سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: جلاوطن

باب: --

صفحو :11

هو ٽهڪ ڏئي کلي پوندا هئا، ”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. چوي ٿي ته، ”(بادشاهه ايندو ته آئون الٽيون ڪري ڪري بيمار ٿي پوندس.)“ بادشاهه جي دل اهو ٻڌي، مٽيءَ جي ڪچن گهرن سمان ڀُرندي ويندي هئا. ’يار، پوءِ آئون اڇو رنگ ڀلا ڪٿان آڻيان؟ شيدي ته مون کي قدرت ڪيو آهي. منهنجو وس پڄي ها ته آئون انگريزن جهڙو ڄمان ها.‘ ائين چوندي چوندي هو لڙڪ نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان گهٽي ڇڏيندو هو. پر هن سان ٻه ٽي پل گهارڻ جي خواهش کي هو گهُٽي ڪونه سگهيو هو. اڄوڪي جوا ۾ ڪموءَ کٽيو هو. اڇو، اجرو کير جهڙو ڪمو. هو ويٺلن کي هڪڙي اک ڀڃي اٿيو، ”چڱو! يارو ياري، صبح جو گڏباسون.“

’ڪمو! اڄ ته مون لاءِ چئي ڏسجئين.! هن اداس ٿي ڪموءَ اڳيان هٿ ٻڌا. ڪموءَ کي ويندو ڏسي دل ٽٽندي ڀانئي هيائين. هوءَ ڦاٽل ڳوڻ منجهان چنڊ جهڙو چهرو ڪڍيو اڃا بيٺي هئي. هڪ پل لاءِ به ته هن بادشاهه ڏانهن نٿي نهاريو. شڪست جي احساس کان سندس رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هو.

ڪمو هليو ويو ۽ دروازو بند ٿي ويو هو.

بادشاهه جڏهن کان ڄائو هو،. تڏهن کان ماڻس پڻس کي ميرن جي غلامي ڪندي ڏٺو هيائين. سندس وڏا، آفريڪا جي اداس ڌرتيءَ تي ڦهليل ڏڪار کان گهٻرائجي وڪامندي وڪامندي اچي نيٺ سنڌ جي ميرن، پيرن ۽ سيدن وٽ وڪاڻا هئا. هو ميرن جي حصي ۾ آيا هئا. اَن جي هڪڙيءَ ڳوڻ جي عيوض هو ستن پيڙهين تائين لاءِ غلام بڻجي ويا هئا.

بادشاهه پنهنجي پيءُ کي ميرن جي حويلي ۽ اوطاقن ۾، ڪلهن تي پاڻيءَ جا ڀريل دٻا کڻي مٽ ڀريندي ڏٺو هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ پڻس جا ڪلها نمي آيا هئا. بادشاهه کي اڄ به پڻس جي ڪلهن تي پيل نيل ياد هئا. جنهن رات هن موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات ماڻس وڏي مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تي، مير صاحب جي لوهي لڱن هيٺ سهڪندي رهي هئي. پڻس اڻڄاڻ ته ڪونه هو، پر غلاميءَ جي اها ئي ريت هئي. هو جڏهن کان وڪاڻا هئا، تڏهن کان اها ريت نڀائيندا ٿي آيا. عاليشان حويلين جي لوهي دروازن تي ڪتن وانگر ٻڌجي ويهي رهيا هئا. هنن جون عورتون ٿانوَ ٻهاري کان وٺي، پنهنجن مضبوط ڪارن جسمن جي ڪري، حويلين ۾ بند ميرياڻين جي جنسي خواهش جي تڪميل بڻجي ويون هيون. جڏهن هو دهل جي تال تي مست ٿي آفريڪا جو ناچ نچنديون هيون، تڏهن ڏسڻ وارن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. هنن جا مضبوط ڪارا جسم سياري جي سرد راتين  ۾ گرم ۽ اونهاري جي گرم راتين ۾ تهائين گرم ٿي ويندا هئا. هنن جا مڙد، جيڪي جانورن وانگر بار ڍوئيندا هئا – دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچايا ويندا هئا – رات جو مالڪن جا بسترا گرم ڪندا هئا.

ست پيڙهيون پوريون ٿي ويون، پر غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان نڪري نه سگهيو. هنن جون عورتون اڄ به پنهنجين اُداس مالڪياڻين جي جنسي خواهشن جي تڪميل هيون، هنن جي سمورن گناهن ۾ هڪ جيتريون شريڪ. هنن جي شاندار ڪارنامن جون رازدار. مڙد اڄ به ڪائنات کان ڀاري بوجهه ڍوئيندا هئا. مالڪن کي وندرائڻ لاءِ دهل ڳچيءَ ۾ وجهي، آفريڪا جو مست ناچ نچندا هئا (پوءِ اندر ۾ ڪيترا دک ڇو نه سمايل هجن). مالڪن جي بي رنگ جسمن ۾ رنگ ڀريندا هئا.

جنهن رات پڻس موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات هن تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دل سان پڻس کي هوريان هوريان مرندي ڏٺو هو. تڏهن هو يارهن سالن جو هو. هن پڻس کي رت ٿڪي ٿڪي مرندي ڏٺو هو. انهيءَ رات هو ائين کنگهندو رهيو هو، ڄڻ ساهه جون نسون ٽٽنديون هجنس. کنگهه نڙيءَ ۾ گهٽيندي بادشاهه کي پڪاريو هيائين.

”منهنجا با – د – شا – هه، هه، هه.“

بادشاهه، جيڪو ڪنڊ ۾ هيسيو ويٺو هو، سو رڙهي سندس ويجهو اچي ويٺو.

