سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :2

 

ليلا ۽ چنيسر

راڻو کنگھار(1)، ڍٽ ڌڻي، ھڪ نھايت حشمت ۽ دٻدٻي وارو حاڪم ٿي گذريو آھي. ان کي ڪؤنروءَ نالي ھڪ نياڻي ھئي، جنھن جي حسن جي ھنڌ ھنڌ ھاڪ ھئي، ۽ ان زماني ۾ سونھن ڪري سندس ڪو ثاني نھ ھئو. سندس مڱڻو سوٽس اتماديءَ سان ٿيل ھو.

ساڳئي زماني ۾ سومري گھراڻي جي داسڙو شاخ مان راجا چنيسر نالي، ديول ڪوٽ(2) تي راڄ ڪندو ھو. حسن ۽ دولت، شان ۽ شوڪت ۾ بي نظير ھو. انھن اوصافن ڪري سڀڪا سھڻي سندس سھاڳ جي طمعدار رھندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڪؤنروءَ کي سندس سھيليءَ جمنيءَ چٿر ڪري چيو، تون جو ھيترو ھار سينگار پيئي ڪرين، سو ڀانءِ تھ چنيسر سان چاھھ رکيو اٿيئي؟ ھن طعني ڪؤنروءَ کي تمام ڪري ڇڏيو، ۽ اڻ ڏٺو چنيسر تي چري ٿي پيئي.

ان ماجرا جي جڏھن ماڻس مرڪيءَ کي ڪل پيئي، تڏھن سڌو وڃي پنھنجي ڀتار راڻي کنگھار کي خبر ڪيائين. چنيسر سان سڱ ڪرڻ ھڪ فخر جھڙي ڳالھھ ھئي، سو راڻي کي ھيءَ ڳالھھ ٻڌي گھڻي خوشي ٿي. پر دل ۾ سمجھيائين تھ جيڪڏھين ٿو ظاھر ظھور سڱ ڇڪايان، ۽ چنيسر ٿو انڪار ڪري، تھ مفت شھرت ۽ بدنامي ٿيندي. سو پاڻ ۾ پھھ پچايائون تھ چنيسر کي ڪنھن حيلي بھاني ھٿ ڪجي. نيٺ ھن ٺھراءَ تي بيٺا تھ ڪؤنرو ۽ ماڻس وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر جي ديس وڃي، ان کي ريجھائڻ جون رمزون رچين. ستت ئي مال اسباب ميڙي، وھٽ پلاڻي، وطن واري، پربت ندي پار پئي، اچي ديول ڪوٽ ۾ ديرو دمايائون. سانگي سان، ھڪ گلن واريءَ جو ساڻن سنٻنڌ ٿي پيو. ھڪ ڏينھن ان سان اندر جو احوال اوريندي، معلوم ٿين تھ سندن مقصد چنيسر جي وزير جکري ھٿان پورو ٿيندو. پوءِ ٽيئي گڏجي، جکري جي جاءِ ڏي روانيون ٿيون. اتي پھچڻ شرط، ڪؤنروءَ کيس پنھنجي درد جو داستان سڻايو، ۽ پيرن تي ڪري، نيزاري ڪيائينس تھ ڪنھن بھ ريت اٿي منھنجي واھر ڪر. وزير جي دل ڀني، سو دڙ دلاسو ڏيئي، چيائينس تھ، سائينءَ تي رک، مڙئي سڻائي ٿي پوندي. باک ڦٽڻ بعد، آءٌ چنيسر وٽ چڙھي ويندس، ۽ اميد اٿم تھ توکي پاڻ وٽ آڻائيندو. ائين چئي، ٽنھي ڄڻين کي رخصت ڏنائين.

