ مولود‘ ڇپيل مطبع فتح ڪريم، بمبئي، سنه 1892ع  ۾ موجود آهن.

(1) (1) پڻ سندس مولودن لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو چوٿون ڪتاب ”مولود“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، ص ص 144-145

* [821] عبدالعزيز ميمڻ، ٽنڊوالهيار جي بياض تان ورتل.

* * تذڪره شعراء هالا“، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1944ع. [822] ”ٽيهه اکري، سنڌي ميين عيسي جي“، مطبع فيض سبحاني سنه 1312هه، ڪوٽڙي بندر تان ورتل.

* * ”ڪليات خادم“، مرتب لطف الله بدوي، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.

* شڪارپور، ماضي -حال“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، جشن شڪارپور پبليڪيشن، 1984ع.

* [825] ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، تصنيف ميان پير حسام الدين راشدي تان ورتل.

* [826] شير شان شائق جي ڪافين جي بياض تان ورتل.

* تعلقي واره مان غلام رسول جتوئي کان مليل

* * ”وڻجارن وايون“، مرتب عبدالڪريم پلي، اداره نوائي ادب، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، تعلقو عمرڪوٽ، 1961ع.

* [832] ۽ [883] پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب، سن 1906ع تان ورتل.

* [834] پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب ۾ ڏنل، پڻ عبدالحڪيم پلي کان مليل.  

* [835] ۽ ]836] غلام رسول جتوئي (تعلقي واره) کان مليل.

* * ”سماهي مهراڻ، سوانح نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

* سوانح محمدي ۽ ڪافيون [840] کان ]843] حاجي پريل شاهه جي قلمي بياض تان ورتل.

* سوانح عمري ۽ ڪافي، مرحوم عطا محمد حامي جي لکيل مقالي ”خيرپور جي علمي ادبي ۽ سياسي تاريخ“ (اڻ ڇپيل) تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org