سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :8

ڪاٺير جي زال پنهنجي گفتگو کي وڌائيندي چيو، ته جيڪڏهن ڪوئي ڄامڙو به پيدا ٿي پوي ته آءٌ ان سان بي انتها پيار ڪندي، ڪيڏي نه خوشي محسوس ڪندس. ڳالهه ڪندا آهن ته الله جون مهربانيون وسيع آهن، هن ٻنهي زال مڙسن جي ان گفتگو تي الله پاڪ کي رحم اچي ويو،  ٿورن ئي ڏينهن ۾ وٽن هڪڙو ٻار پيدا ٿي پيو جيڪو واقعي هٿ جي آڱر ۽  آڱوٺي کان قد بت ۾ وڏو ڪين هو. ڪاٺير ۽ سندس زال ان ٻار کي به غنيمت سمجهي ساڻس بي انتها محبت ڪري سند پرورش ڪرڻ شروع ڪئي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سندس قد بت وڌي ويندو ۽ ماڻهن جيڏو ماڻهو ٿي پوندو، پر ڪاٺير جي پٽ جو قد نه وڌڻو هو سو ڪيئي سال گذري وڃڻ جي باوجود به نه وڌيو.

شروع شروع ۾ ته ڪاٺير ۽ ان جي زال هيتري ننڍڙي ٻار جي وجود کي الله جي رحمت سمجهي ان جو نالو الله ڏنو رکيو. پر هيترن سالن گذرڻ جي باوجود جڏهن سندس جسم ۾ ڪائي واڌ  ڪانه آئي، ته مجبورن ماءُ پيءُ توڻي اوڙي پاڙي وارا کيس (ٽلڻ ڄامڙو)  ئي سڏڻ لڳا، جيڪو نالو مٿس ايترو ته پختو ٿي ويو، جو ڄڻ ته سندس ڇٺيءَ جو نالو ئي ”ٽلڻ ڄامڙو“ هو. هڪ ڏينهن ڪاٺير پنهنجي ڪم تي وڃڻ لاءِ ڪهاڙو ڪلهي تي رکي تياري ڪري رهيو هو، ته هڪ نظر ٽلڻ تي وجهندي ٿڌو شوڪارو ڀري زال کي چوڻ لڳو، الله سائين اولاد ته ڏنو پر جهڙوڪ ڏنائين ئي ڪونه. ٽلڻ جو ان پٽ  ٿي ويو آهي، پر هن جو هڏ ڪاٺ ايترو ته ننڍڙو آهي جو نه گهوڙي کي لغام ڏئي ٿو سگهي، نه وري ان کي گاڏي منجهه جوٽي ٿو سگهي. جيڪڏهن هي ايترو ڪم ڪري سگهي ها، ته هوند آءٌ سوير جهنگ ۾ وڃي ڪاٺين جي ڦلير صاف ڪري مڏ ٺاهي وجهان ها ۽ پويان هيءُ گاڏو ڪاهي اچي ها ته هوند سڀ ڪاٺيون گاڏي ۾ رکي منڊيءَ تائين مهل ۾ پهچائي، چڱو خاصو پئسو ڪمائي وٺان هان.

پيءُ جي واتان پاڻ بابت اهڙا ڏک وارا لفظ ٻڌندي ئي ٽلڻ ڄامڙو ٺينگ ڏيندو اچي پنهنجي پيءُ اڳيان بيٺو ۽ مٺي آواز سان پنهنجي پيءُ کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو، بابا سائين ڏاڍو افسوس آهي ان ٿورڙي ڳالهه تان ايترا دلگير ٿيا آهيو، توهان جو ڪجهه چيو اهو ڪم ته آءٌ آساني سان ڪري سگهان ٿو، ان ڳالهه لاءِ دل لاهڻ جو ڪهڙو ضرور آهي!