صبح ساڻ جکرو سنڀري، شاھي محلات ڏي راھي ٿيو. وجھھ وٺي، چنيسر سان ڪؤنروءَ جي محبت جو ذڪر چوريائين، ۽ سنديس سونھن سوڀيا جو اھڙو چٽو نقش ڪڍيائين، جو چنيسر جو ھنيون الست ھرکجي ويو. پر پنھنجيءَ پٽراڻيءَ ليلا جو لحاظ ڪري، جکري کي جواب ڏنائين تھ ليلا ويٺي، ٻيءَ ڪنھن ڌاريءَ زال سان ناتو رکڻ نامناسب آھي، بھتر آھي تھ ڪنوروءَ کي ريھي ريبي، وطن ڏانھن وارينس. جکري ڪؤنروءَ جي پاران وري بھ ازحد آزي نيازي ڪئي، ۽ اکين ۾ آب آڻي، عرض ڪيائين تھ ڪؤنروءَ تي ڪا ڪھل ڪريو. پر چنيسر پنھنجي قول کان باز نھ آيو. جڏھن جکري ھيءُ نااميديءَ جو نياپو ڪؤنروءَ ۽ ماڻس کي آڻي رسايو، تڏھن ٻنھي جا ڇھھ ڇڄي پيا، ۽ اکين اڳيان انڌيون اچي وين. آخر ٻيو ڪو اپاءُ نھ ڏسي، رٿ

رٿيائيون تھ مال اسباب وڪڻي، ويس مٽائي، وڃي ليلا وٽ پورھيتون ٿي بيھون تھ من ڪنھن موقعي تي، چنيسر کي تجويز ڪري، ليلا تان چت کڻائي، پنھنجي پلءِ آڻيون. اھا ڳالھھ ڳڻي، غريباڻو لباس پھري، ليلا وٽ لنگھي ويون، ۽ ليلائي چيائونس: سانئڻ! زماني جي ڏولائن اسان کي ھت رولي ڏولي آندو آھي، پيسو پنجڙ جو ساڻ ھئوسين، سو ٻنو ڏيئي ويو آھي. ڌڻيءَ توکي پنھنجي ٻاجھھ سان وڏيري ڪيو آھي. جي ھيڻين تي ھٿ رکيءِ، تھ ھرج ڪونھي. ٻئي ھٿ جون سڄيون آھيون: امان اڻڻ جي فن ۾ استاد آھي، ۽ آءٌ وري گھرو ڪم ڪار ۾ کـڙي تـڙي آھيان. ليلا کي سندن بيحاليءَ تي قياس آيو. ٻنھي کي ھڪدم پنھنجون خاص ٻانھيون ڪري رکيائين. ڪؤنروءَ تي چنيسر جي سيج وڇائڻ جو ڪم ڌريائين، ۽ ماڻس مرڪيءَ کي چنيسر جي پڳ اڻڻ جو امر ڪيائين.

وقت ويو گذرندو، مگر چنيسر جي وصال جو ڪوبھ امڪان نظر نھ آيو. ھڪ رات نراسائيءَ وچان ڪؤنروءَ جي اکين مان اوچت لڙڪ وھڻ لڳا. ليلا ھيءُ رنگ ڏسي، کانئس رئڻ جو سبب پڇيو. ڪؤنروءَ وراڻي ڏني تھ سائنڻ! رئان ڪونھ ٿي. وٽ سوريندي، تيل ھاڻو ھٿ لڳي ويم، جنھن ڪري اکين ۾ پاڻي اچي ويم. ليلا کي ھن ڳالھھ تي ويساھھ نھ آيو. ورجائي پڇيائينس. آخر سچي ڪرڻي پيس. چيائين تھ ڪو ڏينھن ھو، جو آءٌ بھ تو وانگي ھندورن وچ ۾ ھوندي ھيس. رات جو منھنجي نو لکي ھار وارا شب چراغ اھڙو جرڪندا ھئا، جو اونداھيءَ ۾ اوجر ٿي ويندو ھو. اھي سکر ڏينھن ساريندي، نيڻ ڀرجي آيم. ڪؤنروءَ جي ڪھاڻي ليلا کي دل سان نھ لڳي. ثابتي گھريائينس. ڪؤنروءَ سٽ ڏيئي، پنھنجو نو لکو ھار دٻليءَ مان ڪڍي آئي. ان جي جھلڪي سان سارو محلات ٻھھ ٻھھ ڪرڻ لڳو. ليلا جا سڀاءَ جي چلولي ھئي، ۽ مڻين سان محبت رکندي ھئي، سا ھار پسي ھرکجي ويئي. ڪؤنروءَ ورندي ڏني تھ مون وٽ مال متاع جي ڪمي ڪانھي، فقط چنيسر سان ھڪ رات رھاڻ ڪرڻ ڏينم، تھ ھار مٿانءِ گھوري ڇڏيان. ليلا جنھنجا حوصلا ھار جي ھوس خطا ڪري وڌا ھئا، تنھن ھيءُ شرط ھڪدم قبوليو، ۽ چيائيس ھاڻ وڃي دلجاءِ ڪري ويھھ، رات جو آءٌ پاڻيھي چنيسر کي آڻي تنھنجي ڪمري ۾ پھچائي وينديس.

