سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :4

پهاڪن جي پاڙ

عبدالڪريم سنديلو

(ڀ)

 

35_  ڀاڙين مٿان ڀِت، ڪانون ڪيرائي:

                هڪڙو شخص زال سوڌو، ڪنهن دوست جي شادي خانه آبادي تي پئي ويو ته، واٽ تي ٻه شاهينگ مليس، جن سندس زال ۾ بڇڙي نگاهه وڌي ۽ ڦِري آيس. ويچارو اڪيلو ڇا ڪري! آخر انهن ماڻهن کي چيائين ته، ”اڳيان هُو کوهه ڏسجي ٿو، اتي هلو ته ٽپَهَري نماز پڙهي، پوءِ گهر واريءَ کان موڪلايان.“

                کوهه جي ڀرسان ڪن ايامن جي پراڻي ڀِتِ بيٺل هئي، جنهن جي ڀرسان هِي ٻه رهزن ويهي رهيا. پوءِ هو ويچارو، وضو ساري، نماز جو فرض ادا ڪرڻ لڳو. سندس گهر واري، ڀرسان ويهي رهي. جڏهن هُو، پوئين سجدي ۾ آيو ته، ايڏو محو ۽ مُستَغرق ٿي ويو، جو سجدي ۾ ئي پيو رهيو.

                هوڏانهن سج لهڻ تي هو ۽ ڪانوَن کوهه تي اچي، ڪانگيرو شروع ڪيو. ڪي وڻن تي پيا ويهن ته ڪي ڀت تي! ڀِت تان، ڪانوَ هر اُڏامن ۽ هر ويهن. هڪ دفعي، جڏهن ڪانوَ ڀِت تان جهِمَ کائي اُٿيا، ته ڀِت لوڏو کاڌو ۽ ڌُو وڃي رهزنن جي مٿان ڪيائين. ٻئي هيٺان ۽ ڀِت مٿان!

                مائيءَ، گهر واري کي چيو ته، ”ميان، اُٿ اُٿ، جوڀارين جي مٿان ڪانون ڀِت ڪيرائي وڌي آهي“ پر هو سجدي ۾ ئي پيو رهيو. آخر گهر واريءَ جي زور ڀرڻ اُٿيو ۽ ڀاڙين مٿان ڀِت ڪِريل ڏسي، بارگاههِ الاهي ۾، دست بدعا ٿيو.

                مطلب: بڇڙي ماڻهوءَ کي، پنهنجي بڇڙي نيت جي سزا، اَوسَ ملندي آهي.

36_  ڀاءُ، آهي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن ته ڪڍي ساهه:

                جهڙو نفعو، ڀاءُ کان ٿيندو، تهڙو ٻئي کان هرگز نه ٿي سگهندو. پر جي ڀاءُ ڦِري دشمن ٿئي ته اُن جهڙو نقصان ٻيو پهچائي نه سگهندو.

                        حضرت آدم عليه السلام جي ٻن پٽن هابِيل ۽ قابيل جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. قابيل، شيطان جي برغلائڻ تي، هابيل کي مٿي وارو اهڙو ڏنڊو ٺوڪيو جو هو مري ويو! اُن جي فوت ٿيڻ ڪري، قابيل ڊپ کان ڪيترو سارو زمانو جهنگلن جبلن ۾ ڀٽڪندو رهيو. آخر يمن جي ملڪ ۾ پهچي، خدا جي نافرماني ۽ ڪفر اختيار ڪيائين.

                دنيا ۾ اهو پهريون ئي ڀيرو هو، جو ڀاءُ، ڀاءُ کي ماريو. انهيءَ وقت کان پهاڪو مشهور ٿيو.

 

37_  ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونهن،

ويٺا ڪن وِروهن، ڏُڄڻ، ڏورائين ڏري.

ڪنهن غريب کي، اهڙو ته ڀاڳ لڳو، جو جنهن شيءِ ۾ هٿ وجهي، تنهن ۾ برڪت! کيس، ٽي ڀائر هئا، جي پڻ لُڏي لَٽڪِي لائق ٿيا ۽ سڀ ڪمائڻ کي لڳي ويا. هن کي چار پٽ به هئا، جي ا‎ڄ ننڍا سڀان وڏا جي مثال، جوان ٿي پيا. مطلب ته غريب جو ويڙهو ئي پنهنجو! جڏهن ڀائر، پاڻ ۾ رهاڻ ڪندا هئا، تڏهن مخالفن جي ڇاتي ڇڄي پوندي هئي. وري جڏهن پٽ به، ڪُنرِو ڪري اچي آڏو ويهندا هئس، تڏهن ته دشمنن کي، اُتان سينو ساهي لنگهي سگهڻ جي مجال ئي نه ٿيندي هئي

