سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڌارين ٻولين جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :1

ڌارين ٻولين جون ڪهاڻيون

غلام نبي ميمڻ

موپاسان

مترجم غلام نبي ميمڻ

هار

هوءَ انهن سهڻين ڇوڪرين مان هڪ هئي، جي بدقسمتيءَ سان هٿ جو پورهيو ڪرڻ وارن غريب گهراڻن ۾ پيدا ٿينديون آهن. هن کي ڏاج ۾ نه ڪجهه مليو هو ۽ نه وري ڪا ملڻ جي اميد هئي. هن وٽ شهرت حاصل ڪرڻ، محبت ڪرڻ ۽ ڪنهن امير ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ جا ڪي به ذريعا نه هئا. انهيءَ ڪري هن هڪ معمولي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي، جيڪو تعليم کاتي ۾ هڪ معمولي ڪلارڪ هو.

سندس طبعيت به نهايت سادي هئي، ڇو ته سادگيءَ کان مٿي چڙهڻ جو هن کي ڪڏهن ڪو موقعو ئي نه مليو هو. هوءَ ڏاڍي غمگين رهندي هئي. سندس خيال هو ته عورت جي چونڊ ۾ ذات پات ۽ گهراڻي جو ڪو سوال ئي نه هئڻ گهرجي. عورت جي سونهن ۽ معصوميت ئي سندس شرافت جي ضامن هوندي آهي. سندس طبعيت جي نزاڪت ۽ پاڪائي، سمجهداري ۽ سنوپرائي اهي صفتون ئي سندس چڱي هجڻ جون شاهد هونديون آهن، ۽ اِهي ئي صفتون هڪ وڏي خاندان جي ڇوڪريءَ ۽ هڪ ننڍي گهراڻي جي غريب ڇوڪريءَ کي هڪ ئي درجي تي آڻي بيهارينديون آهن.

هوءَ ڪيترائي سور سختيون سهندي رهي، رڳو انهيءَ اميد تي ته هڪ نه هڪ ڏينهن سک ۽ سلامتيءَ جي زندگي ضرور سندس استقبال ڪندي.

هن کي پنهنجي نئين گهر جي غريبي حالت ڏسي، ڏاڍو صدمو پهچندو هو. اُن جون پراڻيون ڀتيون، ڀڳل ۽ ڇنل ڪرسيون ۽ کهرا اڻ وڻندڙ پردا، اهي شيون ڏسي، هن جي روح کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. ٿي سگهيو ٿي ته اهڙي قسم جون گهٽ درجي واريون شيون سندس درجي واريءَ ڪنهن ٻيءَ عورت لاءِ تڪليف جو سبب نه هجن، پر مادام لائنريءَ جي دل انهن کي ڏسي هميشہ پئي ڪڙهندي هئي، ۽ انهي ننڍيءَ ڇوڪريءَ جي حالت کان متاثر ٿي، جيڪا سندس ننڍڙي گهر ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ايندي هئي، سندس دل ۾ عجيب عجيب خيال پيدا ٿيندا هئا ۽ سندس دماغ ۾ مايوس ڪندڙ خواب جنم وٺندا رهندا هئا. ڪڏهن سندس خيال جو پکي مشرقي انداز ۾ سينگاريل انهن ڪمرن تائين پهچي ويندو هو، جي پتل جي وڏن وڏن شمعدانن ۾ رکيل مشعلن سان روشن ٿيندا آهن، ۽ جتي ٻه قداور نوجوان، زال مڙس گوڏن تائين گرم شالن ۾ ويڙهيا، ٻانهن وارين ويڪرين آرام ڪرسين تي ڊگها ٿيا، گرم گرم هوا ۾ آرام سان ليٽيل نظر ايندا هجن. ڪڏهن هوءَ انهن ديوان خانن جو خيال پنهنجي ذهن ۾ آڻيندي هئي، جن ۾ پراڻي نموني جا ريشمي پردا لڙڪي رهيا هجن، جي تمام سهڻي فرنيچر سان سينگاريل هجن، ۽ جتي ننڍا ننڍا وڻندڙ سرهاڻ ڀريل ڪمرا هڪ هڪ، ٻن ٻن ويجهن دوستن جي رهڻ لاءِ جدا جدا تيار ڪيا ويا هجن.

