سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :21

 

جان الله شاهه

جان شاهه جون ڪافيون 1297هه/1880ع جي لکيل بياض ۾ شامل آهن، يعني ته جان الله شاهه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاريائين. جان شاهه جون جملي 15 ڪافيون نظر مان گذريون، جن مان 10 شامل ڪيون ويون آهن.

جان الله شاهه ثالث ولد علي اڪبر شاهه روهڙيءَ جو ويٺل هو ۽ شاهه عنايت شهيد جي وڏي خليفي مير جان الله شاهه اول جي اولاد مان هو. پيءُ جي وفات کانپوءِ سجاده نشين ٿيو. کانئس اڳ مير جان الله شاهه اول توڙي مير جان الله شاهه ثاني ”عاشق“ ٻئي شاعر هئا. هيءُ به وڏو عالم فاضل شخص هو. 20 صدي جي شروعات ۾ وفات ڪيائين.

[901] جوڳ*

ٻُڌي عشق وارن جي بات، جوڳي وڃي اتي جيءَ جلايا

من موهن جي تار وڄايائون، ساز تنبورا سڀ ڀڃي ڇڏيائون
        دل اندر منهن مهتاب، انحد مرلي سان وڃي سُر ملايا
2.      ملڪوت ۽ جبروت جو سير ڪيائون، لاهوت باهوت ۾ پاڻ ڏٺائون
        نفي ڪيائون اثبات، سامين وڃي اتي حرص هلايا
3.      راتيان ڏينهان راند رئڻ جي، دلبر ڪارڻ سڪ ملڻ جي
        آڻ مليس گُر گيات، درد مندن وڃي ڌيان رُلايا
4.      ”جان شاهه“ عاشق تي ڪرم الاهي، جنهن کي منصب مليو آهي شاهي
        لنگهي ويو ذات صفات، شوق وارن اُتي جام پلايا.

 

[902]

ڏسي آتم جو ڌن ڌيان، عاشقن جتي اچي شور مڇايا

1.      اَوديا آونده ڳَئي اکين کؤن، جنت دوزخ ويو پسڻ کؤن
        صورت سڀ سبحان، درد مندن وڃي دود دکايا
2.      مايا مون کي ڇڏي ڏنائون، الست بربّڪم جي ڳالهه ٻڌائون
        مشتاقن جو اهو مڪان، رنگپور دي وچ ناچ نچايا
3.      ’ونحن اقرب‘ قول ڪيائون، ’وفي انفسڪم‘ جي رمز چيائون
        تن من اندر آهي نيشان، آدم بن ڪي نام ڌرايا
4.      يار بره جو سر تي آيو، ”جان شاهه“ ٿي خوش چايو
        رهبر ٿيس گُر گيان، رڳ رڳ دي وچ يار سمايا.

 

[903]

عشق وارن تي ٿيو امداد، عرش ڪُرش جو سير ڪيائون
        1. جنت دوزخ ڇڏي ڏنائون، برهه ڪيائون ياد
                                اڳي اناالحق هام ڀريائون
        2. ناز نيڻان دي چوٽ چلائي، جان جسم ويو برباد
        3. حسن سهڻي دي ناز ڪيا هي، ڪنهن ڪون ڏيئون فرياد
        4. ”جان شاهه“ عاشق تي رحم فرمائي، سَتگر شاهه مراد
                                جام وحدت جو ڀري ڏنائون.

 

[904] سر سورٺ

ڏسي دلبر جو ديدار برهه بازار لڳي

1. صوفي سير صحيح ڪري ٿو، نيزي تي هسوار
                                برهه بردار لڳي
        2. جوڳي جوان جلّي ڪري، ڪيئون ‘انالحق‘ للهڪار
                                ’انحد‘ جي تن تار لڳي
        3. ’اَلانسان سري اناسّره‘، ٿي آيو اظهار
                                حسن چوڌاري لڳي
        4.  ”جان شاهه“ عاشق کي، عشق جي هٿئون جلويدار
                                نسنگ نروار لڳي.

 

[905] ڪوهيار

نباهيون نيندا، هنج کڻي هوتن ڏي

1.      آسروندي آهيان، ڪامل ڪرم ڪندا
        2.      ويٺي راهه نهاريان، اجهي پرين ايندا
        3.      دارون درد مندن کي، ڏسڻ سان ڏيندا
        4.      ”جان شاهه“ سڪ سچي سان، پہ پنهل پڇن دا.

 

[906] ڪؤنسيو

ڀلا ڪهڙي ڳالهئين رانجهن چاڪ سڏايا يار

1.      ونجهُلي وڄيندا آيا اُتاهين، سانون ڪا رمز رلايا يار
2.      لاءِ ڪي رمز کڙندا اُٿاهين، ٻيلي سو ڌم مچايا يار
3.      شاهه شاهان دا ٿي چاڪ سڏائين، ڪيا سو ڇپن ڇپايا يار
4.      مالڪ مُلڪين دا شاهه حُسن دا، ”جان شاهه“ سو بن آيا يار.

 

[907] ڪلياڻ

منگي ميان عشق نٿو پوشاڪي يار

ڪُل عالم کي عقل ڏنائون، بره ڇڏيائون باقي يار
2.      لذت عشرت هر ڪنهن چائِي، بره چايو هن خاڪي يار
3.      هر دوجهان ۾ آهي اسان جو، حسن حُسين سان ساٿي يار
4.      دلبر سائين نال اسا ڏي، آهي هردم نت اوطاقي يار
5.      ”جان شاهه“ حماي تنهنجو آهي، حوض ڪوثر جو ساقي يار.
[908] جوڳ

عشق وارن سان ناهي، بات، دين ڪفر کي ڇڏي ڏنائون

1.      لااِلٰہ ۾ وڃي گم جو ٿيڙا، لاالله ڪيئون اثبات
                                ديد ۾ دلبر صحيح ڏٺائون
2.      چڙ چڙ آون لذت پاون، صورت سڀ صفات
                                خيال خودي جي کي گم ڪيائون
3.      دردمندن کي درد وچولي، گڏين گور کناٿ
                                پورب جو وڃي پنڌ پڇيائون
4.      ”جان شاهه“ عاشق لنگهي اڳي ٿيا، پره ڦٽي پرڀات
                                دم اناالحق جو سڏ سڏيائون.

 

[909] جوڳ

وسيا ميگهه ملهار، بره عشاقان تي نوان رنگ لايا

جُهڙ بادل ڪُيون بوندان وسن ٿيون، دلبر ڪارڻ ديدان ڏسن ٿيون
        آءُ مل يار ميهار، درد تُساڏي جند جان جلايا
2.      تيڏي ڪارڻ ٿيس مستاني، ڳليان دي وچ ڦران ديواني
        ڏي دلاسو دلبر يار، ناز نيڻان دي ڪو تير چلايا
3.      ظاهر باطن هڪ ٿيا، غير دوئي دا وچ ڪوئي نه رهيا
        حسن سهڻي دا ٿيا اظهار، ڳلي ڳلي وچ آڻ ملايا
4.      ستگر ”جان شاهه“ تي رحم فرمائين، خيال خودي جا سڀ گم ڪيائين
        کُليا باغ بهار، جام برهه جا ڀري پلايا.

