سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 2

 

باب ٻيون

عالمي طاقتون  ۽  ننڍيون قومون

 

ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کان ھڪ نئين سياسي صورتحال پيدا ٿي آھي، جيڪا، ڇاڪاڻ تھ شايد ايتريقدر واضع آھي، جو ان کي صحيح پس منظر ۾ نھ ڏٺو ويو آھي ۽ ان جي اثرن کي ڪڏھين بھ پوري  طرح نھ سمجھيو ويو آھي. ١٩٣٩ع تائين اھو چئي سگھجي ھا تھ وڏيون طاقتون ھي ھيون:

1.آمريڪا.

2.برطانيا.

3.فرانس.

4.جرمني.

5.روس.

6.جپان.

7.اٽلي.

اوڻيھين صديءَ ۾ ۽ ويندي ويھين  صديءَ جي پھرين اڌ تائين ، پر ڏيھي معاملن کي ھلائڻ جو روايتي طريقو علائقي معاھدن تي مبني ھو، جنھن جو مقصد ھو ننڍين قومن جي حمايت سان وڏين طاقتن جي گروھھ بندين جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ.انھيءَ تمام نازڪ توازن کي برقرار رکڻ سان ئي امن قائم رکيو ٿي ويو، ۽ امن  تڏھن خطري ۾ پئجي ٿي ويو جڏھن توازن، اٿلي ھڪ نھ ٻئي ٽولي جي فائدي ۾ ٿي ويو. انھن ڏينھن ۾ ننڍيون قومون مختلف سياسي سوديبازين جي ذريعي وڏين طاقتن جي پاليسي ۽ ڳانڍاپي تي اثرانداز ٿي سگھيون ٿي.

اڄ دنيا جي عالمي طاقتن جي ميدان ۾ اچڻ سان اھو ڪجھھ بدلجي ويو آھي. عالمي طاقتون وڏين طاقتن وارين سڀني ڪلاسيڪي صفتن سان گڏ ساڳئي وقت تي وڌيڪ طاقتور آھن ۽ سڄي دنيا جي ماڻھن  جي قسمتن جي تعين ڪرڻ ۾ وسيع ترڪردار ادا ڪن ٿيون . گذريل ويھن سالن جي اندر انھن عالمي طاقتن جي ظھور، حڪومت ھلائڻ جي طريقھ ڪار جي سڄي نظريي کي بدلائي ڇڏيو آھي. اھي سڀ ننڍيون قومون، جيڪي ترقي پذير قومن  جي باب ۾ اچي وڃن ٿيون، تن لاءِ وڏين طاقتن سان لڳاپي کي متعين ڪرڻ ۽ پنھنجي قومي وفاد کي مقدم رکڻ وڌين منجھائيندڙ ۽ مشڪل ٿي پيو آھي. ننڍي قوم جيڪا حڪمت عمليءَ جي نون طريقن کي سمجھي نٿي سگھي تنھن جي  قسمت ۾ نااميدي، نراسائيءَ جو احساس، تنھائي ۽ شايد پڇاڙيءَ ۾ مڪمل تباھي لکجي چڪي آھي. ھڪ ترقي پذير ملڪ جي حيثيت سان، پاڪستان کي اھو سمجھڻ کپي  تھ پنھنجي معاملات کي ھن نئين صورتحال ۾ ڪيئن ھلائجي.

