سيڪشن: ادب

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:1

اُڀر چنڊ پس پرين (ڪهاڻيون)

نسيم ٿيٻو

ڇپائيندڙ پاران

ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف کي خاصي اهميت حاصل آهي. ڪهاڻي، ادب جي لازوال ۽ پائيدار صنف آهي، هيءَ صنف، ادب ۾ هڪدم تسليم ڪيل صنف آهي، ادب، فن جي ميلاپ سان مڃتا حاصل ڪري ٿو، حالانڪه ادب به هڪ فن آهي، پر هنن ٻنهي ۾ فرق ان ڳالهه جو آهي ته ادب زندگيءَ جو هڪ منعڪس رويو آهي، ۽ ان رويي کي ڪيئن پيش ڪجي ٿو، اهو فن آهي.

نسيم ٿيٻو، ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنهنجو عروج ماڻيو، هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون موجود آهن، اهي انهيءَ زماني ۾ لکيون ويون آهن، جن کي ٽماهي ”مهراڻ“ جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ نوجوان اديب مسٽر دين محمد ڪلهوڙي نهايت محنت ۽ تندهيءَ سان سهيڙي ترتيب ڏنو آهي. هيءَ رٿا 2008ع ۾ منظور ٿي چڪي هئي، پر ڪن سببن جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ دٻيل رهي، قبله سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن جيئن ئي بورڊ جي چيئرمين شپ جو اعليٰ منصب ماڻيو، تڏهن پاڻ رُڪيل رٿائن جو جائزو ورتائون، جڏهن ٻين رٿائن سميت جڏهن ميڊم نسيم ٿيٻو جي هنن ڪهاڻين کي ڏٺائون ته ڏسڻ شرط هن رٿا کي پايهء تڪميل تي رسائڻ جا احڪام جاري ڪيائون ۽ اهڙيءَ ريت هن مجموعي جي ڇپائيءَ جا اسباب پيدا ٿي پيا.

سنڌي ادبي بورڊ 1951ع کان وٺي سنڌي ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي مختلف موضوعن تي پنهنجي روءِ سوءِ ڪم ڪندو رهيو آهي. جنوري 1957ع ۾ بورڊ پاران لوڪ ادب ۽ لغت اسڪيم جهڙين تاريخي رٿائن تي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ، بورڊ جي ناموس ۽ وقارُ علمي حلقن ۾ وڌڻ لڳو ۽ ويتر 1968ع ۾ قبله جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن پاران لوڪ ادب رٿا کي پايهء تڪميل تي رسائڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ کان پوءِ، هن اداري جي ساک هيڪاري نشانبر ٿي، پوءِ ته لوڪ ادب کان علاوه ادب جي ٻين صنفن تي پڻ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ويو۽ سٺا شهپارا ڇپجي منظرِعام تي آندا ويا. انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪهاڻيءَ جي فيلڊ ۾ محترمه نسيم ٿيٻو جي لکيل هنن ناياب ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪري هيءُ ادارو دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته هيءُ مجموعو ادب پڙهندڙ حلقي ۾ خاصي مقبوليت ماڻيندو. 

ڄام شورو، سنڌ

18 ربيع الثاني 1434هه

01- مارچ 2013ع

 

(الهڏتو وگهيو)

سيڪريٽري

 

پيش لفظ

 

انساني جذبات ۽ احساسات جي اظهار جو اهم ذريعو ادب آهي ۽ ادب جو اظهار وري ٻوليءَ سان آهي. ٻولي، انساني سماج ۾ پاڻمرادو منظور ڪيل هڪ اهڙي تنظيم ۽ تحريڪ آهي، جنهن سان هر ننڍو توڻي وڏو، امير توڻي غريب، شاهه توڻي گدا ڳنڍيل آهي. اهي سڀئي انهيءَ تنظيم جا رُڪن آهن.

ادب، انساني حياتيءَ جو آئينو به آهي، ته سندس زندگيءَ جو شرح ۽ تفسير به. ادب جي بيان ڪرڻ جا وري اسلوب جدا جدا آهن، جن کي صنفون ۽ جنسون چئجي ٿو. هونئن ته ادب ٻن شاخن يعني نثر ۽ نظم ۾ ورهايل آهي، پر ادب کي جيڪي صنفون زندهه ۽ جاويد رکن ٿيون، اهي فڪشن جون صنفون آهن، فڪشن ۾ به وري ٻين نثري صنفن ۾ ڪهاڻيءَ جو مقام ۽ درجو بلند آهي. ڪهاڻي، نثر جي باقي صنفن کان وڌيڪ توجهه ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ صنف آهي. ڪهاڻي هر دور جي انساني سماج جي اٿاويٺي، رسم و رواج ۽ وڻج واپار سميت پوري ڪلچر ۽ تاريخ جو آئينو هوندي آهي، تنهنڪري ادب ۾ هن صنف کي هر دور ۾ خاصي اهميت ۽ پذيرائي ملندي رهندي آئي آهي، اُن جو خاص ۽ دلچسپ ڪارڻ هيءُ به آهي ته هن ۾ انساني جبلت ۽ جذبات جو اظهار وجداني ڪيفيت يعني پنهنجي اصل حالت ۾ ڪيو ويندو آهي. ماڻهو، عام زندگيءَ ۾ جيڪي احساس ٻين سان ونڊي نه سگهندو آهي، هڪ اديب انهن احساسن ۽ ڪيفيتن جو برملا اظهار ڪهاڻيءَ جي فن ۾ پيش ڪندو آهي ۽ عام ماڻهوءَ جو وسيلو بڻجندو آهي. ڪهاڻي، هڪ فن جو نالو آهي ۽ فن انساني جرئت ۽ پيش قدمي جهڙن اوصافن مان پروان چڙهندو آهي.

سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ جي تاريخ ايتري پراڻي نه آهي. 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ جديد ڪهاڻيءَ کي خاصي هٿي ملي. انهيءَ دور ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، امر جليل، شيخ راز، نسيم کرل، طارق اشرف، سراج ميمڻ، آغا سليم، بشير مورياڻي، غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ، حميد سنڌي، نورالهديٰ شاهه، نجم عباسي، اياز قادري ۽ انيس انصاري وغيره جهڙا معتبر نالا مشهور ٿيا. هنن نالن جديد ڪهاڻيءَ کي مڪمل نئون روپ ڏنو بلڪه ان کي انساني سماج جي بنهه ساهه واري رڳ جي ويجهو ڪري بيهاريو. خاص طور تي جمال ابڙي جي ڪهاڻين ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو. انهن ڏينهن ۾ نسيم ٿيٻو جون ڪهاڻيون به ڇپجڻ لڳيون، نسيم ٿيٻو ان وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينهن ۾ سندس ڪهاڻين کي جيڪا مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻه ڪارڻ هئا: هڪ ته هوءَ اظهار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو ته سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انهن ٻنهي ڳالهين نسيم ٿيٻو جي ڪهاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انهن ڪهاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو به پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم ٿيٻو جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي، ته به هن ساڳئي انداز سان لکيو پئي، بلڪه سندس لکڻين ۾ اڃا وڌيڪ نکار آيو. هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ماحول مليو، نون ماڻهن کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ويجهي ٿيڻ جو کيس موقعو مليو. انهيءَ دور ۾ نسيم تمام عاليشان ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون لکيون، اهو سلسلو 90 واري ڏهاڪي تائين هليو، پوءِ هن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.

نسيم جي نالي آڏو ميڊم يا سائڻ لڳائڻ، مون کي ڏکيو ۽ عجيب لڳندو آهي، ڇو ته ڪنهن به نالي جي اڳيان محترم، سائين، سائڻ لڳائڻ سان ماڻهوءَ ۾ اوپرائپ/ احترام جو احساس پيدا ٿيندو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي اندر جي سموري ڪيفيت کي پنهنجي اصل حالت ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر ٿي ويندو آهي. نسيم جي نالي کان آءٌ تڏهن کان واقف آهيان جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. تن ڏينهن ۾ نسيم جي ڪهاڻي- ”ڀڳل ڪبوتر“ ڇپي هئي، اها ڪهاڻي نسيم هڪ سٽنگ ۾ نه لکي هئي، پر ڀريا ٻه سال کن ان ڪهاڻيءَ تي صَرف ڪيا هئا. ان ڪهاڻيءَ مون کي بيحد متاثر ڪيو هو ۽ مون کي به ڪهاڻين لکڻ تي اتساهيو هو. نسيم جي انهيءَ ڪهاڻيءَ کان متاثر ٿي، مون هڪ ڪهاڻي- ”اڳتي نه ستائيندس“ لکي، جنهن تي مون کي انعام به مليو، اها ڪهاڻي پوءِ اپريل 1998ع ۾ روزاني ”جاڳو“ اخبار جي هفتيوار ادبي صفحي ۾ به ڇپي. ڪهاڻيءَ جو اهو عنوان به نسيم جي انهيءَ ڪهاڻي جي هڪ ڊائلاگ- ”اڳتي ڪونه ڦٽائيندس“ تان آڌاريو هوم.

”ڀڳل ڪبوتر“ ۾ نسيم، ڪهاڻيءَ جي فني ۽ فڪري گهرجن سميت مروج سماجي قدرن کان کُلم کُلا بغاوت ڪئي آهي. ان ڪهاڻيءَ کان پوءِ نسيم ڪهاڻيون لکڻ ذري گهٽ بند ڪري ڇڏيون.

مجموعي طرح نسيم جي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ ڊائلاگ، پڙهندڙ جي روح ۾ لهي، اندر ۾ هڪ هلچل مچائي ٿا ڇڏين ۽ پڙهندڙ، نسيم جي ڪهاڻين ۾ موجود انهن ڪردارن کي پنهنجي پاڻ ۾ يا آسپاس ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو، اها بهترين ڪهاڻيڪار جي سڃاڻپ آهي.

