سيڪشن؛شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :1

ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

(آتم ڪهاڻي)

شيخ اياز

منهنجو ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ڇپجي آيو ته زرينا غصي ۾ چيو: ”مون تنهنجو سڄي عمر ساٿ ڏنو آهي، توسان سک ڏک ورهايا اٿم، تنهنجي ٻارن جي پرورش ڪري، انهن کي وڏو ڪيو آهي، تنهنجي ڪم ۾ رخنو نه وڌو آهي، پر ان سڀ جي باوجود تو مون تي فقط هڪ صفحو لکيو آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي.“

مون کيس چيو : ”زرينا! توکي ياد آهي ته ننڍي هوندي مون توکي رنگا رنگ پوپٽ پڪڙي ڏنو هو ته تو ان کي ٿوريءَ دير چپٽيءَ ۾ جهلي، ڇڏي ڏنو هو ۽ چيو هو ته:”هن کي نه ڇڏيان ها ته پر پٽجي پونس ها.“

”هائو مون کي ياد آهي.“ زرينا جواب ڏنو. ”پر توکي اهو اڄ ڇو ياد اچي رهيو آهي؟ ڇا اڃا اُڏامڻ چاهين ٿو؟ مون سڄي عمر توکي آزاد ڇڏيو آهي، اڃان ڪا حسرت رهي اٿئي ڇا؟“ زرينا جي منهن تي مرڪ ائين هئي جيئن گلاب جي مکڙي پهرين تڙڪي ۾ ماڪ تي مُرڪندي آهي.

”نه ــ نه. منهنجو مطلب اِهو ته نه هو، اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي. بسنت ڦٽي چڪو آهي. توکي ته معلوم آهي ته مارچ شاعرن ۽ آرٽسٽن جي ڄم جو مهينو هوندو آهي ۽ مان ان مهيني جي 2 تاريخ تي ڄائو هوس. مون کي پنهنجي زندگيءَ جا 72 سال ياد اچي رهيا آهن. اهو سفر مون ڪجهه ته ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ لکيو آهي ۽ ڪجهه هاڻي لکڻ ٿو چاهيان. پر ان سفر ۾ جمال ابڙي، ابراهيم جوئي، غلام رباني آگري ۽ رشيد ڀٽيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيئي همسفر آهن، جن جو ذڪر مان هن ڪتاب ۾ ڪرڻ ٿو چاهيان.“

”مثلاً.“ زرينا غصي مان پڇيو.

”مائيڪل اينجلو.“

”اهو ڪير هو؟“ هن تعجب مان مون ڏانهن ڏٺو.

”اهو دنيا جو عظيم ترين مصور هو. جنهن لاءِ چيو ويو آهي: هُن اُن هر ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، جو مصوريءَ ۾ انساني جسم جي باري ۾ ڪري سگهجي ٿو، ان جي هر اشاري، هر چرپر جي باري ۾. هو صنم تراشيءَ ۾ به اهڙو ئي چڱو هو. هو سال 1475ع ۾ فلارنس جي ٽسڪنيءَ شهر ۾ ڄائو هو ۽ دنيا جا عظيم ترين شاهڪار تخليق ڪيا اٿائين. هڪ ڀيري منهنجي مرحوم دوست نعيم صديقيءَ مون کي ٻڌايو ته جنهن وقت هو، مائيڪل اينجلو جي فلارنس جي چرچ ۾ تخليق ڪيل سسٽين چئپل (Sistine Chapel) ۾ بيٺو هو، تنهن وقت هن ائين محسوس ڪيو هو ته هو بهشت ۾ اچي نڪتو آهي. هن جي مٿان ڪروبي اڏامي رهيا آهن. هو موت ۽ حيات جو ڊرامو ڏسي رهيو آهي، جنهن ۾ انسان جي ساري تاريخ ڪائنات جي تخليق کان وٺي منقش آهي. مون هن جي زندگيءَ تي چارلس مارگن (Charles Morgan) جو ناول ساندهه ٻه راتيون پڙهيو هو ۽ ان منهنجي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. منهنجو هڪ مداح سانگهڙ جو حسن وساڻ مون کي هن جي زندگيءَ تي هڪ وڊيو ڪئسٽ به ڏئي ويو هو، جيڪا مون ڏهه ڀيرا ڏٺي آهي.

