سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :5

 ايتري ۾ هن جا ٻه وڇڙيل ساٿي جيڪي، ڪالهه  کان وٺي هن کان جدا ٿيا هئا، اُهي به رُلندا ڀٽڪندا ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا، ته هڪڙي کي ٿاٻو اچي ويو، ڪرندي ڪرندي مس بچيو ته ٻئي دوست چيس يار ڇا ٿي ويو اٿئي، ٿاٻڙندو ٿو وتين؟ جنهن کي جواب ۾ چيائين ته يار ٿاٻڙجان به ڇو نه! هيءُ ڏس هيڏو سارو ماڻهو جو نڪ پٽ تي ريڙهيون پائيندو ٿو وتي اصل مالڪ جي ته خبر ئي ڪانه آهي ته اهو ڪٿي آهي؟ ٻئي دوست چيو اچ ته هن نڪ جو پيرو کڻي اصل مالڪ تائين پهچون ۽ ڏسون ته اهو ايڏو سارو ڪنهن جو نڪ آهي؟ پوءِ هي ٻئي دوست، نڪ جي واٽ وٺي اڃا اڳڀرو هليا ته ڏسن ته اهو نڪ اسان جي وڇڙيل ساٿي جو آهي. نڪ ايترو ته ڊگهو آهي، جو سندس جسم ۽ وڻ کي ويڙهيو پيو آهي. پوءِ هنن  ٻنهي ڄڻڻ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته دوست کي نڪ جي وڪڙ کان آجو ڪري ٻئي پاسي کڻي هلجي، مگر ڪنهن به ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. آخرڪار سوچي سوچي جهنگ مان هڪ گڏهه پڪڙي آيا ۽ پنهنجي دوست کي نڪ سوڌو پڪڙي کڻي گڏهه تي ويهاريائون پر جيئن گڏهه اڳتي وکون کڻندو پئي ويو، تيئن تيئن نڪ به وڌندو پئي ويو. آخر ايترو وڌي ويو جو گڏهه ان بار کي کڻڻ کان نابري واري ويهي رهيو ۽ اُٿڻ واري ئي ڪونه پيو ڪري. آخرڪار هي ٻئي ڄڻا ڏاڍا پريشان ٿي پيا، ههڙي بري حال ۾  دوست کي ڇڏي به ڪونه پيا سگهن آخر ڪن ته ڪيئن ڪن؟

هيءُ ٻئي ڄڻا اڃا انهيءَ سوچن ۾ هئا ته سامهون ساڳيو ئي ڳاڙهي سئيٽر وارو پراڻو دوست ڄامڙو کين نظر اچي ويو، مصيبت جا ماريا ويچارا ڊوڙي وڃي ڄامڙي دوست کي هٿين پيرين پيا ته اسان جي دوست جي هن مصيبت مان جيئن تيئن ڪري جان آجي ڪراءِ جنهن تي ڄامڙي دوست چيس ته پرواهه نه ڪيو آءٌ نه صرف توهان جي دوست جو علاج ڪندس پر توهان جي هر ڪائيءَ مدد ڪندو رهندس. ائين چئي سپاهين مان هڪ کي چيائين ته  سامهون ناسپاتي جي وڻ مان ناسپتي پٽي هن کي کارايو ته همراهه نوبنو ٿي ويندو. پوءِ سپاهين مان هڪڙي دوست  ڄامڙي واري ڏسيل وڻ جي ناسپتي پٽي آڻي پنهنجي نڪ وڌڻ واري دوست کي کارائي ته سندس نڪ آهستي آهستي سُستي وڃي  اصل حالت کي بيٺو دوست جي نڪ جي سڌريل حالت ڏسي، ٽيئي دوست ڏاڍا خوش ٿيا.

