سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :14

روايت[9]*

بيت چيل شيخ محمود جا·

 

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن محشر مرڪايو،

ڪلمو ڪنجي دين جي، هاديءَ هلايو،

مهاڻن کي مڇ جو، آهي سدائين سعيو،

وڍي تنهن ويريءَ کي، هلي ڪافر ڪنبايو،

سڏي تنهن کي ”شيخ“ چئي ڪنهن سالڪ سمجهايو،

اونهي ڪُن اوڙاهه کان، وڌي پير پايو،

اتهين ڪو نه آيو، موٽي تنهن مياڻ تي.

2-                  آيو موٽي تنهن مياڻ تي، هلي پيو حال،

مڙد حوالي مڇ جي، سـُڃا پيا آهن مال،

اوباهيو، پٽن لاءِ، ٿو جر وهائي جال،

ڪالهوڻيءَ ڪالهه، هو ميڙو ملاحن جو.

3-                  هو ميڙو ملاحن جو، وڄائي ويا وارو،

ڀيڻ روئي ٿي ڀائرن لاءِ، ماءُ ڪري مارو،

اوباهيو پٽن لاءِ، ڪڙهي ٿيو ڪارو،

مور به ويچارو، ٿو ڪري ڀيرا ڀائرن تي.

4-                  ڪري ڀيرا ڀائرن تي، مانجهي مرد ملوڪ،

اوباهيي جي پٽن جي، هئي هنڌين ماڳين هوڪ،

ملڪ ڇڏي ويا ”محمود“ چئي، آين فراقي ڦوڪ،

ڪانه سُڄي ٿي ڪوڪ، ڪالاچيءَ جي ڪُن ۾.

5-                  ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، کڻي آنهين هلو هٿيار،

مڙيا ملاح ملڪ جا، لکين لک هزار،

مٿي ٻَڌن مُورچا، ڪن پاڻيءَ جي پچار،

ڏاڍو ڪڙڪو ڪُن ۾، لهو خونيءَ خبر چار،

ٻيو گهڙندو ڪو نه ڪو، رت بنا ڌار،

جنهن جا هيڪاندا هلي رهيا، جاني جگر يار،

رضا رب ڪريم جي، جنهن ڌڪي ڪيا آهن ڌار،

ڏيندُهَن سوڀ ستار، چڙهو ٿا منهن مڇ جي.

6-                  ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن درياءَ ڪيا دوفان،

مولي مُلڪ وسائيا مَڙهيون ڪئين مڪان،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي جُنگ وڏا هئا جوان،

واقف ڪين هئا ونجهه جا، مُڙيا ڪين مستان،

تن مردن جا ”محمود“، چئي، ايڏا هئا ايمان،

ڪَل پين ڪا نه، ويريءَ ورائي ڪيا وات ۾.

7-                  ويريءَ ورائي ڪيا وات ۾، ڇهن ئي کي ڇوڙي،

اوباهيو پٽن جا ٿو پير کڻيو ووڙي،

هليا ڪارڻ قوت جي، رَڇ مڇيءَ لاءِ جوڙي،

ڪَنهين گهَٽ گهٽي جهليا، سوگها ڪيا سوڙي،

لکيو ٿو لوڙي، واحد انگ وهائيو.

8-                  ڄاري تنهن مڇ لئي، جودئون جوڙيائون،

ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، وڃي قلعا کوڙيائون،

مرڻ ڪنان ”محمود“ چئي، منهن نه موڙيائون،

لکيو لوڙيائون، آين ڏينهن ازل جو.

9-                  آين ڏينهن ازل جو، تن جي پوئواري ڪج پوءِ،

اوباهيو پٽن لاءِ، ٿو راتو ڏينهن روءِ،

ماڻهو مڪائون ”مور“ ڏي، چڱيءَ طرح چئجوءِ،

ته اڃان ٿو ترسيو تعظيمون ڪرين هتي آهي ڪڇئون قهر ڪيوءِ

اڄ ڏينهن کان پوءِ، ڪم ايندو، ڪڏهين.