هن فن کي زندگي ائين ارپي هئي، جيئن مون ارپي آهي. مون هن سان اجنتا جي مصوري ۽ صنم تراشي گڏ ڏٺي هئي. اميد ته توکي ڪوئي اعتراض نه ٿيندو. جي مان هن کي توسان گڏ زندگيءَ جي سفر ۾ کڻان. آرٽ جي ڪتابن ۾ آهي ته هو سورهينءَ صديءَ ۾ مري ويو، پر مون لاءِ هو اڃان جيئرو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري به ڪندو آهي. مون هن جي اصرار تي 1963ع ۾ هن کي اجنتا جون گفائون ڏيکاريون هيون.“

زريناجواب ڏنو: ”مون کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. هن جا ته هڏا به ڀُري ويا هوندا.“

مون جواب ڏنو: ”زرينا هو اَمر آهي. عظيم آرٽسٽ ۽ شاعر مرندا نه آهن.“

”ٻيو ڪير؟“ زرينا پڇيو.

”وان گوگ.“

زرينا مون ڏانهن حيرت مان ڏسي پڇيو: ”اهو وري ڪير آهي؟ ڇا اهو به ڪو اَمر انسان آهي؟“

”هائو، اهو به اَمر انسان آهي. سال 1990ع کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ وان گوگ جو سال ڪري ملهايو ويو هو. ان وقت ڪنهن جپاني آرٽ جي ذخيري اندوز (Art Collector)  هن جي هڪ تصوير ساڍن پنجاسي ملين ڊالرن ۾ خريد ڪئي هئي. جيئري هن ڏاڍا ڏک ڏٺا هئا. دنيا هن جي قدر شناسي نه ڪئي هئي.“

”اُهو ڪير هو؟“ زرينا پڇيو.

”اهو به عظيم مصور هو، جو نيدر لئنڊ ۾ 1883ع ۾ ڄائو هو ۽ زندگيءَ جي آخري حصي ۾ ديوانو ٿي پيو هو. هن جي برش جا جهٽڪا تصويرن تي ائين ڊوڙندا هئا، جيئن منهنجون سٽون پني تي ڊوڙنديون آهن، انهن ۾ ڪائي برقي رو هوندي آهي.اهو مون کي هر ڏک ۾ ڏڍ ڏيندو رهندو آهي ۽ جڏهن به مون شاعريءَ کي ترڪ ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي ته هن مون کي جهليو آهي. ڇا هن جي سفر ۾ شموليت تي توکي ڪوئي اعتراض آهي.“

”نه.“ زرينا جواب ڏنو. ”پر اهي ته ٻئي مصور هيا، تون ته شاعر آهين.“

”مون ٻوليءَ ۾ مصوري ڪئي آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ جيتريون تصويرون آهن اوتريون ڪنهن به مصور جي مصوريءَ ۾ نه آهن. ها مان سفر ۾ شاعرَ به ساڻ کڻڻ ٿو چاهيان.“

”ڪهڙا؟“

”پهرين ته ’برونو‘، جيڪو اطالوي شاعر هو. جنهن کي جيئري جلايو هئائون. هو مون سان چکيا ۾ گڏ هو، جنهن باهه جا شعلا مون کي به وڪوڙي ويا هئا. ٻيو ’ڀٽائي‘. هو مون سان لاڙ ۽ ٿر جي سفر ۾ ساڻ هو. جيتوڻيڪ جمال، ابراهيم، ڀٽي ۽ ٻيا هن کي ڏسي نه ٿي سگهيا، پر مان هن کي نه رڳو ڏسي رهيو هوس، پر هن سان ڳالهائي به رهيو هوس.“

”مان ڀٽائيءَ جو ته محتقد آهيان. تون مڃ نه مڃ پر هو توکان وڏو شاعر هو. هو ولي الله هو، تنهنجي ساري زندگي معصيت ۾ گذري آهي.“ زرينا چيو.

”ٿي سگهي ٿو. پر مون کان هن جون ٻه سٽون نه ٿيون وسرن. هڪ ”مون کي ماءُ مجازَ، پڃاري جيان پڃيو.“ ۽ ٻي مون دل ۾ ورجائي ”پرينءَ جي پستان جو، فاقوئي فرحت، آهي عبداللطيف کي.“

”ٻيو به ڪوئي.“

”ها هونءَ ته ڪيترائي شاعر منهنجا همسفر رهيا آهن. ’هومر‘ جي دؤر کان وٺي منهنجي دؤر تائين، جيڪي ڪجهه وقت مون سان گڏ رهيا آهن. پهرين انهن مان ’ڪبير‘ کي کڻڻ ٿو چاهيان.“

”ڪهڙو ڪبير؟ ڀڳت ڪبير؟“

”هائو، ڀڳت ڪبير، هُو برصغير ۾ ڀڳتي تحريڪ جو سڀني کان اهم شاعر هو. هن کان انسانيت جو جيڪو سبق مون پرايو آهي، ٻئي ڪنهن شاعر کان نه پرايو اٿم. ٻيون ڪجهه شاعرائون به آهن، جيڪي مري چڪيون آهن. هڪ ته هئي تورو دت.“

