Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :12

رکي رکي صاف ۽ نيري آسمان ۾، ڪٿي ڪٿي ڪڪڙن جا ٽڪرا ٺهي پئي آيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهي تحليل ٿي غائب ٿي پئي ويا. ڪنهن مهل ڏکڻ جي هوا پاڻ سان گڏ گرمي ۽ خوشبوءِ کڻي ٿي آئي، ته اُتي ئي وري ڪنهن گهڙيءَ اتر جي هوا خوشگوار ٿڌڪار پهچائي رهي هئي. اجهو هاڻي مغرب جي هوا لڳي رهي هئي ته وري اتي ئي مشرق جي هوا جا جهوٽا پهچي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي پيار وچان هڪ ٻئي سان بغلگير ٿي رهيا هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ عبرتناڪ ڳالهه جيڪا ڇوڪرين ڏٺي، سا اها هئي ته انهيءَ هنڌ تي دائمي طور هڪ عجيب و غريب تبديلي اچي رهي هئي. ڪابه چيز ساڳيءَ حالت ۾ نظر نه پئي آئي ۽ نه وري ڪو زمين جو ٽڪرو ٻه دفعا ساڳي نوعيت جو نظر پئي آيو.

سوين هزارين ماڻهو، جيڪي سڀني قسمن ۽ نمونن جا هئا، ۽ جيڪي انتهائي سياهه چمڪندڙ آبنوسي رنگ کان وٺي بي رنگ اڇن وارن ۽ اڇن ڀروُن وارا آلبينو نسل وارن تائين سڀ موجود هئا، سي سمورا انهيءَ جاءِ تي ڦهليل وسيع و عريض سائي ڇٻر وارن ٻارن ۾ گهمي ڦري رهيا هئا ۽ انهن ڪمانن جي هيٺان ٽهلي رهيا هئا، جيڪي وڻن جي شاخن پاڻ ۾ ملي ٺاهيون هيون.

ان جي باوجود اتي سوڙهه يا گپا گيهه جو ڪو خيال به ڪونه هو، هر ڪنهن جي ڦرڻ گهرڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ ڪشادي جاءِ موجود نظر اچي رهي هئي. جهنگ مان پکين جي مٺين لاتين جي آواز سان گڏ، هڪ عجيب قسم جي موسيقي جي لئه مليل ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. انهيءَ هنڌ سان جتي اهي ٽيئي ڇوڪريون بيٺيون هيون، هنن کي دور کان هڪ ڊگهي رستي جي ذريعي مليل هڪ اُڀريل ٿلهو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايترو بلند هو، جو پري کان سڀني کي نمايان طور نظر اچي رهيو هو. انهيءَ هنڌ جي زمين سائي ڇٻر سان ڍڪيل ٻاري جي بجاءِ، آسمان وانگر نيري نظر اچي رهي هئي، جنهن تي ستارن جا ذرا پرزا ٽڙيل پکڙيل هئا، جنهن جي اثر کان اهو هنڌ آسمان سان مشابهت رکي رهيو هو، ۽ انهيءَ هنڌ جي عين مٿان جيڪو آسمان هو، تنهن جو رنگ سچن موتين جهڙو سفيد معلوم ٿي رهيو هو، جيڪو ڪنهن تيز چمڪاٽ کانسواءِ بلڪل هلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ سان منور نظر اچي رهيو هو، ۽ اهو پنهنجي رنگ بدلائڻ کانسواءِ تمام گهري اونهائي تائين ساڳي نوعيت جو نظر ٿي آيو.

ڇوڪرين ڏٺو ته انهيءَ عجيب و غريب هنڌ تي ڪيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا.

*           *           *

هن وقت تائين اهي داخلا واري دروازي جي هنڌ تان اڳتي نه وڌيون هيون، جتي سندن آجيان ڪئي ويئي هئي.