پوءِ ٽيئي ڄڻا پنهنجي پراڻي دوست ڳاڙهي سئيٽر واري چامڙي سان سامهون جدا جدا ٺڳجڻ واريون وارتائون بيان ڪرڻ لڳا. آخر ۾ ڄامڙي کين چيو ته آءٌ پهرئين ملاقات ۾ توهان سان واعدو ڪري چڪو آهيان ته توهان جو وفادار دوست ٿي رهندس. هاڻي انهي ٺڳ شهزاديءَ سان نبرڻ لاءِ هيئن ڪيو ته هڪڙو ٽوڪرو انهن صوفن جو ڀريو ۽  ٻيو ٽوڪرو ان ناسپتي جي وڻ وارين ناسپاتين سان ڀريو، پوءِ ڪنهن به نموني هڪڙو صوف شهزادي کي کارائي وجهو، پوءِ پڪ ڄاڻو ته ان جو نڪ وڌندو ئي رهندو، جيڪو پنهنجي اصل ڊيگهه کان هزار دفعا وڌندو رهندو ۽ وڌندو ئي رهندو. پوءِ جيستائين شهزادي توهان جا سڀ مطالبا نه مڃي، تيستائين سندس علاج ڪرڻ جي حامي نه ڀرجو. پوءِ جڏهن توهان جا سڀ ڪم ٿي وڃن ته ٻئي ٽوڪري مان هڪ ناسپتي ڪڍي شهزديءَ کي کارائيندو ته ان جو نڪ اصل صورت ۾ اچي ويندو، پوءِ ٽنهي دوستن ڄامڙيءَ دوست جي مهربانين جا ڳڻ ڳائيندي جدا جدا وڻن جي ميون جا ٽوڪرا ڀري ساڳئي بادشاهه جي شهر جو رخ ڪيو، جنهن شهر جو شهزاديءَ هنن کان سونين اشرفين واري ٿيلهي، واچ ۽ بانسري ٺڳي ورتي هئي.

جڏهن هيءُ ٽئي دوست بادشاهه  جي شهر کي ويجها آيا ته واچ واري سپاهيءَ کي مالهي وارو ويس پارائي صوفن جو ٽوڪرو مٿي تي رکيائونس ۽ شهزادي جي محلات هيٺان بيهي هوڪو ڏيڻ جي هدايت ڪري روانو ڪيائون ۽ چيائونس ته شهزادي کان بغير ڪنهن ٻئي  ماڻهو کي صوف نه کارائجان.

جڏهن واچ کسجڻ واري سپاهي اڃا محلات هيٺان صوفن جو هوڪو مس ڏنو ته صوفن جي وڻندڙ خوشبوءِ شهزادي تائين اڳ ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ شهزادي پنهنجي نوڪرياڻي کي چيو ته اهڙن خوشبودار صوفن جو سموري جو سمورو ٽوڪرو مالهي وٽان خريد ڪري مٿي کڻي اچ.

ٻانهي  جيئن ئي ٽوڪرو خريد ڪري مٿي کڻي آئي ته شهزادي صوف ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چوڻ لڳي اڃا صوف کاڌائي ڪونه آهن ته سمورو ڪمرو سندن خوشبوءِ سان واسجي ويو آهي. ائين چئي هڪڙو صوف وات ۾ وجهي کائڻ لڳي ته صوف جي مٺي مٺي رس سندس واڇن کان ٻاهر وهڻ لڳي. اڃا اڌ صوف مس کاڌائين ته سندس نڪ وڌڻ شروع ٿي ويو ۽ وڌندو ئي رهيو. شهزادي جي نڪ وڌڻ جي ڳالهه جڏهن بادشاهه کي پئي ته بادشاهه ڏاڍو پريشان  ٿي ويو. هزارين حيلا ڪرڻ جي باوجود به شهزاديءَ جو نڪ وڌندو ئي رهيو. آخرڪار بادشاهه اعلان ڪرايو ته جيڪو به ماڻهو منهنجي ڌيءَ جو علاج ڪندو، ان جي عيوض اهو ڏيندس جيڪو هو پنهنجي زبان سان گهرندو، يعني منهن گهريو انعام حاصل ڪري وٺندو.