10-            ماڻهو هليو مور ڏي، خاطي کڻي خط،

پڙهي پروڙج پانهنجا، اسان کي ڪو نه ڏي ٿو اَت،

اٿلائي انگ انهن جا ڏٺائين، هئي هئي ڪري انهيءَ هت،

نيڻين نار ٽمي پيا، ريلا ڪري رت،

امر ڪيو اَپَت، ماري مڇ کڻي ويو.

11-            هل قاصد ور پوئتي، هلي ڪري سعيو،

مرد انهيءَ مياڻيءَ تان، ويا لاڳاپا لاهيو،

ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، هلي سورهيه سنڀرايو،

بادشاهه کان موڪلايو، آءُ به اچان ٿو اوڏهين.

12-            اچي ڏني اٿس دانهن دلوءَ کي، حال ڪري هاڻ،

مدد ڏي مسڪين کي، ڪانهي توکي ڪاڻ،

ڪاريگر جي ڪم جو، اهو اٿئي اهڃاڻ،

ڪل گهڙائي ڏي ڪائي جي، جنهن ۾ هئي خونن جي کاڻ

ڇُريون، ڇوهيون، ڪٽاريون، هجن سڀئي گڏ سراڻ،

ڪري هٿ سـُڀاڻ، وڙهان تنهن ويريءَ سان.

13-            ڪاريگر جي ڪم جو، جيڪي سو چئين

آهي رضا رب جي، ڇو ٿو وڪَرَ پئين،

ڪل گهڙائي ڏيندو سئين ڪائي جي، توکي نت نئين،

جنهن ۾ ڇُريون، ڇوهيون، ڪٽاريون، ڪاتيون تکيون ڪئين،

سڏي سج سنئين، حاضر ڪندو سئين هٿ ۾.

14-            رات وچ ۾ راس ڪري، آڻي حاضر ڪيائين ڪَل،

وڃي وهاءِ ويريءَ کي، اچئي ڪا اٽڪل،

راءِ رنو ٿي رت گاڏئون، ڳوڙها مٿان ڳل،

هڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيا سورن ڪيا آهن  سل،

مانجهي اُهي مَل، خونيءَ سڀ کپائيا.

15-            مور تنهين مڇ جي، پهرئين ڪج پروڙ،

ڏسيو ماڻهوءَ کي، ”محمود“ چئي، هتان ڪري ٿو هوڙهه،

اونهو ڪـُن اوڙاهه اتي، جتي ڪو نه هلندءِ ڪوڙ،

سنبهي سهي سـُوڙهه، ڪجان ”مور“ تنهين مڇ تي.

16-            مور تنهن مڇ جي، آهي اندر ڳالهه ڳڻي،

دلگيري اٿم دل ۾، گهاتن جي گهڻي،

سر وڍيندوسانس ”شيخ“ چئي، ڪاتن ساڻ هڻي،

ڏسندو سوڀ ڌڻي، نه ته ڪندس پڄاڻي پانهنجي.

17-            ڏنا ويريءَ وات ۾، سو ٿو گهاتو ڪـُن گهڙي،

جنهن کي دلگيري ناهي دل ۾، سو ٿڙهه به ڪين ٿڙي،

اهو مرد ڀلو آ ”محمود“ چئي، جيڪو چاڻڪ تي چڙهي،

هلو ته ڏسون مورڙو، جو ٿو ويريءَ ساڻ وڙهي،

هي ٿو ڀينر ڀاڳ مڙي، هُو وڃي سر واريو.

-------

 

روايت[10]*

شاعر نامعلوم

 

1-                  نَو سـﺂ ٻيڙي گام سان، تيرهن سـﺂ هئي تَر،

ڀَن ۽ ڪـُڙهيءَ جي، ڀيڻي نڪا ڀرَ،

اُٿيا اوج ملاح ڪري، جُنبي بيٺا جَر،

موليٰ فضل ڪر، ته اهي ڪاڪا نڪرن ڪـُن مان.

