سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:9 

مروان موت ملوڪان شڪار“ جو هفتو ملهائجي رهيو هو. ڀلا اهڙي هفتي ۾ ڪنهن کي ٿا ٻچا ياد پون. هي سڄو هفتو وڏيري جي اوطاق تي ڀت جون ديڳيون جو رڌجڻيون هيون، ڪانگڙي چانورن جون ۽ پاڏي جي گوشت جون – رڇن، ڪتن، ڪڪڙن ۽ ڏاندن جي ميل کان پوءِ پيٽ جو ميل هو، جنهن ۾ ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين ٽٽندا هئا، جيئن بکايل شينهن ڪنهن جانور تي.

هر سال ڀولائي فقير ايندا آهن، جيڪي ذات جا ڪهيري آهن. ڪهيري فقيرن جون عورتون گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. جوان عورتون پاڻ نه پننديون آهن، پر هنن جا مرد رڇ نچائن ڀولڙا نچائن يا ڪي اڌڙوٽ عمر جا مرد ۽ عورتون پنن، مرد به گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. حسين ۽ قداور، ڳالهائڻ جا مٺا، ننڍڙا ٻار به سونهن ۽ معصوميت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، حياتيءَ سان ڀرپور جيئڻ جا ارمان منجهن گهڻا، سونهن به منجهن سرس ته ڏيا به منجهن گهڻي. هو هميشھ ڳوٺ ۾ سياري جو ايندا هئا، سرڪاري باغ ۾ اچي تنبو کوڙيندا هئا، وڻن جي جهرمٽ ۾ تنبن جو جهرمٽ، هر ٻئي وڻ سان رڇ يا ڀولڙا ٻڌل هين، ڀولڙا ڄڻڪ ماڻهو جيان شرارتي هڪ ٻئي جون جُوئون ڪڍڻ ۾ رڌل پر اچانڪ لوهه پائي اچي ٻارن جي ميڙ منجهان هڪ کي رانڀوٽا هڻندا ۽ ٻار ڇرڪي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا. ڀولڙا وري وڃي جُوئون ڪڍڻ لڳندا.

ٻار وري ويجهو اچڻ لڳن ۽ ڀولڙن ڏي لائي ۽ ڀڳـڙا اڇلڻ لڳن، ڀولڙا بظاهر جُوئون ڪڍڻ ۾ مشغول پر ڀڳڙا ۽ لائيءَ کي ڌرتيءَ تي ڪِرڻ کان اڳ ئي جهٽي وٺندا.

ٻئي وڻ جي ٿڙ سان رڇ ليٽيل هو، بي خبر ۽ مٺي ننڊ ۾. هيءُ ٽيون وڻ هو، جنهن سان رڇ زنجيرن سان ٻڌل هو. رڇ جي زنجير جي دائري اندر اچ وڃ لڳي پئي هئي، لڳو ٿي ڪا اندر ۾ اڻ تڻ هئس، رکي رکي ڀڀڪي ٿي ڏنائين ۽ وات منجهان گج پئي وهيس. رڇ ڏاڍو صحتمند ۽ جوان هو، اڃا جوڀن جون ٻه ٽي بهارون مس گذاريون هئائين. ٿلهو متارو ۽ خار باز. اکين ۾ ڪاوڙ ۽ اَنا، ڄڻ ڪابه ڳالهه نه وڻندي هجيس، ۽ هيءُ چوٿون وڻ هو، ان وڻ سان به رڇ ٻڌل هو! سندس حالت ڏسي پدما کي چڪر اچڻ لڳا، مٿو ڦرڻ لڳو ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳي. هو ٿڪ ۽ زخمن کان چور ٿيل ساڻو ٿيو، وڻ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل هو، سندس اکين منجهان ڳوڙها ٿي ٽميا.