ٻئي ڏينهن سپاهي حڪيمن واري پوشاڪ پائي بادشاهه جي درٻار ۾ حاضري ڀري ۽ شهزادي جي علاج جي حامي ڀري ورتي. پهرئين ڏينهن ڪجهه سادين سودين جڙين ٻوٽين سان گڏ سپاهيءَ شهزاديءَ کي پنهنجي ڄامڙي دوست جي ڏسيل ناسپاتيءَ مان به ٿوري ذري ڪٽي کارائي ورتي ته نڪ وڌن کان بيهجي ويو. جڏهن پهرئين ڏينهن ئي علاج سان ايترو فرق ٿيو جو نڪ جي وڌڻ رُڪجي ويو ته بادشاهه وزيرن توڻي اميرن کي يقين ٿي ويو ته حڪيم ڪو وڏو لاثاني ماهر آهي.  ٻئي ڏينهن سپاهي هڪ پورو صوف ڪپي ٻين دوائن سان ملائي شهزديءَ کي کارايو ته هيڪاري نڪ جي وڌڻ جي رفتار تيز ٿي وئي، نڪ جي وڌڻ جي تيزي سان شهزادي راڻي  توڙي بادشاهه کي تشويش وڌي وئي، يڪدم نئين حڪيم (سپاهي) سان رابطو ڪيو ويو ته نڪ وري وڌڻ ڇو شروع ڪيو آهي؟ نئين حڪيم سڀني کي مطمئن ڪندي چيو ته پريشان ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانه آهي، مرض مڪمل طور تي منهنجي ڪنٽرول ۾ اچي ويو آهي. الله سائين چاهيو ته هفتي  ٻن ۾ شهزادي صحتياب ٿي ويندي. ان ڏينهن هن وري ناسپاتيءَ جي ذرڙيءَ دوائن سان ملائي شهزادي کي کارائي ته وري نڪ وڌڻ کان رڪجي ويو. اهڙي طرح سپاهي پنهنجي گرفت شهزاديءَ تي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪڏهن نڪ کي وڌائيندو رهيو ته ڪڏهن گهٽائيندو رهيو. هڪ ڏينهن شهزادي بيزار ٿيندي يچس ته جيڪڏهن تنهنجون دوائون ڪم نٿيون ڪن ته اهو به ٻڌائي ڇڏ ته آءٌ بابا کي چئي ڪنهن ٻئي ماهر حڪيم جي خدمت حاصل ڪري وٺان، جنهن تي سپاهي چيس چڱو آءٌ توکي سڀاڻي ان ڳالهه جي ورندي ڏيندس ۽ منهنجون دوائون ڪم ڪنديون يا نه، ائين چئي سپاهي سڀاڻي موٽي اچڻ جو واعدو ڪري هليو ويو.

ٻئي ڏينهن تي سپاهي  شهزادي کي ٻڌايو ته مون کي پنهنجي روحاني علم وسيلي معلوم ٿيو آهي ته تو وٽ ڪن غريب مسڪين ماڻهن جون ڪي ڪارائتيون شيون پيل آهن، جيڪي تو هنن کان فريب وسيلي حاصل ڪيون آهن، آءٌ دوائن  تي جيترو به روحاني علم جو دم ڪيان ٿو ته ان اثر کي غريبن جون آهون ۽ دانهون بي اثر ڪري ٿيون ڇڏين. هاڻي جيستائين تون اهي پرايون شيون واپس مالڪن کي نه موٽائي ڏيندينءَ تيستائين تنهنجي مرض تي نه منهنجون دوائون اثر ڪنديون نه ڪنهن ٻئي ويڄ جو حيلو هلندو. حڪيم (سپاهي) جي ڳالهه شهزادي کي دل سان ته لڳي پر  هرو ڀرو شرم کي پرچائڻ لاءِ چيائين ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه آهي نه مون ڪنهن کان ڪي شيون زبردستي حاصل ڪيون آهن، نه وري ڪنهن جي شيءِ مون وٽ آهي، جڏهن بادشاهه پاڻ  حڪيم  (سپاهي) کان پڇيو ته شهزادي ڇو نٿي صحتياب ٿئي ته حڪيم بادشاهه کي مٿئين ڳالهه تفصيل سان ڪري ٻڌائي. جنهن تي بادشاهه پاڻ شهزادي وٽ هلي آيو ۽ کيس اچي سمجهايائين ته دنيا جون سڀ شيون اچڻيون وڃڻيون  آهن، پر صحت الله تعاليٰ جي ڏنل نعمت آهي جيڪا بنده لاءِ وڏي نعمت آهي. جيڪڏهن حڪيم جي روحاني علم واري ڳالهه ۾ ذري برابر به سچائي آهي ته پنهنجي ڀلائي لاءِ ماءُ پيءُ ۽ راڄ جي خوشين لاءِ تون اهي پرايون امانتون واپس ڪري ڇڏي. بادشاهه جي زور ڀرڻ تي شهزاديءَ پهريائين ته نه ڪئي پر پوءِ پيءُ جي هدايتن تي سچي ڪندي چيائين. واقعي مو ن پاڙيسري اميرن کان ٽي شيون ڳوٿري، واچ ۽ بانسري دوکي سان حاصل ڪيون اهن. جنهن جي کسجڻ کان پوءِ اهي امير هيءُ ڏيهه ئي ڇڏي ويا  آهن. هاڻي خبر نه آهي ته اُهي ڪٿي هوندا؟ آءٌ ڪيئن يقين ڪري سگهان ٿي ته هيءُ ماڻهو انهن شين جا اصل وارث آهن.