2-                  ڪاڪا نڪرن ڪُن مـﺂن، ٿين نَر نهال،

وڏي واڪ واڌايون ملن، هيڪر حال في الحال،

منهن ڏسن مردن جو، پرندو مثل مشعال،

پوءِ انهيءَ ئي اقوال، آيا ساٽي سنڀري سڏ تي.

3-                  آيا ساٽي سنڀري سڏ تي، هليا ڪَستـﺂن ڪـُڏ ڪري.

ڪالاچيءَ جي ڪـُن ڏي، هليا گام ڀري،

وڃي پهتا پرت سان، سورن جي ته سري،

لکيو لوح قلم جو، پَري، ڪين ڏري،

هينئون هر ڪنهن حب مان، اندر اَڌ ٽـُري،

بيٺو سَڏ ڪري، اڄ اوباهيو پٽن کي.

4-                  اوباهي پٽن کي، صبح سڏ ڪيا،

وري ڪين وريا، سي ڪنهن هاويءَ منجهه هيا،

گهاتو گهر نه آئيا، منجهان ساويلا ويا،

دشمن ڪنهن دزد جي وڃي پاند پيا،

رنڊجي ڪنهين رمز سان، راوَ  سڀئي رهيا،

قضا مون لئي ڪم هي. قادر سڀ ڪيا،

ڪنهين ويريءَ ور پيا، منجهـﺂن موٽيو ڪو نه ڪو.

5-                  منجهـﺂن موٽيو ڪونه ڪو، ويا مرد مٿير،

موڪلائي مون ڪنان، صبح ويا سوير،

ڪيـﺂن ڪهڙيءَ ڪار کـﺂن، ايڏي اڄ اوير،

ڇني وڌا ڇوهه کئون، ڇوهي ڪنهن ته ڇپير،

اوباهيو پٽن جا، ٿو پرهه نهاري پير،

منجو ماڻهو مور ڏي، هُن جي ادن ڪئي اوير،

ڇَهه ئي نَر ڇُڳير، وڃي ڪالاچيءَ قابو ڪيا.

6-                  ڪالاچيءَ قابو ڪيا، ڇهه ئي جُنگ جوان،

ماريا شايد شِهرَ[1] سان، شومي ڪنهن شيطان،

وَڪڙ ڏنو ويرن کي، نه اهي ڪنهن انسان،

ڪئي برائي آهه هيءَ پَڪ بدون بي ايمان،

جوش جلائي جُمڙي، ڀرُ نه ڏسي ڀاڻ،

ٻيٽيءَ چيو ٻاپ کي، مور سڏائي آڻ،

ڪندو پلوءُ پاڻ، مانجهي ساڻ مقابلي.

7-                  مانجهي ڪندو مقابلو، الله جي اوٽَ،

وڃي ڪالاچي ڪُن تي، چاهه سان ڏيندو چوٽ،

 ٻهڳڻ ”ٻانڀڻ واهه“ ڏنهون، ايندم شال اَموٽ،

جوش جلائي ”جمڙي“ گهر نه ڏسي گهوٽ،

چور نه سهندو چوٽَ، ننڍي گهاتو گهوٽ جي.

8-                  هليو ماڻهو مور ڏي، دانهن کڻي دانهي،

قهر ڪيو ڪلاچ آهه، خبر هيءَ آئي،

گهاتن کي گهائي وڌو، لـُچي لـُنب لائي،

تون ويٺو هت آهين، ڪر ڪا ڪوچ ڪلاچ ڏي.

9-                  ڪريان ڪوچ ڪلاچ ڏي، پر ٿِين ڪيئن ڪنڍارو،

ڪنهن پَر وڙهيا، ڪُن سان، ڪر قصو سارو،

چي: مامَ آهي مذڪور هي، ٻڌ عجب اسرارو،

پهرئين پهر ”پنهيار“ ويو تنهن تان اَجهل ”اگهارو“،

”مانجهاندي“ مرد مٿان ڪيو پاڻيءَ ماسارو،

لـُڏيو ”لال بهار“ ٿي، جيئن چنڊ کِڙيو تارو،

”هنج“ ڪرارو هيٺ وڃي مٿيرو ماريو،

”راهو“ رهيو ڪينڪي، جر ويو جالارو،

هاڻي تو سندو وارو، وڃي ڪـُڏ ڪلاچ تي.