اڄ وڏي طاقت  ڇا آھي ۽ ڪي ڏھاڪا سال اڳ ھڪ وڏي طاقت ڇا ھئي اھا ھڪ ڳڻ آھي جيڪا  ڇنڊ  ڇاڻ جي لائق آھي. شھنشاھي دؤر ۾ وڏي طاقت جي اثر جو دائرو  ۽ قبضو عالمي نوعيت جو نھ پر علاقائي نوعيت جو ھو. سڪندراعظم  ڪوشش ڪئي تھ سڄي دنيا فتح ڪري، پر اھا ھڪ ننڍڙي دنيا ھئي. رومين جون فوجون سڄي يورپ ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪجھھ حصن  تي ڇانئجي ويون ، پر جن ملڪن ۾ روم جو حڪم جاري ٿي ٿيو تنھن کان دنيا اڃا بھ وڌيڪ وسيع ھئي. شارلمين يورپ تي قابض ھو، پر سندس زماني جي سياسي يورپ جون سرحدون مشرق طرف ڪنھن گھڻيءَ حد تائين پکڙيل نھ ھيون. چنگيزخان جي ڪٽڪن ايشيا لتاڙي ۽ يورپ جي ڪجھھ حصن تي گھوڙا ڊوڙايا، پر سندس فتحون دنيا لاءِ عمومي طور تي ديرپا  نتيجن جون حامل نھ رھيون. نيپولين ھڪ عالمي سرشتي جو خواب ڏٺو جيڪو ماسڪو جي رک ۾ ختم ٿيو. ھٽلر بھ ساڳيءَ ھوس  کان متاثر ٿيو، پر ھو بھ ماسڪو جي دروازن تان پوئتي ھڪاليو ويو.

سڪندر کان وٺي ھٽلر تائين، ڪيترائي فا تح دنيا جي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتا پر ناڪام ٿياھڪ کان وڌيڪ کنڊن ۾ بيشمار علائقا ھڪ نھ ٻيءَ شھنشاھي طاقت جي قبضي ۾ برابر آيا پر  گھڻي وقت تائين نھ برطانيا جي وسيع شھنشاھت تي سج ڪو نھ ٿي لٿو، پر سندس  طاقت جي عروج واري زماني ۾ بھ  برطانيا کي ٻين بادشاھي قوتن، خاص ڪري اسپين، فرانس ۽ جرمنيءَ جي حرص  جو مقابلو ڪرڻو ٿي پيو ۽ اھڙيءَ  ريت دنيا، نھ ئي ڪڏھن ڪنھن ھڪ بادشاھي طاقت جي رھبريءَ ھيٺ  رھي ۽ نھ وري ڪنھن معاھدي تحت ڪن اعليٰ طاقتن  جي وچ ۾ ورھائي ويئي . ٻي عالمي جنگ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏھن مرڪزي طاقتون ٽڪرا ٽڪرا  ٿي ويون  تڏھن دنيا اتحادي طاقتن جي زيرنگين ھئي ، پر جنگ جي خاتمي کان اڳي ئي اتحادي طاقتن ۽ روس جي وچ ۾ پنھنجن مفادن تي جڳھڙو ظاھر ٿي جيڪو ھو. پراڻين شھنشاھيتن  جھڙوڪ برطانيا، فرانس ۽ نيدر لئنڊس جو اختيار ايتريقدر تھ گھٽجي ڪچو ھو جو ھنن کي مجبورا  پنھنجن ڏيساورن وارين بادشاھتن تان ھٿ کڻڻو پيو. انھيءَ خلا ۾ فقط ٻھ طاقتون اڳتي وڌيون جيڪي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ طاقتور ۽ ڪامياب ٿي آيون ھيون، يعني آمريڪا ۽ روس. اھي طاقتون ناگزير طور تي سياسي خلا کي پر  ڪندي پنھنجي پنھنجي اثر وارين ايراضين کي مشرق توڙي مغرب ۾ اڳتي وڌائينديون ويون. مغرب ۾ ھو برلن ۽ وچ يورپ ۾ پھچي، ھڪٻئي جي  آڏو صف آرا ٿيون. مشرق ۾  روسين پنھنجي اثر کي پئسفڪ سمنڊ تائين وڌايو، ساڳيءَ طرح آمريڪا، جپان ۽ فلپائين ۾ داخل ٿي، عارضي طرح ڏکڻ - اوڀر  ايشيا  ۾ مرڻينگ فرانسي شھنشاھيت  کي سھارو ڏنو. جيئن آمريڪا روايتي طور انھيءَ معنيٰ ۾ شھنشاھي قوت نھ ھئي جو ڌارين  علائقن تي عملي طرح قابض ھجي، سواءِ فلپائين ۽ ڪئريبين جي چند زير حمايت ٽڪرن جي، ۽ جيئن تھ روس پنھنجي مارڪسي نظريي جي ڪري ڌارين ايراضين تي عملي طرح قابض ٿيڻ جو جواز پيش ڪري نٿي سگھيو، انھيءَ ڪري ڪشمش  جي ھڪ نئين شڪل ظاھر ٿي. اھا جديد  نئو آبادياتي نظام جي ابتدا ھئي. ھاڻي ضروري نھ رھيو ھو تھ ننڍن ملڪن جي قسمتن کي پنھنجي  ھٿ وس رکڻ لاءِ انھن جي علائقي تي حڪم ھلائجي.