”تون – ايڏو – ڇو – ٿو – کنگهين. مون – کي – ڊپ – ٿو – ٿيئي – بابا.“ بادشاهه جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ پڻس جو وات رت سان ڀرجي ويو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت پٽ تي ٿڪيندي چيائين: ”آئون ڄاڻي واڻي ٿورو ٿو کنگهان، بادشاهه!“ هو کنگهه ۾ ٻڏي ويو هو.

”بادشاهه! گريب ماڻهو، کنگهندي کنگهندي مري ويندا اٿئي.“ هو سڄي رات ٻرندڙ ميڻ بتيءَ سمان پل پل اُجهامندو رهيو.

پرهه ڦٽيءَ کان اڳي اڳي هو مري ويو هو، پَٽ تي رت جا انيڪ نشان ڇڏي. جوڻس جڏهن مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تان لهي ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي آئي، تڏهن هن جو بي جان جسم هو، جيڪو ٿڌي پَٽ تي چپ چاپ پيو هو، بنا ڪنهن احتجاج جي. بادشاهه، پٽ تي پيل رت جا نشان ڳڻي رهيو هو. سج اڀرئي هن کي شيدين جي مُقام ۾ دفنايو ويو. پوءِ ٿيو ائين جو بادشاهه سڀ ڳالهيون سمجهڻ لڳو هو ته شيدين جو مُقام ڌار ۽ ميرن جو مُقام ڌار ڇو ٿيندو آهي؟ مرڻ کان پوءِ به ذات پات، رنگ ۽ نسل جا فرق ڇو نٿا ڊهي سگهن؟ ميرن جي مقام جي چوڌاري ڪوٽ ڇو آهي ۽ قبرون سڀ پڪيون ڇو آهن؟ شيدين جي مقام جي چوڌاري ديوار ڇو ڪانهي ۽ قبرون سڀ ڪچيون ڇو آهن؟ شيدين جي ڪنهن به قبر تي ڪو نانءُ ڇو ڪونهي، چوڌاري رڳو ٿوهر جا ٻوٽا ڇو پکڙيا پيا آهن؟ پڻس مري ويو، لاڪاس ورثي ۾ غلاميءَ جو ڳٽ ڇڏي ويو.

ماڻس هر رات، مير صاحب جي يا ميرياڻيءَ جي ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهندي هئي ۽ هو اڪيلو، ڪوٺڙيءَ ۾ پيو، غلاميءَ جي سنگهر جون ڪڙيون ڳڻيندو هو.

ڪنهن اهڙيءَ ئي رات، هو غلاميءَ جون سموريون سنگهرون ڇني، ڀڄي ويو هو. پاڻ ئي پاڻ آزادي ماڻي هيائين. تڏهن هو پندرهن سالن جو هو ۽ سندس ڪلهن تي به اهڙا ئي نيل هئا؛ جهڙا پڻس جي ڪلهن تي هئا. هن رت ٿڪي ٿڪي نٿي مرڻ چاهيو. هن نٿي چاهيو ته زندگيءَ جي ڪنهن لمحي ۾ هن جي زال به ماڻس وانگر ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهي. سو هو ڀڄي آيو هو. پوءِ زندگي هن ڇتن ڪتن وانگر مانيءَ جي هڪڙي ڳڀي لاءِ وڙهندي گذاري هئي. گند جي دڙي تان، لوڪ ستي، پاروٿا ڀت، مانيون ۽ ميون جون کلون چونڊي پيٽ ڀريندو هو. گند جي دڙن تان پيٽ ڀريندڙ ڪتا، هن کي ڌاڙو هڻندو ڏسي، هن جا ويري ٿي پيا هئا. هن کي ڏاڙهيندا هئا، اُلرون ڪندا هئا، پر هُن ڪڏهن به ڪونه هارايو. هو غلام پيڙهيءَ جو پهريون باغي انسان هو.

مير صاحب هن جي ڳولها ۾ شڪاري ڪتن جهڙا غلام ڇڏيا هئا، پر هن کي ته نڄاڻ زمين ڳڙڪائي وئي هئي يا آسمان جهٽي ورتو هو. بادشاهه زندگيءَ جي جنگ ۾ بنا ڪنهن هٿيار جي ڪاهي پيو هو.

هڪ وار چور جي ڳولها ۾ ڊوڙندڙ ماڻهن هن کي پڪڙي ورتو هو ۽ هو جيل هليو ويو، بنا ڪنهن ڏوهه جي. هن جو ڪوبه گهر ڪونه هو، هن جيل کي گهر سمجهي ورتو هو. هتي هن کي پٽڙي دال ۽ واريءَ گڏيل ماني ملندي هئي. هن کي گند جي دڙي تان پيٽ ڀرڻ جو سامان ڪونه ڳولهڻو پوندو هو. ڪتن سان جنگ ڪانه ڪرڻي پوندي هئس. هن کي جيل سان ائين ئي پيار ٿي ويو هو، جيئن ماڻهن کي گهر سان ٿيندو هو. جڏهن هن جو پيار تمام وڌي ويو هو، تڏهن هڪ صبح هن کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. جيل جي لوهي گيٽ تي بيهي هو ائين سُڏڪي سُڏڪي رنو هو، ڄڻ بنا ڪنهن ڏوهه جي بي گهر ڪيو ويو هجي، جلاوطن ڪيو ويو هجي.