اڃا ڪالهه ٽپهريءَ جي ته ڳالهه آهي جو ميدان جي وچ ۾ ڪل ۾ رسو ٻڌي پوري رسي جو ٻيو پاسو رڇ سان ٻڌو ويو هو، چؤطرف ماڻهن جا ميڙاڪا هئا، جڏهن وڏيري جا ڪتا رڇ تي ڇڏيا ويا هئا. مکڻ، گوشت ۽ کير تي پليل شڪاري ڪتا ۽ ٻئي طرف هو رڇ ڪهيري فقيرن جو. هو به پني سني هن لاءِ سٺي خوراڪ مهيا ڪندا هئا، پاڻ بک مري به رڇ کي ڏيندا هئا، ڪڏهن عورتن کان رڇ جي پرگهور وسري ويندي هئي، تڏهن مڙسن جي مار کائڻي پوندي هئن، ڇو ته هر سال رڇ ڪتن جو ميل ٿيندو هو ۽ ميل کٽڻ جي صورت ۾ هو ٽي چار هزار رپيا ڪمائي وٺندا هئا.

ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ته رڇ ٻڌل هو ۽ شڪاري ڪتن جون رسيون کليل هيون، رڇ کي چوڌاري وڪوڙي ويا، سندن واڇن مان رت پئي ٽميو.

ماڻهن خوشيءَ مان رڙيون پئي ڪيون ۽ رڇ بي وسيءَ جو شڪار هو، ڇو ته هو زنجيرن ۾ قابو هو ۽ وات مان گجي پئي وهيس، هن جي چوطرف پکڙيل ڪتن منجهان جيڪو سندس اَري ۾ ٿي آيو، ان کي ڀاڪر ۾ ڀري اهڙو زور سان ٿي ڀيڪوڙيو جو ڪتي کي ستن پيڙهين کان کاڌل مکڻ، کير ۽ گوشت ياد ٿي ڏياري ڇڏيو ۽ پوءِ زور سان اڇل ڏيئي ڦيري پائي پويان ايندڙ ڪتن جي حملي کي ٿي روڪيو، اهو چيلهه ڀڳل ڪتو ڳپل وقت تائين ڪؤنڪاٽ ڪندو ٿي رهيو جيسين اچي مالڪ کيس کڻي نه ٿي ويو. آسمان ۾ سرڻين لامارا پئي ڏنا ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي ماڻهن منجهه هوڪرا هئا. پدما کي هميشھ اها سوچ هوندي هئي ته حياتيءَ جي هر ڪڙي لمحي کي، فحش گهڙين کي هو هڪ وار پاڻ ضرور ڏسي. پدما ستن اٺن سالن جي مس هئي، پر هن سوچيو هو ته هوءَ وڏي ٿي پڙهندي ۽ هوءَ شڪل جي به موچاري هئي، ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. هوءَ پهرن جا پهر آئينو کڻي پنهنجي سهڻي سٻاجهي صورت ۾ نهاريندي رهندي هئي، اکيون وڏيون ۽ گهريون هئس، ڳل ڀريل ۽ وار ڊگها گهاٽا. هوءَ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. تنهنڪري وار مينديءَ سان ڳتيل هوندا هئس، ڪن ننڍڙا، ڀريل چپ، جتان به لنگهندي هئي ته ماڻهو کيس سڏي پيار ڪندا هئا، هوءَ هئي به ڏاڍي سٻاجهي ۽ چئيوان. ”پدما“ ڳوٺ وارا کيس پيار منجهان سڏيندا هئا، هونءَ سندس نالو ٻيو هو. رڇ ۽ ڪتن جو ناٽڪ لڙيئي سج پورو ٿيڻو هو. پر هوءَ وڌيڪ اتي بيهي نه سگهي، هن جي دل ۾ اٻٿون پئي اٿيون ۽ مٿي ۾ ڦيري پئي آيس. هوءَ پيءُ واري ڪرسيءَ جي پويان بيٺي هئي، پڻس ڳوٺ جو زميندار هو، پر هو رڇ ۽ ڪتن جي ميل کي ڏسڻ جو شوقين نه هو. بلڪ ان کان وئون ويندو هو، وحشت ٿيندي هئس، پڻس ڏاڍو رحمدل هو. ڪڏهن ڪنهن تي هٿ نه کڻندو هو، اڄوڪي ميل ۾ کيس زوريءَ وٺي آيا، بزدليءَ جا طعنا ڏئي، هو ويٺو ته هو پر سندس من ۾ ڏاڍو ڪروڌ ڀريل هو. لڳس ٿي رڇ ئي پاڻ هو، ۽ سندس ٻوٽ ڪتن پئي پٽيا. هن جي من ۾ به اٻڙڪا پئي ٿيا، هو اٿڻ تي ۽ ٽي چار ماڻهو کيس زوريءَ ويهاري ڇڏڻ تي، لاچار اهو بيهودو ناٽڪ کيس پورو ئي ڏسڻو پيو. پاسي ۾ ڪوٽ اندر سوئر هو، ان جا مالڪ ڀولائي پاڻ نه هئا، ڪو ٻاهريون ماڻهو هو، اڄ منجهند جو سوئر جو ميل هو. حياتيءَ ۾ هڪ وار انهن سڀني شين کي ڏسڻ کپي، چاهي اهي ڪيڏيون به ڪڙيون ڇونه هجن ۽ ڪيڏيون به فحش ڇونه هجن. منجهند جو هوءَ اهڙي وڻ تي چڙهي ويٺي جو پاڻ وڻ جي ٽارين ۽ لامن ۾ لڪل هئي، ٻيا سڀ ڳوٺاڻا هيٺ ڪوٽ جي چوڌاري ٿي بيٺا هئا. گوڙ، گهمسان ۽ هنبوڇيون هيون. سوئر کي ميدان ۾ آندو ويو، سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، انڪري ڪات کيس نه لڳندا آهن، انڪري سڌو سڌو هلندو آهي، پر انساني معاشري ۾ ريتون رسمون ماڻهن لاءِ ڪاتن سمان جيڏانهن به نهاري ته رسمن جي ڪاتي ٺڪاءُ ڪنڌ ۾ لڳندس. سندس ئي جوڙيل ريتون ۽ سندس ئي ڳچي، ٻئي ڪنهن تي ميار به ناهي.