 

 

 

 

[910] جوڳ

نشا پيتم نينهن نواب ڪَنئون

جنت ڇُٽ ڳئي ڏوه ثواب ڪَنُون

1.      ’ونحن اقرب‘ ٿي اثباتي، معلوم هو يا ڪُل صفاتي
        ڀر ڀر پيتم جام، لنگهه ڳيوسي خيال خراب ڪنون
2.      ’وَفي اَنفسُڪُم‘ سمجهه ڏنائون، هر جا هادي جي رمز ڏسيائون
        مرشد دا هي اِهيو ڪلام، ڇُٽ ڳيو سي غير حساب ڪنون
3.      خيال خودي دا گم هي سارا، وڳي محبت نينهن نقارا
        عشق ڪيتائِم سلام، بيخود ٿيوسي خودي دي خواب ڪنون
4.      مرشد سائين حڪم فرمايا، ”جان شاهه“ چمي اکئين سر چايا
        بره سويا هي مُدام، لڌم جام شراب ڪنون.

 

 

 

 

 

خاوند ڏنو

خاوند ڏني جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته خاوند ڏنو ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[911] *

محب ملڻ لئه آهيان مان ماندي
        هوتن سان وڃي ٿيان مان هيڪاندي
1.      سور سڄڻ جي ۾ سرتيون سِڪان ٿي
        پير پنهل ري پوءِ نه ٽِڪان ٿي
        ڪيچين ري منهنجو ڪهڙو ٿيندو ڪانڌو
2.      درد دلبر جو دل ۾ دکي ٿو
        ڏک ڏونگر جي کؤن ڏيل ڏکي ٿو
        وندر وڃي ٿينديس آن شل واندي
3.      ڪانڌ ڪميڻي سان شل اچي ملندو
        نيڻ ٻئي کڻي خوش اچي کِلندو
        برهه جنهن جي ڪئي آهيان پر باندي
4.      ”خاوند ڏني“ جو ساهه ٿو سنڀاري
        جلدي اچي مون جاني جياري
        پاڪ پسان اُها پنهل پيراندي.

 

 

 

 

سعدل شاهه

سعدل شاهه جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ ڪافي بياض ۾ شامل آهي، يعني ته سعدل شاهه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[912] روپ ڪلياڻ*

سودو رک يار سان سمجهي، ڀُلي نه تون بيهه بازر ۾

 

1.      اسان کي آسرو آهي، سيد من پار پهچائي
        وسيلو وچ جو آهي، ڇو ٿو ڳولين اُٿي ڀر ۾
2.      مٿي تي موت جو آهي، آخر بندا ايندو ڪاهي
        سي کان پار لنگهائي، محمد منهن ڏيکارڻ ۾
3.      ”سعدل شاهه“ سچ ڪري ڄاڻي، وڃي ٿي رَين وهاڻي
        زڪر مولا فڪر ناهي، پورو رهه يار جي ڀر ۾.

 

 

 

 

شاهه رڪن

شاهه رڪن جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته شاهه رڪن ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[913] *

اڄ ڪي عجيب مون وٽ ايندا ٺشال ايندا
                        آس اميد الله منجهه آهي
1.      ڪانگ ڪالهاڪون مٺڙي لات لنوين ٿو
        پرينءَ جي اچڻ جي ڳالهه ڪرين ٿو
        نال وٺي مئي کي نيندا شال نيندا
2.      سال لنگهي ويا سڪندي سڪندي
        پار پرينءَ جي چٺي لکندي لکندي
        آڻي دلاسو دل کي ڏيندا شال ڏيندا
3.      فال فجر جو ڏني آهي واڌائي
        اجھ ڪي مُئي جا ايندم جائي
        سُّور سنڌو ڪَيُون ويندا شال ويندا
4.      ”شاهه رڪن“ تي رب ٿيندو راضي
        آگهي آهي حضور ۾ انهي جي آزي
        کِليو کير اچي پئندا شال پئندا.

 

 

عيسو فقير

عسيٰ فقير جون ڪافيون 1880ع ۾ لکيل بياض ۾ پڻ ٻين آڳاٽن ڪافين جي بياضن ۾ شامل آهن ، يعني ته عيسو فقير ان وقت حال حيات هو يا گذاري ويو. مختلف بياضن ۾ سندس هيٺيون ڪافيون نظر مان گذريون.

[914] *

اسان جو ماڳڪ اُٺو دلجاءِ ڙي ميان، آهي ملڪ ماروُئن ڀِٽُون ڀِٽُون
1.      سُتي رات سانگيئڙا ساريان، ڳوڙها لال ڳلن تؤن ڳاڙيان
        صبوح ٿيم ته سنڀار، گهر نهاريان گهٽيون گهٽيون
2.      سَنجهه ساريان مان کُوه کڻي آئي، ڪرم لکئي کڻي قلم وهائي
        قلم وهائي ڪلتار، امر منجهايس متيون متيون
3.      هار هسيون تنهنجون ڳل ڪيئن پايان، جورا زيوروِ ههُ ڪري ڀايان
        لوئيءَ جي للهڪار، خوب وڻيون مون کي کٿيون کٿيون
4.      ”عيسو فقير“ چوي ساڳ سانگين جو، کاڄ کنڀيون آهي مرڪ مارن جو
        پٽ نه ڪن پنهوار، پُسيون، آڻي ڪن پتيون پتيون.

 

[915] *

لوٺي هِنَير ئي لڏ، ڇوري ڇڏ، سڀئي سانگو سر جو

 

1. ڀوري هن ڀنڀور ۾، اوتارو نا آڏ
        2. چڙهي ڏونگَر چوٽيين، سرواڻن کي سڏ
        3. اوٺين گڏ ”عيسو“ چوي، رهبر ٿي تُون رَڏ.

 

[916] *

من منهنجو آهي ماندو، کيانتل ڏي ڪا خبر خلاصي

1.      پلپل پار پڇان پرين جا، وصل بنا آهي واندو
        2.      فال فجر جي ڏني واڌائي، الله کڻي توکي آندو
        3.      هوت هيڻيءَ کي وير نه وساريو، آهي ساه منهنجي کي سياندو
        4.      شوق شفيع جو رک تون ”عيسيٰ“، حال چئج هيڪاندو.

 

 

محب علي

محب علي جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي. يعني ته محب علي ان وقت حال حيات هو، يا اڳ گذاري ويل هو.

[917] *

من ته گهڻو ماندو، تنهنجي مُکَ ويکڻ لئه ميان

1.      رانجهن توري مون ماندو آهيان من ۾
        سور ڏيئي وئين مون کي ننڍڙي جو سَن ۾
        ناهيان ورهه کؤن واندو ير واندو
2.      رانجهن توري منهنجو منڙو اُداسو
        پاڻ ڏيکاري پرين ڪري وئين پاسو
        يار وڃي ٿئين هيڪاندو هيڪاندو
3.      واحد واڳان تنهنجون وطن تي واريون
        اُجڙيو جايون اچي عاشقن اُجاريون
        موليٰ اوهان کي آندو ير آندو
4.      ”محب علي“ چوي منهنجو عرض اهو ئي
        داغ دل تئون سائين لاهج ڌوئي
        ڏي ڪو شفائون ڇاندو ير ڇاندو.