10-            وڃي ڪُڏ ڪُلاچ تي، وٺ پانڌ پرين جو پاڻ،

ڀائُن ريءَ ڀـُنا ٿي، بٺ ٿيا سڀ ڀاڻ

اهڙي ڊوهه ڊُڍي جي، پين ڪا نه ڪا ڄاڻ،

اُٿي تاڻئون تاڻ، هاڻي ڏور ڪُلاچ ڏي.

11-            اِتي پئٽجي پَٽ تي، پَئي وَٽي وِير هٿاءُ،

پڇڻ لڳس بادشاهه دانهه دلوراءُ،

ڪهڙي حال هليو ويو، توکان سُڌ سماءُ،

ڪر حقيقت حق جي، ڌاري ٿاهر ٿاءُ،

شايد تو وَٽاءَ، ڪو ماڻهو آيو اوچتو.

12-            ڪو ماڻهو آيئي اوچتو، جنهن دانهن ڪيئي دلگير،

مرد ٿي منهن ڏي، رک ساڃهه صاف سُڌير،

ڪنداسون اسان ڀي، توسان امدادي اڪسير،

هاڻي کڻ تراريون تير، وڃي ڏي مٿو مَڇَ سان.

13-            چي: ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، قهر ڪالهه ٿيو،

جوانن مان جنگ جو، مون کي پرو اڄ پيو،

وَڏو وقت ويرن کي، ويتر آهه وَريو،

هاڻي ڪائو ڪات ڏيو، ته وڃي ڪَر لهان ڪلاچ جي.

14-            وڃي ڪَر لهي ڪُلاچ جي، سنڍرويان سُلطان!

پهچايان سڀ پيءُ کي، جاني جُنگ جوان،

ڪري پوري آس الله مانَ، وڇوڙيا ميلي وري.

15-            اصل ٿيءُ نه اُٻهرو، رک صبر سڪ منجهانءُ،

جُريت جفا جنگ جي، ٿاهر وڏو ٿانءُ،

الله جنهن جو نانءُ، وَٺايو ويرَ ڏئي.

16-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿو دانهن دلوءَ کي ڏي،

شڪاري هليا شڪار لئي، ڪالهه ڪلاچيءَ ڏي،

دشمن ڪنهن دسي وڌو، سوري سڀني کي،

وٺندس پاند پرين جو، جيءُ وجهي جوکي،

مران ته موچارو ٿيان، جيئان ته شان وڏي،

جان گهمندس پڳ ٻڌي، جان ويندس لوءِ لڏي،

ڪو آڻي خبر ڏي مون کي ڪلاچيءَ جي قهر جي.

17-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿو ٻَريو ٻاڪاري،

روئي روئي رت ڦڙا، ٿو نرتئون نهاري،

گهاتن ريءَ گهر ۾، گهوٽ نٿو گهاري،

گوندر جي گهمسان ۾، خوشي نه ڪا ساري،

دانهن ”دلوءَ“ کي ٿو ڏئي، هي هَنجون هاري،

ڀائر منهنجا ڀَر جهلا، ڪنهن موذيءَ وڌا ماري،

ڇورو ڪري ڇني ويا، ويتر وساري،

ڳڻتي ڳهيرن جي، وڌو ڳل ڳچي ڳاري،

ڪات گهڙائي ڪائي سان، ڏي سهجـﺂن سينگاري،

دانهه ڇڏ تون دل سان، ڪر الله جي آري،

مان ويندس وانگاري، اڄ ڪالاچيءَ جي ڪـُن تي.

18-            ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، آ منهنجي طلب تنوار،

وڻي ٿو ڪين وجود ۾، هي جيڏن جو سنسار،

پت سڄڻن ريءَ سوري ٿو پانيان هي سنٽار، رکجانءِ پرور تون، تنهنجي آ اَڌار،

ڳڻن ڀريا ڀائر هئا، منهنجا ويتر وفادار،

هاڻي تنهنجيءَ تڳان تار، جو ڪندين ٻاجهه ٻانهي تي.