شھناشاھيت جو بنيادي مقصد بيٺڪن ۾ پئداوار جي وسيلن کي استعمال ڪرڻ ھو. وسيع ايراضين کي ڦانڊيندي کين شھنشاھي طاقتن جي وچ ۾ ورھايو ٿي ويو، جن محڪوم ماڻھن جي پئداوار جي وسيلن کي چوسي ٿي  ورتو. شھنشاھيت جي روپ جي ڪلاسيڪي معنيٰ ۾ خاتمي کان پوءِ، صرف استحصال جو طريقو ڦيرڦار ھيٺ آيو. جيئن  ئي سامراجي  طاقتون پنھنجن بيٺڪن مان نڪتيون تيئنويڙھايو  ۽ حڪومت ڪريو  جي پاليسي  بيڪار ٿي ويئي، ۽ انھيءَ جي جاءِ نئين زماني جي چئلينج کي منھن ڏيڻ لاءِ ملايو ۽ حڪومت ڪريوجي پاليسيءَ والاري، جيتوڻيڪ مقصد ساڳيو ھو. حالتن جي تبديليءَ  طريقھ ڪار جي تبديليءَ کي لازمي ڪري ڇڏيو. ماضيءَ ۾ ڪالونيون جدا گانھ طور تي الڳ الڳ شھنشاھي طاقت جي استحصال ھيٺ ھيون .ھاڻي جيئن تھ انھن طاقتن پنھنجن قبضن کي خالي ڪري ڇڏيو آھي، انڪري انھن لاءِ اھو ضروري ٿي پيو آھي تھ سابق ڪالونين جي گروپن جي وسيلن کي بھتر اجتماعي استحصال خاطر ملائي ڇڏين . جيئن تھ استحصال ڪندڙن جي حالت بدلجي ويئي آھي، انڪري اھو بھ ضروري ٿي پيو آھي  تھ جنھن جو استحصال ڪيو وڃي ان جي بھ حالت بدلائي وڃي. اڳ شھنشاھي طاقتون استحصالي مقصدن جي پٺيان ڌار ڌار رڌل ھيون. ھاڻي جيئن تھ پنھنجي استحصال مشترڪ فائدي لاءِ اھي پاڻ ۾ گڏجي ويون آھن، انھي ڪري انھن لاءِ اھو بھ اھڙو ئي لازمي ٿي پيو آھي تھ سندن سابق ڪالونيون پنھنجي وسيلن کي ڪٺو ڪن تھ جيئن استحصال ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. نئين ماحول جي اھا تقاضا آھي تھ ٻنھي، سابق ڪالونين ۽ سابق ڪالونين تي قابض ملڪن ۾ ڪجھھ انتظام ڪيا وڃن تھ جيئن تجارتي مارڪيٽون مغرب جي ترقي يافتھ قومن لاءِ فائدي وارن معاھدن تحت گھڻي درآمد ۽  برآمد جو حوصلھ پيدا ٿيون ڪن .اھي سامان جي وڌيڪ کپت جي حوصلھ افزائي ڪن ٿيون ۽ ھڪ منظم طريقي سان وسيلن جو استحصال ڪن ٿيون. ھو بين الاقوامي بنياد تي اگھن جي گھاٽي واڌيءَ کي آسان بنائين ٿيون. انھيءَ ۾ گھڻائي فائدا آھن،  جن مان گھڻي ۾ گھڻا فائداسابق سامراجي طاقتن کي ئي رسن ٿا، ”آزاد دنياجي مفادن جو  تحفظ سھڻي نموني  ٿئي ٿو،  پر اقتصادي استحصال مکيھ مقصد رھي ٿو.  ھي آبادياتي نظام مان ڦري نوآبادياتي نظام  ڏانھن اچڻ لاءِ ھڪ اڻٽر عمل آھي،اھوئي تھ سبب آھي جو اسان جي آزادي محض خيالي رھجيو وڃي.