نسيم جو گهراڻو پڙهيل لکيل ۽ ادب ۾ باذوق رهيو آهي. نسيم جي والده سڳوري، ”بادام ناتوان“ جي نالي سان، ادبي دنيا ۾ مقبول رهي. سندس لکيل مشهور ڪتاب- ”خوش خصلت خاتون“ ادب ۾ چڱي خاصي مڃتا ماڻي. 
”بادام ناتوان“ طبعيت ۾ سٻاجهي ۽ شفيق عورت هئي. نسيم کي به اهائي سٻاجهائپ، اهائي شفقت ۽ ڏات ورثي ۾ ملي. شايد اهائي سٻاجهائپ ۽ نهٺائي هئي جو نسيم کي ٻين شهرت پسند اديبن وانگر پاڻ وڻائڻ ۽ تڪڙي مڃتا حاصل ڪرڻ جي هٻڇ کان بچايو ۽ هوءَ مشهوريءَ کان ايتري ته ڊنل رهي جو پنهنجو ڪو ڪتاب به نه ڇپرائي سگهي.

منهنجي خواهش هئي، ته آءٌ نسيم جون سموريون تحريرون گڏ ڪريان ۽ اهي ڪنهن اشاعتي اداري کي ڇپڻ لاءِ ڏيان. اهو پهه ڪري مون نسيم جون ڪهاڻيون مختلف اخبارن، رسالن ۽ مخزنن مان ڳولهڻ شروع ڪيو. ڪجهه ڪهاڻيون منهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ مون وٽ رکيل هيون، باقي ڪهاڻيون هٿ ڪرڻيون هيون. سو ڪم جي شروعات ڪري ڏنم، قادر جي قدرت ڏسو جو سال 2006ع ۾ نسيم جو نياڻو مسٽر اعجاز احمد منگي، بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿي آيو ۽ مان بورڊ ۾ نوڪري ڪري رهيو هئس، پوءِ ته منگي صاحب جي توسط سان نسيم جي مواد جو هڪ ڀريل بريف ڪيس مليو. بريف ڪيس ۾ مختلف ميگزين، رسالا ۽ ٻيو قلمي مواد موجود هو. ڀلائي ٿي وئي، گهر ويٺي مواد ملي ويو. انڌو گهري هڪ اک، ٻئي ملي ويون، پوءِ مواد جو جائزو ورتو ويو. ڪجهه رسالا ۽ مخزن ڦاٽل هئا ۽ مواد اڌورو هو. ان صورت ۾ سنڌالاجي وڃي کٽل مواد جو پورائو ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هيءَ رٿا، مانواري پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي آڏو رکي وئي، پبليڪيشن ڪميٽيءَ طرفان اڳ۾ ئي اهڙو فيصلو ٿيل هو، ته پنهنجن سينئر اديبن جون ناياب لکڻيون ڳولي هٿ ڪري ترجيحي بنيادن تي ڇپايون وڃن. جنهن ڪري منهنجي انهيءَ تجويز کي منظور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪهاڻين جي ڪمپوزنگ ڪرائي وئي، پروف مون پاڻ پڙهيا ۽ نظرثاني امداد حسينيءَ کان ڪرائي وئي ۽ مُهاڳ امداد حسيني صاحب کان پڻ لکرايو ويو. اهڙيءَ ريت نسيم جي ڪهاڻين جي مجموعي- ”اُڀر چنڊ پس پرين“ ڇپجڻ جا اسباب ميسر ٿِي پيا.

جيڪڏهن اهڙي نموني ڪوششون وٺبيون رهجن، ته سٺا اديب جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نه سگهيا آهن، ضرور ڇپجي پوندا. هونءَ به اسان جي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جو اهو ئي مقصد آهي، ته پنهنجن ڏات ڌڻين جون لکڻيون ڳولي ڦولي هٿ ڪري انهن کي ڇپائي محفوظ ڪرڻ.

مان سمجهان ٿو، ته هيءُ مجموعو نه فقط ادب جي شائقن لاءِ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجندو، پر ادب جي شاگردن ۽ استادن لاءِ به هڪ سٺو وٿ ثابت ٿيندو. مان ٿورائتو آهيان بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سيڪريٽري الهڏتو وگهيو صاحب جو، جن مهربانن هن ڪتاب جي جلد ڇپائيءَ ۾ خاصي دلچسپي ورتي. مانواري پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ته آءٌ قدري احسان مند آهيان، جنهن منهنجي هن پورهئي کي مانُ بخشيو ۽ هن اسم کي منظور ڪرڻ فرمايو، گڏوگڏ مسٽر اعجاز احمد منگي ۽ نسيم ٿيٻو جي نياڻيءَ ادي تانيا جو به ٿورائتو آهيان جن مواد ڏيڻ ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي.

آءٌ هيءُ سهيڙيل ڪتاب، شاهه جي هن بيت سان، نسيم کي ارپيان ٿو:

اُڀر چَنڊَ پَسُ پِرين، تو اوڏا، مُون ڏُور،
پيرين آءٌ نه پُڄڻي، ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُور،
سڄڻ ستا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪَپُور،
جنهن تي چڙهي اَسُور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
 

دين محمد ڪلهوڙو

ايم.سي.پي واپڊا ڪالوني، ڄام شورو

7- سيپٽمبر 2012ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org