جنهن تي پڻس مايوس ٿيندي چيو ته پٽ ڇو ٿو ٺلها دلاسا ڏئين تون ته گهوڙي جي سنبَ (ننهن) جيترو به ڪونه آهين، تون اهو ايڏو وڏو ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهين. جڏهن ته تون گهوڙي جو لغام به سنڀالي نٿو سگهين. جنهن تي ٽلڻ ڄامڙي پيءُ سان وري ڳالهائيندي چيو، بابا سائين ڏسو منهنجي تجويز ڪيتري آسان آهي، توهان هيئن ڪريو ته معمول مطابق توهان پنهنجي ڪم تي سوير هليا وڃو. صرف امڙ کي هدايت ڪري ڇڏجو ته توهان ڪهڙي پاسي ۽ ڪهڙي ٻيلي ۾ ڪاٺيون وڍڻ وڃو ٿا.

پوءِ منهنجي ننڊ کان اُٿڻ بعد امڙ گهوڙو سنجي گاڏي جوٽي گهوڙي جون واڳون گاڏي سان ٻڌي مون کي هدايت ڏيندي، چوندي ته پٽ تنهنجو پيءُ فلاڻي ٻيلي ۾ ڪم تي ويو آهي، پوءُ آءٌ ٽپ ڏئي گهوڙي جي ڪن ۾ گهڙي ويهندس. جتي آءٌ گهوڙي کي رستي تي هلڻ جون هدايتون ڏيندو رهندس ۽ گهوڙو هلندو اچي گاڏي  سوڌو توهان تائين پهچندو. پوءِ توهان کي جيئن وڻي جهڙي طرح به پنهنجي ڪم کي اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪيو.

ٽلڻ ڄامڙي جي ڳالهه ٻڌي، سندس پيءُ ڏاڍو خوس ٿيو ۽ اهڙي طرح ڪاٺير صبح جو سوير پنهنجي زال کي هدايتون ڏئي ڪم تي هليو ويندو هو ۽ پويان ٽلڻ ڄامڙو پنهنجي ماءُ کان هدايتون وٺي، گاڏو ۽ گهوڙو ڪاهي پيءُ تائين پهچندو هو. ٽلڻ ڄامڙي جي ان همت سان ٽلڻ جي پيءُ جو ڪاروبار چمڪي هليو ۽ سندس پيءُ شهر جو وڏو مالدار ماڻهو ليکجڻ لڳو.

هڪ ڏينهن ٽلڻ گاڏو ۽ گهوڙو ڪاهيو پيءُ ڏانهن پئي ويو ته رستي ۾ سندس گهوڙو تيز تيز ڊوڙڻ لڳو، جنهن ۾ گاڏو اٿلي پوڻ جو خطرو محسوس ڪندي، ٽلڻ ڄامڙي پنهنجي گهوڙي کي ٻُچڪريون ڏئي آهستي آهستي هلڻ لاءِ چئي رهيو هو ته، رستي سان ڪي ٻه واٽهڙو به گذري رهيا هئا. انهن جو ڏٺو ته گاڏو ته سوار کان خالي آهي، پر گهوڙي سان ڳالهائڻ وارو ڪير آهي، جيڪو باربار ٻُچڪرون ڏئي گهوڙي کي تيز هلڻکان روڪي رهيو آهي.

ٻنهي واٽهڙو مسافرن ان گهوڙي گاڏي ۽ آواز کي الاهي اسرار سمجهي اهو راز معلوم ڪرڻ لاءِ گهوڙي گاڏي جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو. ٽلڻ ڄامڙو به گاڏو ڪاهي پيءُ وٽ اچي  پهتو. اڃا پڻس کيس گهوڙي جي ڪن مان ڪڍي ڪاٺين جي ڍير تي مس ويهاريو ته پويان اهي واٽهڙو به پڻس وٽ پهچي ويا، جن ٽلڻ ڄامڙو کي ڏسي، سندس پيءُ کي چيو ته هيءُ ننڍڙو ته ڏاڍو ڪارائتو آهي، تون هن کي وڪڻڻ چاهين ته پوءِ جيڪا رقم تون پنهنجي زبان سان گهرندين اها توکي هن ڇوڪري جي بدلي ۾ ڏئي سگهون ٿا.