هاڻي هنن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌي ڇرڪ ڀريو، جيڪو سندن پاسي ۾  بيٺو هو. هن چيو، ”منهنجو ته اهو عقيدو آهي ته انسان ذات جي اڪيلي اميد فن ۾ ئي آهي“، ۽ جيئن ئي ڇوڪرين منهن ورائي اوڏانهن ڏٺو ته منجهانئن ٻن ڄڻين هن کي هڪدم سڃاتو ته هو مشهور عظيم جرمن فيلسوف ۽ شاعر هو.

”هيءَ ته عظيم گوئٽي آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ ان وقت چيو، جڏهن هڪ ٻئي ماڻهو، جنهن کي ڊگهي اڇي ڏاڙهي هئي، جواب ڏنو، ”هائو، خاص طرح جڏهن اهو خراب ۽ ناقص فن هجي.“

”هن کي ڪير نٿو وساري سگهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”هيءُ عظيم روسي آهي.“

”ڀلا اهڙين اگهاڙين تصويرن چٽڻ ۽ جذباتي گيتن ٺاهڻ“ عظيم روسيءَ تلخيءَ سان چيو، ”۽ بيهودي نظم لکڻ جو ڪم ئي ڪهڙو، جيڪي فقط انسان ذات کي ذلت ۽ ذلالت جي طرف گهلين ٿا. خاص طور جڏهن اسان کي خبر آهي ته اهي اسان جي شهواني جذبن کي ڀڙڪائڻ جي واضح مقصد سان تخليق ڪيون وڃن ٿيون.“

”آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجو دوست سچو آهي،“ هڪ ٽئين ڄڻي چيو، جنهن کي ڀوري ڇوڪريءَ آرسٽن جي پٽ افلاطون جي نالي سان سڃاتو، جنهن سان هن جي واقفيت اڳيئي ٿيل هئي، ”مون پاڻ اهو ڏٺو آهي ته اسان جا اڪثر شاعر اسان کي تحت الثريٰ جي طرف گهلين ٿا.“

”هائو،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو، جنهن کي عربي چوغو پيل هو. ”پر ڪي شاعر اسان کي جنت جي طرف پڻ ڇڪي وٺن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي اها ئي ڳالهه ٻڌائي ۽ پڙهائي ويئي آهي.“

گوري ڇوڪريءَ، جنهن کي انهيءَ ماڻهوءَ سان هڪ آمريڪي پروفيسر واقف ڪرايو هو، هن کي عرب فيلسوف ”غزاليءَ“ جي نالي سان سڃاڻي ورتو.

”هائو، آءٌ انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيان“، روسي چيو.

”توهان سڀ هن حقيقت کي محسوس نه ٿا ڪريو ته سائنس، فن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نفع بخش ۽ فائديمند آهي.“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو، جنهن کي ڀوري ڇوڪريءَ سڃاتو ته هو ”روگربيڪن“ هو. هن وڌيڪ چيو ته، ”سائنس سان مون کي هيڪاري وڌيڪ محبت هن ڪري آهي، جو مون اُها عربن وٽان سکي، ۽ انهيءَ ئي سبب جي ڪري مون کي ڪيترن ئي سالن تائين جيل ۾ بند رکيو ويو. پر هوڏانهن نهاريو،“ هن پنهنجي ڳالهه جو سلسلو ان مهل روڪي چيو، جڏهن کيس ٻه ماڻهو انهن جي طرف ايندا نظرآيا، ”اڙي، هي ته الحزن* آهي!“ وري گونٽي ٻئي ماڻهوءَ کي سڃاڻندي چيو، ”۽ هو نيوٽن آهي.“