”ڪير؟“

”تورو دت.“ مون ورجايو. ”اها بنگال جي شاعره هئي، پر هن انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي هئي. هن کي ٽن ٻولين تي دسترس هئي. بنگالي، انگريزي ۽ فرينچ. پر هوءَ پنهنجا سپنا، انگريزيءَ ۾ اُڻي سگهندي هئي. مون کي چئن زبانن تي عبور آهي. انگريزي، سنڌي، اردو ۽ فارسي. پر مان پنهنجا سپنا فقط سنڌيءَ ۾ اُڻي سگهندو آهيان. اسان ٻنهي جو تاڃي پيٽو الڳ آهي ۽ هن جو ڪجهه جهونو ٿي چڪو آهي. تورو 4 مارچ 1856ع ۾ پيدا ٿي هئي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ 1877ع ۾ مري وئي. مون هن جو هڪ ڪتاب پنهنجي استاد هاسانند جي مدد سان ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو.هن ئي مون کي سنسڪرت ادب سان آشنا ڪرايو هو.جنهن جو هوءَ مطالعو ڪري رهي هئي ۽ جنهن ۾ بيحد دلچسپي وٺي رهي هئي. هڪ ڀيري لنڊن ۾ هن چيو هو ته ٻي ڀيري مان جڏهن لنڊن ايندس ته سنسڪرت جي پوري پنڊتياڻي ٿي ايندس. مان هن سان سروجني نائڊو ۽ ڇٽو پاڌيا ۽ هندستان جي جديد انگريزي ادب تي به بحث ڪندو آهيان.“

”ائين ته فيض احمد فيض، سبطِ حسن ۽ ٻيا دنيا جاڪيئي شاعر ۽ اديب منهنجا همسفر رهيا آهن. مون سان گفتگو ڪئي اٿائون. جيئن ڀٽائيءَ سان سامي، آڌوتي، گاروڙي وغيره ڪندا هئا ۽ ڀٽائيءَ اُمي هوندي، انهن کان ايترو علم پرايو جو عظيم شاعري ڪئي اٿائين. ڀٽائيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيئي صوفي منهنجا همسفر رهيا آهن. بيدل دهلوي جنهن جو غالب ۽ اقبال تي اثر هو. غالب جو هڪ ٻه شعر ته بيدل دهلويءَ جي شعرن جو ترجمو آهن. جيئن ڀٽائيءَ جا هڪ ٻه بيت فريد شڪر گنج جي پنجابيءَ ۽ ميران ٻائيءَ جي هندي دوهي جو ترجمو آهن. برصغير جا ٻيا به شاعر آهن، جن سان مون ڪافي وقت گذاريو آهي. خاص ڪري امير خسرو، ٽئگور ۽ اقبال. انهن سان به هم ڪلام رهيو آهيان ۽ انهن جي دؤر جي هنن کان پڇا ڪئي اٿم. سندن شاعريءَ جا ڪتاب اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ براههِ راست پڙهيا اٿم. پر مون ڪيترن مشرق ۽ مغرب جي شاعرن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ پڙهيو آهي، پر انهن سان صحبت نه رهي آهي. سواءِ ڪجهه شاعرن جي جن جو ذڪر مون اڳ ۾ ڪيو آهي.“

”تو فلسفي جو مطالعو به ته ڪيو آهي ۽ منهنجي راتين جي ننڊ ڦٽائي آهي، منهنجي اکين جا ڇپر اڃان تائين توتي دانهين آهن.“ زرينا چيو.

”ها زرينا.“ مون جواب ڏنو. ”مان سقراط، ارسطوءَ کان وٺي اسپنوزا ۽ سارتر ۽ فارابي ۽ ابن سينا کان وٺي اِبن عربي ۽ اخوان الصفا تائين سڀني سان سفر ڪيو آهي. اقبال ته منهنجي حياتيءَ ۾ گذاري ويو، پر مان هن سان  ’بانگِ درا‘، ’بال جبريل‘، ’ضربِ ڪليم‘، ’پيام مشرق‘، ’اسرار خودي‘، ’رموز بي خودي‘ ۽ ’جاويد نامه‘ ۾ گڏ رهيو آهيان. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي منهنجو هن سان اتفاق نه آهي. اهو سفر به ٻين سفرن وانگر وقت ۾ سفر آهي، ائين چئجي ته خيالن جي دنيا جو سفر آهي.