جڏهن هوءَ کاڌي واري انهيءَ گول ميز تي پنهنجي مڙس جي اڳيان ماني کائڻ ويهندي هئي، جنهن تي ٽن ڏينهن جو ميرو ميز پوش وڇايل هوندو هو، ۽ پوءِ جڏهن مڙس ٻوڙ جي ڍاڪونءِ تان ڍڪ لاهي، خوشيءَ واري لهجي ۾ چوندو هو، ڪهڙي نه لذيذ ڀاڄي آهي، هن کان وڌيڪ ٻي مزيدار شئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!“ ته سندس دل ۾ هڪدم لذيذ طعامن، چمڪندڙ ۽ قيمتي ٿانون ۽ اهڙين چٽيل گلن وارين ڀتين جو خيال اچي ويندو هو. جن تي پراڻي زماني جي ماڻهن جون ۽ ساون ساون ٻيلن ۾ رهندڙ سهڻن ۽ نازڪ پکين جون تصويرن نڪتل هجن.

هن  وٽ نه سٺا ڪپڙا هئا، نه قيمتي زيور ۽ نه وري دل کي ڇڪيندڙ ڪا ٻي شئي هئي. اُهي سڀ اهڙيون ضرورتون هيون، جن کي هوءَ ايترو ته پسند ڪندي هئي، جو سندس خيال هو ته اُهي سڀ شيون ڄڻ ته پيدا ئي هن جي لاءِ ٿيون هيون، سندس وڏي تمنا هئي ته هوءَ سهڻي هجي، وڻندڙ هجي، ۽ ماڻهو کيس دل سان چاهين ۽ مٿس اڪن ڇڪن هجن.

شاگرديءَ جي زماني ۾ سندس هڪڙي امير ساهيڙي هئي، جنهن وٽ هن هاڻي اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته ان وٽان جڏهن گهمي گهر ايندي هئي، تڏهن پنهنجي افسوسناڪ حالت ۽ بدقسمتيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندي ڳاڙيندي، سڄو ڏينهن گذري ويندو هوس.

هڪڙي ڏينهن شام جو سندس مڙس خوش ٿيندو گهر آيو، هن جي هٿ ۾ هڪڙو وڏو لفافو هو، چوڻ لڳو، ڏس هن ۾ تنهنجي لاءِ ڪا شئي آهي!“

هن يڪدم لفافو وٺي کوليو، اندران هڪ لڪل ڪارڊ ڪڍيائين، جنهن تي هي لفظ لکيل هئا؛ ”وزير تعليم ۽ مادام ’رمپان‘ 18 جنوريءَ تي سومر جي ڏينهن شام جي دعوت طعام ۾ موسيو ۽ مادام لائنريءَ جي شرڪت لاءِ ٿورائتا ٿيندا.“

موسيو لائنريءَ کي اميد هئي ته مادام لائنري هن دعوتنامي کي ڏسي گهڻو خوش ٿيندي، پر هن ڏاڍيءَ تڪڙ ۾ اهو لفافو کڻي ميز تي ڦٽو ڪيو، ۽ ورچي چوڻ لڳي،

”مان هيءُ وٺي ڇا ڪنديس؟“

”ڇو پياري، منهنجو ته خيال هو ته تون هي ڏسي ڏاڍي خوش ٿيندينءَ، تون ڪڏهن به ڪنهن دعوت ۾ نه وئي آهين؟ ۽ هي ڏاڍو سٺو وجهه آهي، مون کي ته دعوتنامي هٿ ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف وٺڻي پئي. هر ڪنهن جي سڌ هئي ته اهڙيءَ دعوت ۾ شامل ٿيڻ جو مانُ کيس ملي. ويچارن ڪلارڪن مان ته شايد ئي ڪو اهڙو خوش قسمت هوندو، جو اهڙيءَ شاندار دعوت ۾ ڪڏهن ويو هجي. تون اُتي تمام وڏا وڏا ماڻهو ڏسندينءَ.“