19-            ڪات ڏنـﺂنس رُڪ جو، ڪائي جهڙي ڪَل

آيو ڏينهن تنهين ۾، جهليو نه ڪنهن جي جَهل،

کڻي هليو خير سان، واڍيون وڪڙ وڳل،

دلوءَ ميڙيا دَل ته، هلي ڏسون جنگ جوان جي.

20-            ماڙيءَ چڙهي مورڙي، راوَ ڏنو روئي،

ڀائر منهنجا سونهڻا، ڌِڱ ڇڏيا ڌوئي،

سَٽ سان سٽجي ڪُٽجي، ويو ساٿ ته سڀوئي،

هاڻي ماري مڙيوئي، وڃي ڪڍندس قهري ڪُن مان.

21-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، هليو پسڻ ڀاڄايون،

جن کي سونيون نٿان نَڪن ۾، ڪَر ڪـُلهي ٻانهيون،

پَٽ پَٽولا، بخمل بُت تي، اوڍينديون آيون،

نوڪر چاڪر رکيون نشانبر، ٿي درن تي دايون،

اٿن ننڍا ٻار ڪَڇن تي، ڇَتن ۾ ڇايون،

اوباهيو روئي ٿو ڏک ۾، هر ڪا ڳل لايون،

قسمت ڪم ڪيا هي، هاڻي ڪنهن تي چئو دانهيون؟

وَرن ريءَ ولهيون ٿيون، ميريون ملاحيون،

چُري چِنگهي آيون، ڏسي ڏير ڏکوئيا.

22-            ڏُکين، ڏير ڏسي چيو، هي تو وَڙُ ڀائو ناهه،

اچي اوڍج ڪنجرو، پڳ مٿاهين لاهه،

زالاڻا ڪپڙا، ڪَت پـُوڻين جو پاءُ،

سڄڻن ريءَ سڃ ۾، اچئي ڪيئن ٿو ساءُ،

مرن بنان مهل ۾، ڪونهي ڪو همراهه،

اُٿي تـُرت تيار ٿي، ترس نه، ڪر ڪجهه تاءُ،

ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، تڏهن ٿو ترسين تار کان.

23-            قسم کائي اُٿيو، شان وڏي سان شير،

کڻندس کاهوڙين جو، پاڻيءَ منجهان پير،

ماري ڪندس ڍير، لاهيندس مئي مَڇ جي.

24-            قصد ڪري اُٿيو، مَلُ مـُڇان موڙي،

لکيو لوح قلم جو، هرڪو ٿو لوڙي،

کڻي ڪاٺ ڪهاڙا، دل کـﺂن اڄ دوڙي،

لهندس مرد مٿير مان، والي ڪندو وﺂڙي،

موڪلائي مائٽن کان هليو، ٽڳا سڀ ٽوڙي،

لُڙ منجهـﺂن لوڙهي، وڃي لاهيندس مئي مڇ جي.

25-            لاهيندس مئي مڇ جي، ڪري الله توهار،

شان وڏي مانَ سان، آڻيندس گهر يار،

منهنجي مدد ڪندو محي الدين، مالڪ ڪُل مختار،

پُڄائيندو پاڻيهي دل جي دُرس ڌتار،

جنهن جي توهه تڳان ٿو، سو اڙين جي آڌار،

سنڀارين ٿا سڪ مان تنهن کي، مومن توڙي ڪِراڙ،

سو آ پير پيران دستگير، مريدن مهندار،

ساڻي ٿي سڏ سان، اچي لهندم سار،

هاڻي اَٿوَ الله توهار، موٽان شال مـُهت سان.

26-            موٽان شال مُهت سان، ڪري ماڙ کڻي مولا،

رليل روليان روهه ۾، جنهن وڌا هن رولا،

سانگا سڀ سفر جا، سائين! ڪج سولا،

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، آهن ڪي اولا،

هاڻي ڀُل لٿا ڀولا، جي وڃي پهچان پاڻ پرين ڏي.