قضاني، انھيءَ رات چنيسر درٻارين ۽ دوستن سان محفل ڪندي، نشي ۾ الوٽ ٿي ويو ھو. لڙيءَ رات جڏھن موٽي منزل تي آيو، تڏھن ليلا کيس خماريل ڏسي خوش ٿي. ڀانيائين تھ ھاڻ چنيسر کي جيئن چونديس تيئن ڪندو. ڳرھاٽڙي پائي، ليلايائينس تھ ويچاري ڪؤنرو تولاءِ تالان آھي، اڄ رات وڃي اڪير لاھينس. اگرچھ چنيسر پوري ھوش ۾ نھ ھو، تڏھن بھ اھڙيءَ آڇ تي غيرت آيس، ۽ صفا نابري واري، وڦلڻ لڳو. پر ليلا ڪن لاٽار ڪري، کيس ھٿ کان وٺي، ڪؤنروءَ جي ڪمري ڏانھن، ڪاھي ويئي. ڪؤنرو، جنھن جي انتظار ۾ تارا تڪيندي رات وھامي ويئي ھئي، سا چنيسر کي چترائي اندر وٺي ويئي. ٻانڀڻ بھ ڪو ھڪيو تڪيو ويٺو ھو، جنھن ٺھھ پھھ ويڏي پڙھي، سندن ميڙائي جو موک ڪيو. پر چنيسر جو سرت ۾ نھ ھو، سو کيرو ٿي پلنگ تي پئجي رھيو. ڪؤنروءَ کيس سجاڳ ڪرڻ لاءِ گھڻا ئي مٿا مونا ھنيا، پر ڪين وريو. مٿان اچي ڀيڄ ڀني. چنيسر اک پٽي تھ ڏسي تھ ڪؤنروءَ جي ڀر ۾ ستو پيو آھيان. پاڻ کي اھڙيءَ اڻ سھائينديءَ حالت ۾ ڏسي ڏاڍي بڇان لڳيس. بستري تان لھي، ڪمرو ڇڏي وڃڻ تي ھو، تھ مرڪيءَ ھڪل ڪري چيس، سائين! پنھنجي لانئن لڌيءَ کي ڇڏي، ڪاڏي ٿا وڃو؟ ليلا تھ رات اوھان کي ھار تي وڪڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ مرڪيءَ سارو سماچار ڪري ٻڌايس. ٻڌڻ شرط، ليلا دل تان ڪري پيس. ڪؤنروءَ جو اھڙو قرب ڏسي، مٿس موھت ٿي پيو.

