سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 3

 آمريڪا ۽ سو ويت يونين جا ھڪٻئي سان ٽڪرجندڙ مفاد فقط يورپ تائين  محدود ڪينھن. اھميت جي لحاظ کان  وچ اوڀر جي حيثيت  ثانوي آھي. يورپ وانگر اتي  پڻ آمريڪا جي رقابت چين سان نھ، پر سو ويت يونين سان آھي. آمريڪا جي لاءِ تيل جي دولت  وارو وچ اوڀر، سئيز واھھ ۽ اسرائيل جو مسئلو تائيوان جي مستقبل کان تمام گھڻي اھميت رکن ٿا. قومي مفاد ۽ عھد و پيمان، ٻنھي خيالن کان وچ اوڀر جيڪو يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا  جي وچ ۾ ھڪ چؤواٽي جي  حيثيت رکي ٿو، آمريڪا جي عالمي مقصدن ۾ ڏور اوڀر تي فوقيت رکي ٿو. ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪا انھيءَ خطي ۾ برطانيھ ۽ فرانس جي جاءِ والاري آھي. ايراني نار جي پسگردائي وارو علائقو سڄيءَ دنيا جي پيٽرول جو 37 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو، ۽ ان ۾ سڄيءَ دنيا جي پيٽرول جي تصديق ٿيل ذخيرن جو سٺ سيڪڙو موجود آھي. آمريڪي ڪمپينين  جو ان علائقي ۾ اڍائي سئو ارب ڊالرن جو مجموعي سرمايو سيڙيل آھي. انھيءَ قسم جو ٻئي طرف سو ويت يونين انھيءَ خطي ۾ اسرائيل جي خلاف عربن جي مقصد جي حمايت ڪري ۽ اسوان بند جي تعمير ۾ ڊرامائي طور شريڪ ٿيڻ کان پوءِ عرب رياستن کي مسلسل وڏي مقدار ۾ اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيئي پنھنجي اثر  و رسوخ ۾ لاڳيتو اضافو ڪيو آھي.

وچ اوڀر ۾ سو ويت يونين ۽ آمريڪا جي تمام وڏي بازي لڳل آھي، جيڪا اھميت جي لحاظ کان يورپي مفادن  کان ٻئي درجي تي آھي. جيستائين آمريڪا جو تعلق آھي، اسرائيل ھڪ بين الاقوامي تشويش جو موضوع بھ آھي ۽ ھڪ بيحد اھم داخلي مسئلو پڻ انھيءَ خطي ۾ آمريڪي مفاد ايترا تھ آھن جو روس، جنھن جا مفاد پڻ حالانڪ غور لائق آھن، تنھن پنھنجي انھيءَ موقف ۾، جيڪو ھن وچ اوڀر جي بحران  جي آغاز ۾ اختيار ڪيو ھو، ھن خوف کان ترميم ڪري ڇڏي تھ آمريڪا پنھنجن مفادن جي ھر قيمت تي حفاظت ڪندو. جون ١٩٦٧ ع واري مخصوص جنگ ۾ آمريڪا جي وقتي ڪاميابين جي باوجود روس ۽ آمريڪا يورپ وانگر  وچ اوڀر ۾ پڻ فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪٻئي کان گوءَ کڻي  وڃڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آھن.

 ھن ڳالھھ ۾ ڪو بھ شڪ ڪونھي تھ سو ويت يونين کي وچ اوڀر جي تازي تڪرار ۾ پريشاني نصيب ٿي. ان کي جيڪا ناڪامي ٿي، تنھن جو تدراڪ ضروري ھو- ان ڪري وزير اعظم ڪوسيجن جو تڙ تڪڙ ۾ جنرل اسيمبليءَ جو رخ ڪرڻ، صدر پوڊ گورني جا قاھره، بغداد ۽ د مشق جا جلدي جلدي دورا ڪرڻ ۽  عرب رياستن جي جنگي ساز و سامان جو نقصان فوري طور پورو ڪرڻ اھي سڀ اقدامات سو ويت يونين جي انھن پختين ڪوششن جو حصو ھئا، جيڪي ان نھ صرف عرب رياستن ۾ بلڪ سڄي دنيا ۾ پنھنجي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ  ڪيون .