جنهن تي ٽلڻ چامڙي جي پيءُ انهن واٽهڙن کي ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪوئي اهڙو پيءُ اڄ تائين پيدا ٿيو آهي، جيڪو پنهنجو پٽ پئسن تي وڪڻندو هجي؟

پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کان بعد ٽلڻ پيءُ کي ڪن ۾ سُر ٻاٽيو ته بابا تون مون کي ڀلي وڪڻي هنن کي جيتري دولت وڻئي اوتري وٺي ڇڏ.

ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪر ته ڪو آءٌ هنن سان وڃڻ کان پوءِ تو وٽ موٽي ڪونه ايندس. هيءُ مون کي ڪٿي به وٺي ويندا، آءٌ کانئن کسڪي تو وٽ ضرور پهچي ويندس. ٽلڻ پنهنجي پيءُ کي دلجاءِ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪوئي پنهنجا پٽ وڪڻڻ وارو پيءُ اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي، ته يقين ڄاڻ ته اڄ تائين اهڙا پٽ به پيدا ڪونه ٿيا آهن. جن پنهنجي پيءُ ماءُ کي وساري غيرن سان ناتا ڳنڍيا هجن. ٽلڻ جي دلجاءِ ڏيڻ کانپوءِ ٽلڻ جي پيءُ واٽهڙو مسافرن کان ڪافي انداز ۾ سون وٺي، ٽلڻ ڄامڙو واٽهڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٽلڻ جي خريدارن ٽلڻ کي چيو ته تنهنجون وکون اسان جو فاصلو ته ڀري ڪونه سگهنديون اسان توکي پاڻ سان کڻي هلڻ گهرون ٿا، هاڻي ٻڌاءِ ته اسان توکي پنهنجي جسم جي ڪهڙي حصي تي ويهاريون، جنهن ۾ تون سک محسوس ڪري سگهين. جنهن تي ٽلڻ ڄامڙي هڪ کي چيو ته تنهنجي مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل آهي، انهيءَ پٽڪي جي وچ تي مون کي ويهار ته ڪجهه رستي جو به سير سفر ڪندو هلان. سڄو ڏينهن پنڌ ڪري کين رستي ۾ هلندي رات پئجي وئي جڏهن اونداهي چوطرف ڇانئجي وئي، ته ٽلڻ رڙ ڪندي پنهنجي خريدارن کي چيو ٻيلي ڳالهه ٻڌو سڄو ڏينهن پنڌ ڪندي گهڻا ٿڪجي به پيا آهيو ڪٿي ٿورو ترسي ساهي پٽي پوءِ پنهنجو سفر اڳتي جاري رکيو ته ڏاڍو بهتر ٿيندو. ٽلڻ جي خريدارن کي هن جي ڳالهه ڏاڍي وڻي آهي، رستي جي ڀرسان ويهي ٿڪ ڀڃڻ لڳا ۽ ٽلڻ کي کيڙيءَ جي پٿر تي وهاري پاڻ ٿورو آهلي (پاسيرا ٿي سمهي) پيا، ٽلڻ  جيڪو سڄو ڏينهن خريدار جي مٿي تي وچ پٽڪي ۾ بالم بڻيو ويٺو هو، تنهن ته ٿڪجڻ جو صرف بهانو ڪيو هو، ان ڪري پننهجي ساٿين کي ليٽندو ڏسي پاڻ اٿي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لڳو. گهمندي گهمندي کيس هڪ جهوني ڪوئي جو ڏرڙ نظر اچي ويو. موقعي کي غنيمت ڄاڻي ٽلڻ ڄامڙو ان ڪوئي جي ڏرڙ ۾ گهڙي ويو. ڏرڙ ۾ گهمي ڦري موٽي ڏرر مان منهن ڪڍي پنهنجي مالڪن کي سڏ ڪري چيائين، چڱو يار هاڻي يارو ياري کليو ڳالهايو معاف ڪجو مون کي هاڻ ڳولڻ جي تڪليف به نه ڪجو نه وري ڪو آءٌ توهان سان ملي سگهندس.