انهن جي ايڪي  ۽ الفت کي ڏسي، ڪنهن سالڪ ائين چيو:

”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ، گهَر جي سونهن،

ويٺا ڪن ورونهن، ڏُڄڻ، ڏورائين ڏري.“

مرحوم رئيس فتح خان اها چوڻي وري هيئن ٻڌائي:

”ڀائر ڪوٽ ڪونگرا، پُٽ گهَرن جي سونهن،

 ويٺا  ڌيون، ڌرم پاليون، جي اَبي _ اَما وِرُونهن،[1]  سجھن ساٿوري ٿيا، ڪُونڌن سندي ڪُونهن ، [2]

ڏُڄڻ ۽ ڏُونهن، پريان ئي پوءِ پيا.“ [3]

 

38_  ڀَرِي  ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳور و

غريب جو واهي الله.

اڳي، درياهه تي گهڻو ڪري پُليون ڪونه هونديون هيون، جنهنڪري واپار ۽ ماڻهن جي اچ وڃ، ٻيڙين تي ٿيندي هئي. هينئر به درياهه تي اهڙا ڪيترائي پَتَڻ آهن، جن تان ٻيڙون اچن وڃن ٿيون.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ٻيڙي، اڃا ڪناري کان ٿورو اڳڀرو هلي ته ٻيڙي ٻڏڻ جو انديشو نظر آيو. ناکئي چيو ته، ”ڪجهه ماڻهو لهن، ورنه ٻيڙي درياهه داخل ٿيندي.“ هر ڪنهن ائين پئي چيو ته: ”مان نه لهان!“ ڀلا، لهي سو لهي ڪير! آخر انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿيا ته سڀ ماڻهو صف ٻڌي بيهن، جنهن جو به ”نائون“ نمبر اچي، سو ٻيڙيءَ مان لهي، ڳڻپ شروع ٿي. اول ئي اول نائون نمبر خير سان هڪڙو واڻيو آيو. ٻيو نائون نمبر به واڻيو آيو. ٽيون لڱا نائون نمبر به واڻيو آيو.

مطلب ته ائين ڪرڻ سان پنجويهه ماڻهو لهي بيٺا، جي سڀ ئي واڻيا هئا. واڻين جي اهڙيءَ رحم جوڳيءَ حالت کي ڏسي، جنهن ائين چيو.

39_  ڀَڳي سان ئي ڀِير، جيسين رَتو راس ٿئي:

ٿوري گهڻي يا سادي سودي چيز سان ڪم کي هلائڻ کپي.

اڳي چرخي يا ائٽ جو رواج گهڻو هوندو هو، شاهوڪار زالن جا ائٽ رنگين، سهڻا ۽ قيمتي هوندا هئا.

هڪڙي عورت جو ائٽ ڀڄي پيو. هاڻي ويچاري سُٽ ڪيئن ڪَتي! ڪنهن ڏاهيءَ کي ائٽ ڏيکاريائين، پر هن چيس ته، ”ڪنهن ڪاريگر کي ڏيکار.“ هاڻي ويچاري ڇا ڪري! ويهڻ به نه پيو اچيس، ڇاڪاڻ ته زالن جي وندر ئي گهر جو ڪم ڪار آهي. پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيائين ته: ”ادي، ٻن چئن ڏينهن لاءِ، چرخو ته اُڌارو ڏينم، جو سندم چرخو ڀڄي پيو آهي” تنهن تي ساهيڙيءَ اُمالڪ چئي ڏنس ته، ”ادي، ڀڳي سان ئي ڀر، جهيسين رتو راس ٿئي.

مطلب ته ڀڳل ائٽ سان ئي ٿورو گهڻو ڪم ڪار ڪندي رههُ، جيستائين رتو (ڳاڙهو، جنڊيءَ چڙهيل ائٽ) ٺهي تيار ٿئي.

 

40_  ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي، سا به نه چئجي ڀُلي:

ٻهراڙيءَ جو مال اڪثر ٻيلي ۾ پيو چرندو آهي، ۽ رات جو وٿاڻ ورندو آهي. اهڙي مال کي ”گور“ چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ”گور“ ڍور کي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته هرگز وٺي نه سگهندو.