ھيءَ ڳالھھ دعويٰ طور اعتماد سان چوڻ تھ آمريڪا ۽ سو ويت يونين جو  يورپ ۾ موجوده باھمي ٺاھھ ۽ وچ اوڀر ۾ روسي موقف  جي ناڪامي جي ڪري ھاڻي ٻنھي طاقتن جي درميان ڇڪتاڻ ۾ ڪمي  بين الاقوامي  زندگيءَ جي ھڪ  مستقل سياسي حقيقت بڻجي ويئي آھي، ھڪ خطرناڪ قسم جي سڌي سادي وضاحت ٿيندي. جيتوڻيڪ سو ويت يونين انھيءَ قسم جو ٺاھھ چاھي بھ، تڏھن بھ بين الاقوامي صورتحال جا تضاد کيس ان جي اجازت بلڪل نھ ٿا ڏين.

آمريڪا جا عوامي جمھوريھ چين سان ڪي بھ علاقائي تنازعا ڪينھن، جڏھن تھ سو ويت يونين ۽ عوامي جمھوريھ چين جي درميان علاقائي اختلاف  موجود آھن ۽ اھم ڳالھھ جيڪا موجوده عالمي طاقتن جي حيثيتن  تي اثرانداز ٿي رھي آھي، سا اھا ننگي حقيقت آھي تھ جنگي نقطھ نظر ۽ صنعتي ۽ تڪنيڪي ترقيءَ جي حوالي سان آمريڪا ۽ سو ويت يونين ئي اھي ٻھ وڏيون طاقتون آھن، جيڪي ھم پلھ ھئڻ جي حيثيت  رکن ٿيون. انھن ٻنھي ايتري خوفناڪ جنگي طاقت حاصل ڪري ورتي آھي، جو ٻئي نھ فقط ھڪٻئي کي تباھھ  و برباد ڪري سگھن ٿيون، پر  پاڻ سان گڏ باقي دنيا کي پڻ غرق ڪري سگھن ٿيون . چين اڃا تائين انھيءَ درجي جي  عام صلاحيت حاصل نھ  ڪئي آھي. آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درمياندھشت جي توازن “ (بئلنس آف ٽيرر) چين کي ھڪ اھڙي حيثيت ڪري ڇڏي آھي، جو ھو ان جو پڙ ھڪ يا ٻئي طرف جھڪائي سگھي ٿو. جيڪڏھن چين آمريڪا جي ھٿون تباھھ ٿي وڃي تھ ھڪ اھڙو خلا پيدا ٿي پوندو جو سوويت يونين جي سلامتيءِ کي خطري ۾ وجھي ڇڏيندو. ان ڪري  چين سان سو ويت يونين جي اختلافن جي  باوجود اھا  ڳالھھ سوويت يونين بنيادي قومي مفاد ۾ ناھي تھ اھو چين سان پنھنجن تڪرارن کي آخري انجام تائين پھچائي ڇڏي. ان طرح يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ روس سان پنھنجي رقابت  ۽ روس سان مصلحت پسندي  ۽ چين سان دشمنيءَ جي باوجود اھا ڳالھھ آمريڪا جي قومي مفاد ۾ ھرگز ناھي  تھ چين  جي خلاف پنھنجي جدوجھد کي انھيءَ  حد تائين رسائي، جتان کان واپسي ممڪن نھ ٿئي. ان ڪري ھيءَ ڳالھھ قابل فھم آھي تھ انھن. نھايت صاف ۽ ظاھري طور ناقابل مصالحت اختلافن  جي باوجود، جيڪي آمريڪا ۽ چين  جي درميان آھن، ۽ وچ اوڀر جي انھن سڀني حاليھ واقعن  جي باوجود، جن مان روسي آ۾ڙ:ڪ: ڃڪٽآڻ ۾ ڪميءَ جو اظھار ٿئي ٿو، اھڙي صورت وري بھ رونما ٿي سگھي ٿي، جنھن ۾ چين ۽ آمريڪا سندن درميان موجود رڪاوٽن کي اورانگھي وڃڻ ۽ ڪنھن اھڙي عملي ٺاھھ تي پھچي وڃن، جيڪو سو ويت يوين جي مواقف نھ ھجي. ان سان گڏو گڏ امڪان اھو بھ آھي تھ حالات انھيءَ خليج جي  ھٿان پل ٻڌي وجھن، جنھن چين  ۽ سو ويت يوين کي ھڪٻئي کان جدا ڪري رکيو آھي ۽ انھن کي ائنگلومريڪا طاقتن جي خلاف متحد ٿيڻ تي انھن شڪستن جي مدنظر  مجبور ڪري وجھن، جن سان ھنن جو مقابلو ٻي افرو ايشيائي ڪانفرنس نھ ڪري  سگھڻ واري واقعي کان وٺي وچ اوڀر واري  صورتحال جي ابتريءَ تائين رھيو آھي. اھي ناڪاميون انھيءَ اثر جي سبب  کان، جيڪو ويٽ نام جي ڪري چين سو ويت مفادن تي پئجي رھيو آھي، اڃا بھ وڌيڪ سنگين ٿي وييون آھن.