ٽلڻ جي خريدارن ٽلڻ جو اهو جملو ٻڌي، گهڻو ئي ڏرڙ کي ڪاٺيون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر رات اونداهي ٿي وئي هئي، جهنگلي جانورن جي ڀو کان آخرڪار نااميد ٿي ٽلڻ ڄامڙي کي پنهنجي حال تي ڪوئي جي ڏرڙ ۾ ڇڏي پنهنجي گهر روانا ٿي ويا.

هوڏانهن ٽلڻ ڄامڙو به گهڻي دير کان پوءِ آهستي آهستي  اچي ڏرڙ مان منهن ڪڍيو ته چئني پاسي سانت لڳي پئي هئي ۽ سندس مالڪ به جوءِ ڇڏي هليا ويا هئا.

ان کان پوءِ ٽلڻ دل ٻڌي ڏرڙ مان ٻاهر نڪتو ۽ وٺي زور سان ڊوڙون پائڻ لڳو ڊوڙي ڊوڙي جڏهن ٽلڻ مور ٿڪو ته سهڪندي سهڪندي پاڻ کي چوڻ لڳو آءٌ به ڪيڏو نه بيوقوف آهيان هڪ ته هن اونداهي رات ۾ ٻيو کيڙيل زمين جي ڪنهن ڀينڊ تان پير ترڪي وڇي ها ته هوند ڪنڌ نه ته ڄنگهه ٻانهن ضرور ڀڃي پوي ها. هن بيابان ۾ ڪير هجي ها، جيڪو منهنجي مدد ڪري ها؟

ائين چئي هيڏي هوڏي ڏسڻ ۽ هٿوراڙيون ڏيڻ لڳو ته، کيس ڪنهن مئل مينهن جو پراڻو سڱ هٿ اچي ويو. سڱ جي ملڻ کي غيبي تائيد سمجهي گهوڙي ويو ان سڱ جي خالي خول منجهه جتي هن پاڻ کي جهنگلي جانورن ۽ لوڪ لڪاءُ کان محفوظ سمجهي اڃا سمهڻ واري مس ڪئي، ته سندس ڪنن تي ڪن چورن جي پاڻ ۾ گفتگو ڪندي پئجي ويئي. چور پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هاڻي رات گهڻي گذري وئي آهي، شهر جا ڪتا توڻي چوڪيدار سڀ ننڊ پئجي ويا آهن. موقعو ته سٺو آهي، ملان جي گهر ۾ گهڙڻ جو پر، مصيبت هيءُ آهي جو ملان به ڪنجوسي ڪري پيٽ کي لتون ڏئي سڄو گهر لوهين درين ۽ درن سان گڏ پڪين سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهرايو آهي. مال ته وڏو گڏ ڪيو اٿس، پر اندر گهڙڻ لاءِ سوچيو ته ڪيئن گهڙون؟ جنهن تي ٽلڻ چامڙي رڙ ڪندي چيو، يارو پريشان ڇو ٿا ٿيو، منهنجي هوندي توهان کي ڳڻتي ڪرڻ جو ضرور به ڪهڙو آهي! چورن جو هيءُ اوچتو آواز ٻڌو، سي وائڙا ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳا، جنهن تي، ٽلڻ ڄامڙي وري به ڳالهايئندي چيو  ڀائو هيڏي هوڏي ڇو پيا نهاريو آءٌ ته توهان جي پيرن وٽ توهان سان گڏ بيٺو آهيان ذرا نظر  هيٺ ڦيرايو ته آءٌ هڪيو تڪيو توهان جو ساٿي توهان جو مددگار ٿيو بيٺو آهيان.

چور اڃا ڪجهه سوچي رهيا هئا ته ٽلڻ مينهن جي سڱ واري خول مان ٻاهر نڪري هڪڙي چور جي پير تي کانهڙ ڪرڻ لڳو. چور پير تي کانهڙ محسوس ڪندي ڇرڪ ڀري پير پرتي ڪيو ته ٽلڻ واري ڳالهايو، ڀائو مون کان ڇرڪو ڇو ٿا؟ آءٌ ئي ته آهيان ٽلڻ ڄامڙو، توهان جو ساٿي ۽ توهان جو مددگار.