”تو سياست ۾ به ڪافي وقت وڃايو آهي. ڪنهن سياستدان کي سفر ۾ کڻندين.“

”ها، حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ مهاتما گانڌيءَ کي. منهنجي نظر ۾ گانڌي هن صديءَ جو عظيم انسان هو. اهي سڀ انسان جي مون سان سفر ۾ رهيا آهن، منهنجي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ٿي رهيا آهن. مان چڱيءَ طرح ڄاڻان ته اهي ڇا هيا، اهي اڃان تائين منهنجي پاڻ ۾ سمايل آهن. مون سان هم ڪلام رهندا آهن ۽ اهي ائين منهنجا پنهنجا آهن، جيئن منهنجو نالو پنهنجو آهي. ها، مان پنهنجي زندگيءَ جو پورو پوتاميل فقط ڀٽائيءَ کي ڏيڻ چاهيان ٿو. جيئن ڪازان زاڪس، مصور ايل گريڪو کي ڏيڻ لاءِ تيار هو، جيڪو هن جو پيش رَو  يوناني آرٽسٽ هو. ڀٽائي نه صرف منهنجي ٻوليءَ جو شاعر هو،  پر هن کان مون ڪافي ڪجهه پرايو آهي.“

”مان انهن مصورن مان ۽ مغربي شاعرن مان ته نه ڄاڻان. تون ئي انهن جي باري ۾ مون کي ٻڌائجانءِ. مون ته فقط شاهه، سچل ۽ ساميءَ کي ٿورو پڙهيو آهي.“ زرينا چيو.

”سچل ۽ سامي ايڏا وڏا شاعر نه آهن. انهن فقط ڪجهه سٽون چڱيون چيون آهن. هومر، ”اليڊ“ ۽ ”آڊيسي“ نه لکي ها ۽ فقط ڪجهه مترنم شعر لکي ها ته هن جي ايتري قدر قيمت نه ٿئي ها. هونءَ ته شيڪسپيئر جون ”آٿيلو“ مان ڪجهه سٽون هن جي امرتا لاءِ ڪافي آهن.“

”مرڻ ۽ ننڊ ڪرڻ

اتفاق سان سپنو ڏسڻ

اتي ئي ته مهٽو اچي ٿو.“

يا ٻئي هنڌ چيو اٿائين:

”وقت زندگيءَ جو تت آهي

۽ زندگي وقت لاءِ هڪ بيوقوف وانگر آهي

۽ وقت جو ساري زندگيءَ تي حاوي آهي

ان لاءِ ضروري آهي ته اهو

ڪٿي بيهجي وڃي.“

اهي ٻه ٽڪرا ئي شيڪسپيئر کي زندگيءَ جاويد ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن. پر پوءِ به هن 39 ڊراما لکيا هئا. مون ويسٽ منسٽر ايبي ۾ هن جي قبر تي بيهي چيو: ”اُٿي مون سان ڳالهاءِ. هي ڪميونسٽ تنهنجي باري ۾ جک ماري رهيا آهن. ڇا تون فقط پنهنجي د‍ؤر جو آئينو هئين يا تو ان تان فقط زنگ مٽايو هو، جو ازل ابد جو آئينو آهي. پر مون کي توسان ۽ ڪجهه خاص ٻين سان سفر ۾ زياده گفتگو نه ڪرڻي آهي، نه ته هي داستان الف ليليٰ جي داستانن کان وڏو ٿي ويندو.“

زرينا، مون انگريزيءَ ۾ هڪ عجيب ڪتاب پڙهيو هو Story of Briday Murphy (برائڊي مرفيءَ جي ڪهاڻي) جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ هئپناٽسٽ (Hypnotist)  هڪ ڇوڪريءَ تي تجربو ڪيو. هن کي هئپناسس (Hypnosis)  هيٺ آڻي، هو چوي ٿو: ”پٺتي وڃ.“ ته هوءَ ڏهه سال پٺتي جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي. هو وري هن کي چوي ٿو: ”اڃان به پٺتي وڃ.“ تان جو هن کي پنهنجي ڄم تائين وٺي ٿو وڃي، جو هوءَ ’اوئان اوئان‘ ڪرڻ لڳي ٿي. اوچتو Hypnotist  کي ڪوئي خيال اچي ٿو ۽ هن کي چئي ٿو: ”اڃان به پٺتي وڃ.“ ٿورڙيءَ دير ۾ هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي ٿي ۽ عجيب غريب ناچ ڪري ٿي، جو هئپناٽسٽ ڪٿي به نه ڏٺو هو. هن ڇوڪريءَ کان جڏهن پڇيو ته: ”اهو ناچ تو ڪٿي سکيو آهي؟“ ته چيائين: ”مان سترهينءَ صديءَ ۾ آئرلينڊ ۾ رهندي هيس، منهنجو نالو برائڊي مرفي هو ۽ منهنجو پيءُ بئريسٽر هو.“ پوءِ هن کي پنهنجي رهائش جي جاءِ جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ ٻيا ڪيئي تفصيل ٻڌايائين، جي هن ناچ ٽئپ ڊانس (Tap Dance)  سوڌا رڪارڊ ڪيا ويا. پوءِ سائنسدانن جو هڪ پئنل مقرر ڪيو ويو، جن آئرلينڊ وڃي ڪافي تفتيش ڪئي، رڪارڊ ڏٺا ۽ ان نتيجي تي پهتا ته برائڊي مرفيءَ جي ڳالهه صحيح هئي ۽ پنر ــ جنم هڪ حقيقت هئي. ان ڪتاب جون انگريزيءَ ۾ ئي ڪروڙين ڪاپيون وڪاڻيون هيون. ڪيئن چئجي ته اها ڪوڙي ڪهاڻي هئي ۽ پئسي جي لالچ جي ڪري گهڙي وئي هئي، پر جنهن وقت اهو ڪتاب ڇپيو هو ته نقاد ان ان راءِ جا هئا ته اها ڪجهه ماڻهن جي ٽولي لاءِ گهڙڻ ناممڪن هئي. بهرصورت ڪهاڻي نهايت دلچسپ هئي. مون به ائين زرينا کي چيو ته: ”تون ۽ مان ساڳئي پاڙي ۾ ويجهو رهندي زندگي گذاري آهي. پٺتي وڃ ۽ ياد ڪر ته ننڍي هوندي اسان جي شڪاپور ۾ اسان جو پاڙو، اسان جي اردگرد، اسان جي ٻولي ۽ اسان جي روزمرهه جي زندگي ڪئين هوندي هئي“