طاقت جي مرڪزن جي بدلجي  وڃڻ ۽ مشرق ۽ مغرب جي نظرياتي ڇڪتاڻ جي جزوي طور تي اتر- ڏکڻ  جي باھمي ڪشمڪش کان مغلوب ٿيڻ جي ڪري جيڪا امير ۽ غريب قومن ۾ ھولناڪ عدم توازن جي سبب کان پيدا ٿي آھي، بين الاقوامي سماجي حالت ھڪ متغير ڪيفيت ۾ آھي. گذريل ڏھاڪي جي  شديد ڪشمش جي جاءِ تي ھاڻي مرڪزي طاقت جي تقويض جو عمل شروع ٿي ويو آھي. انھيءَ تبديليءَ جي رفتار اسان جي تصور کان تمام گھڻي وڌيڪ آھي ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي. ۽ انھن سڀني کان وڌيڪ عظيم تبديلين جي جاءِ ايشيا آھي. اھڙي پٽڙي صورتحال ۾ بين الاقوامي واقعن جي آئنده رخ جي مطابق ڪي بھ غير عقلي اندازا قائم ڪرڻ موتمار ٿيندا. في الحال آمريڪاچين سان ھڪ اھڙي دشمنيءَ واري ڪشمڪش جي حالت ۾ آھي، جو اھا جنگ کان ٿوري ئي گھٽ آھي. انھيءَ قسم جي حالت ھميشھ  رھي نھ ٿي سگھي . موجوده رجحانن مان ، جيڪي ٽڪراءَ  ڏانھن اشارو ڪري رھيا آھن، اندازو لڳائيندي واقعاتي ھوا جي رخ ۾ تبديلي  ڏورانھين ڳالھھ معلوم ٿي رھي آھي. ھيءَ اڳڪٿي  وڌيڪ امڪاني نظر اچي رھي آھي تھ ٻنھي عظيم طاقتن جي  درميان  وچ اوڀر واري جنگ جي سلسلي ۾ ٺاھھ ٺوھھ جوجيڪو ڊرامائي مظاھرو ٿيو ھو، ۽ جنھن جو صدر  جانسن گلاسبرو  ۾ وزيراعظم ڪوسيجن سان چوٽيءَ وارين ڳالھين ۾ جيتري تندھيءَ سان پيڇو ڪيو ھو، تنھن جو انجام چين جي نقصان جي صورت ۾ ظاھر ٿيندڙ، ۽ اھڙي طئي ٿيل  موجوده بين الاقوامي صورتحال کي برقرار رکڻ جي حق ۾ ھوندو، جنھن نگراني آمريڪا  ۽ سو ويت  يونين  ڪندا. اھو گھڻي قدر ممڪن آھي، پر اقتدار جي سياست جي ولولھ انگيز ست- رنگيءَ ۾ ھر قسم  جي ممڪن  ڳاليھن کي خيال  ۾ رکڻ ضروري ھوندو آھي، بين الاقوامي سياست جي متعلق ھڪ حيران ڪندڙ ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ان ۾ ڪو بھ اھڙو قانون شامل ڪونھي، جيڪو ڪنھن اھڙي تبديليءَ  ۽ ڦيرڦار کي قانون جي خلاف  قرار ڏي، جيڪا مادي مفادن جي  باھمي عمل جي نتيجي  طور ايندي آھي.