هن جي اهڙي طرح ڌيان ڇڪائڻ تي سڀ چور يڪ زبان ٿي کيس چوڻ لڳا تون آڱوٺي جيترو بونڙو اسان شهزورن جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟ پاڻ کي پنهنجي حد ۾ رهڻ ڏي، هرو ڀرو لٻاڙون هڻي، پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪر.

جنهن تي ٽلڻ ڄامڙي چين ته وڏا ۽ ڊگها ته اُٺ به ٿيندا آهن. پر انهن کي عقل ذرو به ڪونه هوندو آهي، مون کي عقل آهي توهان مون کي ساڻ وٺي هلي ان دولتمند ملان جو گهر ڏيکاريو، آءٌ انهي لوهي درن جي وٿن مان ٽپي ملان جي گهر ۾ پيل سون، پئسا لٽا ۽ ڪپڙا مطلب ته جيڪا به توهان جي ڪم جي شيءِ هوندي،اها توهان کي لوهين سيخن جي وچان ٽپائي ڏيندس، ان کان وڌيڪ آءٌ ٻي ڪهڙي مدد ڪندس! ٽلڻ ڄامڙي جي ڳالهه ٻڌي چورن هڪ ٻئي سان تاڙو ملائيندي چيو ته ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿس! واقعي ٽلڻ وڏي ڪم جو ماڻهو آهي. ائين چئي، هڪڙي چور هٿ سان کڻي کيس پنهنجي ڪلهي تي ويهاري ملان جي گهر جو رخ ڪيو.

ملان جي گهر وٽ پهچي چورن ٽلڻ ڄامڙي کي گهر جي لوهي دريءَ جي سيخن واري وچ تان اندر ٽپائيندي چيو. دوست هاڻي جو ڪجهه ڪرڻو اٿئي جلدي ڪري وٺ، وقت تمام ٿورڙو وڃي بچيو آهي، جو رات جو باقي پويون پهر وڃي بچيو آهي.

ٽلڻ چامڙو گهر ۾ گهڙڻ بعد وڏي رڙ ڪندي چيو يارو هتي ته سمورو گهر سون چاندي سان ڀريو پيو آهي، آءٌ کڻان ته ڇا کڻان! جنهن تي چورن چيس سڀ ڪجهه ته کڻڻو آهي،

اسان کان پڇين ڇو ٿو؟ جڏهن ته ٽلڻ ڄامڙو زور زور سان شين کي پاڻ ٽڪرائيندي چيو، دوستو هتي سامان ايترو ڳرو آهي، جو آءٌ ان کي کڻڻ کان قاصر آهيان. جنهن تي چورن منٿون ڪندي چيس، ته يار ڪجهه اسان جو به ته خيال ڪر. ڪمرن ۾ ٿانو ٽڪرائي وڏا آواز ڪري گهر ڌڻين کي ته نه جاڳاءِ. جيڪڏهن گهر جا مالڪ جاڳي پيا، ته اهي اسان کي چور چور ڪري شهر وارن ۽ چوڪيدارن کان پڪڙائي وجهندا. توکان جيڪي کڄيو ٿي سگهي، اسان کي دريءَ مان ٽپائي ڏي. جنهن تي ٽلڻ وري به زور زور سان آواز ڪرڻ لڳو ته چورن جي منٿن کي ڄڻ ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وڏا  آواز ڪڍڻ لڳو. ايتري ۾ ملان جي بورچيخاني ۾ جيڪا نوڪرياڻي ستي پئي هئي، ان ڪمري جو دروازو کولي رڙين واري هنڌ ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٽلڻ وڏي آواز چورن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو، يارو جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو، پنهنجا هٿ مٿي ڪري بيهي رهو، نه ته سر جو خير ڪونه اٿو، جو هڪ ماڻهوءَ جهڙي بلا دروازو کوليو توهان جي رت پيئڻ لاءِ اچي رهي آهي. ٽلڻ جي اواز تي چورن سمجهيو ته گهر ۾ ڪائي ڏائڻ آهي، جيڪا اسان جي حيانو کائڻ لاءِ اسان طرف وڌي رهي آهي. اهو سوچي، چورن سر بچائڻ لاءِ پيرن تي زور ڏئي وڃي ڳئن جي واڙي ۾ لڪا ته جيستائين اها ڏائڻ موٽي وڃي، ته پوءِ شهر ڇڏي نڪري وڃون.