  مغرب، جنھن ماضيءَ ۾ محڪوم ماڻھن جي اتحاد لاءِ جدوجھد ۾ گھٽ ھمدردي ٿي ڏيکاري، تنھن ھينئر اوچتو سابق نوآبادياتي ماڻھن جي اتحاد کي پسند ڪيو آھي، انھي حد تائين جو گھڻين جاين تي  سابق ڪالونين تي اتحاد کي مڙھيو پيو وڃي. ھر ھنڌتعاونڪليدي لفظ ٿي  چڪو آھي. اسان اتحاد جي خلاف نھ آھيون. حقيقت ۾ اسان آفريقي ايشيائي  ملڪن  جو اتحاد چاھيون ٿا، پر اھو اتحاد  جيڪو رضاڪارانھ طور عمل ۾ اچي، ۽ غيرن جي حفاظت کان سواءِ ھڪجھڙائيءَ جي بنيادن تي قائم ڪيو وڃي. اتحاد واسطيدار ماڻھن جي مفاد لاءِ ئي حاصل ٿيڻ گھرجي ۽ نھ ٻاھرين طاقتن ۽ سندن ايجنٽن جي فائدي لاءِ. انھي کي عوام  جي خدمت لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي نھ ڪي ٻاھرين عنصرن جي حڪم ھيٺ رکيو وڃي. اسان جي ماڻھن کي اھا آزادي ھئڻ گھرجي تھ اتحاد جي فائدي ۾ پنھنجا فيصلا پاڻ ڪن. انھيءَ قسم جو اتحاد ڌارين  جي مفادن جي خلاف آھي، جيڪي اقتصادي ۽ فوجي کاتن ۾ استحصال جي مقصدن تحت اتحاد کي مڙھين ٿا. ماڻھن جي مرضيءَ سان ڪيل ايڪي ۽ انھن تي زوريءَ مڙھيل ايڪي ۾ بنيادي فرق آھي. اھو ايڪو فقط  ”رومينجي امن جو ھڪ تسلسل آھي. اھو ايڪو جيڪو استحصال کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تنھن جي اھي ڌاريون طاقتون يقيني طور تي مخالفت ڪن ٿيون جن جو عزم پنھنجين رعايتن کي ھڪ نھ ٻيءَ شڪل ۾ قائم رکڻ آھي يا ڊپ اٿن تھ اھي رعايتون وٽانئن ھليون نھ وڃن، انھي چوڻ جي ضرورت ئي ڪانھي تھ مغرب انھن حڪومتن جي ايڪي يا باھمي تعاون کي نٿو چاھي جيڪي پنھنجي آزاد حيثيت تي زور  ٿيون ڏين ۽ پنھنجن وسيلن کي پنھنجن ئي مفاد، لاءِ قبضي ۾ رکن ٿيون . اھڙين حالتن ۾ ھرڪا ڪوشش ڪٿي ٿي وڃي تھ کين الڳ الڳ ڪري ڪمزور ڪيو وڃي. حقيقتا آمريڪا ويٽنام ۾ پاڻ کي رتورت ڪري ڇڏيو آھي، تھ جيئن اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام جي ايڪي کي روڪيو وڃي. ساڳيو مسئلو ڪوريا جو آھيڪڏھن ڪڏھن حالتون شايد اھڙو بھ ماحول پيدا ڪن تھ جيئن غير ڪميونسٽ حڪومتن جي ورھاڱي کي ٽيڪو ڏنو  وڃي جھڙي طرح اھو ڀڳيءَ دل سان برصغير ۾ ۽ ان جي ابتڙ وچ  اوڀر  ۾ ڪيو ويو ھو.