ٻئي ڏينهن تي ڏاندن جي گوءِ صبح ساڻ ئي هئي. ڏاندن کي چڱيءَ طرح سينگاريو ويو هو، جهلون پيل هُئنِ ۽ ميندي لڳائي وئي هُئنِ ۽ مالڪ هر هر کين پٺيءَ تي هٿ هڻي ٿي داد ڏنو ته لوهي ٻليون (ڪپيون) سندس ماس ۾ جڏهن هڻبيون ته هو ڪيترو تيز ڊوڙندا. ٿلها متارا صحتمند ڏاند جڏهن ڀڄندي ڀڄندي ساڻا ٿيندا ۽ سندن رانن کي ڪپين سان چچري رتو رت ڪيو ويندو، تڏهن ماڻهن جا ڪيترا هوڪرا لڳندا ..... ان کان ٽئين ڏينهن تي ڪڪڙن جي ويڙهه هئي. موڙن سان ڪربلائي ڪڪڙ ۽ پشوري ڪڪڙن جي ويڙهه رکيل هئي، تکين نوڪدار کڙهين سان ڪڪڙ، جن کي چاقونءَ سان کرڙي وڌيڪ تکو ۽ نوڪدار ڪيو ويو هو.

سندن ڏاڍي چاڪري ڪئي وئي هئي، جيئن هو وڌيڪ وقت وڙهي سگهن ۽ هڪ ٻئي کي رتو رت ڪري سگهن. ميل جي دوران مالڪ کين پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏئي وري تازو توانو ٿي ڪيو، منهن رتو رت ٿيل هئن، چنبا  رت سان ڀريل اکيون سوڄ کاڌل ۽ موڙن جا ٽڪر ٽڪر پٽيل ۽ اڄ ... ۽ اڄ.... ”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتو ملهائڻ جو آخري ڏينهن هو. تنهنڪري وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي.