هڪ ڀيرو وري هُو گند جا دڙا ڦولڻ لڳو ۽ فوٽ پاٿ تي سمهڻ لڳو هو. زندگيءَ جي انهن لمحن ۾ هن تي اهو انڪشاف ٿيو هو ته هو ميرن جي حويليءَ ۾ ئي نه، ڪائنات جي هر هڪ ڪنڊ ۾ قابل نفرت ۽ غلاميءَ جو نشان آهي. هن جو رنگ ۽ روپ هن لاءِ شڪستن جو اهڃاڻ هئا. بک، زهر بڻجي هن جي نسن ۾ واسو ڪندي وئي. هڪ اونداهيءَ رات جو فوٽ پاٿ تي ستل هن جي جسم تان ٿاٻڙجي ڪوئي مٿائنس اچي ڪِريو هو. ڪي پل ته ڪرڻ وارو ڌڪ پچائيندو رهيو. پوءِ مٿائنس چڙهي ويو هو، ”ڀڙوا، ماءُ..... گهر ڪونه اٿئي جو وچ تي پيو آهين.“

گهر! هن کي جيل ياد اچي ويو.

”گهر ئي ته ڪونه اٿم، نه ته سيءَ ۾ ستو پيو هجان ها!“

ڪِرڻ واري جا هٿ، بادشاهه جي ڳچيءَ تان هٽي ويا. هو پريان ايندڙ ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ بادشاهه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

”ڪير آهين؟“ هن ڀيري هن جو آواز بيحد نرم هو.

”ماڻهو آهيان.“ بادشاهه اڃا به هيسيل هو.

”شيدي آهين؟“ هن جي ڳالهه ٿوهر جي ڪنڊي سمان بادشاهه جي من ۾ چڀي وئي هئي. دل چيو هيس سموري ڪائنات جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. پوءِ هڪڙي هڪڙي کان پڇي، ”شيدي آهين، شيدي آهين؟“ پر هن ڪابه ورندي ڪانه ڏني.

”شيدي آهين نه؟“ هن ٻِيهر پڇيو.

”هو – نءَ.“ لفظ بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.

”نالو ڇا اٿئي؟“

”بادشاهه، ۽ تون؟“ هاڻ بادشاهه جو ڊپ ڪنهن قدر لهي ويو هو.

”شيدي بادشاهه همباشا، جيڏانهن پير تيڏانهن خير.“ هو ٽهڪ ڏئي زور زور سان کلڻ لڳو. بادشاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڀُرڻ لڳو.

”منهنجو نالو ڪمو آهي. نه، ڪمال آهي.“ بادشاهه پريان کان ايندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺو، ڪموءَ جو رنگ اڇو اجرو کير جهڙو هو. ائين ڇو آهي؟ ڪو ماڻهو ڪارو ۽ بدصورت، ڪو ماڻهو اڇو ۽ خوبصورت ڇو ٿيندو آهي؟ دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ڇو ڪونه آهن؟ ڪموءَ جو اڇو اجرو رنگ ڏسي هو اداس ٿي ويو هو.

”گهر ڇو ڪونه اٿئي، ڀڄي آيو آهين؟“ بادشاهه جو ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪي پيو. هن نٿي چاهيو ته هن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه خبر پوي.

”گهر اٿم ئي ڪونه.“ هو چؤواٽي تي گم ٿي ويل ٻار وانگر روئي پيو.

”اڙي، شيدي بادشاهه! اڙي، ڀڙوا، مڙد ٿي ڪري روئين ٿو؟!“ ڪمو ائين ڪڻس پرچائڻ لڳو، ڄڻ جڳن جي سڃاڻپ هجيس.

”چڱو اچ. اڄ کان تون ۽ آئون يار.“ ڪمو هن جا لڙڪ اگهڻ لڳو.

”اڙي، نه رو يار، بادشاهه! بادشاهه به ڪو روئندا آهن!“ ڪمو هن کي پاڻ سان گڏ انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي آيو، جيڪا ڪموءَ جو گهر هئي.

”هي اٿئي منهنجو تاج محل.“ ڪموءَ قلف کوليندي ڪوٺڙيءَ سان بادشاهه جو تعارف ڪرايو. بادشاهه تاج محل ٻڌو ئي ڪونه هو ڪڏهن. ”تاج محل! اهو ڇا ٿيندو آهي؟“ ڪمو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.

”ڏس، جيئن تنهنجو نالو بادشاهه آهي، تيئن هن ڪوٺڙيءَ جو نالو تاج محل آهي.“

”هڪڙو بادشاهه هو، تو جهڙو نه پر سچ پچ جو بادشاهه، انهيءَ کي پنهنجي زال سان ايترو عشق هو جو جڏهن اها مري وئي، تڏهن بادشاهه انهيءَ تي هڪڙو عاليشان مقبرو ٺهرايو، انهيءَ جو نالو تاج محل آهي.“

”تو ڏٺو آهي، تاج محل؟“ بادشاهه اچرج مان پڇيو. ڪموءَ جي کل نٿي بيٺي چوڻ لڳو:

”ٻڌو اٿم ته شيدي چريا ٿيندا آهن. اڄ پڪ به ٿي وئي.“ هن ڄڻ بادشاهه کي گار ڏئي ڪڍي هئي. ڪجهه چئي ڪونه سگهيو، پر رنگ ڪاراٽجي ويو هئس.

”يار، بادشاهه!“ ڪموءَ هن کي اداس ٿيندي ڏسي چيو، ”اسين غريب ماڻهو پاڻ تي بادشاهه ۽ پنهنجن ڀڳل ٽٽل گهرن تي تاج محل جهڙا عاليشان نالا رکي ئي خوش ٿي ويندا آهيون.“ بادشاهه ڏٺو، ڪمو ميڻ بتي ٻاريندي ٻاريندي، پاڻ ڄڻ اُجهامڻ لڳو هو.

”چڱو هاڻ تون هن کٽ تي سمهي رههُ، صبح جو ملنداسون.“ بادشاهه ڪنهن چئيدار پٽ وانگر جهولي کٽ تي ليٽي پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيا ۽ چپ ٿي وئي.