ھاڻي گھڻي  ماڻھن کي  ھن ڳالھھ جو يقين ٿيندو  پيو وڃي تھ آمريڪا ۽ سو ويت يونين سرد جنگ جي خطرناڪ مرحلي کي  ختم ڪرڻ ۾  مصروف  آھن. کين  ھميشھ   ھن ڳالھھ  جو احساس ڪو نھ  ٿو رھي تھ مقابلي جي حالت ۾ تخفيف، زياده  سنگين مسئلن  کي تيزيءَ سان سامھون آڻيندي  ۽ دنيا جي مختلف حصن  ۾ مسلح تصادمن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. سرد جنگ ذري  گھٽ ويھن سالن کان بھ زياده عرصي  تائين  ان ڪري جاري رھندي آئي آھي، جو آمريڪا ۽ سو ويت  يونين پنھنجن تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ جنگ کي ھڪ طريقي  ھئڻ جي طور قطعا  رد ڪري ڇڏيو آھي. دنيا سرد جنگ جي روايتي سٽاءِ ۽ ان جي ڪوتاھين  کان پوري طرح واقف ٿي چڪي آھي. ماڻھو ھاڻي انھيءَ علم جي بنياد تي پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجھڻ لڳا آھن تھ ھيءَ سرد جنگ اوچتو ئي اوچتو گرم ٿي کليل اڳرائي جي ڌماڪي جي صورت اختيار نھ ڪندي. سرد جنگ  ۾ ھڪ نھ ٻيءَ صورت ۾ تحفيف، حقيقي طور خطرناڪ حالات پيدا ڪري سگھي ٿي. انھيءَ طرح سان پيدا ٿيندڙ خلا ۾ ڪا اھڙي وڏي طاقت داخل ٿي سگھي ٿي، جيڪا استحصال جي خاتمي لاءِ جنگ کي  وسيلو بنائڻ ۾ جديد جنگي طور طريقي جي نتيجن کان نھ ڊڄندي ھوندي. انھيءَ ڳالھھ جي روڪٿام لاءِ،، تسليم شده عظيم طاقتون، جيڪي  جنگ کان بيزار ٿي چڪيون آھن، شايد اھڙن ٺاھن تي راضي  ٿي پون ، ۽ اھڙين اصلاحي تدبيرن جي اجازت ڏئي وجھن، جن جو نتيجو نھ تھ ناانصافيءَ واريموجوده صورتحالکي  قائم رکڻ جي صورت ۾، ۽ نھ حقيقي مفادن کان ھٿ  کڻڻ جي صورت ۾ نمودار ٿئي. پر جنھن وقت تائين قومون ھڪٻئي  جو استحصال ڪنديون رھنديون،  جيستائين  آمريت موجود ھوندي ۽ شھري آزاديون ساڪت رھنديون، جيستائين  عوام کي سندن حقن کي محروم رکيو ويندو، ۽ غريبن کي لٽيو ويندو، تيستائين سرد  جنگ باقي رھندي ۽ شايد آخرڪار وڏين طاقتن جي درميان ٻن نظرين جي اختلافن جي بنياد تي حقيقي جنگ بھ ڇڙي پوندي.  مظلوم قومون پنھنجي نجات ڏيندڙ جي  ڳولا ڪڏھن بھ ترڪ نھ ڪنديون، ۽ جيڪڏھن کين انھيءَ ذميواريءَ جو چوغو پائڻ لاءِ ڪوبھ تيار نھ مليو، تھ محڪوم عوام پنھنجو پاڻ کي نجات ڏياريندا ۽ ھڪ اھڙو منصفانھ مساواتي نظام قائم ڪري وجھندا، جيڪو جبر ۽ تسلط، غربت ۽ افلاس ۽ ظلم ۽ استحصال کان پاڪ ھوندو. آخري تجربي طور، سرد جنگ جي ڄاتل سڃاتل پاڇي ھيٺان رھڻ، فرقيوارانھ جنگ جي ڏھڪاءَ جي تجربي ڪرڻ کان بھتر ٿيندو، جنھن جي طرف اسين آھستي آھستي وڌندا نظر اچون ٿا.