هوڏانهن ملان جي نوڪرياڻي به کڙڪي واري ڪمري ۾ جهاتيون پائي ڪجهه نه ڏسي، موٽي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پئي. سمهڻ وقت کيس پڪ ٿي وئي ته دراصل اهي کڙڪا ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا آواز مون خواب ۾ پئي ٻڌا پر، حقيقت ۾ ڪجهه به ڪونه هو، ان ڪري کيس وري جلدي ننڊ اچي وئي. هوڏانهن ٽلڻ ڄامڙي ڏٺو ته سموري گهر ۾ سانت لڳي پئي آهي ۽ نوڪرياڻي به گهمي ڦري موٽي ننڊ پئجي وئي آهي. ان ڪري مون کي به ننڊ ڪرڻ گهرجي، ساري رات جو اوجاڳو آهي. اهو سوچي هن ملان جي گهر ۾ ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪائي موزون جڳهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر بهه واري ڪوٺي کيس پسند اچي وئي سو، ٽپ پئي وڃي بهه جي مٿان سمهي پيو. سمهڻ مهل ٽلڻ سوچيو ته بس اڄ واري رات خير سان گذري وڃي ۽ صبح ٿيڻ تي آءٌ سڌو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر هليو ويندس. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي مالڪ جي من ۾ وري ٻي اهو ٿيو هينئن ته جيئن ئي ٽلڻ ڄامڙو سوچي سوچي نرم بهه مٿان سمهي پيو ته کيس اهڙي گهري ننڊ کڻي وئي جو صبح جو سار ئي نه لڌائين. ملان جي نوڪرياڻي جيئن ئي صبح جو ڳئون ڏهڻ لاءِ بهه جو ٽوڪرو آڻي ڳئون جي ڪونر ۾ وڌو ۽ ڳئون بهه کائڻ لڳي ته ٽلڻ جي به وڃي اک کلي ۽ ڏٺائين ته وڏي مصيبت ۾ اچي ويو آهيان. جو آءٌ بهه سميت ڳئون جي وات ۾ آهيان. ڳئون جي وات مان