هن پنهنجي اداس ۽ آلين اکين سان پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو. پوءِ بيوس ۽ پريشان ٿي چيائين، ”اهڙيءَ دعوت ۾ مان ڪهڙا ڪپڙا پائنيديس؟“

موسيولائنريءَ انهيءَ ڳالهه تي اڳ ۾ ڪڏهن به نه سوچيو هو، سو هٻڪي چوڻ لڳو، ”ها، اُهي ئي ڪپڙا، جيڪي تون ٿئيٽر تي پائي ويندي آهين، مون کي ته اهي ڏاڍا وڻن ٿا...!“

بڪدم ٻه وڏا ڳوڙها مادام لائنريءَ جي اکين جي ڪُنڊن مان ڳڙي سندس ڳلن تي اچي ڪريا. جڏهن موسيولائنريءَ پنهنجي زال کي روئندي ڏٺو، تڏهن ڪجهه وائڙو ٿي ويو. هن ڪجهه هٻڪندي پڇيو، ”توکي ڇا ٿي ويو.... ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

ڏاڍي مشڪل سان مادام پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي سهڻن آلن ڳلن کي اگهندي، ويٺل آواز ۾ چوڻ لڳي، ”ڪجهه نه، رڳو انهيءَ ڪري، جو مون وٽ ڪپڙا ڪونهن. مان دعوت ۾ وڃي نٿي سگهان. هي دعوتنامو پنهنجي ڪنهن اهڙي دوست جي زال کي ڏيو، جيڪا اتي وڃڻ لاءِ مون کان وڌيڪ سٺي نموني تيار ٿي سگهي.“

اهي لفظ ٻڌي، موسيو جا حوصلا ئي خطا ٿي ويا، ۽ هو ڏاڍيءَ اڪير سان پڇڻ لڳو،”پياري! ٻڌاءِ ته سهي، هڪ سٺو وڳو گهڻي رقم کائي ويندو؟ اهڙو وڳو هجي، جيڪو تون ٻين دعوتن ۾ به پائي سگهين.“

قيمت جي ڪاٿي ڪرڻ لاءِ مادام ڪيترو وقت سوچيو، هن چاهيو ٿي ته ڪا ايتري مناسب رقم هجي، جنهن جي گهرڻ سان کيس انڪار جو منهن ڏسڻو نه پوي، ۽ ٻيو ته اهڙي هوند واري ڪلارڪ جي لاءِ پريشانيءَ جو باعث نه بنجي. آخرڪار هٻڪي هٻڪي چيائين، ”مان پڪيءَ طرح ته چئي نٿي سگهان پر اندزو آهي ته چار سو فرئنڪن ۾ ڪم ٿي ويندو.“

چار سو فرئنڪن جو ٻڌي، موسيولائنريءَ جو منهن ڪجهه پيلو ٿي ويو، ڇو ته هن وٽ بلڪل ايتري رقم موجود هئي ۽ اُها هن هڪ بندوق خريد ڪرڻ لاءِ بچائي رکي هئي. سندس خيال هو ته هو گرميءَ جي ايندڙ موسم ۾ ”نانيٽري“ جي ميدان ۾، انهن دوستن سان چنڊول جو شڪار ڪرڻ ويندو، جيڪي هر آچر تي اوڏانهن ويندا هئا. هن چيو، ”تون فڪر نه ڪر، مان توکي چار سو فرئنڪ ڏيندس. انهي رقم مان ڪو سٺو سوٽ تيار ڪرائجانءِ!“