27-            مَرڪڻ مانجهي مور ڏي، آئي مادر پير ڀري،

اُڀي ٻَڌي هٿڙا ٿي  آهون عرض ڪري،

چي: ساعت توکان سڄڻا! منهنجي ڪا نه سري،

لکيو جو تقدير آ، سو هرگز ڪين ٽري،

هاڻي تون ڀي وڃ نه پري، جو ڇهه اڳيئي ماريا.

28-            چي: مادر ويهه ماٺ ڪري، چئو نه مون کي هيئن،

جلان، پچان، پڄران، رهان جيئرو جيئن،

وساريان وسري نٿو، طرح انهيءَ تيئن،

اندر ۾ اهڙي ڪا، ناوڪ هنئي نيهن،

ڪالاچيءَ جي ڪـُن سان، قرب رهندو ڪيئن،

تون به چئو هيئن، ته وڃي جيئو ماريو مڇ کي.

29-            مَڇ ڀي موٽڻ جي ڪئي، هو واهڙ کي ڀي وَهـُه،

ڇَر ڇڄي ڇيتيون ٿيا، هن کي پيو ورڻ جو پَهُه،

تَل تراريون تري پيا، گيرٺجي پيو گُهـُه،

ساهه مٿي ئي سَهه، مهميزان ملاحن جون.

30-            مهميزان ملاحن جون، اٿي هاڪيون تاڪيون هير،

سڌو ٿيءُ سوراٽيا، ڇڏ هي ڦند ۽ ڦير،

لائق ٿي ڪجهه لڄ ڪر، گندا ڇڏي گير،

ڇِلي لاهيانءِ ڇير، ڏيئي ڪات ڪلين ۾.

31-            ڏيئي ڪات ڪلين ۾، ڪيو ايءُ راوت روانو،

دَسي پاڻ درياهه ۾، ڪيئين نود نيشانو،

گڏي ڏنئين گندي کي سورن سامانو،

مرون بي مانو، ماري مَڇ ”مور“ وڌو،

32-            پاتائون پاڃارين ۾، سوڌا سانن سوَ،

ڪڇئون چُريو ڪينڪي، جيڏا ڏنئون جَوَ،

باهڙيون ڏنئون پُٺن تي، جي تپائيا تَوَ،

ريلي منجهـﺂن رَوَ، ڪڍيو، مانجهين مَڇ کي.

33-            گهلي ڪڍيو گهير مان، مانجهي مُڇَ مٿير،

چيري ڪڍيئين چاهه سان، ڇهه ئي نَر ڇُڳير،

وڍي ٽڪي مَڇ جا، هڏا ڪَيئين ڍير،

موڪليائين ماڻهو پيءُ ڏي، وڏيءَ تنهن وير،

صبح جو کڻي هليا، سورهيه سرس سوير،

ڀريون سُرڪان رت جون، مَڇ جون مورڙي شير،

ڀالو ماڻي ڀير، سڀ ملهايا پانهنجا.

34-            سڀ ملهايا پانهنجا، هن مڙس مڻيادار،

لوڪ ڏنيون لاکيڻي کي واڌايون وَلهار،

پڻس پرت منجهانرا، اچي ڳل لاتو ڳڻهار،

”دَلوءَ“ به دل سان اچي ڏنس نَوَ لَکو هار،

ڪيس دعا ڀـُڄائين، ادا! هوندءِ وڏي ڄمار،

اَڻ جڙنديون جوڙان جڙنئي، جوڙيندءِ ته جبار،

مانجهي مور جا ڀائٽيا، هڪ صوبا ٻيا سردار،

لهو ڪلمي جي سارَ، ڇٽندو هر ڪو ايمان سان.