ڪو وقت اھڙو ھو، جڏھن آمريڪا  ۽ سو ويت يونين دنيا جا ٻھ اھم ترين مخالف ھئا. ڏھھ سال اڳي، ڪي ٿورا  ئي ماڻھو انھن جي موجوده تعلقات جي نوعيت تي اعتبار ڪن ھا. ساڳيءَ طرح، ھن امڪان کي بھ رد ڪري نھ ٿو ڪري سگھجي تھ ڪو اھڙو وقت ڪو نھ ايندو، جڏھن آمريڪا ۽ چين کي باھمي بقا ڪو طريقو تلاش ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن ائين نھ ٿيو، تھ پوءِ ان جو نتيجو دنيا، يا گھٽ ۾ گھٽ ايشيا جي تباھي  ۽ برباديءَ جي صورت ۾ نڪرندو. دنيا ۾ ڪي بھ مستقل دشمن ڪين  ھوندا آھن. آمريڪا ۽  چين جي موجوده دشمنيءَ کي ڪنھن نھ ڪنھن ڏينھن ھوشمنديءَ جي آڏو گوڏا جھڪائڻا پوندا. ويھين صديءَ جي چوٿين  ڏھاڪي جي اڌ کان وٺي پنجين ڏھاڪي جي اڌ تائين  نازي فاشزم تصادم جو سبب رھي. پنجين ڏھاڪي  جي  درمياني حصي کان وٺي  ڇھين ڏھاڪي جي اڌ تائين سو ويت يونين ۽ آمريڪا سرد جنگ ۾ ٻکيا پيا ھئا. ڇھين ڏھاڪي جي اڌ کان وٺي، اسان آمريڪا ۽ چين جي درميان وڌندڙ دشمني ڏٺي آھي. پر اھا مخالفت ھميشھ جي لاءِ قائم رھي نھ ٿي سگھي. پروفيسر ٽائن بي کان  وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺندي، جنھن ھن اڳڪٿي ڪرڻ جي  جرئت ڪئي ھئي تھ تاريخ ھڪ  عديم النظير پاسو ورائيندي، آءُ گھٽ ۾ گھٽ ايتريقدر اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ آماده آھيان تھ اٺين ڏھاڪي جي درميان حالات ۾ تبديلي ايندي. جيڪڏھن ماضي مستقبل جو مظھر آھي، تھ پوءِ حيرت  ٿيندي جيڪڏھن آميرڪا ۽ چين جي مقابلي جي شدت اٺين ڏھاڪي کان پوءِ بھ قائم رھي سگھي. جيئن آمريڪا ۽ سو ويت جي مقابلي جو نتيجو پڻفتح تھڙيءَ طرح چين ۽ آمريڪا جي  تقابل ۽ تصادم جي تيز نوڪن جي گسي گسي مڏين ٿيڻ جي صورت ۾ نڪرندو.