مايون سنجهي ئي ڪم ڪار لاهي، مسيون ۽ مساڳ هڻي، سرما ۽ تيل ڦليل ڪري، مينديءَ جا وٽا وارن ۾ وجهي ڳهه ڳٺا پائي ڇريل وڳا پهري، وڏيري جي گهر اچي پهتيون هيون. شام سان ئي ڪوٺن تان عورتن جون سينگاريل منڍيون ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڳوٺ جا جوان به شهپرن کي تيل مکي ڏاڍو ڊگر منجهان ڪلف لڳل ڪپڙا پهري گهٽين ۾ شڪارين وانگر پئي نوسيا، اک ٽيٽ جو دور هو.

وڏيري جي اوطاق تي ماڻهن جا انبوهه هئا، چوطرف ڊگهن شهپرن سان ماڻهو، طرا ٻڌل پٽڪن سان ماڻهو، وڏن پاچن سان سنڌي نوجوان، گوڏين سان ماڻهو، ڦاٽل ڪپڙن سان ماڻهو، لٽا ليڙون ٿيل ماڻهو، ڪي بينچن تي ويٺل ته ڪي پٽ تي، ڪي موڙن تي، ته ڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي، ۽ ڪي نيٽ سان واڻيل آرام ڪرسين تي. وچ تي ٽيبل رکي هئي ۽ ان مٿان هرمچ سان ڀريل سهڻو ٽيبل ڪور، کٽ تي ٽُڪ جي وڇايل رلهي ۽ ان مٿان سهڻي ريشمي چادر ۽ ان مٿان ٿلهو گول وهاڻو، ستارن ۽ موتين سان جڙيل وڃڻو، وڏيري وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي مڇن کي پئي مروٽيو ۽ رکي رکي شهوتي نگاهن سان بيٺل ڪوٺي تي عورتن منجهه ٽيڏيءَ اک سان نهاريو پئي ۽ وري ڦونڊ ۾ اچي پٽ تي ويٺل رنڊيءَ ۾ نهاريو پئي. رنڊيءَ جي منهن تي گهرا گهرا ماتا جا داغ هئا ۽ اکيون مڙئي چڱيون، ڪاري ڪوجهي پر مردن کانئس پائي پائي اڳاڙڻ لاءِ منجهس رهيل کهيل عورتپڻو به سالن کان وٺي ڳڙڪائي چڪا هئا، تنهن ڪري سندس منهن تي چن جيان مکيل پائوڊر ۽ چپن تي ڦهليل لالي ۽ گهري ڳاڙهي رنگ جي سرخي، جنهن کيس زال منجهان کدڙو بنائي ڇڏيو هو.

پوءِ به الائي ڇو ڳوٺاڻن جون واڇون گودو هڻي ويون هيون ۽ منجهائن گگ ڄڻ اجها ٿي ٽمي!

رنڊيءَ جو نالو وسائي هو ۽ سندس پيرن ۾ ڇير پيل هئي، آواز اهڙو خاص ته نه هئس، پوءِ به الائي ڇو ڏور تائين مشهور هئي، آواز جي ڪري، ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته ڌرتي ۽ عرش ٻئي ڌڏي پوندا هئا. پري پري تائين تماشي وچان آواز جو جادو يا آلاپ سمجهي ويهندا هئا ۽ چوطرف سندس آواز جي هاڪ هئي. اڄوڪي رات:

مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتي جي آخري رات هئي، چانديءَ جي رپين جا ڇڻڪاٽ هئا، پريان پريان جي ڳوٺ جا ماڻهو دعوت ۾ آيل هئا. ڪڃريءَ جو ناچ ۽ گانو شروع ٿي ويو ۽ چانديءَ جي رپين جي کڙڪاٽ ۽ نون ڪاڳرن جي نوٽن جو آواز رنڊيءَ جي ڇير جي آواز ۽ گانن جي رڙين ۾ ٻڏي ويو.