ھن روئداد جي خبر جڏھن ليلا کي پيئي، تڏھن گھڻيئي ڪارون وس ڪيائين، پر چنيسر کي نھ آئڙيا. آخر آسرو پلي، ڏھاڳ جو ڏنءُ برسر ڪري، مائٽاڻي ملڪ رواني ٿي. اندر ۾ اھائي آس ھيس تھ ڪنھن ڏينھن مڙيو ئي چنيسر سنديس مدايون ميٽي، کيس پناھھ جو پاند ڏيئي، وري بھ مٿس مھر جو ھٿ ڌريندو. پر ورھين جا ورھيھ گذري ويا. چنيسر جو پروئي نھ پيو.

سانگي سان، جکري وزير جو مڱڻو ليلا جي مائٽن مان ٿيل ھو. جڏھن انھن کي ليلا جي ڏھاڳ جي پروڙ پئي، تڏھن سڱ ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيائون. جکرو جو محبت جي ڪڙي ۾ قابو ھو، تنھن وڏا وس ڪيا، پر مڱ جا مائٽ پڙ ڪڍي بيٺا. لاچار جکرو ليلا وٽ لنگھي ويو، ۽ وڃي ستايائينس. ليلا کي ھن جي حال تي رحم آيو. چيائينس تھ جيڪڏھن چنيسر کي مون وٽ ھڪوار آڻيندين، تھ تو ٻانھن مون کان لھڻي. جکرو ھيءُ شرط قبولي ديول ڪوٽ موٽيو. چنيسر کي ھٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪيائين تھ جيئن وڻيو، تيئن قدم رنج فرمائي، مون مسڪين جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي، پنھنجو پاڻ ڀلايو. چنيسر سندس عرض اونايو، ۽ ساٿ سان سنڀري، ليلا جي ساڻيھھ ڏي روانو ٿيو. جڏھن ڄڃ اچي شھر کي اوڏي پھتي، تڏھن ليلا ۽ سندس سھيليون اکڙيون ڪڍي، راڻي جي آجيان لاءِ ناچ ۽ گانو ڪنديون، اڳتي وڌيون. ليلا جو ناز ۽ نخرو ڏسي، چنيسر کيس سڃاڻڻ بنا، مٿس مفتون ٿي پيو. چيائينس، اي نازنين! گھونگھٽ کولي، منھن تھ ڏيکار. پڪ اٿم تھ جھڙو آواز مٺو اٿيئي، تنھن کان وڌيڪ منھن موچارو ھوندءِ. ليلا اکـڙي لاھي، چنيسر اڳيان نروار ٿي بيٺي. ھيءُ اوچتو لقاءُ چنيسر سھي ڪين سگھيو. اگرچھ ظاھر طور، ليلا سان لاڳاپا لاھي ڇڏيا ھئائين، تڏھن بھ ھن جي لنءُ جي لغار سندس دل ۾ ھميشه لڳل ھوندي ھئي. ھاڻ سندس روح اھڙو ريلو ڏنو، جو اتي جو اتي پران ڇڏيائين. ليلا پڻ ھيءُ حال ڏسي مورڇا ٿي ڪري پيئي، ۽ مري، محبوب سان ميلو ڪيائين.