”ڏس، اهو نه چئي جئين ته بک لڳي آهي. آئون پاڻ ڪالهه کان لنگهڻ تي آهيان.“ هاڻ ڀلا بادشاهه هن کي ڪيئن اهو ٻڌائي ها ته آئون گند جي دڙي تان پيٽ ڀري آيو آهيان. توکي به جي بک لڳي آهي ته گند جي ڪنهن دڙي تان پيٽ ڀري اچ. پر هو چپ رهيو. ڪمو پٽ تي پراڻي فراسي وڇائي سمهي پيو. ميڻ بتي ٻرندي رهي، بادشاهه جاڳندو رهيو. ميڻ بتي ٻرندي ٻرندي اُجهامي به وئي، پر هو جاڳندو رهيو.

ڪمو ڀريل کيسا ڪٽيندو هو. بادشاهه کي به اهو ڌنڌو سيکارڻ چاهيائين، پر پهرئين ئي ڀيري بادشاهه ذري گهٽ پڪڙجي پيو هو. ڪموءَ سمجهي ورتو هو ته هو اهو ڪم ڪري ڪونه سگهندو. عقل جي گهٽتائيءَ جي ڪري هو ڪوبه اهڙو ڪم ڪري ڪونه سگهندو.

”توکي نچڻ ايندو آهي، بادشاهه؟“ بادشاهه جي هانوَ تي ماڻس ۽ پڻس جو نچندڙ جسم اڳيان اچي ويو. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪمو سندس ڪو گناهه پڪڙي ورتو هجي.“

”نه، آئون ڪونه نچندس.“ گهٻرائجي هن ذري گهٽ رڙ ڪئي هئي.

”ڏس بادشاهه، جيئرو رهڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي. بيک گهرڻ کان کيسو ڪٽڻ چڱو آهي، پر توکان ته اهو ڪم به نٿو پڄي. منهنجي صلاح وٺ، نچڻ ڳائڻ شروع ڪر. دهل توکي آئون وٺي ڏيندس. ڪلهه مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو هو، تو وانگر شيدي هو. دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچيو پئي. ماڻهن مٿائنس رپيا، اٺ آنا، چار آنا پئي گهوريا. تون به اهو ڪم ڪر، بک ته ڪونه مرندين.“ بادشاهه جون اکيون سرخ ٿي ويون هيون، لڱ ڪانڊارجي ويا هئس ۽ ڪارو رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هئس.

”آئون اهو ڪم ڪونه ڪندس.“ هن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي صدين جي غلامي ياد اچي وئي هئي. آفريڪا جو مست ناچ، جيڪو هن جا وڏا غلاميءَ جي ورثي سان گڏ سانڍيندا رهيا هئا. هو ته غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو هو. هو ڀلا ڪيئن ٿي نچي سگهيو؟ ’اسان رڳو نچڻ لاءِ، ڳاڙهين کٽن تي سمهڻ لاءِ يا ڀاري بوجهه ڍوئڻ لاءِ آهيون ڇا؟‘ هن ٽٽندڙ دل سان سوچيو هو.

”ٻڌ ڪمو! آئون بيک گهرندس، پر نچندس ڪونه.“ هن فيصلو ڏئي ڇڏيو. پيٽ ڀرڻ لاءِ هو گند جا دڙا ڦولريندو رهيو. ڪمو کيسا ڪٽيندي ڏينهن گذاريندو رهيو. بادشاهه، پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ڪموءَ جي تاج محل ۾ پيو هوندو هو. ڪمو ڌنڌي تان موٽندو هو ته سج لٿي مهل گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ وڃي ويهندو هو، جُوا لاءِ. جڏهن موٽندو هو، تيسين تائين بادشاهه سمهي رهندو هو.

هڪ ڀيرو، سج لٿي مهل ڪموءَ هن کي به جُوا واري اڏي تي ويهاري ڇڏيو هو. اتي ڪموءَ ٻين سان هن جو تعارف ڪرايو هو، ”هي منهنجو يار اٿوَ، بادشاهه!“ موٽ ۾ سڀ ڳائڻ لڳا، پنهنجن بي سُرن آوازن ۾ ”شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ بادشاهه جون اکيون پوسرڻ لڳيون. هو مڃي نه مڃي پر هن جا وار، رنگ ۽ نقش پڪاري پڪاري چوندا هئا، ”هي شيدي آهي، هي شيدي آهي.“

هو چپ چاپ ويٺو رهيو ۽ هو سڀ جوا ڪندا رهيا. پڇاڙيءَ ۾ ملوڪ کٽيو هو. جنهن مهل هو راند ڪري رهيا هئا، تنهن مهل بادشاهه جون سرخ سرخ اکيون سامهون لٽڪيل ڦاٽل ڳوڻ مان ليئا پائيندڙ چنڊ جهڙي چهري تي وڃي اٽڪيون هيون. هو ٽِڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪندي رهي. هن کي ڪموءَ کان ٻڌل تاج محل واري ڪهاڻي ياد اچي وئي.

”ڇا ٿو ڏسين، بادشاهه!“ عارب هن کي اک ڀڳي هئي. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪا چوري ڪئي هجيس.

”ڪيئن وڻي ٿي توکي؟“ ڪموءَ ٺونٺ هڻندي پڇيو هئس. هو لال ڪنوار جيان شرمائجي ويو.

”ڏي خبر بادشاهه!“ سڀ هن کي ڇيڙڻ لڳا. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.