پاڻ بچائڻ ٽلڻ لاءِ وڏو مسئلو هو، آخرڪار هن پنهنجو هوش سنڀالي ورتو ۽ وڏي همت سان پاڻ کي ڳئون ج ي ڏندن جي ڀيڙ ۾ اچڻ کان بچائيندو رهيو. ڳئون جي وات ۾ زبان، ڏندن ۽ ٽلڻ جي ويڙهه جو نتيجو ٽلڻ اهو ڪڍيو ته ”ڀڄڻ ڪم پاهت نه ته ڀڄڻ ڪم وريامن جو“ سو ڀڄڻ لاءِ وٽس ٻيو رستو ته ڪونه هو، ان ڪري وٺي جو گهت هنيائين سو سڌو وڃي ڳئون جي پيٽ ۾ پيو. ڳئون جي معدي کي اوجهري چوندا آهن. اوجهري ۾ پوڻ کان پوءِ ٽلڻ کي ڏاڍي گهٽ ۽ ٻوسٽ ٿيڻ لڳي ته هيڏي هوڏي ڊوڙڻ کانپوءِ جڏهن ڪجهه نظر نه آيس، ته چوڻ لڳو ڏاڍي مصيبت ۾ ڦاسجي ويو آهيان. اهڙي ته ڪني ڪمري ۾ نصيب وٺي آيو آهي، جنهن ڪمري ۾ فقط ڪنو بهه ۽ بدبوءِ آهي. تازي هوا کائڻ لاءِ  ڪاريگرن نه بادوان ٺاهيو آهي. نه وري ڪائي دري اٿس: مٿان وري ڳئون جو کڙ مليل بهه چٻاڙي اندر اماڻيندي پئي وڃي، ته هيڪاري کيس اوجهري ۾ سوڙهه ٿيڻ لڳي. هاڻي ٽلڻ ڄامڙي وٽ بچڻ جو ڪوئي رستو نه بچيو هو، ان ڪري پريشان ٿي وٺي رڙيون ڪرڻ لڳو مون کي وڌيڪ گاهه نه کارايو، مون کي ڍوءُ ٿي ويو آهي، منهنجو پيت ٿو ڦاٽي آءٌ گهڻو گاهه کائي وئي آهيان، ملان جي نوڪرياڻي به ڳئون مان کير ڏهڻ لاءِ ڳئون کي پوين ڄنگهن ۾ ونگ ٻڌي، منجي سرڪائي اڃا چونري واري پاڻيءَ سان ڳئون جا ٿڻ پسائي رهي هئي ته ڳئون جي پيٽ مان ٽلڻ جي رڙين جي آواز سندس ڪنن تي پيا. آواز ٻڌي نوڪرياڻي وائڙي ٿي وئي. ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ جي ڪري ڊوڙي وڃي ملان ۽ ملياڻي کي ساري ماجرا ٻڌايائين ته ڳئون جي پيٽ مان ماڻهوءَ جو آواز ٿو اچي، نوڪرياڻي جي ڳالهه ٻڌي ملان ۽ سندس زال ڊوڙي ڳئون وٽ پهتا ته واقعي ڳئون جي پيٽ مان هيءُ آواز اچي رهيا آهن، آءُ گهڻو کائي وئي آهيان، مون کي ڍوءُ ٿي ويو آهي. مون کي وڌيڪ گاهه نه کارايو، گهڻي کائڻ ڪري منهنجو پيٽ ٿو ڦاٽي. ملان ۽ ملياڻي واقعي اهي آواز ٻڌي پريشان ٿي ويا. ملان جي زال رڙيون ڪري مڙس کي چوڻ لڳي، ميان دير نه ڪر ڳئون تي ڪنهن ڏانئڻ جو پاڇو پيو آهي اها به جلد ڏانئڻ ٿيڻ واري آهي، جيڪڏهن اسان جي گهر جي ڳئون ڏانئڻ ٿي پئي ته اها اول ته اسان جي ٻچن کي کائيندي، پوءِ اسان ۾ هٿ وجهندي، ان ڪري جلدي ڪري ڳئون ڪهرائي ڇڏ ته گهر تان شامت ٽري پوي. ملان جلدي ڪري ڪاسائي کي گهرائي ڳئون ڪهرائي وڌي ۽ سمورو گوشت ڪاسائي کي وڪڻي، اوجهري ڪنهن ڍير تي اڇلائي ڇڏي اوجهري جي ڍير تي اڇلڻ کان پوءِ ٽلڻ به همت ڪري پاڻ آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اوجهري جي کل ڦاڙڻ ٽلڻ کان زور هئي، ان ڪري ٽلڻ ڪجهه وقت لاءِ ساڻو ٿي، اوجهري مان نڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو ته مٿان ڪنهن گدڙ اچي اوجهري جي کل ڦاڙي، ٽلڻ، جيئن تڪڙ ڪري اوجهري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٽپ ڏنو ته سڌو وڃي گدڙ جي وات ۾ پيو، گدڙ جي وات ۾ جو هي نرم نازڪ ٽڪرو پيو تنهن ته تڙتڪڙ ۾ چٻ ئي ڪانه ڏني ۽ ٽلڻ هڪ ئي ڳيت سان گدڙ جي پيٽ ۾ ٺڪاءُ ڪيو. گدڙ جي پيٽ ۾ پوڻ سان ٽلڻ لاءِ وري نئين مصيبت پيدا ٿي پئي، جو ڳئون جي اوجهري مان نڪري وڃي گدڙ جي پيٽ ۾ پيو، پر گدڙ جي پيٽ ۾ پوڻ سان هن کي پڪ ٿي وئي ته هاڻي دير يا سوير ماءُ پيءُ جي گهر ضرور پهچي ويندس. ڇو ته گدڙ هڪ آزاد جانور آهي، هو پنهنجي مرضيءَ تي ڪٿي به گهمي ڦري سگهي ٿو، ڪوئي ڳئون وانگر اٺئي پهر زنجير سان ملان جي در تي ٻڌل ڪونه آهي، هن کي ٿوري لالچ ڏبي ته بنا دير جي ٺڪاءُ هلي ڪندو. منهنجي ابا ۽ امڙ جي گهر. اهو سوچي ٽلڻ گدڙ سان ڳالهائڻ لڳو.