----------

 

روايت[11]*

سانوڻ فقير خاصخيلي جا چيل بيت·

 

1-                  مورڙو مڇ لاءِ سورهيه ساماڻو،

ڪاهي پوندو ڪـُن ۾ رڇ کڻي راڻو،

پوندو مُنهن مڇ جي، اڏيو مڇ به مانڊاڻو،

جيرا جگر وڍيندو، گهمائي گهاڻو،

سورن ۾، ”سانوڻ“ چئي، ملاح مهاڻو،

آيو سالڪ سياڻو، مورڙو انهيءَ مياڻ تي.

2-                  مورڙو آيو مياڻ تي. ٻَڌي سو انجام،

نڪي ماريم مڇيون، نڪي پاڻي پير پيام،

نڪي مون جنگ جوٽي، نڪي منهنجو نام،

مهاڻيون مياڻ جون، ٿيون طعنا ڏين تمام،

مهاڻيون مياڻ جون، آهن حُسن ڀريون هام.

مهاڻيون مياڻ جون، ڪن صورت وند سلام،

مهاڻيون مياڻ جون، وجهن دوديريون دام،

ڀائر منهنجا ڀڙ هئا، قابل سينءَ قيام،

ماريو اچن مڇيون مون کي اَدل ڏين انعام،

سوڙهيءَ ويل، ”سانوڻ“ چئي، آءٌ ويهان ڪيئن وريام،

”سيرهين“ سڏ ڪيام، ته ادا گهر نه  آئيا.

3-                  ادا گهر نه آئيا، مورڙا! مانجهي ٿيا مهمان،

آيس پيغام پرين جو، ٻـُڌائين بات بيان،

ويهڻ جنهن کي وههُ ٿيو، کاڄ نه کائي خان،

”اوباهي“ اُن سانَ ڪيا هئا نسورا نقصان،

آنا ڀڳا هئائين مڇ جا، ڪو نه ڪيائين ڌيان،

ڏسڻ واري ڏٺو پئي، مٿان رب رحمان،

سُور مڇ کي ”سانوڻ، چئي، هئا قهري اندر ۾ ڪانَ،

مڇ سندو مڪان، رهيو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

4-                  ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، گهڙيا غازي گراگر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي جوڌو جناور،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي مڇ وڏو مانگر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي وڏي سان وڳر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ ڪري ٻيلائي ٻهڪر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ گجي ٿو گينوَر،

سـُجهي پيو، ”سانوڻ“ چئي، نالي نشانبر،

سو واري ڪيئن وڳر، جو واڳئونءَ وڌو وات ۾.

5-                  واڳونءَ وڌا وات ۾، وٺي ڌڱ به ڌمايو،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، ويٺو مچ به مچايو،

اوهين مُهاڻا مياڻ جا، هلي سنڀوڙو سنڀايو،

اوهين مهاڻا مياڻ جا،  هلي رڇ به رمايو،

اوباهي سڏي چيو، اوهين پير اوڏانهين نه پايو،

ڪُونڌر ويندا قُوت ٿي، اڳيان اٿوَ مڇ به مهمايو،

سڄي عمر، ”سانوڻ“ چئي، متان وڃي پيڙهي پٽايو،

پوءِ اشارو آيو، مڇ جي مارڻ جو.

6-                  مڇ جي مارڻ جي، ويٺو ڳالهه ڳڻي،

ڏنائين دانهن دُلوءَ کي اهو گهاءُ گهڙي،

ته ڏينم اوزار رُڪ جا، ڪائي منجهه ڪڙي،

ته وڙهان وڃي واڳونءَ سان، متان چوٽ چڙهي،

ڪانهي ننڊ نار کي، سيرهين پئي سڙي،

ڪانهي ننڊ نار کي، ادا، آيل ڙي،

سورن جو، ”سانوڻ“ چئي، منهنجو ساهه سڙي،

شل ڏئي قادر پير ڪڙي، ته ماريان انهيءَ مڇ کي.