انهيءَ ڏينهن عارب جوا ۾ کٽيو هو ۽ بادشاهه ڌڙڪندڙ دل سان ڏٺو هو ته هو کيسن ۾ کٽيل پيسا ڀري، در مان ليئا پائيندڙ چهري ڏانهن وڌي ويو هو، ڪنهن فاتح سمان.

۽ جڏهن عارب اندر گهڙيو هو، تڏهن در بند ٿي ويو ۽ هو سڀ اُجهاڻل نظرن سان بند دروازي کي ڏسندا رهيا هئا.

ڪمو اٿيو ۽ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو گهر واپس وڃڻ لڳو. هو به چپ چاپ ڪموءَ جي پويان پويان هلڻ لڳو. گهر پهچي ڪمو پٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو، ائين ڄڻ چؤواٽي تي لُٽجي ويو هجي. بادشاهه به ماٺڙي ڪري کٽ تي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي. انهيءَ رات هنن ميڻ بتي به ڪانه ٻاري. اونداهيءَ ۾ پيا رهيا. بادشاهه محسوس ڪيو هو ته سڄي رات ڪمو پاسا ورائيندو رهيو هو. بادشاهه کي به ننڊ ڪانه آئي هئي. اکين آڏو اهو چنڊ چهرو ٻرندو رهيو هئس. ڪنهن ڪنهن مهل سندس کٽ به چرڙاٽ ٿي ڪيو ۽ ائين صبح ٿي ويو. ڪمو ٻاهر نڪري ويو ۽ هو کٽ تي بي سُڌ پيو رهيو. ڪمو  موٽيو، تڏهن به بادشاهه ائين ئي کٽ تي بي سُڌ پيو هو. ڪمو پٽ تي ويهي پيسا ڳڻڻ لڳو.

”ڪمو!“ گهري سانت ۾ هن جو ڀاري ڀاري آواز گونجيو هو.

”هون!“ هو پيسا ڳڻيندو رهيو.

”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“ ڳالهه پڇڻ کان اڳ بادشاهه جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.

”راتوڪي ڇوڪري ڪير هئي؟“ ڪموءَ جو جواب ٻڌڻ کان اڳ ئي هو پڇي ويٺو.

”پري هئي.“ ۽ بادشاهه کي ننڍي هوندي پڻس کان ٻڌل آکاڻين واري پري ياد اچي وئي.

”ملوڪ ڇو ويو هو وٽس؟“

”جوا جو کٽي هيائين.“ ڪموءَ نوٽن کي ڊگهي چمي ڏيندي چيو.

”تون به هن وٽ ويندو آهين؟“

”ها، جڏهن جوا کٽندو آهيان، تڏهن.“ هن ائين چيو، ڄڻ پڪ هجيس ته اڄ هو کٽندو.

”ڇا وڃي ڪندو آهين؟“ بادشاهه کٽ تان لهي پٽ تي ڪموءَ جي ويجهو اچي ويٺو.

”جيڪو پڻهين.... ماڻهين وٽ وڃي ڪندو هو.“ بادشاهه من ئي من ۾ سراپجي ويو هو، ڪموءَ جي انهيءَ مذاق تي. پڻس ته سدائين ماڻس جون راهون تڪيندو رهيو هو، پر هوءَ مير صاحب جو حڪم هئڻ ڪري راتيون مير صاحب جي ڀر ۾ ڳاڙهي نهوار واري کٽ تي گهاريندي هئي. بس مهيني جون ٽي چار بيڪار راتيون مڙس وٽ اچي چپ چاپ پئجي رهندي هئي، بنا ڪجهه ڪرڻ جي.

”بادشاهه!“ ڊگهي ماٺ کان پوءِ ڪموءَ ڪڻس پڪاريو هو،

”هون.“ هن جي ’هون‘ ۾ به پيڙائن جو هجوم هو.

”ڇا ٿو سوچين؟“

”ڪجهه به نه.“ اهو ئي پيڙا جو پڙلاءُ.

”پريءَ تي عاشق ٿي پيو آهين ڇا؟“ ڪمو کليو هو.

”نه، نه.“ هن صفا صاف ڪوڙ ڳالهايو.

”ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“ بادشاهه ڪڇيو ڪونه. ڪوڙ ئي ته ڳالهايو هيائين.

”تون، وٽس ويندين ڇا؟“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي هو گل وانگر ٽڙي پيو، پر ڪڇيو ڪونه.

”بادشاهه! اسان سڀني يارن شرط رکي آهي ته جيڪو، جنهن رات جوا کٽندو، اهو ئي انهيءَ رات گهوٽ ٿيندو.“ بادشاهه ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو.

”تون گهوٽ ٿيندين، بادشاهه!؟“ ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين شرنايون گونجنديون رهيون.

”گهوٽ ٿيڻ لاءِ جوا کٽڻي پوندئي.“

”-“ بادشاهه چپ رهيو. خوابن ۾ موڙ ٻڌي پريءَ کي ماڻيندو رهيو.

”جوا کٽڻ لاءِ پيسا گهرجن، اٿئي پئسا؟“

بادشاهه کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي غربت جو احساس ٿيو هو. خالي کيسي جو دک ٿيو هو. هو هارايل جواري سمان ڪنڌ نوايو ويٺو رهيو. انهيءَ شام گهٽيءَ مان لنگهندي هن ڏٺو ته هوءَ ڳوڻ مان ليئا پائي رهي هئي. هن جي پيرن ۾ ڄڻ سنگهر پئجي وئي. هو بيهي رهيو ۽ جڏهن پريءَ جي مٿس نظر پئي ته هوءَ حقارت سان مرڪندي اندر هلي وئي هئي ۽ بادشاهه اتي ئي رهجي ويو هو. پريءَ جي خواهش من ۾ ڦهلجي ويس، گلاب جي خوشبوءَ سمان.