جنهن تي حڪيم چيو ته اهو ڪم مون تي ڇڏي ڏيو. جيڪڏهن منهنجو روحاني علم مون کي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته منهنجي دوا ڪنهن  جي بددعا کان متاثر ٿي اثر نٿي ڏيکاري ته منهنجو روحاني علم انهن شين جي اصل وارثن جي به تصديق ڪري سگهي ٿو.

پوءِ شهزاديءَ مجبور ٿي ٻانهي کي چيو سامهون جاري ۾ اهي شيون پيون آهن، کڻي آڻي حڪيم کي ڏي. ٻانهي جڏهن اهي اصلي شيون آڻي حڪيم کي ڏنيون ته حڪيم انهن کي چڱي طرح چتائي ڏسڻ کان پوءِ يقين ڪري، پوري جي پوري ناسپتي وڍي شهزاديءَ کي کارائي ته شهزاديءَ جو نڪ رٻڙ وانگر سسي اچي پنهنجي جاءِ تي بيٺو. بادشاهه ۽ شهزادي کي واڌايون مليون. سپاهي پنهنجي واچ ڪلهي تي رکي دوستن وٽ پهچڻ جي خواهش ڪئي، جتان پوءِ ٽيئي دوست گڏجي نئين سر دنيا جي سير ۽ سفر تي نڪري پيا.

سونن پرن وارو هنج

هڪ غريب شخص کي ٽي پٽ هوندا هئا. جن مان ٻه وڏا ته، سٺي هڏ ڪاٺ وارا  تازا توانا هئا، پر، ننڍو پٽ ٿورو هلڪي جسم وارو هئس، جنهن ڪري سندس ڀائر توڙي هڪ جيڏا کيس ڊينڊو ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ هر وقت هن کي ٽوڪيندا رهندا هئا. ماءُ پيءُ جو راز به وري انهن وڏن پٽن تي گهڻو هوندو هو، جو هُو کاٽو پٽ هئا.

هڪڙي ڏينهن سندن ماءُ وڏي پٽ کي چيو منهنجا ٻچڙا سڄو ڏينهن جهنگ ۾ ڪاٺ ڪُٽي نِستوَ ٿي پيو آهين. سو اڄ مون تو لاءِ ماني سان گڏ ٻٽن بيضن جي ڀاڄي به ٺاهي آهي، ان سان گڏ ماکيءَ جي شربت مان هڪ شيشو به رکيو آهي. ٻيلي ۾ جڏهن بکَ ۽ اُڃ لڳئي ته ڍؤ ڪري پيٽ ڀرجانءِ نينگر ماءُ جي نصيحت هنيئن سان هنڍائي جهنگ طرف روانو ٿيو. ٿورو ئي اڳتي مس وڌيو ته هن کي هڪڙو پيرسن مليو. جنهن چيس اي سٺي پيءُ ماءُ جا پٽ گهڻن ڏينهن کان اُڃايل ۽ بکايل آهيان، جيڪڏهن ٻه گرهه مانيءَ جا ۽ ٻه ڍُڪ شربت جا پياريندين ته ڪجهه وقت لاءِ جسم کي سهارو ملي ويندو ۽ پنهنجي منزل تائين پهچي ويندس نه ته واٽ تي ئي ڪِري مري وينديس. جنهن تي نينگر جواب ڏنس: ”مرُ ته  ڀلي مري وڃ منهنجي ماءُ هيڏو سارو خفو تو لاءِ ته ڪونه ڪيو آهي.“

پيرسن جواب ٻڌي خاموش ٿي ويو. نينگر جيئن ئي ڪاٺ ڪٽن شروع ڪيو ته ڪهاڙو ٿڙندو اچي سندس ٻانهن ۾ لڳو ۽ وڻ ڪٽڻ بجاءِ سندس ٻانهن وڍجي پيئي، جنهن مان تيزي سان رت وهي رهيو هئس، ان ڪري سڀ ڪجهه اُتي ڦٽو ڪري گهر  ڏانهن ڀڳو ته  تڪڙو وڃي  ڦٽ جي ملم پٽي ڪرائي.