 بھرحال اھڙا واقعا استثنائي حيثيت رکن ٿا. اھي ورھاڱا حالتن مطابق، ڪڏھن تھ برداشت ڪيا ٿاوڃن، ڪڏھن انھن جي پٺڀرائي ھن ڪري ڪئي ٿي وڃي. تھ يا تھ ان کان وڌيڪ وڏين مصيبتن کي روڪيو وڃي يا غير معمولي  مفادن جي پوئواري ڪئي وڃي. ملايو ۽ حڪومت ڪريوجو متو ظاھر آھي تھ ھر ھنڌ استعمال نٿو ٿي سگھي، پر ھڪ عام تجويز جي حيثيت سان اھو ناقابل ترديد آھي، عموما اھي ھيسجندڙ ترقي پذير قومن تي استعمال ٿئي ٿو ۽ خصوصا انھنپابندحڪومتن تي جن جا ليڊر پنھنجن ملڪن کي آسانيءَ سان اقتصادي  ۽ فوجي استحصال لاءِ  کليل رکن ٿا. ڪمزور ادارن وارين حڪومتن جي چونڊ ۾ اھو ياد رکڻ کپي تھ جانبدار يا غير جانبدار حڪومتن جي درجھ بنديءَ کي ھاڻي معياري قرار ڪونھ ٿو ڏنو وڃي، اھو متروڪ  ٿي چڪو آھي. انڊونيشيا ۽ گھانا غير جانبدار آھن پر ٻئي مغرب وٽ ٻڌل آھن. بدلجندڙ حقيقتن درجھ بنديءَ کي وڌيڪ لچڪيدار ڪري ڇڏيو آھي، پر خاص طور تي فقط ڪمزور ادارن واريون حڪومتون، جانبدار خواھ غير جانبدار، انھن حڪومتن جي درجي ۾ اچي ٿيون  وڃن، جن جي ٻڌي پسند ڪئي ٿي وڃي. مغربي طاقتون اتي ايڪي کي مڙھڻ گھرن  ٿيون،  جتي سندن مقصدن جي پورائي ٿئي ٿي. سواءِ ان حالت جي، جتي ورھاڱو ھنن لاءِ وڌيڪ سودمند ھجي جيئن شام ۽ مصر جي حالت ۾. برصغير پاڪ  و ھند قائم ڪرڻ رکڻ ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ فيڊريشن قائم  ڪرڻ وارين اٽڪلن جو تجزيو انھيءَ جديد نوآبادياتي پس منظر ۾ ڪرڻو پوندو. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ سان مغرب سابق بيٺڪن ۾ مصنوعي وفاق قائم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي، ويندي انھيءَ  حد تائين جو صدين جي دشمن شھزادن کي بھ انھيءَ مقصد تحت ھڪ اصول تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اھڙي ڪوشش ھندستان ۾ ڪئي ويئي ۽ ملائيشيا ۾ ڪامياب ٿي ۽ وڌيڪ ويجھڙائي ۾ ايراني نار ۾ اھو اصول عمل ۾ آيو.

شھنشاھيت جي خاتمي ۽ عالمي طاقتن جي اوسر عظيم طاقت جي سموري تصور کي بدلائي ڇڏيو آھي. ان جا مفاد بنيادي طرح ھاڻي عالمي نوعيت جا آھن ۽ سندس توسيع جو اوزار جنگي جھاز جي بجاءِ نظريو آھي. عظيم طاقت جو ھاڻي مقصد اھو نھ آھي تھ اھا دنيا تي روايتي انداز ۾ قبضو ڪري، پر ماڻھن جي ذھنن   تي ضابطو قائم ڪري ۽ ترقي پذير ملڪن جي ليڊرن جي تابعداري حاصل ڪري ۽ سو بھ ھرڀرو سڌيءَ  طرح مداخلت جي  بجاءِ اقتصادي غلبي ۽ ٻين طريقن سان. جديد نوآبادياتي دؤر ۾ ڪنھن بھ عظيم طاقت لاءِ ڪنھن ايراضيءَ تي عملي طرح قبضو ڪرڻ لازمي نھ آھي،  ڇاڪاڻ تھ سندس عالمي پاليسيءَ جا مفاد اڻسڌي استحصال ۽ ٻين گھڻن قسمن جي لالچ جي ذريعي پلئھ پئي سگھن ٿا. ڪيتريون طاقتور پرڳپت اٽڪلون ۽ ذريعا  جيڪي گھٽ وڌ ڏورانھين قبضي ھيٺ عمل پذير ٿين ٿا، اھي ساڳيائي نتيجا حاصل ڪن ٿا جيڪي ماضيءَ ۾ عملي غلبي جي صورت ۾ حاصل ٿيندا ھئا. مواصلات جي موجوده ذريعن جي ڪري عظيم طاقتن لاءِ اھو ممڪن ٿي پيو آھي تھ ڪنھن مستقبل قبضي کان سواءِ سڄي دنيا جي ماڻھن جي روزمره جي زندگيءَ تي پنھنجو حڪم ھلائين ۽ پنھنجون ھدايتون جاري ڪن. ھن جديد نظرياتي ۽ نوآبادياتي غلبي جي حوس ڪري دنيا جون طاقتون دنيا جي ھر حصي ۾ ھڪ خوفناڪ عالمي رقابت ۾ داخل   ٿي چڪيون آھن.