هڪ ماڻهو جا ڍور، ٻيلي ۾ چرڻ ويا. سڀ ڍور، شام جو، پنهنجي وٿاڻ (ڀاڻ ڀاڻو) تي وريا، باقي هڪ ننڍڙي وڇ نه موٽي. مالڪ کي ڏاڍو خيال ٿيو. رات جو ڳولهين به ڳولهين ڪٿي! آخر پوئين رات اَسر جو پاڻهي، پنهنجي ڀاڻي تي آئي. تنهن تي گهر جي مالڪ ائين چيو.

مطلب: جيڪڏهن ڪو بُڇڙي ڪم کان باز اچي ته چئبو ته هن گويا اهو ڪم ڪيو ئي ڪونه.

41_  ڀَنگان جيهان چيز ٻُڏن، لُنڊي رويي ڪڻڪ ڪُون:

هر ڪنهن کي پنهنجي دل واري شيءِ وڻي.

ڪڻڪ ۽ ڀنگ جي پوک، هڪ ٻئي جي ڀرسان ٿيل هئي. وچان صرف وڏو ٻَنو ٻڌل هو. اوچتو مينهن اهڙو وسيو، جو ٻَئي فصل، پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ڪڻڪ جي پوک ڪندڙ هاريءَ جي زال، اهو زيان ڏسي، روئڻ لڳي. موالي به اُتان لانگهائو ٿيو، جنهن مائيءَ کي روئندو ڏسي، ائين چيو.

_________

 

(ت)

 

42_  تَپ ڙي دانگِي ڇهه مهينا، کُپ مهمان ٻارهن مهينا:

ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، سندس هڪڙو دوست مهمان ٿي آيو. چوڻيءَ مطابق مهمان: تا؟ روز! پر هيءُ يار، ته ڇَلو مُنڊي لاهي ويهي رهيو ۽ موٽڻ جي ڪري ئي ڪا نه پيو! جڏهن هفتو کن گذريو، تڏهن مس مس سندس واتان اِهي لفظ نڪتا ته، ”سڀاڻي صبح جو ويندس“. مائي ويچاري، جا رڌ پچاءَ ۽ مختلف کاڌن رڌڻ کان بيزار ۽ ڪڪ ٿي پيئي هئي، تنهن کي دل ۾ البت خوشي ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل، مائي ڇا ڏسي ته مهمان اڃا سيِٽيو سمهيو پيو آهي ۽ کيس گويا وڃڻ واري وائي آهي ئي ڪانه! سو سڏ ڪري چيائينس ته، ”ادا سج ٿو اُڀري، اُٿو“. مهمان چيو ته، ”ادي، چڱو جو اُٿاريئي، مون کي پاڻ وڃڻو آهي، پر جلدي ڪري، ڪو نيرن لاءِ ٽُڪر ڀور تيار ڪري وٺ!

مائيءَ جي ته کيس، نيراني ئي اماڻڻ جي مرضي هئي، مگر هن جو نيرن جي فرمائش ڪئي، سو خيال ڪيائين ته هاڻي ڍريءَ رفتار سان ڪم ڪريان، ته من دير ٿي وڃڻ جي ڊپ کان، هيءُ نيرانو ئي هليو وڃي. اهو اردو ڪري، دانگيءَ کي چُلهه تي چاڙهيندي، چيائين، ”تَپُ ڙي دانگي ڇهه مهينا!“ مهمان ٺهه پهه وراڻيو ”کَپ ڙي مهمان، ٻارنهن مهينا!“

مائيءَ مجبور ٿي، آخر تڙ تڪڙ ۾، ٻه لولا ٿَڦي، مهمان مان جان خلاصي ڪئي، جو هونءَ سمجهيائين ته، ”هيءُ ماريو نيرن ڪرڻ کان سواءِ، هر گز ڪونه ويندو.“

43_  تيسمار خان:

ٽيهن سان لڙڻ وارو، يعني وڏو پهلوان.