زرينا ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”سٺ کان مٿي سال ٿيا آهن ۽ هاڻي منهنجا وار به اچي اڇا ٿيا آهن.“ ۽ پنهنجي ڏوهٽي روماسا جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيائين: ”هر ڏينهن جو هن جي زندگيءَ ۾ وڌي رهيو آهي، اسان جي زندگيءَ مان گهٽجي رهيو آهي.“

مون اهي لفظ ٻڌي ائين محسوس ڪيو ته مان ڪائنات جي ڇيڙي تي پهچي چڪو آهيان ۽ مون ۾ رڳو اها خواهش وڃي رهي آهي ته پنهنجي سوانح حيات کي پورو ڪريان ۽ ان کان پوءِ ان جي آخري ڪنڊ تان پولار ۾ ٽپو ڏيان. موت ڪيتري وقت کان خلا ۾ منهنجو انتظار ڪيو آهي.“ اوچتو خيال آيو ته ڇا موت، پولار آهي، نيستي آهي، انسان ڪجهه به نه آهي ۽ ان ڪجهه به نه ۾ سمائجي وڃي ٿو، جا ازل کان ابد تائين ڇوليون هڻي رهي آهي؟“

مون جڏهن ساميءَ جي نالي سلوڪ لکيا هئا، تڏهن منهنجي اها ڪيفيت هئي، پر هاڻي ته مان روح جي ابديت ۾ اعتبار ڪيان ٿو ۽ ساڳيو ماڻهو نه رهيو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته مان سدائين محويت جي عالم ۾ پنهنجي وجود کان غافل رهيو آهيان. ان تي مون کي بايزيد بسطاميءَ جي باري ۾ هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي. ڪنهن شخص کي بايزيد سان ملاقات جو شوق ٿيو ۽ وڏو سفر ڪري هن جي شهر ”بسطام“ ۾ اچي نڪتو. هيڏانهن هوڏانهن پڇا ڪري، بايزيد جو گهر اچي ڳولي لڌائين ۽ ان جو ڪڙو کڙڪايائين ته هڪ باريش شخص ٻاهر نڪري آيو، جنهن سان السلام عليڪم ڪري هُن کائنس بايزيد جي باري ۾ پڇيو. ان باريش شخص کيس جواب ڏنو: ”هتي ته بايزيد نالي ڪوئي شخص نه رهندو آهي.“ اهو شخص جو بايزيد جي ڳولا ۾ نڪتو هو، پٺتي موٽيو ۽ پاڙي اوڙي کان بايزيد لاءِ پڇيائين، جنهن تي ڪنهن شخص جو هن جي ويجهو بيٺو هو، کيس چيو: ”جنهن باريش شخص توسان ڳالهايو پئي، اهو ئي ته بايزيد هو.“ هو وري در تي موٽي آيو ۽ ڪڙو کڙڪايائين ته ساڳيو بزرگ ٻاهر آيو ۽ هن کيس چيو: ”پاڙي وارا ته چون ٿا ته اوهان ئي بايزيد آهيو.“ ان تي بزرگ وراڻيو: ”مان هن گهر ۾ ڏهن سالن کان رهندو آهيان، مون کي ته بايزيد جي نالي سان ڪوئي ماڻهو نه مليو آهي.“ اها آهي استغراق جي ڪيفيت جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود کي وساري ٿو ڇڏي. ڪافي سالن کان شاعريءَ مون تي اها ڪيفيت طاري ڪئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون کي Spilt Personality (وکريل شخصيت) آهي ۽ جڏهن وڪالت ڪندو هوس ته مون کان وسري ويندو هو ته مان ڪو شاعر به آهيان.“