 

 

 

 

 

محڪم الدين

محڪم الدين جون هيٺيون ٻه ڪافيون 1880ع ۾ لکيل ڪافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، يعني ته محڪم الدين ان وقت حال حيات هو، يا اڳ گذاري ويو.

[918] *

چاڪ ڪتي آن دل چاڪ سهيان، ڪيا ڪرون ميرا وس نهين چلدا
        1.      چاڪ جيها نه ڪوئي عرش عجم وچ

ارض نه ڪوئي افلاڪ سهيان
        2.      چاڪ نهين ڪوئي نُور حقيقي

سِر پر چِيرا لولاڪ سهيان
        3.      سُّر مان جوڙ اکيان وچ پاوان

پاڪ دي پيراندي مئن خاڪ سهيان
        4.      ”محڪم الدين“ مُسلم هويا

هُڻ ڪِيُون ٿئي غمناڪ سهيان.

 

[919]

چاڪ ڪِتي آن دل چُور سهيان، ڪيا ڪرون ميرا وس نهين چلدا
1.      چاڪ نهين ڪوئي چور دليان دا، اَسا ڏي ليکي حق پاڪ سهيان
2.      چاڪ الستي برسر بازي، بيشڪ عسق املاڪ سهيان
3.      چاڪ هويا وچ باغ عرب دي، نام ثمر دا پاڪ سهيان
4.      ”محڪم الدين“ مصر ڪنون آيا، الست اواز افلاڪ سهيان.

 

 

محمد بخش

محمد بخش جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي. يعني ته محمد بخش ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاريائين.

[920]*

وه شان رسول اڪرم دا، ڪيا لِکِيسِي ڪانهه قلم دا

1.      وه شمس اندر قرآن هي، تيڏي شرح جمال دا شان هي
        وَليّل بيان عيان هي، تيڏي زلف سيہ خم خم دا
2.      جٿ تيرا براق سڏاوي، جبرائيل درود سناوي
        تيڏا شان ڪيوين ڪونه پاوي، ڪيا درڪ هووي قلزم دا
3.      تيرا قاب قوسين ٽڪاڻا، تون ته اَلهه دي من ڀاڻا
        رهي بيشڪ فخر تي ماڻ، اولاد حوا آدم دا
4.      تيڏي در ڪُل ڪَرن غلامي، تيڏي مَلڪ فَلڪ هن سلامي
        تيڏي عرش اتي ڌوم ڌامي، تون ته شاهين عرب عجم دا
5.      مئن ڪوڙي ڪوجهين عملين، بدڪار وڏي بدعملين
        بيواهي تي بي سَملين، ميڪون آسرا تيڏي دم دا
6.      هن حشر تيڏي سَر سِهري، سڀي اوسن تيڏي ديري
        ”محمد بخش“ کڙا در تيري، توڙي محض نهين ڪنهين ڪم دا.

 

 

 

 

 

موسيٰ

موسيٰ جون هيٺيون 2 ڪافيون 1880ع ۾ لکيل ڪافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، يعني ته موسيٰ ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[921] *

تنهنجي حسن ڪيو حيران ميان، ديوانو ڪيوَ دل مانجي

1. شمس قمر ناهي صورت ثاني، توڙي زمين آسمان ميان
2. ٻاڻ هڻي لک ٻانهان ڪڙائين، تون صاحب روپ سلطان ميان
3. نگاهن ساڻ وجهين ٿو نهوڙي، ڪجليون هڻن ٻئي ڪان ميان
4. ”موسيٰ“ مشتاق قربان ڪري ٿو،ساهه سِري قربان ميان.

 

[922]

توکي ٻهڳڻ ويهه ته ٻڌايان جاني، مان پنهنجو حال سڀو هڪواري
1.      ڪم نه اڄهي ڪار ڪائي، پرين تو لئه ٿي واجهايان جاني
                        لُٽي دلبر وئين دل ساري

نينهن نسوري ڪرئين نانگي، بره نشو ٿي ڀايان جاني
                        سدا خيال کي آهي ته خماري

3.      ڪيئن ڪيان مان وڃان ير ڪاڏي، آءُ نوري نه آهيان جاني
                        لڳي ’لا‘ سندي ڪا لاري

4.      حال ”موسيٰ“ جو معلوم توکي، ٻئي کي ڪيئن ٻڌايان جاني
                        لائي بره ڪيوءِ بيقراري.

 

 

 

 

سيد مهر شاهه

سيد مهر شاه هڪ روايت موجب شڪارپور طرف جو ويٺل هو، ۽ فقير غلام حيدر شر جو همعصر هو. سندس هڪ ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته مهر شاهه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو هو.

[923] *

دلبر جي ديدار لئه منهنجي دل ڦري ديواني پئي

1.      ڪونه واقف حال جو، ڪنهن کي چوان تو ري چئي
        جهڙي تهڙي يار اوهان جي در آهيان پورهيت پئي
2.      اکڙيون اوهان جي پار ڏي آهن اُٻاڻڪيون ٻئي
        راهون روز نهاريان، فالون وجهايان آءُ پئي
3.      محب جي ميلاپ ٻاجهون هڪ ساعت ڀايان پئي
        ٿئي ملافي يار مان سان مُنج دلاسو ڪو ڏيئي
4.      ”مهر شاهه“ جهڙي مسڪين سان اچي ٻول تون ٻهڳڻ ٻئي
        تنهنجي ملڻ سان عيد ٿي روز شب نت نت نئي.

 

 

 

 

 

[924] *

عمر ڪرين ڇو هَلان هيڻن تي، ماروئڙا مسڪين

منهنجا ٿِي سانگيڙا مسڪين

1.      کڻي آندءِ کوه مٿارؤن، ڪم چڱا ڪيئي ڪِين
        مُنج موٽائي هيءَ ماندي، ٻولي ٻولج ٻِي نه
2.      محل تنهنجا ماڙيون مون کي ڪَشِ لڳن ٿا ڪين
        پر ڪيو شل وينديس پنهوارين، ڪنديس لوئي ته لڄي نه
3.      هن دنيا جا ظلم زورا، ڪم ته ايندئي ڪين
        ڊجھجانءِ ڀؤ قهار جي کان، ڪجانءِ مير مقدِي نه
4.      ڪِين ٻُڌاسين ڪاٿهين ڪي شاهن ۾ شڪ ڀي نه
        ريءَ رضا وري مالڪ جي کان قلم ته وهندو ڪِين
5.      ”مهر شاه“ آکي مارن ٻاجهؤن، روح رهي ٿو ڪين
        الله ملائيندو مون کي مارو، ڪندو ڪانڏ ڪچي نه.

 

 

 

 

نبي بخش

نبي بخش (دايو؟) جي هڪ ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي، پڻ ان بعد آڳاٽو ڇپيل ڪافين جي ڪتابڙن ۾ سندس ڪافيون ڇپيل آهن. يعني ته نبي بخش ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو. هتي سندس 4 ڪافيون ٺشامل ڪجن ٿيون.