اھي ڪھڙا جزا آھن، جن مان ڪا عالمي طاقت ٺھي ٿي؟ اِھو فقط ايراضيءَ جي وسعت يا مادي وسيلن ۽ اقتصادي دولت تي مبني نھ آھي، اھو ڪو فقط سائنسي ۽ فني برتريءَ جو سوال نھ آھي، اھو فقط نظريات جو معاملو ناھي. اھو دراصل انھن سڀني عنصرن جو ميل آھي.

ھندستان ۽ برازيل پکيڙ  جي لحاظ کان تمام وڏا ملڪ آھن، پر ٻنھي منجھان ڪو ھڪ بھ عالمي طاقت ناھي. چيڪو سلوواڪيھ ۽ بيلجم شايد جديد ترين ھٿيار تيار ڪري سگھن، پر انھن مان ڪو بھ عالمي طاقت  بنجڻ جو خواب ڏسي نھ ٿو سگھي. ڪالھھ جون وڏيون طاقتون، مثلا برطانيھ ۽ فرانس ھاڻي فقط پاسيريون  عالمي طاقتون آھن. اسان جي  زماني ۾ موجود، ۽ جنھن ايندڙ زماني تائين اسين اڳڪٿي ڪري سگھون ٿا، عالمي طاقتون فقط ٽي ھونديون- آمريڪا، سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريھ چين. يورپ ھڪ  کنڊ جي حيثيت سان ھڪ چوٿين وڏي طاقت جي صلاحيت رکي ٿو، پر انھيءَ مقصد لاءِ  مشرقي ۽ مغربي يورپ جي درميان ميلاپ ۽ ٻين ڳالھين کان علاوه فرانس، جرمني ۽ برطانيھ جي  درميان سياسي ۽ انتظامي تعاون جي ضرورت آھي. ھڪيورپين يورپجو ھڪ ۽ قابل طاقت جي روپ ۾ اڀرڻ، امن ۽ استحڪام لاءِ مفيد ۽ قابل قدر آھي، پر ان جو فوري طور تي ڪو امڪان  نظر نھ ٿو اچي.

ھن دؤر جي ننڍين قومن جي سامھون سوال ھيءُ آھي تھ اھي پنھنجن معاملن کي اھڙي نموني سان ڪھڙيءَ طرح انجام ڏين، جو سندن بنيادي مفادن جو تحفظ ٿئي، سندن علاقائي سالميت برقرار رھي ۽ اھي عالمي طاقتن خواه ننڍين قومن سان پنھنجن تعلقات م خودمختاري برقرار رکي غير مساوي طاقتن ۽ ننڍين قومن جي درميان تعلقات غير مساوي بنياد تي رکيل آھن. جنھن ڪري وڏيون طاقتون ننڍين قومن کان بيشمار  رعايتون  ھڪجھڙي معاوضي ڏيڻ جي تھ ڳالھھ ڪانھي، ڪافي مقدار ۾ ئي، ڪي  جوابي رعايتون  ڏيڻ کان سواءِ حاصل ڪن ٿيون . ڪنھن بھ ننڍي قوم لاءِ ممڪن ناھي تھ اھا حق ۽ انصاف يا سندس مقصد جي برحق ھئڻ   جي دعويٰ  جي آڌار تي ڪنھن  عالمي طاقت کي پنھنجي اثر ھيٺ آڻي سگھي. آخري تجزيي ۾، مقصد جي سچائي فيصلھ ڪن عامل جي حيثيت نھ ٿي رکي ، پر عالمي طاقتن جو بي مھر ذاتي مفاد  ئي سندن حڪمت عمليءَ جي تشڪيل ڪري ٿو، ۽ ڪنھن بھ عالمي طاقت ۽ ننڍين  قومن جي درميان لامتناھي ۽ غير مساوي مقابلي ۾ عالمي طاقت جي انھيءَ ذاتي مفاد جي ڪامياب ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ھوندا آھن.