7-                  ماريان انهيءَ مڇ کي، پر مڇ به مهمايو،

ڪونڌر ڪئين ڪـُهي ڇڏيا، وڃي خان به کپايو،

قادر جي قدرت جو انت ڪنهن کي نه آيو،

عاشق عزازيل هو، جنهن کي تڪبر تڙايو،

سورٺ سڙي مُئي، جنهن کي آب اکين آيو،

سورٺ هئي سورن ۾، جنهن کي تندن تپايو،

ليليٰ ڏنا مجني کي، وِهُه وَٽا پايو،

اڃا گهوٽ پيو گهري، کاڄَ سڀئي کايو،

سيل جهليو عمر سومري، جنهن ڀيڻ ڪري ڀانيو،

سسئي سـُتي سيج تي، جنهن کي جتن نه جاڳايو،

بوبنا جراڙ جو، لنـﺂ لکئي لايو،

بديعل هو بر ۾، سيفل کي روهه رُلايو،

گندري چوڻ گناهه ٿيو، جنهن کي ڄام چـُمي چايو،

حسن مير حسين جو، ٿيو سـﺂدو سجايو،

حسن مير حسين کي، هو ناني نپايو،

ٿيو قضيو ڪربلا ۾، ويا پاکر گهوٽ پايو،

چريو ٿيو چنيسر، جنهن جيهڙو جاڳايو،

سڙي مران، ”سانوڻ“ چئي، مون ڪونهي ڪمايو،

جن راءُ ريجهايو، سي تري لنگهندا تار مان.

8-                  اوباهي جي اولاد کي، پئي ”سيرهين“ سڏ ڪري،

اوباهي جي اولاد لئي، پئي ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

پيس وَڍ وڇوڙي جا، پيئي ماڳ مري،

آءٌ به ماريندس مڇ کي ٻه ٽي پير ڀري،

ماريندس انهيءَ مڇ کي، ڪهڙيءَ ريت ڪري،

ماريندس انهيءَ مڇ کي، وڏي دل ڪري،

منهنجو ننگ ننگيءَ تي، من ڪا پَت پَري،

ڏيانس انبوري اوچتي، ڪلين منجهه ڪري،

وڃي وڍيان ماس مرونءَ جو، مٿي رت تري،

وجهي واجهه ڪَڇُن ۾ آيس ٻڌي ٻانَ ڪري،

گهوڙيون گهوٽ گڏ ڪيون، ٻَڌي ڦَر پري،

ڇڪي ويس ڇوهه مان، ڪڍي قيد ڪري،

سورن ۾، ”سانوڻ“ چئي، ويا نالو نام ڌري،

ڪلمون پاڪ پڙهي، جنهن ماريو وڃي مڇ کي،

لا اِلـٰ اِلَالله مُحمد رَسُول الله.

---------

 

* زباني لونگ فقير جوکيو، عمر 65ورهيه، ويٺل ڳوٺ ٻُرڙا، تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ.

· هيءَ بيت چيل شاعر شيخ محمود پٽ جان محمد، ويٺل ڳوٺ ٻارڙا چڙي (تعلقو شهداد پور) سن 1866ع ڌاري ڄائو. پوءِ لڏي وڃي شهدادپور لڳ، ڳوٺ ”ٽوپڻ ڏاهري“ ۾ رهيو، جتي بيت چوڻ شروع ڪيائين. اندازاً 1932ع ڌاري وفات ڪيائين.

* هيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

[1]  [سحر] اَٽڪل، چالاڪي.

* هيءَ روايت سگهڙ قاضي الله ورائي، ويٺل لڳ ڪڙيو گنهور، تعلقي ماتليءَ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

· سانوڻ فقير ذات خاصخيلي، اصل ۾ نندي شهر (تعلقي بدين) کان چار ميل اُتر طرف ڳوٺ شهداد خاصخيلي جو ويٺل هو. اندازاً سن 70-1875ع ڌاري ڄائو ۽ 1935ع ڌاري وفات ڪيائين. وڏي بيماريءَ (1918ع واري وبا) ۾ زال ۽ ٻه ڀائر گذاري ويس. انهن جي فراق ۽صدمي کان بيت چوڻ شروع ڪيائين. پنهنجا بيت پاڻ نڙ تي ڏيندو هو. اڪثر سڄيءَ سنڌ ۾ گهميو ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ بيت چيائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org