ماڻهن کيس سؤ جا نوٽ ڏيکاري، ڏهه ڏهه جا نوٽ ڏيکاري هرکايو پئي ۽ هن پنهنجي جسم جي نمائش ڪري شهوتي انداز وارن ماڻهن کي به هرکايو پئي. ٻنهي جو هرکائڻ پنهنجي جوڀن تي هو، جو اڄوڪي رات:

مروان موت ملوڪان شڪار“ واري هفتي جي آخري رات هئي، آڌيءَ رات تائين اِها ڌماچوڪڙي هلندي رهي، ڪن بي شرم، بي حيا انسانن رنڊيءَ جي ڳٽي تي رپيو ٿي رکيو ۽ سندس ساٿيءَ اهو نوٽ اتان اچي ٿي کنيو ۽ ڪن بنهه رنڊي سان فحش حرڪتون ٿي ڪيون. رنڊي پنهنجي مخصوص ماڻن سان عورتپڻي جو ڪوس ڪندي اچي ٿي انهن کان سؤ جو، ڏهين جو ۽ پنجين جو نوٽ کنيو ۽ پويان ماڻهن جا هوڪرا هئا. اِها بي حيائيءَ واري رات:

مروان موت ملوڪان شڪار“ زنجير جي آخري ڪڙي هئي ۽ ماڻهن ان ۾ دل کولي حصو پئي ورتو. چنڊ تارا سڀ ساڳيا هئا، آسمان به ساڳيو هو ۽ ڌرتي به ساڳي هئي، پوءِ باقي هيءَ هنبوڇي ڇاجي هئي.....؟ ڌرتيءَ جا ڏک به ساڳيا هئا ۽ سور به ساڳيا هئا. باقي هي بي حيائيءَ جو منڊل ڇو منڊيو ويو هو؟

ڏس ڪو ڏانوَ مان توکي ڪيئن پرچايان،

ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن سرچايان،

ڇيريون پايان، ڪن جهمريون پايان،

تلڪ لڳايان، ڪن جڻيو پايان،

ڏس ڪو ڏانوَ، مان توکي ڪيئن پرچايان،

لنگها لائج رات، نچڻ جي اها ئي ٿي.

پدما جي ڪنن ۾، ڇير جو آواز ۽ رنڊيءَ جا واڪا ڪنن ۾ شيهي جيئن پگهرڻ لڳا، هوءَ ان وقت ڪوٺي تي ٻين ماين جي وچ ۾ بيٺل هئي، ڇت جي ديوار کي ڳلکڙا ٿيل هئا، پدما اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو به. مٿي آسمان ۾ چنڊ هو تارا هئا، انهن جي روشني جهڪي جهڪي هئي، هوءَ ننڍي ديوار تان ڪري پئي ڪنهن به هن ڏي ڌيان نه ڏنو. هوءَ بي هوش پئي هئي، ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي سرت اچڻ لڳي، هن آسمان منجهه نهاريو. جهڪي جهڪي تارن جي روشنيءَ ۾ هوءَ ٿيڙ کائيندي لٿي. هوءَ جڏهن گهٽيءَ ۾ پهتي ته ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ گولا هئا، انڪري ايتري اوندهه نه هئي. هوءَ اڃا گهٽيءَ ۾ هئي ته سندس ڪنن تي ڪنهن عورت جي رڙين جو آواز پيو، هوءَ ڊوڙندي ان گهر ڏانهن وئي، در کليل هو، ڇني هيٺان مڇرن جي ڀون ڀون هئي. مڇر ٻانهن ۽ منهن تي مکين وانگر ٿي ڪريا، ڇني هيٺان دونهين دکايل، ڪوٺيءَ منجهان ڪنهن عورت جون تکيون هينئين کي ڪٽيندڙ رڙيون ٿي آيون، هوءَ ڊوڙي ان کٽ ويجهو پهتي، جتي عورت رلهيءَ تي ستل هئي، ڏيئو جاري ۾ رکيل هو، ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ هن عورت ڏي نهاريو، سندس مٿي منجهان رت پئي ٽميو سندس منهن ۽ ٻانهن تي نيرا نيرا ڏنا هئا، پدما ڀر ۾ وڃي بيٺي، ”ماسي توکي ڇا ٿيو آهي – تون رڙيون ڇو ٿي ڪرين.....“