پوءِ ڀلا ڇا، ننڍين قومن کي عالمي طاقتن  جي حڪمن جي بي چون و چرا تعميل ڪرڻ گھرجي ۽ مادي فائدن ۽ اقتصادي خوشحاليءَ جي وعدن جي عيوض پنھنجي آزاديءَ جو سودو ڪرڻ گھرجي؟ ان جو جواب ھڪ زوردارنھ“ آھي. ترقي  پذير قومن جا ماڻھو عالمي ڪشمڪش جي شڪنجي ۾ ڦاسي. مايوسيءَ جي حالت ۾ انھيءَ نتيجي تي پھچي  سگھن ٿا تھ اھي موجوده صورتحال تي جزوي طور مس اثرانداز  ٿي سگھن ٿا ۽ ان کان زياده سندسن اختيار ۾  ناھي تھ ھو پنھنجي حڪمت عملين  جي ھڪ ٻي عالمي طاقت جي  ضرورتن مطابق ڪاٽ ڇانٽ  ڪن. اھو خيال، ھڪ غير ضروري حد تائين قنوطيت وارو آھي ۽ اھا ڳالھھ  انسان جي طرفان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪيل جدوجھد جي منافي آھي، جنھن جو  ھو ھڪ قومي- رياست جي تصور جي ذريعي اظھار ڪري ٿو. آزاديءَ جي جذبي جي قوت کي آخرڪار فتح حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ اھا قوت اھڙي ٻي قوت کان وڌيڪ زوردار آھي، جنھن لاءِ انسان  پنھنجي زندگي قربان ڪري سگھي ٿو. قومن جي لاءِ ھاڻي بھ اھو ممڪن آھي تھ اھي پنھنجن معاملن کي ھوشياريءَ سان  سرانجام ڏيئي پنھنجي آزاديءَ کي برقرار  رکن ۽ عالمي طاقت سان پنھنجي تعلقات جي سلسلي ۾ پنھنجي لاءِ عمل  جي لچڪ قائم رکي سگھن.