ٻئي ڏينهن جو به غريب شخص جي زال پنهنجي ٻئي دادلي پٽ کي ٻه ٽي بيضا پچائي بُسري ۽ ماکي جي شربت جو شيشو به ٺاهي ڪم تي روانو ڪيو. اڃا هي به ٿورو گهڻو ڪم ڪري ماءُ طرفان ڏنل کاڌو کائڻ لاءِ ٺهي سنڀري ويٺو ئي مس ته ساڳيو پيرسن سندس ڀرسان اچي اها ئي ورندي ڏني جيڪا ڪالهه سندس وڏي ڀاءُ کي هنئين. هن ڇوڪر به جهور پوڙهي کي اها ئي ورندي ڏني، جيڪا کيس سندس ڀاءُ ڏني هئي. اهڙي ورندي ٻڌي پيرسن نااميد ٿي هليو ويو. ڇوڪرو وري ماءُ طرفان ڏنل کاڌو کائي وڃي ڪم تي بيٺو. اڃا ڪم جي شروعات مس ڪيائين ته ڪهاڙو ٿڙندو ٿاٻڙندو  وڃي سندس ڄنگهه ۾ لڳو جتي گهرو زخمي ٿي پيس. لاچار ڪم ڇڏي، هيءُ به پنهنجي ڀاءُ وانگر ملم پٽي ڪرائڻ لاءِ گهر ڏانهن موٽي ويو. ٽن ڏينهن کان گهر ۾ فاقو ڏسي ڊينڊي ماءُ  پيءُ کي چيو منهنجا ٻئي ڀائر ڪم کان وهيجي ويا آهن، هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ ڀائرن جي جاءِ  تي ڪاٺ وڍي وڪڻي گهر لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪريان، پر ماءُ پيءُ انڪار ڪيو ته تون نا تجريڪار آهين. سو خواهه مخواهه پاڻ کي نقصان ڏئي وجهندين. ڊينڊو به ضد ڪري بيٺو ۽ آخرڪار والدين کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هڪ ته هو دادلو پٽ ڪونه هو، ٻيو وري گهر  ۾ کاڌي جو سامان به گهٽ هو، تنهنڪري سندس ماءُ کيس هڪ ٻه سڙيل ماني کٽو ڪوڙو شربت ڏيئي،  دعائن سان ڪم تي روانو ڪيو. ڊينڊو به ساڳي هنڌ جتي سندس ڀائر وڻ ڪٽڻ لاءِ آيا هئا، ڪم ۾ جُنبي ويو. جڏهن ماني کائڻ جو وقت ٿيو ته هٿ ڌوئي اڃا ماني جو رومال ئي مس ڇوڙيائين ته هڪ ڪراڙو اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ چيائين ڏاڍو بکارو آهيان. ماني ڳڀو يا شربت ڍُڪ پيار ته جيئرو رهي سگهان. ڊينڊو دل جو بادشاهه هو، تنهن چيس ته هليو اچ ٻئي گڏجي ٿا کائون. شايد تنهنجو به نصيب هو. ائين چئي ٻنهي ڄڻن گڏجي جڏهن رومال ڇوڙيو ته ماني صاف سٿري ۽ شربت مٺو ٿي ويو، پوءِ ٻنهي کائي پيٽ ڀريو. هلڻ مهل پير مرد کيس چيو منهنجي دعا آهي، تون ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن وڏو شاهوڪار ٿيندين، پر ڳالهه ٻڌ، سامهون جيڪو اڌ سڪل ۽ اڌ سائو وڻ بيٺو آهي، جيڪڏهن ان وڻ کي وڍيندين ته تنهنجي پورهئي ۾ وڏي برڪت پئجي ويندي. پير مرد جي نيڪ صلاح ٻڌي ڊينڊو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڃي ان وڻ ۾ ڪهاڙو وڌائين. وڻ جيئن ئي اڌ مان ڪٽجي هيٺ ڪريو ته ان جي اندران هڪ خوبصورت  سون جي پرن وارو هنج نڪري پيو. هن ويچاري زندگي ۾ ڪجهه ڏٺوئي ڪونه هو، ڏينهن به گرم ٿي