”توهان بلڪل صحيح آهيو،“ انهيءَ ماڻهوءَ هاڻي ڳالهايو، جنهن ڇوڪرين جي دروازي جي اندر پهچڻ تي آجيان ڪئي هئي. ”حقيقت ته اها آهي ته حقائق جي مشاهدي ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا ئي ڳالهه ڪانهي. ماڻهو جذبي اڀرڻ جي انتظار ۾ هميشھ تائين ترسي ته نٿو سگهي، پر مشاهدي جي ذريعي حاصل ڪيل علم ۽ ڄاڻ به فقط خارجي مناظر سان واسطو رکي ٿي، اها حقيقت توهان کي به معلوم آهي ته مون کي به ،ته حواسن جي ذريعي سان حاصل ڪيل ڄاڻ اصل حقيقت تان پردو نٿي کڻي سگهي. توهان پاڻ کي ان وقت وڌيڪ مضبوط بنياد تي بيٺل محسوس ڪندا، جڏهن توهان پنهنجي علم جو بنياد خالص عقل تي رکندا.“

”توهان صحيح آهيو،“ عرب فيلسوف چيو، ”پر جيئن اوهان پاڻ ڏٺو ته خود عقل ناقص آهي. عقل وارو بيشڪ حواسن واري کان وڌيڪ اعليٰ ۽ رافع آهي، پر اعليٰ تر علم ۽ ڄاڻ لاءِ عقل کان علاوه ٻئي ڪنهن ذريعي کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏڻ زبردست غلطي آهي. گهڻو ڪري ’هڪ‘ اهڙو ذريعو ضرور آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ خود تعلقي ڄاڻ ۽ علم اهڙو ئي ناقص آهي، جهڙو اهو حواسن واري ڄاڻ کان وڌيڪ بلند ۽ بهتر آهي، تنهن ڪري توهان ڏسو ٿا ته منهنجا دوست، حقيقت هڪ پردي پٺيان نه، بلڪه گهڻن ئي پردن جي پٺيان پوشيده آهي.“

”عالمي عقل هڪ ئي اهڙي حقيقت ۽ سچائي آهي، جنهن کي اسين خدا چئون ٿا.“

”اِهو هيگل اٿئي،“ گوري ڇوڪريءَ سس پس ڪندي چيو ۽ وڌيڪ ڌيان سان هن کي ٻڌڻ شروع ڪيو، جڏهن هو ڳالهائي رهيو هو.

”۽ روح کي جڏهن واپس ڌڪي سندس ئي وجود جي اندر موڪليو وڃي ٿو، تڏهن اهو پاڻ کي انهيءَ لامحدود ۽ مطلق جوهر کان جدا ٿيل ڏسي ٿو ۽ اهو ئي ڌِڪيل انسان آهي.“

غزاليءَ منهن ڦيرائي هن ڏانهن ڪيو ۽ مشڪيو، ”انهيءَ نموني ۾ ته اسين نه فقط عالمي روح کي، بلڪه عالمي جسم کي به خدا چئي سگهون ٿا،“ هن چيو. ”جيئن مون هن کان اڳي چيو ته حقيقت گهڻن ئي پردن جي پٺيان پوشيده آهي ۽ جنهن شيءِ کي اوهان عقل يا ڄاڻ چئو ٿا، سا انهن مان فقط هڪ ئي آهي. سچ ته اهو آهي ته خود دماغي دنيا جسماني ۽ طبعي دنيا وانگر مظاهر جي فقط هڪ شڪل آهي ۽ ممڪن آهي ته دماغي دنيا کان وڌيڪ ڪي ٻيا نمونا به هجن. پر جنهن ڳالهه کي آءٌ سمجهي نه ٿو سگهان، سا اوهان جي طرفان لفظ ”روح“ جو استعمال آهي.“

”اوهان مظاهر جي مختلف روپن جي متعلق جيڪي به چئي رهيا آهيو، تنهن سان آءٌ اتفاق ڪريان ٿو. مون پاڻ به ائين ئي محسوس ڪيو آهي،“ هڪ يهودي فيلسوف چيو، جنهن کي سڀني وڏي آسانيءَ سان سڃاڻي ورتو ته هو  اِسپنوزا آهي.