 ان مان اسين ھي سبق حاصل ڪري سگھون ٿا تھ ننڍين قومن کي عالمي طاقتن جي اختلافن جي وھڪري ۾ نھ وھڻ گھرجي ۽ ھڪ طاقت جي حمايت ۾ يا ڪنھن ٻِي طاقت جي مخالفت ۾ حد کان ايترو ٻاھر نڪرري وڃڻ نھ گھرجي، جو انھن جي پنھنجي مستقبل کي ناقابل تلافي نقصان پھچي. بلڪ کين عالمي طاقتن جي موقف کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ اڳرائيءَ  جي  خلاف سينو سپر ڪري سامراجيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ انصاف جي بنيادن تي بيٺل مقصدن جي حمايت ڪرڻ گھرجي. ننڍين قومن لاءِ بھتر ٿيندو، تھ اھي عالمي طاقتن جي حريفانھ ڇڪتاڻ ۾ گھڻي کان گھڻو  غيرجانبداريءَ وارو  رويو اختيار ڪن. انھن جي لاءِ ڪنھن وڏي طاقت جي خلاف ڪنھن ٻي وڏي طاقت سان مڪمل ايڪو ڪرڻ ڪوتاھھ انديشي ٿيندو. ان جو ھروڀرو اھو مطلب ڪونھي تھ پنھنجن قومي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪا ننڍي قوم ڪو اھڙو موقف اختيار نھ ڪري، جيڪو ٻين وڏين طاقتن جي مقابلي ۾ ڪنھن ھڪ وڏي طاقت سان زياده ھم آھنگ ھجي. پر ان جو اھو مطلب ضرور آھي تھ ننڍي رياست ڪنھن ھڪ وڏي طاقت جي خلاف ڪنھن ٻي وڏي طاقت سان اھڙو ايڪو ڪرڻ کان  گريز ڪري، جنھن ۾ بين الاقوامي  معاملن  ۾ اڳواٽ طئي ٿيل موقف اختيار ڪرڻو پوي ۽ سو بھ فقط عارضي مادي فائدن جي خاطر يا انھيءَ سبب کان تھ انھيءَ جي برسر اقتدار حڪومت کي اھو انديشو آھي تھ اھا انھيءَ طاقت جي سھاري کان سواءِ پنھنجي ئي عوام ھٿان ختم  ٿي ويندي.

عملي حالتن ۾، ننڍين  قومن کي  اھڙي حڪمت عملي ٺاھڻ گھرجي، جنھن جي ذريعي سڀني عالمي طاقتن سان معمول جي مطابق ٻھ- طرفا تعلقات قائم ٿين، جن ۾ انھن طاقتن جي طرفان ڪنھن مداخلت جو امڪان نھ ھجي ۽ جن جي درجي بندي روشن خيال قومي مقصدن جي بنياد تي بلڪل سمجھھ ۾ اچڻ جھڙي ھجي. انھن تعلقات کي جيڪڏھن فائدي بخش ۽ معقول ٿيڻو آھي تھ اشتراڪ عمل جا شرط اھڙا ھئڻ گھرجن، جن ۾ خالص نظرياتي معاملن يا دفاعي عھد و   پيمانن ۾ ھڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ترجيع  نھ ملي، نھ تھ انھن جا تعلقات گھڻ-رخين ذميدارين جي صورت اختيارت ڪندا. جيئن تھ عظيم طاقتن  جون ذميداريون عالمي نوعيت جون ھونديون آھن، انڪري ڪنھن وڏي طاقت سان دفاعي معاملن ۾ ٻھ – طرفا تعلقات قائم رکي انھيءَ سلسليوار ردعمل  ۾ ڦاسي پوڻ کان بچڻ مشڪل آھي، جنھنجو نتيجو گھڻن رخن  وارين ذميدارين جي صورت ۾  نڪرندو. انھيءَ  قسم جي معاھدي مان ٻھ- طرفا فائدا ختم ٿي  وڃن ٿا ۽ اھي معاھدا اسان  کي ٻين  وڏين طاقتن سان تصادم جي طرف گھلي  وڃن ٿا. ٻھ-طرفا تعلقات جي شرطن کي ڪڏھن اھڙو نھ ھئڻ گھرجي، جو انھن مان ٻين  عالمي طاقتن سان انھن ئي قسمن جي تعلقات  جي وسعت ۽ شڪل ۾ ڪنھن  طرح بھ بگاڙ پيدا ٿئي. ٻين لفظن ۾، ٻھ-طرفا تعلقات کي ڪنھن بھ صورت ۾ گھڻ-رخين ذميدارين جي شڪل اختيار نھ ڪرڻ گھرجي، جيڪي ان وقت سامھون اچن ٿيون ، جڏھن مختلف ٻھ- طرفن تعلقات جي شرطن ۾ بنيادي معاملن  تي اختلاف، ناقابل تصفيھ ٿي پوي ٿو.