چڱو هاڻي تون ننڍي هوندي جون سارون به ٻڌاءِ!“

زرينا وري روماسا جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پڇيو: ”هوءَ ڪهڙي سٽ ٻڌائيندو آهين، ’جڳ مڙيو ئي سپنو؟‘ اها پوري سٽ ڪئين آهي؟“

مون جواب ۾ چيو: ”اَسو آکاڻي، جڳ مڙيو ئي سپنو.“ زرينا مان انهيءَ سپني جي آکاڻي لکڻ ٿو چاهيان. اهو سپنو جو ڪنهن وقت آبشار وانگر وهيو آهي. ڪنهن وقت جوالا مکي وانگر ڦاٽ کاڌو اٿائين. اسان ننڍپڻ گڏ گذاريو آهي ۽ توکان سواءِ شايد ئي ٻيو انسان آهي، جنهن سان مان ايتريون يادگيريون ورهائي سگهان.“

هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ مون نوٽ ورتا، ڪجهه هن جي يادگيرين جا، ڪجهه پنهنجي يادگيرين جا.

هاڻي ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جي ڇپجڻ ۽ اُن جي مقبوليت کان پوءِ خيال آيو آهي ته انهن کي قلم بند ڪيان. اسان سؤٽيءَ سؤٽ هئاسون ۽ شڪاپور جي شيخن جي پاڙي ۾ رهندا هئاسين، جتي ٽي وڏيون نِمون هيون، جن جي چوڌاري هندڪا ۽ مسلمانڪا گهر هوندا هئا. مان ۽ منهنجا جيڏا سرتا ۽ زرينا جون جيڏيون سرتيون گڏجي راند ڪندا هئاسين. مان اڄ به صاف ڏسي رهيو آهيان ته جنڊيءَ تي لٿل لاٽوڻي، زندگيءَ جي ڦيري وانگر ٽِڪ ٻڌي ڦري رهي آهي، جا زرينا جي پيءُ آندي هئي، جيڪو جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هوندو هو ۽ ڪشمور جي جنڊيءَ جو سامان لاٽوڻيون، لاٽون، اٽي ڏڪر، ڏوريون، منڌيئڙا، چٿڻا، ويلڻ، اکريون مهريون، دٻلا، دلن جون ڍڪڻيون، گهگهين جا بونبا، کٽن جا پاوا جنڊيءَ تي چڙهيل پٽ سان کٽوليون، گلدان، هٿ ۾ کڻڻ جون سوٽيون، ڪپڙن ڌوئڻ جو سوٽيون، ننڍڙا ٻارن لاءِ ۽ وڏا وڏن جي لڏڻ لاءِ پينگها ۽ ميڻ بتين جون گهوڙيون وٺي ايندو هو. جن سان زرينا جن جو گهر ايترو ته ڀريل هوندو هو، جو جنڊيءَ جي هنر جي نمائش لاءِ ڪافي هو. اِٽي ڏڪر به جنڊيءَ تي چڙهيل هوندا هئا. بڪٽ لين مون، نار، آر، وهي، يڪ نه ڄاڻان ته اهي ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا لفظ هئا! ڪنهن مصور وانگر زرينا جي زندگيءَ جو ننڍپڻ رنگن ۾گذريو آهي.

مون ڳالهه ٿي ڪئي ته لاٽوڻي ٽڪ ٻڌي ڦري رهي هئي. منهنجي زندگي به ائين لاٽوڻي وانگر ڦرندي رهي آهي. جيتوڻيڪ هڪ هنڌ ٽِڪ ٻڌي بيٺي نه آهي. زرينا کان پوءِ منهنجو وارو آيو. مون لاٽوڻيءَ تي ڏور ويڙهي هلائي ته اها ائين تيزيءَ سان ڦرندي رهي، جيئن شاعريءَ وقت منهنجو دماغ تيزيءَ سان ڦرندو آهي. انسان جي زندگيءَ ۾ هلي هلي لاٽوڻي انسان جي صحت وانگر ڪِري پوندو آهي. جيئن هاڻي سوڀي جي صحت ڪِري پئي آهي. ڪالهه هن مون کي فون ڪئي ته هن جو ڏهن مهينن کان پيٽ خراب ٿي پيو آهي ۽ هو ڪراچيءَ نه اچي سگهيو آهي ۽ مون سان ملي نه سگهيو آهي. تازو هو آغا خان اسپتال مان نڪتو آهي ۽ ڪافي مايوس آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان سوچي به نه سگهندو هوس، ته منهنجي به ڪا صحت خراب ٿيندي. ان تي مون کيس چيو: ”گوتم ٻڌ چواڻي، ٻڍاپو، روڳ ۽ مرتيو هر ماڻهوءَ جي جيون ۾ اوس اچڻو آهي.“ ان تي هن چيو: ”مان توسان سهمت آهيان. ڪنهن وقت توکي فون ڪري تو وٽ پٽ ۽ ننهن سان گڏجي ايندس.“ ٻه ڏينهن پوءِ مون هن کي فون ڪيو ته ڪڏهن ٿو اچي. هن جواب ڏنو ته: ”جج لاڙڪاڻي ۾ ڪيس ملتوي نه ٿا ڪن، سو  ان ڪري اڄ لاڙڪاڻي وڃان ٿو. صحت البت ٺيڪ آهي.“ سوڀو هاڻ پنجهتر ورهين جو ٿي چڪو آهي.