[925] *

ڪئڙو مست پرين تنهنجي ناز مانکي
                دل کي دام وجهي وئين دلدار مانکي
        1.      تون نيڻ کڻي تڪڙا هڻين
                لنگهي پيا پار پرين جا گاز مانکي
        2.      سرمون سينڌ ڪيو ڀلي وت خون پئي
                موهيو تن پرين جي سينگار مانکي
        3.      تون شوقي وتين، ويهي ڪين ڪَتين
                سرندو سوز اندر ۾ ساز مانکي
        4.      چوي ٿو ”نبي بخش“ ناهي ننڊ نيڻن
                جاڳايو تن پرين جي آواز مانکي.

 

 

 

[926] روپ نٺ ڪلياڻ*

عجائب عشق جي گهر ۾، لکين عارف ويا اڙجي
1.      جني کي نينهن جون نوڪان، لڳيون تن برهه جون چوڪان
        وَسائين تون تني جهوڪان، جيڪي فائق ويا ڦَڙجي
2.      جني پنهنجي جان اختياري، جهليائون لا سندي لاري
        اُهي سي مرد اعتباري، ويا اُحي گهاٽ ۾ گهڙجي
3.      آهيون گولن سندا گولا، ڀڳا سي غير جا ڀولا
        ڏٺا جن شوق جا شعلا، تني کؤن طوق ويا تڙجي
4.      ٻُڌو جن بِگل بيچوني، گوتي ۾ گم ٿيا گُونِي
        ڪرين جي سيَر باطوني، ”نبي بخشا“ وڃين وڙجي.

 

[927] آسا*

سانون هويان سَنڀالان، لايئي ني گهڻيري ڏينهڙي
1.      ڏٺياني عشق ديان چاڪان، وتان وچ ويڙهي دي واڪان
        اُو ٿيانِي آء اوطاقان، سونهڻيان هويان ني سالان
2.      ساڏي تن گهڻيري تاڻي، قسم هي مولا دِي ڄاڻي
        پُڇدي آن مئين مُلاڻي، پايا فراق مين فالان
3.      لڳيان نِي عشق چاٽان، نت نت پڇان مئن واٽان
        پوان قبول ته ڪاٽان، سِريان سميت والان
4.      تيڏي وڇوڙي تائيان، ڪرڪي وصال وائيان
        ڳالهيان تيڏيان مئن ڳائيان،. هويان ني قال قالان
5.      ”نبي بخش“ ڪيتا سائين، سهڄئون مئن سيڄ وڇائين
        آيا ماهي مئن تائين، ڪيتيا ڀَلي ني ڀَلايان.

[928] *

تنهنجي حسن سندو مون حساب ڪيو

تون عالم جو ڪتاب ميان
1.      ٻئي نرگس تنهنجا نين چوان

يا عربي وائيءَ ۾ ’عين‘ چوان
        ڏسي خال جو نقطو ’غين‘ چوان

عين‘ ’غين‘ سندو ڪيم حساب ميان
2.      تنهنجا ڏند موتي دلبند چوان

يا  گوهر شاهه پسند چوان
        لب لال مٺا گلقند چوان

گفتار منجهان ڪيم جواب ميان
3.      تنهنجا اَبرو تکي تلوار چوان

يا سيڱ سچي سَر آچار چوان
        يا ’نون‘ ٻئي نروار چوان

يا مسجد جو محراب چوان
4.      تنهنجا زلف سياهه ڪمند چوان

ڪين قيدين وارو هنڌ چوان
        ڪيئي ’يوسف‘ جهڙا بند چوان

آهي شمس سعاع مهتاب ميان
5.      ”نبي بخش“ سان جيڪو ميعاد ڪيوَ

سو ياد نه ڪيو برباد ڪَيوَ
        منهنجي ساري عمر افراد ڪَيوَ

ڏيکاري ديدار ڪيو ڪباب ميان.

 

 

 

نور محمد

نورمحمد جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ ٺشامل اهي، يعني ته نورمحمد ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

[929] *

ميم‘ جي چادر ڍَڪي ڍَڪي

احد منجهئون هادي احمد ٿي آيو

1.      ’ميم‘ جي چادر ڇاکؤن ڍڪيائين

لوڪ متان ٻيو لِڪي لِڪي
2.      ظاهر وارا ميان عبد چون ٿا

ميم شامل ڪيائون مَڪي مَڪي
3.      روز اول کؤن احمد جو هُئڙو

سيّد صمد هن هِڪي هِڪي
4.      ”نورمحمد“ ٿئي صدقو انهن تئون

ساه جني لئي سِڪي سِڪي.

 

 

 

هوندل

هوندل جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شال آهي، يعني ته هوندل ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[930] *

اهڙيون اکيون تنهنجون سانوريون، سرمي بنا هن بانوريون
1.      هر هر اچن حملو ڪيون، نيزا نسنگ آڻن کَيُون
        اهڙيون سڄڻ زوراوريون، خوني خنجر آڻن هنُيون
2.      عشق جون آهن دادليون، جُهڙ جان وسن سي بادليون
        نت گهور گهائين، نت هڻن، دستيون هڻن دل واريون
3.      مشتاق روشن ٿي ڪيا پيغام پنبڙين ۾ ڪيون
        لشڪر ڪري زوري لڙيون، خوني کڻن زوراوريون
4.      مهر ”هوندل“ تي ڪيو واهه واهه وريو بختاوريون
        منهنجي گناهن نا ڏسو اهڙيون سڄڻ جنگ آوريون.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اميد علي

اميد علي جي هيٺين ڪافي 20-صدي جي اوائل ۾ قلمبند ٿيل ڪافين جي هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي، يعني ته اميد علي ان وقت حال حيات هو، يا اڳ گذاري ويو.

[931] *

محب جاني سمجهه سياڻا، قلم لکيي سان ڪر تون نه ماڻا
1.      جوڳي ٿيندس ڳانا پائيندس

محبوب جي در تي ڏئي ڦيراڻا
2.      ڊوندي ٻيڙي پڳهه پراڻا

وطن اڳتي ٺيلهه مهاڻا
3.      ٿرن برن تي عاشق اُڃاڻا

تن کي پياريو پُّر پيالا پاڻا
4.      آکي اميد علي عشق اڳي هو

حيلو ٿيو هاڻي، سڀي ٿو سڃاڻا.

 

 

ضميمو؛ 1300 هجري تائين وڌيڪ مواد

 

[هن ڪتاب جي متن توڙي ڇپي پوري ٿيڻ بعد نئون مواد پئي دستياب ٿيو آهي، جنهن مان ڪن شاعرن بابت. جن مان ڪن جا نالا اڳ اچي چڪا آهن ۽ ڪي نوان آهن. تن جي سوانح يا ڪلام بابت وڌيڪ معلومات هت ضميمي طور ڏجن ٿا ته جيئنڪنهن حد تائين هن جلد ۾ شال مواد جي تڪميل ٿي سگهي.          -ن.ب]

 

 

 

روحل فقير زنگيجو ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

روحل

وڏو روحل فقير، ميان آدم شاه جو معتقد هو ۽ انهيءَ ڪري کيس ’روحل آدم شاهي‘ ڪري سڏيو ويو. ان کانپوءِ ٻيو روحل فقير جنهن جا بيت ۽ ڪلام مشهور آهن، سو ميان غلام شاهه جي خذمت ۾ هو ۽ انهيءَ ڪري ’روحل غلام شاهي‘ ڪري سڏيو ويو. سندس هيٺيون ٻه وڌيڪ ڪافيون اڳين قلمي ورقن مان دستياب ٿيون.