انهيءَ رات هن ٽٽندڙ دل سان ڪموءَ کي چيو هو:

”ڪمو! تو چيو هو ته تون – مون – کي.....“ لفظ سدائين جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئس. ڪمو اچرج مان هن کي ڏسندو رهيو.

”تو، چيو هو نه ته تون – مون کي – دهل وٺي ڏيندين.“ اهو چوندي بادشاهه جو رنگ ڪاراٽجي ويو هو. ڪموءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. ڪي پل ته وات ڦاڙي هن کي ڏسندو رهيو، پوءِ ڄڻ سارو معاملو سمجهه ۾ اچي ويو هئس. ٽهڪ ڏيئي کليو هو ۽ پوءِ کل ۾ ئي ٻڏي ويو هو.

”واهه ڙي بادشاهه واهه. پريءَ جي عشق توکي به ديوانو ڪري ڇڏيو.“ بادشاهه، لال ڪنوار جيان شرمائجندو رهيو.

”ٻڌائي ته ڪڃر! اها ڳالهه آهي نه؟“ ڪمو رڙهي اچي وٽس ويٺو. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.

پوءِ ٿيو ائين، جو ڪموءَ هن کي دهل وٺي ڏنو.

انهيءَ ڏينهن چؤواٽي تي بيهي، دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچيو هو، ڪلاڪن تائين.

شيدي بادشاهه همباشا

شيدي بادشاهه همباشا

جيڏانهن پير

تيڏانهن خير

شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.

ڄڻ آفريڪا جي اُداس ڌرتي، سنڌ ڌرتيءَ تي لهي آئي هجي. ڌرتيءَ جو گولو هن جي پيرن هيٺ ڦرندو رهيو. هو مست ٿي ويو هو. ماڻهو مست ٿي ويا هئا. هن جي رڳن ۾ آفريڪا جي مٽي رت وانگر ڊوڙڻ لڳي. هن جو پيءُ به ائين مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. نچي نچي جڏهن ساڻو ٿي پيو هو، تڏهن سندس پير بيهي رهيا. ڪائنات ساڪت ٿي وئي هئي. پن پن خاموش. پيرن ۾ پيل پئسا هن ڳڻيا هئا، ٽيهه روپيه هئا. هن اهي ٽيهه روپيا ائين چونڊيا ميڙيا هئا، ڄڻ من مڻيو چونڊيندو هجي.

سج لٿي هو موٽيو هو. بلب هيٺ جوا پئي هلي. هن کي ڏسي سڀني نعرو هنيو، ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ اڄ پهريون ڀيرو انهن لفظن تي هو دل سان مرڪيو هو، مرڪندو رهيو هو. ڪموءَ اچي ڪڻس ڀاڪر پاتا هئا، ”واهه ڙي شيدي بادشاهه! ڏي خبر، گهڻي ڪمائي ٿي؟“ موٽ ۾ هن ٽيهه روپيه کيسي مان ڪڍي، ڪموءَ جي هٿ تريءَ تي ائين رکيا هئا، ڄڻ من مڻيو رکندو هجي. ڪموءَ، هڪ ڀيرو وري ڪڻس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو هو، ”جيءُ بادشاهه! اڄ ته منهنجو بادشاهه لال پريءَ جو لال گهوٽ ٿيندو.“ ۽ بادشاهه شرمائجي ويو هو.

اڄ هو به من ۾ ”ڀيڄ ڀٽائيءَ“ جو نعرو هڻي جوا تي اچي ويٺو هو. اڄ سڀني هن کي ڄاڻي ٻجهي کٽايو هو. هن کي کٽائڻ جو واعدو، ڪموءَ سڀني کان ورتو هو. هو هئا ڪموءَ جهڙي سدا ملوڪ يار جا يار، سي ڀلا ڪيئن نه چيو ڪن، سو هو کٽي ويو. هن نوٽ کيسي ۾ ڀريندي سامهون ڏٺو. ڦاٽل ڳوڻ مان انهيءَ ئي چنڊ چهري ٿي ليئا پاتا، جنهن لاءِ هو ڪيترين راتين کان جاڳندو ٿي آيو. ڪيترا خواب هن انهيءَ چهري جا ڏٺا هئا. هن کان وکون نه پئي کنيون ٿيون. هن ته ڪڏهن ڪنهن عورت جو جسم ڇُهي به ڪونه ڏٺو هو. پريءَ سان سڄي رات گهارڻ جي خيال سان ئي هن کي پگهر اچي ويو.

”نه يار، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“ هو گهٻرائجي بيهي رهيو هو. هو سڀ هن جي همت وڌائڻ لڳا، پر هو، جنهن اڃا سگهه ئي ڪانه پئي ساري.

”اڙي ڊپ وري ڇا جو، ميان!“

”آئون، آئون وڃي ڪندس ڇا؟“ پگهر ۾ بادشاهه شم ٿي ويو هو ۽ هو سڀ ٽهڪ ڏئي کلي پيا هئا. کلندا رهيا، هو پگهر ۾ شم ٿيندو رهيو.