دعوت وارو ڏينهن ويجهو اچي ويو. مادام لائنري ڪجهه غمگين، بي آرام ۽ پريشان رهڻ لڳي. سندس وڳو تيار ٿي چڪو هو. هڪڙيءَ شام جو سندس مڙس کانئس پڇڻ لڳو، ”ڪهڙي  ڳالهه آهي؟ گذريل ٽن ڏينهن کان تنهنجي حالت ڪجهه پريشان آهي؟“ هن وراڻيو، ”ظلم آهي، مون وٽ پائڻ  لاءِ زيور آهن ئي ڪين. زيورن کان سواءِ منهنجي عزت ذري جيتري به ڪانه ٿيندي. مان چاهيان ٿي ته مان اوڏانهن وڃان ئي نه.....!“

موسيولائنريءَ  چيو، ”گلن جا هار کڻي پاءِ. هن موسم ۾ ته اهي ڏاڍا تازا ۽ سٺا لڳندا آهن. ڏهن فرئنڪن ۾ تون شوخ رنگ گلن جا ٻه ٽي دل کي ڏاڍا وڻندڙ هار خريد ڪري سگهين ٿي!“

هوءَ انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ٿي ۽ چوڻ لڳي، ”نه، شاهوڪار عورتن جي ڀريل مجلس ۾ گلن جا هار پائي وڃڻ سان انهيءَ کان وڌيڪ حقارت ۽ نفرت واري ٻي ڪابه شئي نه آهي!“

        سندس مڙس حيران ٿي چيو، ”تون ڪهڙي نه نادان آهين...! مادام فوريسٽيءَ ڏي وڃ ۽ انهيءَ کان چند زيور اڌارا وٺي اچ. توکي ته هوءَ چڱيءَ طرح سڃاڻي نه؟“

هن خوشيءَ مان هڪڙي رڙ ڪئي ۽ چوڻ لڳي، ”ٺيڪ آهي، مون کي ته ان جو ڪڏهن خيال ئي نه آيو.

ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ ڏانهن وئي ۽ کيس پنهنجي حال کان واقف ڪيائين. مادام فوريٽي سينگار ميز مان هڪڙو وڏو دٻلو کڻي آڻي، مادام لائنريءَ جي اڳيان رکيائين، ۽ کولي چوڻ لڳي،”پياري، هن مان جيڪي زيور وڻئي سي پسند ڪر؟“

مادام لائنريءَ پهريائين ته سڀني زيورن کي ڏٺو، پوءِ موتين جو هڪ هار ۽ انهيءَ کان پوءِ چمڪندڙ هيرن سان جڙيل هڪ زيور ڏٺو، انهيءَ کان پوءِ هوءِ هڪ هڪ ڪري، پائي آئيني ۾ ڏسڻ لڳي ته ڪهڙو وڌيڪ سونهين ٿو. پر هوءَ پوريءَ طرح فيصلو ڪري نه سگهي ته ڪهڙي زيور جي چونڊ ڪري. چوڻ لڳي، ”هنن کان سواءِ تو وٽ ڪي ٻيا زيور به آهن؟“ مادام فوريسٽي چوڻ لڳي،”ها، ٻيا به آهن، اچي هي وٺ توکي جيڪو پسند اچي، اهو کڻ.“ اوچتو ئي سندس نظر وڃي هڪ ڪاري دٻلي تي پيئي، جنهن ۾ موتين جو هڪ عاليشان هار پيو هو. سندس دل لالچي نموني ٽپا کائڻ لڳي ۽ جڏهن هن اهو هٿن ۾ کنيو، تڏهن سندس هٿ ڏڪڻ لڳا.

هن اهو هار پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتو ۽ آئيني جي اڳيان بيهي پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ لڳي؛ ۽ دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي، چوڻ لڳي،”ڇا، تون هيءَ هار اڌارو ڏئي سگهندينءَ؟ صرف هڪڙو هيءُ هار!“

”بيشڪ کڻي وڃ.“

مادام لائنري، پنهنجي ساهيڙيءَ کان ڀاڪر پائي، موڪلائي هار کڻي آئي.