”مون کي يقين آهي ته آقا ميمونائيڊس پڻ ساڳي طرح سمجهي ٿو،“ هن ائين چئي سندس پاسي ۾ بيٺل هڪ عالم قسم جي ماڻهوءَ کي ڏسي مرڪيو، جنهن پڻ جواب ۾ مشڪي چيو. ”بيشڪ، بيشڪ،“ ۽ ٻن قديم هندو فيلسوفن پڻ، جن مان هڪ کي ’بدريانه‘ ۽ ٻئي ’ڪپيلاَ‘ جي نالي سان خطاب ڪيو پئي ويو، ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ بدريانه چيو ته ”هائو، اهو واهمه، هڪ کان وڌيڪ شڪلين جي هڪ ٻئي جي مٿان پوڻ سبب پيدا ٿئي ٿو،“  ۽ ڪپيلا ٽيڪو ڏيندي چيو، ”تحقيق! چاهيو ته ان کي واهمه سڏيو، چاهيو ته نه- سائنس چئو، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.“

ان کانپوءِ هڪ چيني فيلسوف نالي چوئانگنزو ڳالهايو. ”توهان سڀني جي خيال مان هيءَ ڳالهه نڪري ويل ئي معلوم ٿئي ته خالص ڄاڻ، محض خالص، عمل جي نتيجي طور ظهور ۾ اچي سگهي ٿي ۽ اهي ٻيئي هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح وابسته آهن،جو اهي جدائي جي ناقابل آهن.“

”اهو هڪ سٺو  يادداشتنامو آهي،“ روسي فيلسوف رڙ ڪندي چيو، ”آءٌ اهائي ڳالهه هيترن ڏينهن کان وٺي چوندو رهيو آهيان، جڏهن لالچ ۽ ان جي نتيجي ۾ خون خرابو ۽ ٻيا سڀ ظالمانه عمل، جنهن کي توهان جنگ جي نالي سان سڏيو ٿا، بنان ڪنهن پڇتاءَ ۽ تردد جي ڪيا وڃن، تڏهن فن ۽ يا سائنس ڇا ٿا ڪري سگهن؟ انسان ذات کي وڌيڪ خالص ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ جي لائق بنجڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجو اِهو نفرت ڏياريندڙ عمل ختم ڪرڻ گهرجي. ها، علم ۽ عرفان جي متعلق ڳالهائڻ به واهه جو ڪم آهي، جڏهن سوين هزارين ماڻهن کي کُڙيءَ جي هيٺان چٿيو ۽ قتل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ فاقه ڪشيءَ تي مجبورڪيو پيو وڃي.“

”پر ڏسو نه ٿا ته هزارين ماڻهو جيستائين اوهان جي کڙيءَ هيٺان ڪم نه ڪندا، تيستائين ڪنهن به رياست جو وجود برقرار رهي نه سگهندو؟“ هڪ عظيم يوناني فيلسو چيو، جنهن کي ارسطوءَ جي نالي سان سڏيو پئي ويو. ”ماڻهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ڪمي ماڻهو نيڪيءَ يا علم ۽ ڄاڻ سان واسطو رکي نه ٿو سگهي. مون تي کڻي ڪيتري قدر به نڪته چيني ڪئي ويندي، پر آءُ ته پنهنجي انهيءَ راءِ تي ڄميو رهندس ته ٻانهپ هڪ دائمي تنظيم هئڻ گهرجي، پر ٻانهن ۽ غلامن کي سٺو کارائڻ گهرجي ۽ هر هڪ رياست ۾ لازمي طور واپاري ۽ ڪمي ڪاسبي طبقن جا ماڻهو هئڻ گهرجن، پر ها، انهن ماڻهن ۾ نيڪ بنجڻ جي توقع رکي نه ٿي سگهي. ۽ آءٌ ساڳيءَ طرح اڃا به اها راءِ رکان ٿو ته اسان جي هيءَ ڌرتي لافاني ۽ دائمي آهي، چاهي ٻيا کڻي ان باري ۾ ڪهڙي به متضاد ڳالهه چون.“