ننڍين قومن لاءِ ھيءُ  ڳالھھ مصلحت جي خلاف ۽ شايد خطرناڪ بھ ثابت ٿيندي تھ اھي باقي  ٻين طاقتن جي قطع نظر، پاڻ  کي فقط ھڪ عالمي طاقت جي مفادن سان وابستھ ڪري رکن. مشترڪھ مفاد ۽ واقعن جي صورتحال کان شايد ڪنھن ننڍي قوم جي لاءِ اھو ضروري  ٿي پوي تھ اھا ٻين جي مقابلي ۾ ڪنھن ھڪ عالمي طاقت سان وڌيڪ ويجھو لاڳاپو رکي، پر اھڙي صورت ۾ بھ ان جي لاءِ ناممڪن ناھي تھ اھا ٻھ- طرفن باعزت تعلقات جي بنياد تي ٻين طاقتن سان معمول جي مطابق لاڳاپا قائم رکي. جڏھن  ڪنھن مملڪت جا قومي مفاد ڪنھن عالمي طاقت جي مفادن سان ٽڪرائجي پون تھ پوءِ بھتر اھو آھي تھ اھا مملڪت انھيءَ وڏي طاقت سان سڌيءَ طرح گفتگوءَ جي ذريعي تنازعي جي حدن کي متعين ڪري ڇڏي. انھيءَ وڏي طاقت سان ھڪ اھڙو قابل عمل متوازن رابطو ڪرڻ جي ڪوشش  ڪرڻ گھرجي، جيڪو انھيءَ کان بلڪل بي تعلق ھجي، جنھن تي اھم مفادن جو ٽڪراءُ ھجي، بشرطيڪ ٽڪرجندڙ مفادن جو الڳ ڪرڻ نھ فقط ممڪن ھجي، پر اھو محتاط انداز  ۾ ٻھ- طرفو ھجي. ھن ڳالھھ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي تھ روڪٿام ڪرڻ واري سياست  کان ڪم ورتو وڃي تھ جيئن انھيءَ عالمي طاقت جي مداخلتن کان بچاءَ جي صورت نڪري سگھي. ڇاڪاڻ تھ اھڙيون مداخلتون ڪمزور قوم کي وڏين قومن جي تعزيري سياست جو شڪار بنائي  ڇڏينديون آھن . جيڪڏھن ھيءَ ڳالھھ ڪارآمد ثابت  نھ ٿئي تھ بھتر ائين ھوندو آھي تھ مداخلت جي خلاف موقف اختيار ڪري ھڪ مستقل بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي  بدران ڪا قوم ھڪ ئي شديد بحران کي فوري طور قبول ڪري ۽ ان باري ۾ ھڪ مضبوط طرز عمل تي ڄمي بيھي، اھڙي صورت ۾ جڏھن ماڻھو معاملي کي ٽارڻ  جي ڪوشش ڪندو آھي، تڏھن پھرين بحران  کان پوءِ ايندڙ ھر ھڪ بحران ننڍي طاقت کي نقصان تي نقصان پھچائيندو آھي. ايتريقدر جو اھا عالمي طاقت آخرڪار ان تي مسلط  ٿي ويندي آھي. پوءِ جيڪڏھن مڪمل تحفظ ممڪن ٿي نھ سگھي، تھ پوءِ بھتر ائين آھي تھ ھڪ مثبت موقف اختيار ڪري مفاھمت  لاءِ ھڪ نئون انداز پيدا ڪيو وڃي.

دباءُ ھڪ ڪينئون بھ آھي ۽ ھڪ وڏي بلا بھ آھي. جيڪڏھن توھان ان جي مٿان پير  ڏيئي کيس چٿي ڇڏيندا تھ اھو ڪينئون آھي،پر جيڪڏھن توھان ڇرڪي پٺتي ھٽي ويندا تھ پوءِ اھو ھڪ وڏي بلا بنجي پوندو آھي. سال ١٠٦٢ع ۾، جڏھن برما اھو محسوس ڪيو تھ آمريڪا سان تعلقات جو ڪو ٻيو باعزت رستو ڪونھي تھ ان ھڪ مضبوط رويو اختيار ڪيو. ٿوري عرصي لاءِ ان جا آمريڪا سان تعلقات ڪشيده رھيا، پر ھاڻي اھي بھتر آھن. ٻنھي ملڪن تي  جڏھن اھا ڳالھھ واضح ٿي ويئي تھ دخل  اندازيون برداشت نھ ڪيون وينديون، تڏھن انھن کي نئون تعلق تلاش نھ ڪرڻو پيو. اھڙيءَ طرح ڪئمبوڊيا پڻ، آمريڪا سان عالمي مفادن سان واسطو رکندڙ لاڳاپن جي سلسلي ۾ تعريف  لائق استقلال جو مظاھرو ڪيو آھي. ان کان اڃا بھ وڌيڪ ويجھي وقت ۾ برما ڪئمبوڊيا طرفان چين سان پڻ سخت رويي جو اظھار ڪيو ويو آھي. بلڪھ سچ تھ اھو آھي تھ ثقافتي انقلاب جي عروج واري زماني ۾ پوئين ذڪر ڪيل ملڪ پيڪنگ کان  پنھنجي  سفير کي ھٽائڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، ۽ جيڪڏھن چو اين لائي مداخلت نھ ڪري ھا تھ گھڻو ڪري ائين ٿي بھ وڃي ھا. انھيءَ صورت ۾ ڪئمبوديا کي  ھڪ ئي وقت تي  ٽن مان ٻن عالمي طاقتن سان تعلقات قطع ڪرڻ جو ھڪ مشڪوڪ امتيز حاصل ٿي وڃي ھا.

گھلجڻ واري پاليسي موتمار آھي. ڪنھن عالمي طاقت سان