ويو هو، ان ڪري هنج کي ڪلهي تي کڻي جهنگ ڀرسان مانجهاندو ڪرڻ لاءِ اچي هوٽل ۾ ترسي پيو. ان هوٽل جي ڀرسان هڪ شاهوڪار زميندار جي حويلي هئي، جنهن کي  ٽي حسين ڌيئر هيون. انهن جو ڏٺو ته هڪ سادو سودو ٻهراڙي جو ڇوڪرو تنهن جي ڪلهن تي سونن پرن وارو هنج آهي، سو پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جيئن ئي موقعو ملندو انهي هنج جا پر پٽي وٺنداسين. ڇوڪر سونن پرن وارو هنج هوٽل جي مال خالي ۾ جمع ڪرائي، جيئن ئي اچي ستو ته کيس ننڊ وٺي وئي. هوڏانهن ڇوڪرين مان  وڏي ڀيڻ چالاڪ ۽ هوشيار هئي اها جيئن ئي مال خاني ۾ اچي هنج جي پرن کي هٿ وجهي ڇڪڻ واري ڪئي، ته اها اتي سڪ ٿي وئي. ٻي ڀيڻ جو ڏٺو ته ادي هن مهل تائين نه موٽي آهي، سو سندس سار سنڀال لاءِ جيئن ئي هيٺ لهي آئي ۽ اچي ڀيڻ کي هٿ وڌائين ته هوءَ به اُتي سُڪَ ٿي ويئي. هنن ٻنهي ڀينرن جي دير تي ننڍي ڀيڻ پريشان ٿي ۽ سوچڻ لڳي ته سندس ٻئي وڏيون ڀينر هن سان غداري ڪري پاڻ ۾ سونا پر ورهائي کڻنديون ۽ مون کي ڪجهه به نصيب نه ٿيندو. اهو سوچي ڪري جيئن هيٺ لهي اچي ڀيڻن کي هٿ وجهي خبردار ڪيائين ته  اتي بيٺيون ڇا ٿيون ڪريو؟ ته اها به اتي سُڪ ٿي وئي. صبح جو ڊينڊو جيئن ئي ننڊ مان اُٿيو ته هوٽل جي مال خانه مان پنهنجو هنج ڪلهي تي رکي روانو ٿيو، ته هي ٽيئي ڀينرون به هنج جي پويان قطار ۾ ڊينڊي جي پويان هلنديون  رهيون. ڊينڊي کي پنهنجي ڌنِ ۾ ڇوڪرين بابت ڪا خبر ئي ڪونه رهي. رستي ۾ هڪڙي گرجا جي پادري جي نظر هنن  تي پئجي وئي. هن کي شڪ پئجي ويو ته اهو ڇوڪرو شايد جادو ڪيو انهن ٽنهي ڇوڪرين کي سلهاڙيو وٺيو ٿو وڃي، ڇو نه خدا ڪارڻ انهن جي مدد ڪريان، ان ڪري ڊوڙي وڃي پوئين ڇوڪري کي هٿ وجهي چيو: ”ڇوڪري خير ته  آهي. انهيءَ نوجوان توهان تي جادو ته ڪونه ڪيو  آهي، جو سندس پويان بنا ڪنهن شرم ۽ ڀو کان لڳيون پيون وڃو؟“ ايتري چوڻ سان جيئن ئي پادري ڇوڪري کي هٿ هنيو ته اهو به سُڪ ٿي ويو ۽ گهڻو ئي ڦٿڙيو پر وريس ڪجهه  به ڪونه، سو چپ چاپ هنج وارو ڇوڪر پويان هلڻ لڳو. هوڏانهن فادر جو ڏٺو ته سج  اڀري ويو آهي، ۽ پادري گهنڊ به ڪونه وڄايو آهي، سو وڃي ڏٺئين ته اٽلو انهيءَ ويندڙ ٽولي جي پويان لڳو ٿو وڃي. سو تڪڙو ڊوڙي اچي پادري کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيائين: ”يار چريو ته ڪونه ٿيو آهين، پراين ڇوڪرين جي پويان لڳو ٿو وتين، وڃي گهنڊ وڄاءِ ته سمورا عبادتي تنهنجي انتظار ۾ بيٺا آهن. هل هلي گهنڊ وڄائي ته عبادت ڪريون جو عبادت جو وقت قضا ٿو ٿئي. فادر جيئن ئي هٿ وجهي پاد کي جهنجهوڙيو ته پاڻ به سُڪ ٿي ويو ۽  بغير