دعوت وارو ڏينهن اچي ويو. مادام لائنري پنهنجي تياريءَ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. هوءَ ئي سڀ کان سهڻي وڻندڙ ۽ شانائتي نظر اچي رهي هئي ۽ خوشيءَ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري رهي هئي. سڀني جون نظرون هن تي ڄميل هيون، سڀئي سندس نالو پڇي رهيا هئا، سڀئي هن سان واقفيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سڀئي نائب سيڪريٽري هن سان ناچ ڪرڻ لاءِ آتا نظر اچي رهيا هئا. خود وزير به هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏسي ورتو.

هوءَ ناچ ڪندي ڪندي، چري ٿي پيئي ۽ خوشيءَ مان پيالي مٿان پيالو پي رهي هئي. پنهنجي سوڀيا جي خيال ۾، پنهنجي سينگار جي فخر ۾ پنهنجي ساراهه جي لفظن تي ۽ پنهنجي اُنهيءَ ڪاميابيءَ تي، جن ۾ سندس عورتاڻي دل جي لاءِ بي انداز خوشي هئي، هوءَ انهيءَ وقت ٻي سڄيءَ دنيا کان بلڪل بيخبر هئي.

هوءَ صبح جو چئين تائين نچندي رهي. اڌ رات کان وٺي سندس مڙس هڪڙي ننڍڙي بي رونق ڪمري ۾، ٽن ٻين ماڻهن سان اوجهراڻيون کائي رهيو هو، جن جون زالون به انهيءَ محل ۾ مزا ڪري رهيون هيون.

******

موسولائنري مادام کي روڪيو ته پيادل نه هلڻ گهرجي. ۽ چوڻ لڳو ته،”اتي بيهه ته مان بگي ڪري اچان، متان توکي ٿڌ نه لڳي وڃي.“ پر مادام سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ڏاڪڻ تان جلدي جلدي هيٺ لهي آئي. جڏهن گهٽيءَ ۾ پهتا ته کين ڪابه بگي نظر نه آئي. هو ڳولڻ لڳا. جڏهن به ڪا بگي لنگهي ٿي، ته هنن وٺي ٿي رڙيون ڪيون پر ڪابه بگي هنن کي ملي نه سگهي.

نيٺ مايوس ٿي، هو درياءَ ”سين“ طرف هلڻ لڳا، گهاٽ تي کين هڪڙي پراڻي بگي آئي. اهڙي قسم جون بگيون پئرس ۾ اڪثر رات جي اونداهيءَ ۾ ئي هلنديون آهن. ڇاڪاڻ جو پراڻيون هجڻ جي ڪري ڏينهن جو هلڻ ۾ کين شرم ٿيندو آهي.

بگي کين کڻي آئي. هو پنهنجي ڪمري ۾ هليا ويا. هن آئيني جي اڳيان اچي هڪ ڀيرو وري به پنهنجي حسن جي دلڪشي ڏٺي ۽ پوءِ ڪپڙا بدلايائين. اتي اوچتو سندس وات مان رڙ نڪري ويئي. هار سندس ڳچيءَ مان گم هو......

موسيولائنري، جنهن اڃا اڌ ڪپڙا مس بدلايا هئا، يڪدم پڇڻ لڳو، ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

هوءَ اُن ڏانهن منهن ڪري بيٺي ۽ ڏاڍي مشڪل سان چيائين، ”مادام فوريسٽيءَ جو هار ڪٿي گم ٿي ويو“

موسيو کان عجب ۾ ڇرڪ نڪري ويو، ”ڇا!..... ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي؟“

انهن گڏجي ڪپڙن جي تهن ۽ کيسن کي چڱيءَ طرح ڏٺو پر هار  نه لڌو.

موسيولائنري پڇڻ لڳو، ”توکي اهو چڱيءَ طرح ياد آهي ته هال مان جڏهن ٻاهر نڪتينءَ، ته هار تو وٽ موجود هو؟“

”ها، ها، هال ۾ مون ان کي هٿ لائي ڏٺو هو.“

”ته پوءِ جيڪڏهن واٽ تي ڪٿي ڪري ها، ته ان جي ڪرڻ جو آواز ٻڌون ها؟“

”ڀلا توکي بگيءَ جو نمبر ياد آهي؟“

”نه، توکي به ياد ڪونهي؟“

”نه_!“

هو هڪٻئي کي وائڙا ٿي ڏسڻ لڳا. آخر موسيولائنريءَ وري ڪپڙا بدلايا ۽ چوڻ لڳو،”اسان جن جن رستن تان آيا آهيون، انهن تي وڃي ٿو ڏسان، شايد هار ڪٿان لڀي پوي!