”اڙي وڃڻ شرط کڻي ڀاڪر پائيجينس. چمي ڀاڪر تون ڪجئين، باقي ڪم هوءَ پاڻ ئي ڪندئي.“ ڪمو هن جي همت وڌائڻ لڳو. هن هوريان هوريان وکون کنيون ۽ جڏهن هو در تي پهتو، تڏهن در ٺڪا ڏئي بند ٿي ويو. من مڻيو ٽٽي ڀور ٿيو هو. هو ڪي پل چپ چاپ بند دروازي اڳيان بيٺو رهيو، پوءَ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو ڪموءَ جي تاج محل ڏانهن هليو ويو هو. هو سڀ پويان هن کي سڏيندا رهيا هئا، پر هو ته ڄڻ ڪنن کان ٻوڙو ٿي پيو هو. ڪوبه سڏ ڪونه ٻڌو هيائين. بس دروازي بند ٿيڻ جو ٺڪاءُ طوفان وانگر زوزاٽ ڪندو سندس ڪنن ۾ گونجندو رهيو هو. ائين ڀاسيو هئس، ڄڻ هزارين ماڻهو سندس پويان پٿر کنيو، تاڙيون وڄائيندا اچي رهيا هجن. ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ هو تيز تيز وکون کڻڻ لڳو. گهر پهچي هو جهول کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي.

آڌيءَ مهل ڪمو موٽيو ته بادشاهه اڃا جاڳيو پئي. ميڻ بتيءَ سمان پل پل دکي رهيو هو. ڪموءَ اونداهي ۾ اهو ڏسڻ لاءِ ته هو جاڳي پيو يا ستو پيو آهي، هن جو چهرو ڇُهي ڏٺو. ڪموءَ جا هٿ آلا ٿي ويا هئا. هو ڇرڪي پيو.

”اڙي ڀڙوا! بادشاهه ٿي ڪري روئين ٿو؟“

هاڻ ڀلا هو ڪموءَ کي ڪيئن سمجهائي ته اسين غريب ماڻهو بادشاهه ۽ تاج محل جهڙا نالا رکي دل خوش ڪندا آهيون نه ته آئون غلام قوم جو فرد آهيان. غلام سڀ ڄمار پيا روئندا آهن. پر ڪجهه چوڻ بدران هو سڏڪن ۾ پئجي ويو. ڪموءَ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن هو بادشاهه کي پرچائي؟ ”ڏس يار! مون ته رن کي گهڻئي چيو پر چوڻ لڳي ته ’آءٌ مري وينديس پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس.‘“ انهيءَ انڪشاف تي بادشاهه ڀُري پيو هو، واريءَ جي ڪچي گهروندي سمان. شيدي هئڻ جو الميو اڄ تائين ساڻس چُهٽو ٿي آيو. هو ڀلا ڪيئن ماڻهن کي يقين ڏياري ها ته هو غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو آهي، هو آزاد آهي، آزاد آهي. شيدي آهي ته ڇا آهي، هن جا احساس ته اڇا اجرا آهن، چنڊ جهڙا، جهڙو پريءَ جو چهرو آهي. هن جي دل ته هر ماڻهوءَ جهڙي آهي. هن جي رت جو رنگ ته ساڳيو آهي، پر ڪجهه چوڻ بدران هو روئندو رهيو هو.

”بادشاهه! يار، هي رنون پيسي پويان بکيون ٿينديون اٿئي. تون پيسو ميڙيندو رهه، ڏسجئين ڪنهن ڏينهن هوءَ پاڻ هلي تو وٽ ايندي.“ ڪمو هن کي دلاسا ڏيڻ لڳو. نڄاڻ ڪنهن پر هن کي روئندي روئندي ننڊ اچي وئي.

هن پهه ڪيو هو ته هو هارائيندو ڪونه، روز نصيب آزمائيندو. هن جو نصيب، جيڪو هن وانگر ڪاراٽيل هو. هو روز ڪنهن نه ڪنهن چؤواٽي تي بيهي دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. ماڻهن جا ميڙا اچي گڏ ٿيندا هئا. ماڻهو هن کي نچندو ڏسي مست ٿي ويندا هئا. رپيو رپيو، چار چار آنا، اٺ اٺ آنا هن جي گپ مان ڀريل نچندڙ پيرن ۾ اڇليندا ويندا هئا. هو اڃان به مست ٿي نچندو هو ۽ هن جي سرخ سرخ اکين ۾ پريءَ جو چنڊ جهڙو چهرو پيو رقص ڪندو هو، جنهن کي صرف هڪ ڀيرو چمڻ لاءِ هن نچڻ شروع ڪيو هو. اهو ناچ، جيڪو هن کي غلاميءَ واري دؤر جو ساروڻو ڀاسندو هو ۽ غلامي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ پيل سنگهر ڇني هن آزادي ماڻي هئي. اهو ته ڪڻس گمان ئي ڪين هو ته سموريون زنجيرون ڇني اچڻ کان پوءِ به هن جو رنگ ۽ روپ زنجير بڻجي سدائين (مرڻ پل تائين) سندس پيرن ۾ پيو هوندو، جيڪو هو ڪڏهن به ريٽي نه سگهندو.