مون کي پاسٽرنڪ جي زندگيءَ مان واقعو ياد آيو. پاسٽرنڪ (Pasternak) ”پيري ڊيلنڪو“ نالي وستيءَ ۾ رهندو هو، جا ماسڪو کان سٺ ميل پري هئي، جتي هن کي فيڊن(Fedin) ۽ ٻين روسي اديبن سان لڳ هڪ ڊاچا (ننڍڙو گهر:(Dacha هو. هڪ ڏينهن پاسٽرنڪ کي گيڙ آيو ته هو اسٽالن کي فون ڪري. جڏهن هن اسٽالن کي فون ڪيو، تڏهن اسٽالن پنهنجي فولادي بنڪر (بُهرو، (Bunker ۾ ويٺو هو ۽ فون هن جي ملٽري سيڪٽريءَ کڻي اسٽالن کي ٻڌايو ته هن سان پاسٽرنڪ ڳالهائڻ ٿو چاهي. پاسٽرنڪ، اسٽالن تي نظم لکيو هو، ان ڪري اسٽالن کي هن لاءِ نرم گوشو هوندو هو. سو ملٽري سيڪريٽريءَ کي چيائين ته، فون مون کي ڏي. هن پنهنجي فائلن مان ڪنڌ ڪڍي پاسٽرنڪ کي چيو:”چؤ توکي ڇا گهرجي؟“

پاسٽرنڪ چيو: ”مان توسان موت ۽ زندگيءَ جي مسئلي تي ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“

”احمق!“ ايترو چئي اسٽالن فون رکي ڇڏي. جي اسٽالن، پاسٽرنڪ کي ٻڌي ها ته انساني زندگيءَ کي ناپائيدار سمجهي ها ۽ ڄاڻي ها ته اها هلندي هلندي لاٽوڻيءَ وانگر بيهي ٿي وڃي ته هو ايترو ظلم نه ڪري ها. اسٽالن ڪجهه وقت کان پوءِ رت جي داٻ (بلڊ پريشر) جي ڪري مري ويو. هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي. انسان ذات جيتريءَ تيزيءَ سان ياد ڪري سگهندي آهي، اوتريءَ تيزيءَ سان وساري به سگهندي آهي.

استاد بخاريءَ جي موت کان پوءِ چار ڏينهن اخبارن ۾ هن جا قطعا ڏنائون ۽ پوءِ هن کي وساري ڇڏيائون. هاڻي هن کي ورسيءَ تي ياد ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو مداح هن تي ليک لکندو آهي.

سوڀو گيانچنداڻي جڏهن ٻه ڏينهن اڳ آيو هو، تڏهن هن سان گفتگو ڪندي مون کي هندستاني مصور ڀنڊاريءَ جو قول ياد اچي رهيو هو، جو هن جي سوانح نگار راءِ چئٽرجيءَ پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب ”ڀنڊاريءَ“ جي پهرين صفحي تي ڏنو آهي.

”مان ڌرتيءَ جو آهيان. مان ڌرتيءَ تي گهمان ٿو، مان ڌرتيءَ جو کاوان ٿو ۽ ڌرتيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه جي باري ۾ نه ٿو سوچيان. هتي ڳالهيون مون لاءِ پوري ڪتب خاني وانگر آهن ۽ مون کي ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي نه آهي. ان ڪري ئي مان سپنن جون تصويرون نه ڪڍندو آهيان . جيڪي مون هن دنيا ۾ پرايو آهي،ان جا چتر ڪڍندو آهيان. ٻيون ڳالهيون مون لاءِ اهم نه آهن.“