هو ٻاهر نڪري ويو. مادام لائنري رات واري وڳي ۾ ئي ويهي رهي. هن ۾ هينئر بستري تي ليٽڻ جي به طاقت نه رهي هئي. هوءَ ڪرسيءَ تي ئي بدحواس ٿي پئجي رهي.

ستين بجي صبح جو سندس مڙس مايوس ٿي موٽي  آيو. هن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. اخبارن ۾ انعام آڇيو، مطلب ته جتي جتي هن کي اميد نظر آئي، اتي ويو، مگر ڪجهه به نه وريو.

انهيءَ ڳالهه جا ويچار سڄو ڏينهن مادام لائنريءَ جي اکين آڏو ڦرڻ لڳا. هوءَ سڄو ڏينهن گهٻراهٽ ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ مڙس جو انتظار ڪندي رهي. شام جو موسيولائنريءَ گهر پهتو. سندس منهن لٿل هو . هار جي ڪا خبر پئجي نه سگهي. هن چيو، ”تون پنهنجي ساهيڙيءَ کي لکي ڇڏ ته هار جي زنجير ٽٽي پئي آهي ۽ اها مرمت لاءِ ڏني اٿم. اهڙيءَ طرح اسان کي سوچڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويندو.“

اهڙيءَ طرح هو خط لکائيندو ويو ۽ مادام لکندي وئي. هڪ هفتي کان پوءِ هو بلڪل نا اميد ٿي پيا.

موسيولائنريءَ چيو، ”هاڻي اهڙو ٻيو ڪو هار هٿ ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي.“

ٻئي ڏينهن هار وارو دٻلو کڻي هو انهيءَ جوهري وٽ ويا جنهن جو نالو دٻلي جي اندر لکيل هو. جوهريءَ ڏسي چيو ته ”مادام، اهڙو هار مون ڪڏهن به ڪونه وڪيو آهي. مون شايد موتي پوئڻ لاءِ زنجير ٺاهي هوندي.“

نا اميد ٿي، هو اهڙو ٻيو ڪو هار ڳولڻ لاءِ ٻين جوهرين وٽ ويا. آخرڪار کين هڪڙي دڪان تي ساڳئي نموني جي موتين جي لڙهي نظر اچي ويئي. انهيءَ جي قيمت چاليهه هزار فرئنڪ هئي. سودو ڇٽيهه هزار فرئنڪن ۾ چڪايو ويو.

هنن جوهريءَ کي چيو ته هو ٽن ڏينهن تائين اهو هار ڪنهن کي نه وڪڻي؛ ۽ اهو شرط به وڌائون ته جيڪڏهن سندن  وڃايل اهڙو ساڳيو هار فيبروريءَ جي آخر تائين لڀي ويو، ته هيءُ هار چوٽيهه هزار فرئنڪن ۾ واپس ٿي سگهندو.

پنهنجي پيءُ جي ملڪيت مان موسيولائنريءَ وٽ ارڙهن هزار فرئنڪ موجود هئا. هن باقي رقم قرض کڻڻ جو ارادو ڪيو .

هن هزار فرئنڪ هِن ماڻهوءَ کان، پنج سؤ هُن کان، پنج هن کان، ٽي هن کان، ته ٻه هن کان اڌارا وٺي، باقي رقم به پوري ڪري ورتي، انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪنهن قرضدار کي هٿ اکري رسيد لکي ڏني، ڪنهن وياج خور کي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ هڪڙا ڏکيا شرط قبوليا، ته ڪنهن سان ٻيا ڏکيا شرط قبوليا. مطلب ته هن سڄي زندگي قرضدارن وٽ ڳهه رکي، عزت کي خطري ۾ وڌو، ۽ جوهريءَ کان ڇٽيهه هزار فرئنڪن ۾ نئين هار خريد ڪرڻ لاءِ، ايندڙ وقت جي مصيبتن ۽ روحاني تڪليفن سهڻ لاءِ تيار ٿيو.