ھن قصي ۾ رچيل تمثيل

سر ليلا ۽ چنيسر ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سر مومل راڻي ۾ شاھھ تصوف جو ھڪ خاص باريڪ نڪتو بيان ڪيو آھي، جو آھي: خدا جي غيرت. ليلا مان مراد آھي اھو سالڪ جنھن کي خدا جو وصال ھڪواريءَ نصيب ٿيو آھي، پر پوءِ نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي، اوجھڙ وڃي پوي ٿو، ۽ حقيقي محبوب کان منھن موڙي، مجازي مزن جو شڪار بڻجي ٿو. ازانسواءِ سالڪ کي طريقت جي واٽ ۾ مڪاشفا ۽ مشاھدا حاصل ٿيندا آھن، جي گھڻو وقت جٽاءُ نھ ڪندا آھن. ڪي سالڪ انھن تي ئي ھرکجي، حق جي تلاش ڇڏي ڏيندا آھن. انھيءَ ڪري خدائي غيرت جنبش ۾ اچي ٿي، ۽ سالڪ کي ڦوڙائي جو فلق لڳي ٿو. خدا جي پيغمبر ' جو فرمودو آھي تھ ان سعدا لغيور وانا اغير من سعد، ولله اغير مني، ومن غيرته حرم الفواحش ما ظھر منھا ومابطن يعني بيشڪ سعد(3) غيرت وارو آھي، ۽ آءٌ سعد کان وڌيڪ غيرتمند آھيان، پر خدا مون کان بھ وڌيڪ غيرتمند آھي، ۽ پنھنجيءَ غيرت وچان ان سڀني ڳجھين توڙي پالھين بڇڙاين کان روڪ ڪري ڇڏي آھي. انھيءَ غيرت جي ئي ڪري آدم کي بھشت مان نيڪالي ملي. آدم کي جنت ۾ سڀئي نعمتون موجود ھيون، پر شيطان جي چئي لڳي، خدا جي امر کي آڏو ڦري، منع ٿيل ميوو کاڌائين. ھن رتيءَ جي رھاڻ جو نتيجو اھو نڪتو جو کيس وڇوڙو سھڻو پيو. سالن جا سال پئي ٻاڏيائين. آخر جڏھن پاڻ مان سڀ غيرگمان ڪڍي ڦٽو ڪيائين، تڏھن سندس توبھ قبول ٿي، ۽ وري وصال جو ورق وريس. اھڙيءَ طرح ليلا کي بھ چنيسر جي وصال ۾ طرحين طرحين سک ۽ آرام ميسر ھئا، پر ڪؤنروءَ جي ڌتارڻ تي مڻئي تي موھجي، چنيسر جي غيرت جاڳايائين. ان ڪري ڏھاڳ جو ڏک ڏسڻو پيس، ۽ چنيسر جو راڄ، جو گويا بھشت مثال ھو، تنھن مان تڙجي نڪرڻو پيس. ورھين جا ورھيھ پئي روڄ ۽ راڙو ڪيائين، نيٺ مري مھت لڌائين. حڪيم سنائيءَ جو قول آھي:

بڻرچھ از راه او ماني، چھ کفر آن حرف چھ ايمان، بڻرچھ از دوست دور افتي، چھ زشت آن نقش چي زيبا يعني ڪھڙي بھ شيءِ جا خدا جي راھھ کان توکي برطرف ڪري، ڇا ڪفر جو ڪلمو ھجي، ڇا ايمان جو، ۽ ڪھڙو بھ نقش جو توکي دوست کان دور ڪري خواھھ بڇڙو ھجي، خواھھ سھڻو، تھ انھن مڙني کان گوشو ڪر.

 

حوالا

1.                       ڪڇ ملڪ جي ڪھاڻين ۾ راڻو کنگھار سولنڪي راجپوتن جي خاندان مان شمار ڪيو ويو آھي، ۽ کيس لکپت جو صوبو ڄاڻايو ويو آھي.

2.          ميجر راورٽي پنھنجي ڪتاب مھراڻ (ص- 322) ۾ لکي ٿو تھ گھڻيءَ کوجنا بعد معلوم ڪيو ويو آھي تھ ديول ڪوٽ يا ديول بندر مڪلي ٽڪريءَ جي ڇيڙي وٽ، پير پٺي جي مقبري ڌاري، سنڌونديءَ جي شاخ بگھاڙ جي ڪنڌيءَ تي، ھڪ عاليشان شھر ۽ مشھور واپار جو مرڪز ھو. سندس ذڪر تاريخن مان لڀندو. تحفة الڪرام جي سند موجب چنيسر ديول ڪوٽ تي 1288ع کان وٺي 1306ع تائين حڪومت ڪئي.

3.          سعد بن معاذ حضرت محمد ' جن جي اصحابن مان ھڪڙو ھو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com