[932] روپ ڪلياڻ

نينهن لڳا من پياري دا

پياري ڪلنگي واري دا
1.      ٻنهان لوڪان نون موت ماريندا

عاشق قتل نظاري دا
2.      چاند کڙا ڪُل عالم ويکي

مئن ويکان رخ پياري دا
3.      هر دوجهان وچ خلق هو يا هي

هڪوئي گل هَزاري دا
4.      ”روحل“ رَين هجر دي ڪَٽ ڳَئِي

ڍونڍ لڌم گهر سُّواري دا (1)

 

[933] روپ ججونتي

ماهي وسدا دل دي نيڙي

گهول گهتان لک تهين تؤن کيڙي
1.      ساڏي ڀيت سُّهان جائين،

جٿان وَسدا رانجهن سائين
        نت ويکان وڃ سنجهه صباحين،

طعني ڏيندي ڏوکي ڀيڙي
2.      ماهي ميڏي ديان جهنگ وچ جهوڪان،

ڏردي (لنگهه) نه سگهان مين لوڪان
        عشق تيڏي ديان لڳڙيان نوڪان،

تجهه بن مول نه ڀاندي ويڙهي
3.      سيج اُتي چڙهه نوشہ آيا،

سَهج ڪنون چا انگ لڳايا
        جهندي آهِي سو شہ پايا،

لڳڙي محبت ڪونه نبيڙي
4.      دلبر دل دي کِڙڪي کولي

چوراسي لک سمجهي ٻولي
        روحل چنڊ پيا وچ جهولي

ڇوڙ جڳت دي جوٺي جهيڙي.

 

 

 

 

نظر علي

نظر علي، ڪنڊڙي وارن بزرگن جي سلسلي مان هو. اڳ (صفحي 54 تي) سندس هڪ ڪلام آيل آهي.

[934] *

ويسل وَٽا ڪي آيا جوڳي بَن ۾ جوڳي

روا نه ڄاڻي ڪوئي جوڳي هي ڪِي ڀوڳي

1.      مُرلي وڄا مست ڪيس، موه ليس مئن نون
        ڳالهه سڻايس ڳجهڙي، ڪَر سڻايان ڪنهن نون
        قرب سڃاتس اپنا، ڦِردي وتيس پِي ڦوڳي
2.      چِيرا ٻَنڌ تي ڪلنگي ڀڳوي ڪرڪي آيا
        بِين بجا ڪي بيشڪ پيچ پِرت جنهن پايا
        ساه سِري سِرُ صدقي، مئن ته اصل هَسّ روڳي
3.      چاڪ ٻَٻاڻان دل ڪُّون، چاڪ ڪيتا وي سيالين
        نِنڌر نوازيش آڪي، مگر اندر ديان ڳالهين
        دَمَ اَجائي گذري، مِلڻ بنا هَسِ موڳي
4.      مئن ته ”نظر علي“ ٿيان، مِلڪ ماهي دي ساري
        نينهن نَنڍا ڪُر لڳڙا، بِره جَهين دا باري
        مئن تان مول نڀايون، ٻَن کُهه کيڙا روڳي

 

در محمد

درمحمد زنگيجو پٽ خداداد پٽ خدابخش سائين پٽ روحل فقير وڏو شاعر هو، سندس وڌيڪ هٿ آيل ٻه ڪافيون هيٺ شامل ڪجن ٿيون.

[935] روپ تلنگ*

پَهري پوش ادم جو آئين،

تنهنجي حسن ڪيو آه حيران، وو ماهي يارا
1.      عرب عجم سڀ حڪم تنهنجي، ۾ توڙي زمين آسمان
2.      چقمق چشمان چُست چلايوَ، تنهنجي نيڻن جا پيڪان
3.      يڪدم زير زُنّار جي آندوَ، زاهد شيخ صُنعان
4.      ”درمحمد“ جي درد جو دلبر، دليئون ڪيو درمان.

 

[936]

ڏاڍيان برهين باهيان ٻاليان، رمزين واليان

مئن ته شَرم حياوَ ڪَنُون ڳَيان وي

1.      ديد ماهي دي شهيد جو ڪيتا

دورئون مار دو ناليان، رمزين واليان

مئن ته تاب حُسن دي تَيان وي
2.      چاڪ ساڏي دل چاڪ جو ڪيتي

چشمان ديان رک چاليان، رمزين واليان

ڏاڍي ناز نينان دي نّيان وي
3.      لاڪون روز ازل دي سَيان

نال ماهي دي ميڏيان ڳالهيان، رمزين واليان

مئن ته پرت پڌر وچ پَيان وي
4.      ”درمحمد“ چوي نال دلبر دي

پِرت ڳالهيان سڀ پاليان، رمزين واليان

مئن ته مِلڪ ماهي دي ٿيان وي

 

[937] روپ ڪلياڻ*

رُلي نون رمز رانول دي،  ازل دي هي نه اڄڪلهه دي
1.      ڏيوان ڪهنون درد دانهين، وڃان ڪهڙي طرف ڪاهين
        توڙي ڀڙڪن بره باهِين، وائي ول وات نا ولدي
2.      بره برسر ٿي باراني، لڳي هنئڙي سو حيراني
        نه ٿيوي پرت پراڻي، دُکي پئي پيڙ پلپل دي
3.      ڪانگل ڳل پاءِ ڳچي ڳاري، ڪرين سجده تي سؤ واري
        خبر لَههُ يار هڪواري، بره شمشير گهائل دي
4.      هي ابرو پاڪ پيشاني، مثال سيف ايراني
        ڪرين جنهن دم حڪمراني، آئي تقدير نا ٽلدي
5.      چايس جب نين خماري، ڇٽي پئي ڪام بيڪاري
        وو گيسو بات بس باري، نهين آسان سلسل دي
6.      سگهي دلبر درد دانهين، تون ”درمحمد“ ديان دل لائين
        شرابي شوق پِلواوين، ٿيوي حل ڪُل مشڪل دي.

 

 

 

 

پير صاحب علي گوهر شاهه ”اصغر“ جي سلسلي جا وڌيڪ شاعر

 

 

 

گهرام فقير جتوئي

گهرام فقير جتوئي ولد بخش علي ’ڳوٺ ڇُٽي جي ٿرڙي‘ (ضلعو لارڪاڻو) ۾ ڄائو، سندس مزار وڳڻن جي ويجهو ڳوٺ ’هاشم جي ٿرڙي‘ ۾ آهي. مير صاحب محمد حسين علي خان جي گڏ ڪرايل قافين جي مجموعي ۾ جيڪو سنه 1291هه ۾ لکيو ويو، گهرام فقير جون 30 قافيون چونڊي لکيل آهن.

ان مان ظاهر آهي ته فقير 1291هه ڌاري يا ان کان اڳ ٿي گذريو. ‘حال‘ توڙي ‘قال‘ جي لحاظ سان سندس ڪلام موثر ۽ معياري آهن.