جڏهن مادام لائنري، مادام فوريسٽيءَ ڏي اهو هار کڻي وئي، ته هن چيو ته ”بهتر هو ته تون اهو هار مون کي اڳ ۾ ڏئي وڃين ها.“

مادام لائنريءَ دٻلو کوليو. کيس ڊپ هو ته متان مادام فوريسٽي نئون هار سڃاڻي نه وٺي ۽ مٿس ڌوڪي ڪرڻ جو ئي الزام کڻي هڻي.

مادام لائنريءَ کي هاڻي غربت ۽ تنگ دستيءَ واري زندگي گذارڻي پيئي. پر هن ڏاڍيءَ همت سان اهي تڪليفون سٺيون، ڇوته کيس  خبر هئي ته اهو خوفناڪ قرض به ته آخر کيس ئي ادا ڪرڻو هو.

نوڪر ڪڍي ڇڏيائون. مٿيون گهر ڇڏي هيٺيئين طبقي تي هڪڙو معمولي ڪمرو مسواڙ تي ورتائون.

مادام کي هاڻي خبر پيئي هئي ته گهر ۽ خاص ڪري بورچيخاني جون ذميداريون ڪيڏو نه مشڪل ڪم آهي. ٿالهين، ڪئنن ۽ ديڳڙن کي پنهنجن ڳاڙهن ننهن سان گسائي ماڃيندي هئي، ميرا ڪپڙا پاڻ ڌوئيندي هئي ۽ پاڻ سڪائيندي هئي. گهر جو گند ڪچرو پاڻ کڻندي هئي. گهر جو پاڻي به پاڻ ڀريندي هئي. پاڻيءَ جي بالٽي کڻي جڏهن ڏاڪڻ تي چڙهندي هئي، ته هرهڪ ڏاڪي تي بالٽي رکي، ساهه کڻندي هئي، هڪ غريب عورت جهڙو لباس پائي، هوءَ ڀاڄي، گوشت، پساريءَ ۽ ميوي واري وٽ هٿ ۾ ٽوڪري کڻي ويندي هئي؛ ۽ هڪ هڪ پئسي لاءِ ڏهه ڏهه ڀيرا اگهه پڇندي هئي.

هر مهيني کين ڪنهن نه ڪنهن قرضدار کي تازي رسيد لکي ڏيڻي پوندي هئي. ڪنهن کي قرض جو ڪجهه حصو ادا ڪرڻو پوندو هون ۽ ڪنهن کي مدي وڌائڻ لاءِ التجا ڪرڻي پوندي هين.

موسيولائنري وري شام جي وقت دڪاندارن وٽ انهن جي ليکي چوکي جي ڪتابن لکڻ لاءِ ويندو هو، گهڻي رات گذري وڃڻ کان پوءِ گهر موٽندو هو ۽ هن کي اهڙا ٻيا به معمولي پيسن تي ڪم ڪرڻا پوندا هئا.

اهڙيءَ زندگيءَ ۾ هنن جا ڏهه سال گذري ويا. ڏهن سالن کان پوءِ هُنن سڀني قرضدارن جو قرض ادا ڪري ڇڏيو. مادام لائنري هاڻي هڪ پوڙهي عورت نظر اچي رهي هئي. غريب خاندان جي عورتن وانگر هاڻي پورهيت بنجي ويئي هئي. سندس وار ڳنڍيون، ڳوڙها ۽ منجهيل رهندا هئا، سندس هٿن جو رنگ ڪارو ٿي ويو هو. هاڻي ڳالهائيندي هئي ته به کهري آواز ۾. ڪڏهن ڪڏهن سندس مڙس اڃا آفيس ۾ هوندو هو ته هوءَ دريءَ ۾ ويهي، انهيءَ گذريل شام جي تصوير اکين اڳيان آڻيندي هئي، جڏهن هوءَ ڏاڍي سهڻي هوندي هئي، ۽ مڙس هر هر سندس سونهن جي ساراهه ڪندو هو.