سوڀي جون ڳالهيون ٻڌي مون کي فيض احمد فيض ياد آيو هو، جو به سوڀي وانگر منهنجو دوست هو. فيض، سوڀي سان لاهور قلعي ۾ گڏ قيد هو. سوڀو هن جو هرهر ذڪر ڪري چوندو هو ته جڏهن شام جو فيض ۽ سوڀي کي چهل قدميءَ لاءِ ڪمري کان ٻاهر ڪڍندا هئا، تڏهن جيڪڏهن سوڀو هن کان ڪجهه پڇندو هو ته هو فقط ڪنڌ ڌوڻ کان سواءِ ها يا نه ۾ جواب ڏيندو هو. سوڀو اهو به ٻڌائيندو هو ته هن لاهور قلعي ۾ ڪهڙيون عقوبتون سَٺيون هيون ۽ هن کي جنهن سيل ۾ قيد رکيو هئائون، ان ۾ نه فقط سخت سردي هوندي هئي، پر وڇون به هوندا هئا. جڏهن اُتم ۽ سُندري سکر ۾ مون وٽ مهمان هئا، تڏهن سوڀو به مون وٽ ترسيل هو ۽ پنهنجا جيل جا تجربا ٻڌائي رهيو هو. سُندري جڏهن مون سان اڪيلو ڳالهائي رهي هئي ۽ چيو هئائين ته هن جي دنيا ته فقط جيل تائين محدود آهي. ان وقت ئي مون محسوس ڪيو هو ته سندريءَ ۾ ڀرپور زندگيءَ جي تمنا آهي.

مون سکر جي بازار مان سندريءَ کي تحفي ۾ هڪ اعليٰ درجي جي لپ اسٽڪ ۽ روج وٺي ڏنو هو، جو هن قبول ته ڪيو پر چيو ته اسان اهي شيون نه لائينديون آهيون. هوءَ هڪ آدرشي اشتراڪي عورت وانگر سستي سوٽي ساڙهي پائيندي هئي ۽ ميڪ اپ نه ڪندي هئي. هن ڀيري مان جڏهن بمبئيءَ ويو هوس ته هوءَ ستر جي لڳ ڀڳ ٿي چڪي هئي، پر هن کي خوبصورت ريشمي ساڙهيون پهريل هيون ۽ ميڪ اپ به ٿيل هوس. هوءَ وڏيءَ عمر جي باوجود هڪ سندر اِستري لڳي رهي هئي ۽ پنهنجيءَ ڌيءَ بينا جي ڄڻ وڏي ڀيڻ ٿي لڳي. باقي اتم کي ساڳي ڊڪ جي پينٽ، ننڍي بشرٽ ۽ چمپل پاتل هو ۽ اڳي وانگر هڪ آدرشي ساميوادي لڳي رهيو هو، هن جڏهن بمبئي ريڊيو تي مون کان انٽرويو ٿي ورتو ته مون کان آرٽسٽ سان وابستگيءَ جي باري ۾ سوال وڌيڪ اهميت سان پڇيو هئائين. سُندري سامهون ويٺي هئي. بينا مون کان سال کن اڳ بمبئيءَ مان ڪراچيءَ فون ڪري سندريءَ جي ڪهاڻين جي باري ۾ منهنجا تاثرات پڇيا هئا، جي مون هن کي لکايا هئا، جيڪي هن سُندريءَ جي ڪتاب جي پٺيان ڏنا هئا.

سوڀي سان ڳالهيون ڪندي اڪثر سبطِ حسن ۽ ڪامريڊ حسن ناصر جو ذڪر ايندو هو، جنهن کي لاهور فورٽ ۾ اذيتون ڏيئي ماريو هئائون. سوڀي سان پرچي وديارٿي، ڦيرو، هيمون ڪالاڻي ۽ عينشي وديارٿي ۽ ٻين انگريزن خلاف دهشتگردن جو ذڪر به ايندو هو، جن انگريزن جي حڪومت جو تختو اڏائڻ ٿي چاهيو. هيمونءَ جو ورهاڱي کان اڳ وارو گهر، اسان جي سکر واري گهر کان ٻه سئو قدم پري هو، جتي ورهاڱي کان پوءِ رهندو هوس. جڏهن مان هيمونءَ جي گهر وٽان لنگهندو هوس ته منهنجي دل انگريز سامراج خلاف نفرت سان ڀرجي ويندي هئي. شايد ان ڪري ئي مون هيمونءَ تي ڪجهه وائيون لکيون هيون. پرچو وديارٿي منهنجو ۽ منهنجي يار ديوان پرمانند جو ڪلاس فيلو هو ۽ پرمانند سان شڪارپور ڪاليج هاسٽل ۾ ساڳئي ڪمري ۾ رهندو هو. پرمانند ٻڌائيندو هو ته پرچو رات جو ٻه چار ڀيرا هاسٽل جي گرائونڊ تي تيزيءَ سان ڊوڙندو هو ته جيئن گرفتاريءَ جا آثار ڏسي هو تيزيءَ سان ڀڄي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com