[938] بروه

بي سمجهن ڪل عشق جي نَهي (1)

پنڌ تنين سان شال نه پوي
1.      جنهن کي پرين جي نينهن نهوڙيو

اندرئون اندر سوئي رُوي
2.      هٿئون جيبن ڪنڌ ڪپائن

نينهن ڌارئون اها نانہ توي (2)

گوشي ”گهرام“ کي مليو دلبر

ڏيو مبارڪ تر اوي (3).

[939]

پرين ڪر لهندم ڪائي

1.      ياقي ٿيڙين يار تون، تنهنجا پنڌ پڇائي
                        هي جوڳڻ ٿيندي جائي

2.      واء اوهان جي وطن جي، سا مون ساه سهائي
                        جا هير اوهان ڏنهن آئي

3.      پکا پکن سامهان، اوڏا سي يار اڏائي
                        اچي ساجن ويهه سدائي

4.      گڏ ”گهرام“ سان يار پيارا، جانب توکي جڳائي
                        ڏاڍي لنؤ تو سانول لائي.

[940]

منهنجي يار گهڻا ڏينهن لايا

منهنجڙي يار وڃي ڏينهن لايا

1.      واٽون سڄڻ جون ويٺي نهاريان، روئان زارو زار
2.      جهليان پليان ٿي ڪين رهن ٿا، نيڻن سندا نار
3.      پنهنجي پرين جهڙوڪو نه ڏسان ٿي، توڙي مڙن لک هزار
4.      مَٽُ محبوبن ڪونه ڪريان ٿي، ويهين ڀاڱيوار
5.      غرض ”گهرام“ کي يار سڄڻ جي، ديس اچن دلدار.

 

[941] بروه

دلين دا عجب ڏٺوسي، ڏاڍا ڪو جادوگر وي

1.      جلوه حسن دا ڏيک ڪرا هُڻ ڳيو سي وطن وسري وي
2.      اسان تساڏي هوءِ رهيا سي، نيڻان دي نوڪر وي
3.      ڪيس ڪاريهر رخ تي ڇٽڪي، ڏيل ڳيوسي ڏر وي
4.      غرض ”گهرام“ ڪونه يار ملڻ دي، دوست دلاسي ڪر وي.

 

[942]

ڇو آئين ڇوڙي ادا ڇندن، گهر چمار جي

نت اڌيڙيون ني اڏيندءِ گڏ گڏئين گينوار جي

1.      وڻ وڍائين پاڻ کي تون واسطي واپار جي
                قرب ڪما حقؤن ٿيندءِ آ در مٿئون عطار جي
        2.      هتئون وڃين جي اوڏهين ويڙهي دڪان ۾ يار جي
                سَر کنڊ ڪَيُون وجهن سِر ۾، تو سان ورهائن وار جي
        3.      خاصن کؤ خاصن هڻي دستين لڳي دوستدار جي
                مَليُون مَليندءِ پاڻ کي ساجن لئي سينگار جي
        4.      اِنهين غرض کؤن ”گهرام“ ني توئُون ون ڦري ڦٽڪار جي
                زلف جي ضرور لئي آءُ تون آري اوزار جي.

 

 

 

غلام شاهه راشدي

 

سيد غلام شاهه ولد علي ذوالفقار شاه، پير صاحب پاڳارن جي خاندان مان هو. سن 1259هه ڌاري ڄائو. سندس ننڍپڻ پير حزب الله شاهه جي صحبت ۾ گذريو. پر پوءِ پنهنجو وطن ڇڏي، بدين تعلقي جي گولاڙچي نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اتيئي 3-ذوالحج 1319هه/1901ع تي ڪيائين.

[943]

عمر اباڻا، ڏوٿي ڏاڏاڻا، وسئون آءُ نه وسارينداياس

1.      مينڍن ۾ ميان عمر، مَر پيو چِيڙههُ چِڪي
        ساهه سنگهارن کي ساريو روز سِڪي
        ڳوٺاڻين کي ڳُتون، ڌُر ته ڌئاريندياس
2.      باغ باغيچا بنگلا، عمر اُچيون ماڙيون
        ڪيئن وهان ڪوٽن ۾، واه تنهنجون واڙيون
        جهانگيئڙن جا جهوپا، ڪين ڪُواريندياس
3.      هينئڙي جن سان هيرون، سي منهنجا ٿر ٿيا
        محلاتن ۾ مُٺيءَ کي جن ري پهر پيا
        اُن ريءَ ”غلام شاهه“ چوي، گهڙي نه گهاريندياس.

 

[944]*

اچي منهنجو داد ڪر دلبر، تنهنجي مان فراق ڪئي ماندي

1.      ڏکن تنهنجن ڪِيڙَو ڏکيو، توريءَ ناهي سرڙو سُکيو
        دونهڙو اچي دل ۾ دکيو، سورن کان ناهه ويساندي
2.      دم دم ڪريان ٿي دانهون، آءُ ٻڌي تون منهنجون آهون
        ڪڏهن ايندين تون ايڏانهون، آءُ ته ٿيان مانَ هيڪاندي
3.      مُنجان هوند يار پروانا، لکي درد سندا داستانا
        ٻُڌي هوند ٿئين مستانا، لکان جيڪر خط هجان مان خواندي
4.      ”غلام شاهه“ سان تون رک ياري، ملڻ وچؤن نه وجهه گهاري
        تولئه مان سيج سينگاري، آءُ ته ڏيانءِ ٻانهن سيراندي

 

[945]

منهنجا وَهيان ڪانگل پنهل ڪڏهن ايندو

ڪڏهن ايندو گولڙي گڏيندو
1.      عشق ڍولڻ جي ڪئي هُيڙي هولي

پنهنجي پنهل جي ڳوٺن ۾ ڳولي
        مان کي سڄڻ جي لنؤن لنؤن ۾ لولي

ڇپر مُئي کي مان ڪئن ڇڏيندو
2.      عشق ڍولڻ جي ڪيڙو اُداسي

سڪ سانول يار جي ڪيڙم سناسي
        ورهه جنهن جي هئي دلڙي ورسي

پکڙا پورهيت جي اڱڻ اَڏيندو
3.      عشق ڍولڻ جي ڪئي آهيان ماندي

ملندم سانول ير ٿينديس هيڪاندي
        پڌڙا پرين جا پڇايان ٿي پانڌي

پورهيت پنهنجي کي نال وٺي ويندو
4.      آکي ”غلام شاهه“ گولن جي گولي

ٻانهپ اصل کؤن ٻنڌڻن جي ٻولي
        رمز جنهن جي هي دلڙي رولي

ڏکڙا ڏکيءَ جا ميان لالڻ لاهيندو.

 

 

 

 

علي شاهه

غالباً علي شاهه راشدي هو. پير صاحب پاڳاري شاهمردان شاهه (ڪوٽ ڌڻي) جو مريد هو. سندس 8 ڪلام نظر مان گذريا.