هڪڙي آچر جي ڏينهن سڄي هفتي جي ٿڪائيندڙ ڪم مان واندي ٿي، دم پٽڻ ۽ تازي ٿيڻ خاطر هو ٻاهر سير ڪرڻ ويئي، ته اوچتو سندس نظر هڪ عورت تي پيئي، جا پنهنجي ٻار کي هوا خوريءَ لاءِ ٻاهر کڻي آئي هئي. اها مادام فوريسٽي هئي. جيڪا اڃا تائين نوجوان، سهڻي ۽ وڻندڙ هئي.

مادام لائنري کان هڪدم ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هوءَ سوچڻ لڳي ته هوءَ پنهنجي پراڻي ساهيڙيءَ سان ملي يا نه ملي! کيس خيال آيو ته هاڻي جڏهن ته مان سڄو قرض لاهي چڪي آهيان، هار واري راز کي مادام فوريسٽيءَ کي ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي!

هوءَ وٽس ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”مادام آداب!“

مادام فوريسٽي کيس سڃاڻي نه سگهي. هوءَ حيران هئي ته هڪ غريب عورت کيس اهڙي دوستاڻي ۽ حجتائي انداز ۾ ڪيئن مخاطب ٿي رهي آهي! هن هٻڪندي پڇيو، ”مادام....

مگر..... تو مون کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ته نه ڪئي آهي...؟“

”نه، مان مادام لائنري آهيان.“ مادام فوريسٽي چوڻ لڳي، ”منهنجي پياري! تون ڪيئن ايڏو بدلجي وئي آهين؟“

”ها، جڏهن کان مون توسان گذريل ملاقات ڪئي، انهيءَ وقت کان وٺي، اڄ تائين طرح طرح جون مصيبتون ۽ مشڪلاتون اچي مٿان پيون ۽ اهي سڀ تنهنجي ئي ڪري!“

”منهنجي ڪري!_ اهو وري ڪيئن_؟“

”توکي ياد هوندو ته هڪ ڀيري مون توکان موتين جو هڪ هار هڪ دعوت ۾ وڃڻ لاءِ اڌارو ورتو هو؟“

”ها، بلڪل مون کي ياد آهي.“

”ها، سو اهو مون کان ڪٿي وڃائجي ويو هو.“

”اهو ڪيئن؟ تون اهو واپس ته ڏئي وئي هئينءَ!“

”اهو بلڪل ساڳئي نموني جو هار هو، جيڪو مون توکي موٽائي ڏنو هو، ۽ گذريل ڏهن سالن کان وٺي اسين هار جو قرض ادا ڪندا رهيا آهيون. توکي خبر آهي ته اسان وٽ ڪو پيسو نه هو. انهيءَ ڪري ايڏي وڏي رقم ادا ڪرڻ اسان لاءِ ڪو سولو ڪم نه هو.... پر نيٺ قرض ادا ٿي ويو ۽ هاڻي مان ڏاڍي خوش آهيان.“

مادام فوريسٽيءَ ڪجهه هڪٻي چيو، ”تون چوين ٿي ته منهنجي هار جي عيوض تو مون کي موتين جو هار آڻي ڏنو هو؟“

”ها، ها، تو اهو ڏٺو ڪونهي؟ اهو بلڪل اهڙوئي آهي.“

مادام فوريسٽيءَ تي ڄڻ غشي اچي ويئي ۽ مادام لائنريءَ جا ٻيئي هٿ جهلي چوڻ لڳي، ”منهنجي معصوم لائنري! پر منهنجو هار ته نقلي هو، انهيءَ جي قيمت ته وڌ پنج سو فرئنڪ ٿيندي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com