ٽين دنيا جي قومن جي لاءِ لازم آھي تھ فقط عالمي طاقتن سان، بلڪ نيم عالمي طاقتن مثلا برطانيھ، فرانس ۽ جرمنيءَ سان پڻ ٻھ- طرفا دوستانھ تعلقات وڌائينديون رھن. فرانس کي، جنھن جي طاقت ائٽمي ھٿيارن جي ڪري اڳي کان وڌيڪ ٿي ويئي آھي، آفريڪا جي فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙ رياستن جو اعتماد حاصل آھي. ان جي راءِ کي باقي آفريڪي ملڪن، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ پڻ وقعت حاصل آھي. وچ اوڀر جي تازه ترين بحران جي دوران فرانس عرب ملڪن ۾ پنھنجو مقام ٻيھر حاصل ڪري ورتو آھي ۽ جيڪي زيادتيون ان سنھ ١٩٥٦ع واري سئيز جي جنگ ۾ ڪيون ھيون، تن جي تلافي پڻ ڪري ڇڏي آھيھن  ڳالھھ جو اقرار تھ ١٩٦٨ع جي فرانس١٠٥٦ع واري فرانس ناھي، صدر ناصر ان وقت ڪيو ھو، جڏھن ھن وچ اوڀر واري جنگ جي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي جنرل ڊيگال جي تعريف ڪئي ھئي. فرانس پنھنجي لاءِ نھ فقط يورپي ملڪن ۾ بلڪ دنيا جي قومن ۾ پڻ ھڪ خاص مقام پيدا ڪري  ورتو آھي. ھن پنھنجي دورانديشيءَ واري خارجھ پاليسيءَ جي صدقي سو ويت يونين ۽ عوامي جمھوريھ چين سان قريبي لاڳاپا پيدا ڪري ورتا آھن. ويٽ نام جي جنگ ۽ ايشيا جي عام صورتحال جي سلسلي ۾ ان جي صحيح جائزن ھن جو ڏيل اڃا بھ وڌيڪ وڏو ڪيو آھي، جڏھن تھ ان جي  خارجھ حڪمت عمليءَ بين الاقوامي توازن ۾ اڳي کان وڌيڪ ترقي پسندانھ تبديليءَ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري وڌا آھن. خود اختياريءَ جي حق جي اصولن لاءِ پنھنجي مستحڪم حمايت سان،  جنھن کي ھن الجزائر ۾ خود پنھنجي سامراجي مفادن جي خلاف ھڪ جرئتمندانھ انداز ۾ استعمال ڪيو، ھن ٽين دنيا جي قومن تي ڏاڍو صحتمند اثر ڇڏيو آھي.

 فرانس ۽ جرمنيءَ جي باھمي تعاون کي، جيڪو ڪونراڊ ائڊيناير جي سرپرستيءَ ۾ ڏاڍي حوصلا افزا انداز ۾ شروع ٿيو ھو، تنھن کي ھن کان پوءِ ڪجھھ ناڪاميون نصيب ٿيون . جيڪڏھن انھن ٻن ملڪن جي يگانگت مستحڪم ٿي وڃي تھ اھي يورپ ۾ ھڪ طاقتور  سياسي عنصر ۽ باقي دنيا جي لاءِ امن جو ھڪ مضبوط قلعو بڻجي سگھن ٿيون. في الحال اولھھ جرمني، جيڪا ھڪ  ورھايل ملڪ جو ھڪ حصو آھي، پنھنجي قوميت جي اتحاد جي خواھان آھي. انھيءَ عظيم مقصد جي حصول ۽ پنھنجي بچاءَ جي لاءِ ان جو دارو مدار في  الحال آمريڪا تي آھي. انھيءَ ڪري ان جي خارجھ پاليسي جمود جو شڪار ٿي ويئي آھي. ان کي سندس ھڪ وڏي اتحاديءَ جي طرفان بي وفائيءَ جو دائمي ڌڙڪو لڳل رھي ٿو،  ڇو تھ سو ويت يونين ۽ آمريڪا جي درميان ڪو بھ بنيادي ٺاھھ وفاقي جمھوريھ جرمنيءَ جي لاءِ ھڪ وڏي نقصان جو سبب ٿيندو. چانسلر ڪيزنگر جي ماتحت مخلوط حڪومت جي ٺھي وڃڻ  کان پوءِ، فرانس جي طرف قدم وڌائڻ ۽ جنرل ديگال جي خيالن جي مواقفت ۾ يورپ جي طرف وڌڻ جي تحريڪ ٻيھر اٿي رھي آھي. بھرحال ١٩٦٩ع لاءِ مقر ٿيل عام چونڊن کان اڳ ۾ جرمنيءَ جي خارجھ پالسيءَ ۾ ڪنھن بھ قسم جي وڏي تبديليءَ جي اميد رکڻ قبل از وقت آھي، جيستائين آمريڪا ۽ سو ويت يونين جي درميان ڪنھن اھڙي شرط تي ڪوئي بنيادي ٺاھھ نھ ٿي وڃي، جنھن کي جرمنيءَ جي وفاقي جمھوريھ پنھنجي لاءِ ھڪ تاوان سمجھي.