[946] روپ کنڀات*

هردم پنجتن پاڪ، چارئي يار چست چوڌاري

1.      صابر صديق جهڙو هر ڪو ناهي، ٺاهه دلين جا توڙي ڪو ٺاهي
        خوب رليو منجهه خاڪ، پرت پنهل جي ڪيائين نِثاري
2.      احسان عمر تي ڪيائين ايڏو، جوڙ تهين جو ٻيو ناهين جيڏو
        تاڙيون لاهي طاق، بديون بخشائي ڪيائين بهاري
3.      اصلي عثمان کي ڪيائين اعليٰ، بخت تهين جو بيحد  بالا
        چُور رهيو ڏنہ چاڪ، ساجن ڏنڙيس تڏهن سرداري
4.      مدد موليٰ علي مڙني آهي، سينو سڄڻ سان ڪهڙو ساهي
        مينهن وسي جيئن ماڪ، اُتم علي شاهه ٿيو  اَنواري.

 

[947] روپ ڪانرو

سانگي سُّرن سما، ڪَرن طبلا تڪ تڪ تا

ڪڃري ڪجل سين چَلتي هي، ميسي مساڳ ڀي مَلتي هي
                        اور جهومڪ جهمڪ جهمڪ جها

گَهگهرا گُلان ڪا بيشڪ گهاوي، بنسر بين بڙا بجاوي
                        اور ڇيريان ڇم ڇم ڇا

اُستاد ڪي آگي ادب سين آوي، منصب اپنا سرا مَناوي
                        اور ٽليان ٽَن ٽَن ٽا

ايسي علي شاهه هردم هوتي، گاوي سُناوي ماڻڪ موتي
                        اور نخري نٽ نٽ نا

 

محمد ذاڪر اڄڻ ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

محمد ذاڪر اڄڻ

محمد ذاڪر، چنيهه فقير اُڄڻ ](1131-1197هه) جو پٽ هو ۽ سچل جو همعصر هو. جيئن ته هو آڳاٽو شاعر آهي انهيءَ ڪري سندس ڪي وڌيڪ ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

[948]*

منهنجي من جو معلوم لا، هوتن کي سڀ حال

1.      سدا دؤر تان دولت جــو،  قيل نه گهرجي ٻي قال
2.      دلبر دائم دل سان ميان،  شامل هُوَنم شال
3.      اڳيان عجيبن جي ڀَلو، آکڻ ڇا احوال
4.      سگها ايندا ڪي سپرين، ڦولي ڏسج فال
5.      ”ذاڪر“ سدا ذوق تو، ڪرين ڀلايون ڀال.

 

[949]

ڀلا ڪر تون ڀال، هوت ملائي هڪ وارا

اها اميد اسان کي

1.      بنا دؤر تان دولت جي، ’قِيل‘ نه مان کي قال
2.      آسروند جو مان آهيان، شائق ملندين شال
3.      ڪڏهن ايندم ڪَهه قريب سي، ڦولي ڏس تون فال
4.      عشق اوهان جي ”اڄڻ“ کي، ههڙا ڪيا هت حال.

[950]

مُّلهه خريد مان آهيان، جاءِ جتن جي جيڏيون

1. ٽَڪر ٽُرنديس وي راهي رهنديس وو ميان
                        ڀُري وڃن توڙي ڀيڏيون
        2. پانڌ نه ڇڏينديس وي پِر جو وو ميان
                        لاهوتين ڪيون توڙي هيڏيون
        3. ساٿ سڌاڻي وي ڪين ڪڇيائون وو ميان
                        ڪاريون ڪرهل ڪيون ڪيڏيون
        4. ذوق ”ذاڪر“ کي وي اوهان جو وو ميان
                        بديون بخشيندين ميڏيُون.

 

[951]

مانَ پرين ڪن پوئواري، محبت محبن جي ماري
1.      درس دلاسن دوست ورن، ٺيڪ اسان دل ٺاري
2.      ڪهه ڪانگا اچي ڪول قريبن، سُڌ ڏجائين ساري
3.      ڪچن ڪوڙن جا ٿرن ٿڪن جا، بار کڻندا ڪي باري
4.      ”اڄڻ“ جي تون اچي الله لڳ، ”ذاڪر“ جي سڻ زاري.

 

[952]

تون سوڍل مڃ صلاح، آءُ راڻا رب لڳ راڄ مان

اڱڻ آسائتن جي ميان، آءُ ڪرهل ڪاري ڪاهه
2.      سهسين ڀيرا مان سِڪي، تنهنجا روز نهاريان راهه
3.      قرار نه اچي ڪاڪ ۾ ميان، هڪ ساعت توريءَ ساهه
4.      ڪانه سُجهي ٻي ڪاٿهين، ورنهَه توريءَ واهه
5.      اڱڻ ”ذاڪر“ جي ذوق مان، آءُ تون لڳ الله.

[953]

ساهه سدا توکي ساري، آءُ اسان اوتاري

ويهه نه مان کي وساري

1.      ڪامڻ اچي وو ڪئي ڪوهن ۾، ڪم قضا اهڙو ڪاري
2.      من جهين جي مچ محبت جو، سرهي گهڙي سا سياري
3.      اها گهڙندي وو رات جو، محبت جنهن کي ماري
4.      نيندو نباهي نال نماڻن، سگهه ڏني صحي ساري
5.      ”اڄڻ“ تنهنجي آسري، سا سام نيو سا ساري
6.      ”ذاڪر“ سدا ذوق اوهان جو، ڏاتر تنهن کي ڏيکاري.

 

[954]

اچي راڻا رهه هڪ رات، ڪرم ڪري ڪو ڪاڪ تي

1.      تحفا تو لڳ مان تيار ڪيا، بِرهين ڀاتئون ڀات
2.      اٺئي پهر اندر ۾ ميان، مان کي طلب تنهنجي تات
3.      مُور نه مان کان وسري، اٿم وائي تنهنجي وات
4.      ”ذاڪر“ ذڪر اوهان جو ڪري، چاهئون چپ چپات.

 

[955]

بخت ورايس بازي، آيس هوت حجازي

1.      آئي انهيءَ جي سختن سِڌايو، ڪوڙي ٿين ڪارسازي
2.      نظر نُور ئي جي مرضي مئي دل، تهدل ڪئي آ تازي
3.      پيش پرينءَ جي طرحين طرحين، آءُ تان ڪندس آزي
4.      اڱڻ آسائتن جي اچي، صاحب ڪئي سرفرازي
5.      ذڪر ”ذاڪر“ کي اصل اوهان جو، هادي ڪئي همرازي.

 

 

 

 

 

رازق ڏنو فقير

رازق ڏنو فقير، ويٺل ”سيٺارجا هيٺيان“ ضلعو خيرپور، پير صاحب پاڳارن جو مريد هو. پير صالح شاهه راڻيپور وارو سندس گهڻو خيال ڪندو هو. 1927ع ڌاري وفات ڪيائين. فقير موقعي جا بيت چيا ۽ ڪلام جوڙيا، جن مان هڪ مولود جي معنيٰ وارو هيٺيون ڪلام جيڪو البت اسان کي ناقص صورت ۾ مليو.

[956]

رات ڏٺم رخ روشن، چنڊ چوڏهين جو ماه منور
1.      ڪهڙي ڪريان مان صفت ثنا

کان قابَ قَوسَين آو آدنيٰ

صورت پڙهي ڏس تون ”اِنّا اَعطينا کالکوثر
2.      ......................................................

......................................................

......................................................