ٽلڻ چيو: ”اڙي يار گدڙ ڇا ڀلا سڄي عمر پيو ڪنو ڪوڙهيو، باسي کاڌو کارائيندين ڇا؟“

گدڙ ٿورو وائڙو ٿي چوڻ لڳو: ”تون ڪير آهين، جيڪو منهنجي پيٽ گذران تي ويٺو ٿو ٽوڪون ڪرين“.

ٽلڻ چيو: ”آءٌ ته اهو ئي تنهنجو پاپي پيٽ پيو ڳالهايان ذري گهٽ اچي ڪراڙو ٿيو آهين، سدائين ته ڪڏهن شينهن جو ماريل پاروٿو گوشت پيو کارائيندو آهين، ته ڪڏهن وري ڪانگن ۽ ڳجهن جو لتاڙيل بدبودار طعام پئي استعمال ڪيو اٿئي، آءٌ ته ساري عمر ڪونه سنڀران ته تون ڪوئي حلوا، ڪوئي مرغو، يا وري ڪڏهن سيرو ۽ سيون کير واريون کاڌيون هجن.“ ٽلڻ ڄامڙي جي زباني انهن طعامن جا نالا ٻڌي گدڙ جو وات پاڻي پاڻي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پيٽ ۾ منهن هڻندي چيو ته اي منهنجا پيرا پيٽ مون پنهنجي ساري زندگي تنهنجي ننڍڙي بٺي ڀرڻ لاءِ ڪيڏا نه پاپڙ ويليا آهن. ڪڏهن سڪن تلائن تي مڇيءَ جي ڌپ ڪاڻ، ته ڪڏهن خانه بدوش جي منهن تي ويٺل جيئرن جاڳندن ڪڪڙن ڪاڻ، پوءِ اها جيڪا حالت مون سان ٿيندي هئي ته خانه بدوشن جا ڪتا ٽن ٽن چئن ميلن تائين ڊڪائي ڊڪائي نستو ڪري وجهندا هئا، پوءِ اهڙين جٺين ٿيڻ کان پوءِ به اهو ڪنو سنو تنهنجي اندر ۾ به وجهان ته باقي ٻوڙ پلاءُ ڪٿان آڻيان.؟ ٽلڻ چيو، ٻوڙ پلاءُ به توکي ملي ويندا ته تازا پڪل ڪُرڙا به ملي ويندا، ڪيڪ روسٽ به ملندا، ته تازي کيرڻي به ملي ويندءِ. پر ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن تون منهنجي صلاح تي هلندين. گدڙ چيو ته جيڪڏهن اها ڳالهه سچ آهي، ته آءٌ  تنهنجي صلاح تي هر حالت ۾ هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر شرط اهو اٿئي ته اتي ڪوئي ڪتو نه هجي، ڇو ته ڪتي جي ذات مون کان وڌيڪ لالچي آهي. اتي ٽلڻ چيو ته: اتي ڪتي جو نالو نشان ئي ڪونهي. جنهن تي گدڙ چيو ته پوءِ دير ڪهڙي ٿو ڪرين؟ جلدي ٻڌاءِ اهو پڪي پڪائي وارو هنڌ ڪٿي آهي ته هينئر ئي هليا هلون.

ٽلڻ چيو سامهون دڙي تي چڙهي ڏس توکي وڏين ماڙين وارو شهر نظر اچي ٿو؟

گدڙ چيو هائو، ٻيلي واهه جو شهر جو نظارو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com