 برطانيھ عظمي ٰ ھاڻي ايشيا ۾ ھڪ مضبوط طاقت جي حيثيت وڃائي ويٺو آھي، پر اھو آمريڪا  جي عالمي مفاد جي سھاري لاءِ ھڪ اھم حاشيھ بردار طاقت  جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. سئيز کان اوڀر  وارن علائقن جي  متعلق ان جي اشتعال ڏياريندڙ حڪمت عملين مغربي ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪيئي ٽاري سگھڻ جي لائق مصيبتون پيدا ڪيون آھن. وچ اوڀر  واري تصادم کان پوءِ، ھن ڳالھھ ۾ شڪ  پيدا ٿي چڪو آھي تھ برطانيھ وري ڪڏھن بھسئيز کان اوڀرطرف پنھنجي ڳالھھ  مڃائي سگھندو. ھاڻي ان کي پنھنجي عوام  جي فلاح  و بھبود ۽ ٻين ملڪن تي بالا دستيءَ جي وچان ڪنھن بھ ھڪ شئي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

دولت مشترڪھ باھمي فائدي  جي ھڪ نقطي کان لنگھي  چڪو آھي. ھاڻي ان جي حيثيت فقط ھڪ علامتي اداري جي رھجي ويئي آھي ۽ ان کي ھڪ  مناسب انداز ۾ رضاڪارانھ طور تي جيترو  بھ جلد ختم ڪيو وڃي، اوتر  وئي  اھا برطانيھ ۾ دولت مشترڪھ جي ايشيائي ۾ آفريقي قومن لاءِ بھتر ٿيندي.ايشيا ۽ آفريقا جي قومن  جي سڀني اجتماعي مايوسين ۽ انھن جي جذبن کي سنڀالڻ ۾ دولت مشترڪھ جي ناڪاميءَ جي عڪس برطانيھ سان انھن جي تعلقات مان پوي ٿو ۽ انھن مان بيڪار پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جيئن تھ دولت مشترڪھ جي اندورني جڳھڙن کي نبيرڻ لاءِ ان جي اندر ڪوئي ذريعو موجود ڪونھي، ان ڪري اھي جڳھڙا تعداد ۾ وڌي وڌي غلط فھمين ۾ اضافو ڪندا رھن ٿا. اڄ  برطانيھ ۽ ڏکڻ آفريقا جا باھمي تعلقات بھتر آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي ٻھ-طرفي بنياد تي قائم آھن. جڏھن  ڏکڻ آفريقا دولت مشترڪھ ۾ شامل ھو، تڏھن انھيءَ ملڪ سان برطانيھ جا تعلقات ڪشيده ھئا، ۽ انھيءَ ڪشيدگيءَ جو سبب اھا ڇڪتاڻ ھئي، جيڪا دولت مشترڪھ جي گھڻ رخي ميلاپ جي سبب کان انھيءَ اداري جي خلاف  پيدا ٿي