سڄو سڄو ڏينهن نچڻ کان پوءِ، جڏهن سج لٿي کيسا ڀري موٽندو هو، تڏهن سندس پير سُور کان پيا پوسرندا هئا. ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو هو جوارين وٽ اچي ويهندو هو. جنهن مهل کيسن مان پيسا ڪڍي هنن جي آڏو رکندو هو، تنهن مهل ائين ڀاسندو هو ڄڻ من – مڻيو ڪڍي رکندو هجي. دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳندي هيس ۽ جنهن مهل جوا جي جيت سندس حصي ۾ ايندي هئي، تنهن مهل نس نس ۾ طوفان اچي ويندو هئس. هوءَ در تي بيٺي هوندي هئي. دوست هن تي زور ڀريندا هئا ته اڄ هو قسمت آزمائي ڏسي. آخر ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، ڪو پل ته هن جو به ٿيندو. بادشاهه سڄو پگهر ۾ شم ٿي ويندو هو. هٿ پير فالج جي مريض جيان بيڪار ٿي ويندا هئس. طوفانن ۾ وڪوڙيل بادشاهه، جڏهن هن ڏانهن وکون وڌائيندو هو، تڏهن ڪيتريون نفرتون پريءَ جي اکين ۾ مڙي اينديون هيون. بادشاهه جڏهن در وٽ پهچندو هو، تڏهن اُمالڪ در ٺڪاءُ ڏئي بند ٿي ويندو هو ۽ سندس دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ پوندي هئي. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان رنگ ڪاراٽجي ويندو هئس ۽ لڱ پگهر ۾ شم. هو ڪموءَ جي تاج محل ۾ اچي، کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پوندو هو. کٽ چرڙاٽ ڪندي هئي ۽ چپ ٿي ويندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ڪمو ڪيتريون راتيون پريءَ وٽ گهاري آيو هو. جنهن رات ڪمو پريءَ وٽ هوندو هو، اها سڄي رات هو آلي ڪاٺيءَ جيان پيو رکندو هو ۽ جنهن رات ڪمو به وڃي ڪونه سگهندو هو، اها سڄي رات هو ٻئي ڄڻا آليءَ ڪاٺيءَ وانگر پيا دکندا هئا. ڪمو هن کي دلاسا ڏيندو هو، ”بادشاهه! فڪر نه ڪر، ڪا رات تنهنجي به ايندي.“ هو ڪابه ورندي ڪونه ڏيندو هو، پيرو اجهامندو هو.

هنن سڀني گڏجي پريءَ کي سمجهايو ته بس هڪڙي رات هوءَ بادشاهه کي به ڏئي، پر هن نرڙ تي گهنڊ آڻي چيو هو، ”آئون مري وينديس، پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس. هو ڪارو ڀولڙو، شڪل به اٿس مون وٽ اچڻ جهڙي.“

”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. رن مڃي ئي ڪانه ٿي.“ هو سڀ همدرديءَ ڀرئي لهجي ۾ هن کي چوندا هئا. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان هو ڪنڌ نوائي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ بند اکين ۾ ڦهلجي ويندو هئس، سمنڊ جهڙو کارو پاڻي.

تنهن رات به ڪمو پريءَ وٽ هو. هو من ئي من ۾ اجهامندو رهيو هو، دکندو رهيو هو. پريءَ جو اڇو اُجرو، چنڊ جهڙو چهرو ساري رات سندس اکين ۾ ليئا پايو ڀوائتا ٽهڪ ڏيندو رهيو هو. هن جو ڪارو چهرو ڪاراٽبو رهيو هو. اڱارن سمان شڪست، ذلت ۽ غلاميءَ جون ساروڻيون وڪوڙي ويون هئس. ڇو ساري زماني جون شڪستون سندس نصيب ۾ هيون. ڇو دنيا جي سڀني انسانن جو رنگ ڪارو ڪونهي. ڇو هن جو رنگ اڇو ڪونه هو؟ سندس دل چيو ٿي ته ساري زماني جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. دانگيءَ جي ڪارنهن، جيڪا سندس من ۾ واسو ڪندي ٿي وئي.

فجر جي ٻانگن کان اڳ ڪمو موٽي آيو. بادشاهه کي سڏ ڪيائين ۽ هو جاڳندي به ڄڻ ستل هو. ڪمو به ڀت ڏانهن منهن ڪري سمهي پيو. سندس کونگهرا چوڌاري گونجندا رهيا.

بادشاهه کٽ هيٺ رکيل اڇي بوتل کنئي ۽ ٻليءَ پير هلندو ٻاهر نڪري ويو. گهٽيءَ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو ۽ بادشاهه جڏهن موٽيو هو، تنهن مهل آسمان جي هن ڪناري تان باک پئي ڦٽي. هو چپ چاپ اچي کٽ تي ليٽي پيو. الاءِ ڪيترن لمحن کان پوءِ ڪموءَ ننڊ مان جاڳايو هئس. جاڳڻ مهل دل تيزيءَ سان پئي ڌڙڪيس. ڄڻ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي.

”بادشاهه، اڙي اٿي ته سهي. قيامت ٿي وئي، پري......“

”ڇا ٿيو پريءَ کي؟“ گهٻرائجي پڇيو هيائين يا اندر جو چور لڪائڻ چاهيو هائين، پر سندس سرخ سرخ ننڍڙيون اکيون ڦهلجي ويون هيون.

”پريءَ تي الاءِ ڪنهن تيزاب هاري ڇڏيو آهي. رن سڄي سڙي خاڪ ٿي وئي آهي.“

بادشاهه جي دل ڌڙڪندي رهي هوريان هوريان، خوشيءَ کان، ڀؤ کان.

”الاءِ! چوي ٿي ته آئون اونداهه ۾ ڏسي ڪانه سگهيس. الائي ڪير هو؟ ڀت ٽپي آيو هو ۽ ستل پريءَ تي تيزاب هاري هليو ويو.“ ڪمو سهڪي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”بلي، ڇا مائيءَ جي سونهن هوندي هئي. هاڻ ڏسندين ته سڃاڻي ڪونه سگهندين، اصل جهڙي ڏائڻ.“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي بادشاهه جي دل اندر، دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا. پري به ڏائڻ ٿي سگهي ٿي، اهو ڀلا ڪنهن سوچيو هوندو. جنهن پنهنجي حسن جا دروازا بادشاهه تي بند ڪري ڇڏيا هئا، هاڻ مٿس سموري دنيا جا دروازا بند ٿي ويندا. تڏهن هو، پريءَ جي ڀوائتي چهري لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيندو.

”هلينس ٿو ڏسڻ؟ چؤواٽي تي ويٺي منهن مٿا پٽي چري نه ٿي پوي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com