”امان تون مئي رمون کي سڏي آ – مار پويس مون کي ماري پاڻ وڃي اوطاق ڀيڙو ٿيو آهي، رنڊي ڀڳي ٿي وئي الائي پاڻ -؟ مٺي مون کي سور آهن....“ ۽ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي ۽ وري هينئين ڪٽيندڙ تکيون رڙيون شروع ٿي ويون. هوءَ وري ڊوڙندي اوطاق تي پهتي. ٿورو اوٽائتي بيهي، هن ڌرتيءَ تي ويٺل ماڻهن ۾ نهاريو ته انهن منجهان رمون ڪير آهي؟ رنڊيءَ ۽ ماڻهن جي فحش اشارن کي ڏسي هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته مان هنن مڙني عورتن جو مردن کان بدلو ضرور وٺنديس. ڪافي دير کان پوءِ هن کي رمون ڏسڻ ۾ آيو ۽ هوءَ لڪندي لڪندي ان تائين پهتي. ماڻهو تماشي ڏسڻ ۾ محو هئا، نه ته ماري ماري اڌ مئو ڪنس ها. رمونءَ کي هن چيو:

ماما تنهنجي زال کي سور آهن.“

سور اٿس ته ڇا ڪريانس؟ رن کي اڄ ئي ڦر ڄڻڻو هو.“ ائين چئي هو اٿيو ڪونه، اتي ئي ڄميو رهيو. پدما جي دل ۾ آيو ته منهن ۾ چنبو هڻي ڪڍيس، پر وس نه هليس. پوءِ هوءَ ڀر ۾ داين جو گهر هو، اوڏانهن وئي، دائي اکيون مهٽي اٿي ۽ پدما سڄي ڳالهه ٻڌايس:

ٻچا توکي شابس هجي“ ۽ پدما سان گڏجي ان گهر ڏي وڃڻ لڳي.

ٻئي ڏينهن هن گول آئينو کڻي پنهنجي منهن ۾ نهاريو خوبصورت ڳل، سهڻيون ۽ چيرويون اکيون، سهڻا ڀرون ۽ سهڻا گلابي چپ – هوءَ ڳپل وقت کان وٺي پاڻ منجهه نهاريندي رهي. ”مان ڪيڏي نه ڪشش واري آهيان،“ پهريان هن پنهنجي اکين منجهه نهاريو ۽ پوءِ هن جي چپن تي ڪساري مرڪ مڙي آئي ’هون....! مان هن سرير کي سينگارينديس، اکين ۾ ڪجل ڀرينديس، پيشانيءَ تي تلڪ لڳائينديس، ڀريل گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ڪنديس، مان اڳتي هلي جڏهن وڏي ٿيندس، تڏهن راڳ جي سکيا وٺنديس ۽ ناچ جي به، پوءِ مان نچڻي ٿينديس، مان پنهنجي سرير کي سينگارينديس.‘ .... رات ڀري محفل ۾ عورت جي ائين توهين ڪئي وئي آهي پر ڪنهن کان به اهو نه پڳو جو کڻي چوي ته:

بند ڪيو اِهو ناٽڪ......

بند ڪيو اِهو ناٽڪ.........

بند ڪيو اهو ناٽڪ خدارا! ڪراهت ٿي اچي – پر نه .....! ڪنهن ۾ به اها جرئت نه هئي. سڀ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن منجهان هئا، جن کي ٻين جي ذلتن منجهان خوشي حاصل ٿيندي آهي. ڪنهن جون پڳون لهن ان منجهان هو موج ماڻيندا آهن. آهه! هي ماڻهو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن. آهه! هي سڀ ماڻهو نه آهن مرون آهن. هنن کي واري سان وڻ سان ٻڌجي ۽ پوءِ ڪتن جي بڇ ڪجي، سندن ٻوٽ به ڪتن جي وات ۾ هجن ۽ پاڻ به ڇتا ٿين.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org