ڪنهن چون چران جي هنج واري ڇوڪري واري قافلي سان گڏجي هلڻ  لڳو. اڃا ڪجهه اڳتي هليا ته ڪي مزدور سُڪي گاهه (پلال) جو گاڏو ڀريون پيا اچن. مزدورن کي ڏسي فادر رڙ ڪندي چيو يارو هڪ ڏاند مان پانڃاري ڪڍي، منهنجي ڪنڌ ۾ وجهو ته من ٻيو ڏاند طاقت جي زور تي منهنجي هنن کان جان ڇٽي. انهن مان هڪڙي مزدور پانڃاري واندي ڪري اڃا فادر جي ڪنڌ ۾ وجهڻ واري ڪيائين ته فادر سان سندس جسم اٽڪڻ ڪري اهو مزدور به سُڪ ٿي ويو. ٻئي مزدور پنهنجي ساٿيءَ کي سُڪ ٿيندي ڏسي، جيئن ئي ڏنڊو کڻي ڇڏائڻ لاءِ ڀڳو ته اُهو به سڪ ٿي ويو. اهڙي طرح ستن اٺن ماڻهن جو قافلو جڏهن ڪنهن بادشاهه جي شهر جي شاهي محل آڏو گذريو ته بادشاهه جي ڌيءَ جيڪا پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به نه کلي هئي. ان بادشاهه پنهنجو قول ڪري ڇڏيو هو ته جيڪو به منهنجي ڌيءُ کي هڪ دفعو کَلائيندو آءٌ ان کي پنهنجي ڌيءُ ڏئي ڇڏيندس. اڄ اهو قافلو محلات آڏو گذريو جڏهن ماڻهن ڊينڊي کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هو پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ محل ۾ داخل ٿيو جڏهن شهزاديءَ اهڙو عجيب قافلو ڏٺو ته هن  کان بي اختيار کِل نڪري وئي ۽ هن جو کِلڻ بند ئي نه پيو  ٿئي. بادشاهه جي خوشيءِ جي ڪا حد  ئي نه رهي. ڇو ته ٽيهه سال اُداس رهڻ ڪري، هن تنگ ٿي اعلان ڪيو هو. دربار ۾ هر ڪنهن ڊينڊي جي حرفت ۽ هنر جي ڏاڍي تعريف ڪئي. آخر ڪار ڊينڊي بادشاهه کان ڌيءُ جو هٿ گهرڻ جي همت ساري ۽ کيس ياد ڪرايو ته هن پاڻ اهڙو اعلان ڪيو هو، جو مون پورو ڪيو. اهو ٻڌي بادشاهه کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ چيائين ان شرط سان گڏ هڪ ٻيو پڻ شرط رکيل  هو، ته جيڪو ماڻهو اهو شرط پورو ڪندو،  اهو هڪ اهڙو ماڻهو به وٺي ايندو جيڪو شراب خاني ۾ رکيل ڊرمن ۾ سمورو شراب پي ويندو. اهو ٻڌي ڊنيڊي چيو پرواهه ناهي ۽ هو واري ساڳي جهنگ ڏانهن روانو ٿيو، جتي کيس پيرسن مليو هو. جڏهن هو اتي پهتو ته پيرسن کيس سامهون مليو. نينگر ڪراڙي سان حال احوال اوريو. جنهن کيس ٻڌايو ته هو ڏاڍو اُڃايل آهي ۽ کيس ائين محسوس ٿئي ٿو ته اُڃ سبب هو مري ويندو،  پر سندس اُڃ نه ختم ٿيندي. ڊينڊي پوڙهي  کي چيو هل ته  بادشاهه جي محل اندر موجود سمورو شراب پياري، تنهنجي اُڃ کُٽايان. پوڙهي کي جيئن ته اها خبر هئي  ته ڊينڊو مهربان ماڻهو آهي، سو ان سان گڏجي بادشاهه جي محل اندر پهچي ويو. جتي ڊنيڊي اها دعويٰ ڪئي ته هي هڪ اهڙو شخص آهي، جيڪو سڄو شراب خانو خالي ڪري ڇڏيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com