هڪڙو سپاهي، گيڻو وقت بيڪار ويهي ويهي، گهَر جي سڄي ملڪيت وڪڻي، کائي ويٺو، جڏهن ڏٺائين ته ڪجهه به نه بچيو آهي، تڏهن زال کي چيائين ته ”مان، سڀاڻي روزگار جي تلاش ۾ ٻاهر ويندس، تنهنڪري واٽ جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجهه تيار ڪري وٺ“. سندس زال، چُوريءَ جا ٽيهه لڏون تيار ڪيا. اتفاق اهڙو بڻيو، جو جنهن اُکريءَ ۾ ڪُٽ سَٽ ڪري، لڏون ٺاهيا ويا هئا، تنهن ۾ ڪو ڪاريهر نانگ وڃي ويٺو هو. رات جو ڪُٽ سَٽ ۾، اهو نانگ به ڪٽجي سٽجي، ذرا ذرا ٿي، چُوريءَ سان چُوري ٿي ويو! ان مان ٽيهه لڏون ٺهيا. جوڻس، لڏون تيار ڪري، ڪنهن ڪپڙي ٽڪر ۾، هَڙ ٻڌي ڏنس، جا کڻي، صبح جو ڪنهن طرف راهي ٿيو. هلندي هلندي، جڏهن ڏينهن تَتو، تڏهن اُڃ ۽ بُک ستايس، تنهنڪري هڪڙي کوهه جي مٿان بيٺل وڻن جي ڇانوَ هيٺ وڃي ويٺو، ته اوچتو اُتي هڪڙا ٽيهه رهزن اچي نڪتا. انهن کيس ڌمڪائي چيو ته، ”جيڪي اٿئي، سو ڪڍي ڪر ٻاهر، نه ته تو سان ٻه _ پاڻي ڪرڻا پوندا.“ هن پنهنجي بي ڪَسي ۽ بي وَسيءَ جو بيان ڪيو، مگر رهزنن کي ڪو به رحم روح ۾ ڪو نه پيو. جڏهن سپاهيءَ ڏٺو ته، ڪجهه وٺڻ کانسواءِ نه ڇڏيندا، تڏهن کين ٻڌايائين ته، ”مون وٽ، فقط ٽيهه لڏون آهن، ضرورت ۾ اچن ته حاضر آهن.“ انهن بدمعاشن، اهي لڏون به نه ڇڏيا! پاڻ ۾، هڪڙو هڪڙو ڪري، ورهائي کنيائون ۽ کائي اتي جو اُتي خلاص ڪيائون.

سپاهي، اڳتي هلي، ڪنڌ ڦيرائي ڏسي ته سڀني جو حال ابتر ٿي رهيو آهي! ڪو ڪِريو پيو آهي، ته ڪو ڇڙهيو پيو هڻي، ته ڪنهن کي وري سڪرات آئي آهي! سپاهيءَ خيال ڪيو ته هئا سڀئي سگهارا ۽ تندرست، مگر اوچتو ئي اوچتو هيءُ ڇا ٿي وين! موٽي اچي ڏسي ته سڀئي رب کي وڃي پرتا آهن! سپاهيءَ، وري سپاهيانه نمونو اختيار ڪري، ٽيهن ئي جي نَڪن ۽ ڪَنن جون چوٽيون ڪپي، اتان پنهنجا پير پٽيا. هلندي هلندي، اچي هڪڙي شهر ۾ پهتو. انهيءَ شهر جو دستور هو ته هر ڪو نئون آيل ماڻهو، پهريائين بادشاهه وٽ ضرور پيش ڪيو ويندو هو. جڏهن هيءُ سپاهي، بادشاهه وٽ پيش ٿيو ۽ کانئس خبر چار پڇي ويئي، تڏهن هو، پنهنجن وڏن جي بهادريءَ جي ساراهه ڪرڻ لڳو. بادشاهه چيس ته ”وڏن کي ڇڏي، تون پنهنجي پهلوانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪر.“ اِهو ٻڌي، بادشاهه کي چيائين ته، ”قبلا سائين! هيڏانهن ايندي، مون ٽيهه رهزن ماريا آهن، ثابتيءَ لاءِ سندن نَڪن ۽ ڪَنن جون چوٽيون اجهي عرض آهن.“

اُهي ٽيهه ئي ڌاڙيل هئا، جن سڄيءَ حڪومت ۾ انڌير مچائي ڏنو هو، سوين قافلا ڦريا هئائون ۽ هزارين ماڻهو ماريا هئائون، مگر ڪنهن کي هٿ ڪين ايندا هئا. بادشاهه، اها ڳالهه ٻڌي، نهايت خوش ٿيو ۽ سپاهيءَ کي گهڻو انعام سان سرفراز ڪيائين.

اهو سپاهي، رستي ويندي، جڏهن ماڻهن کي نظر ايندو هو، تڏهن هو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ته، ”اهو تيسمار خان وڃي رهيو آهي“. اهو پهاڪو، انهيءَ وقت کان وٺي رائج ٿيل آهي.

___________


 

[1] ڌرم پاليون = نڪاح واريون، شريف، سُلڇڻيون، ورونهن = وندر.

[2] ساٿوري = ساٿ ڏيندڙ، مددگار، ڪونڌن= پهلوانن، ڪونهن = طاقت.

[3] ڏُڄڻ = دشمن، ڏُونهن = ڏَنءُ، طعنو تنڪو، پريان ٿي پوءِ پيا = پري کان ئي ڀڄي ويا.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org