3.      ”رازق ڏنا“ رب جو رايو

اول ڪلمو پوءِ ڄايو (1)

ڪُل کؤن اڳي هو پوءِ آيو، ٿيو ڪُل نبين جو افسر.

 

 

 

صوفي محمد صديق ”صادق“ ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

 

صوفي بايزيد

فقير بايزيد صوفي، صديق فقير، .صادق“ جو وڏو پٽ هو. سندس ٻه وڌيڪ هٿ آيل ڪلام شامل ڪجن ٿا.

[957]*

لئون لائي ويا، ڀوري ماءُ

جيجان منهنجي جيءَ ۾
1.      رويو رويو رت ڦڙا، وسيون واهڙ وهايان ٿي
2.      سبق سورن سندو، پڙهيو ويٺي پڙهايان ٿي
3.      پلؤ پرت جو پنهل اڳيان، ڳچيءَ ڳل پايان ٿي
4.      ”بايزيد“ برهه ۾ بيهي، سِرڙو گهوري گهمايان ٿي.

 

 

 

 

صوفي شهاب الدين

صوفي شهاب الدين، صوفي محمد صديق ”صادق جو چوٿون نمبر فرزند هو. سنه 1244هه/1828ع ۾ ڄائو ۽ 1308هه/1891ع ۾ وفات ڪيائين.صوفي صادق فقير جي مقام لڳ (ڍورو نارو) ۾ مدفون آهي. شاعري ۽ درويشي کيس پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي. سندس 4 ڪافيون هيٺ شامل ڪجن ٿيون.

[959]

درد بنان آهي ڪوڙي بات

ذات نه ڄاڻان ڪير آءُ آهيان

1.      پاڙي اسان جي پهاڄيون،کَر به اسان سان ڇات
        2.      اوکي ويل اسان سان مرشد، هجي هميشه ساٿ
        3.      هادي ويل هلڻ جي مون کان، ڪلمون چوائين وات
        4.      ”شهاب الدين“ ڪرين سو ڪري وٺ، ڦٽن تي آ پرڀات.

 

[960]

ٻيو نه رکج مال، رکج نالو دل ۾ هردم

1.      تڙي ڪڍج دل منجهان تون، هو جو خام خيال
        2.      هيڪڙائيءَ کي هڪ ڪري، دوئيءَ جو ڪڍ ’دال
        3.      ويهه پاڙي پرينءَ جي، تان رچي ٿئين لال
        4.      ”شهاب الدين“ تي مرشد ڪندو، ڀلو سونهارو ڀال.
[961]

صدقي صدقي جاني، آهيان اصل کان تنهنجي گولي

1.      اصلئون ڏنڙي ماءُ مون کي هئي، درد پريان جي لولي
2.      گلا غيبت جي لوڪ جي آڏو، جهلي آهي مون جهولي
3.      ناتي پنهل جي سسئي ويچاري، رندن ۾ هئي رولي
4.      ”شهاب الدين“ کي مرشد سائين، مِ؟ي تنهنجي ٻولي.

[962]

مومل سان ماڻا، يار راڻا، ڪرمَ رسڻ جا

1.      ڪرهو ڪاهي ڪاڪ تي، پرين ڪرمَ پڇاڻا
        2.      توريءَ مير مينڌرا، وِه ٿيا هي وهاڻا
        3.      ڌريان ئي ڌوڙ ڀرجي، ٿيئڙا پلنگ پراڻا
        4.      ”شهاب الدين“ چئي توريءَ اڱڻ جا، راڻا ڪنول ڪوماڻا.

 

  

 

 

 

سَرهو فقير *

سرهو فقير، صوفي صديق فقير ”صادق“ جو همعصر هو. ڳوٺ غلام نبي شاهه جو ويٺل هو ۽ حجامڪي ڪرت ڪندو هو. پرهيزگار شخص هو. هڪ دفعي صوفي صديق فقير صادق جو ڳوٺ غلام نبي شاهه ۾ وڃڻ ٿيو. سندن سنوارت لاءِ سرهي فقير کي سڏايو ويو. چون ٿا ته صديق فقير، سرهي تي نظر پوڻ سان پرکي ويو ۽ چيائين ته :

سرها، ڇڏ ڀاني ته مليئي ماني

سرهي فقير تي انهن لفظن ايڏو ته اثر ڪيو جو ڀاني ڇڏي اچي صوفي صديق فقير جو طالب ٿيو. ان بعد سندس باقي حياتي جهوڪ شريف ۾ گذري ۽ وفات به اتيئي ڪيائين. سندس مدفن ماتلي لڳ مڱرين جي مقام ۾ آهي، جيڪوپ سرهي فقير جو مقام سڏجي ٿو. سندس هيٺيون 2 ڪافيون نظر مان گذريون.

[963]

آءُ قربان ٿيان تن تان، مهر ڪري جي مون وٽ آيا

تن طنبورو ڪري اڳيان ان جي، مان واڄٽ سڀ وڄايان
2.      ڪاجھ سڀيئي سريا سرتيون، ٿيڙا لايا سجايا
3.      اڳيان آري ڄام جي، مون پٿر وار وڇايا
4.      ”سرهو“ چوي ڙي سرتيون، پرين ڀال ڀلايا.

 

[964]

ميڏي مارڻ خاطر ماهي، اِلاالله دي فوج چڙهائي
        1.      مر مرڻ ڪنون طالبن اڳي، تان هئي راهه کڙائي
        2.      نڪا نفسي نڪو نانءُ، نڪا هئي لوڇ لڙائي
        3.      سِٽ سُولان دي ”سرهي“ ڪونه، صادق علي پڙهائي.

 


* [901] کان ]910] خوشيرام فقير ”سودائي“ جي 1297هه/1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.

* خوشيرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.

* خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* خوشيرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.

* ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ 1911ع ڌاري لکيل ڪافين جي هڪ بياض تان ورتل.

* سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.

* خوشيرام سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [918] ۽ [919] خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [920] خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [921] ۽ [922] خوشيرام فقير سودائي جي بياض تان ورتل.

* [923] خوشيرام فقير سوداڻي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [924] تعلقي شڪارپور مان شيرمحمد چغدي کان مليل.

* [925] خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [926] ”ڪافين جو ڪتاب“ ڇپايل پوڪرداس شڪارپور، 1906ع

* [927] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [928] تعلقي روهڙي مان عبدالرزاق کان مليل.

* [929] خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* [930] خوشيرام فقير سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.

* ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.

(1) سواري دا = سوجهري جو، روشني جو.

* [934] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 1920ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.

* [935] ۽ ]936] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 1920ع ڌاري لکيل قلمي بياض تان ورتل.

* [937] خوشيرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.

(1) (1) ناهي = ناهي (2) توي = توهان کي (3) آوي = اوهان کي.

* [944] ۽ [945] خوشيرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.

* [946] ۽ [947] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.

* [948] وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ص 155

(1) حضرت آدم عليہ سلام

* [957] ۽ [958] ”وڻجارن وايون“، عبدالڪريمپلي، اداره نواءِ ادب، 1961ع تان ورتل. وڌيڪ تفصيل لاءِ تفصيل الءِ ڏسو ص 186.

*وڻجارن وايون“، مرتب عبدالڪريم پلي، 1961ع تان ورتل.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org