”اسان خانگي ملڪيت جي نظريي کي ئي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ هر ماڻهوءَ کي محنتي ۽ ڪمي ڪاسبي بنائڻ چاهيون ٿا، پر اوهان ائين ٿا سمجهو ته محنتي ماڻهن جو نيڪي ۽ چڱائيءَ ۾ ڪو حصو ٿي نٿو سگهي؟“ روسي چيو، ۽ انهيءَ مهل غزاليءَ جو آواز ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو. ”ها منهنجا دوست، اوهين درست آهيو،“ هن چيو، ”اسين ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان قوت تائين نيڪي ۽ چڱائيءَ جو مالڪ نه سمجهندا آهيون، جيسين  هو محنت ۽ مشقت ڪندڙ ناهي، جيتوڻيڪ آءُ ارسطو سان هِن حد تائين متفق آهيان ته هڪ غلام لاءِ پاڻ کي نيڪيءَ وارو انسان بنائڻ مشڪل مسئلو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ائين ٿيڻ لاءِ پهرين ضرورت پنهنجي مرضيءَ مطابق عمل ڪرڻ لاءِ آزاد هئڻ جي آهي. عمل جي آزادي ۽ صحيح عمل ئي اوهان کي نيڪ بنائي سگهن ٿا.“

ماڻهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ ۽ سندن زندگين کي آسان بنائڻ واري ڳالهه سڀ ٺيڪ آهي،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ وچ ۾ ڳالهايو، ”پر ڇا، توهان ائين نه ٿا سمجهو ته توهان معاشي معاملن ۾ پنهنجي مداخلت جي ذريعي توهان هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪري وجهندا، جيڪو پنهنجو وجود برقرار رکي سگهڻ جي گهٽ قابل هوندو ۽ جيڪو ٻيءَ طرح سان زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ٿڏجي ويندو؟“

”آءُ ڏسان ٿي ته اهو هربرٽ اسپينر آهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ۽ ان کان پوءِ هنن ڪاروپوتڪن جو نالو ٻڌو، جيڪو هڪ روسي عالم هو ۽ جنهن چيو، ”تهذيب ۽ تمدن جو بنيادي اصول باهمي امداد رهيو آهي، منهنجا دوستو، باهمي امداد، ۽ نه چٽاڀيٽي ۽ مقابلو، جيئن اوهان سمجهي رهيا آهيو.“

”هائو، هن کي انهيءَ ڳالهه جي يادگيري ڏياريو!“ هڪ ڪڙڪ ۽ سخت لهجي وارو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”منهنجي دل ته ذري گهٽ هن کي گاريون ڏيڻ تي آماده ٿي رهي آهي، هو پنهنجي زندگيءَ لاءِ جدوجهد کي ته وساري نه ٿو سگهي، پر ان جي باوجود هو هيءَ سڌي سادي حقيقت ڏسي نه ٿو سگهي ته انساني ذهن جي صحت تي مختلف قوانين جو ۽ نه بدن جي صحت جو ضابطو آهي، ۽ انسان هاڻي حيوان نه رهيو آهي. پر هي سڀ پروفيسر، سندن يوناني استادن وانگر فقط لفظن جا مهاساگر آهن. اسان کي ته روشنائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر جي قول جي ضرورت آهي،“ ائين چوندي هن گوئٽي ڏانهن ٽيڏيءَ نظر سان ڏٺو.

”اهو پڪ ئي پڪ ڪارلائيل آهي،“ گوري ڇوڪريءَ پنهنجين سهيلين کي چيو، ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻيون اتان اڳتي وڌي ڪجهه پر ڀرو موجود هڪ ٻي دلچسپ جماعت طرف ويئون.

*           *           *

جيئن ئي اهي ايترو ويجهو پهتيون، جو سندن ڪنن تي آواز اچي سگهيو ٿي، ته هنن هڪ نوجوان کي قدرت جي حسن ۽ رعنائي ۾ ايتري قدر ته محو ٿي ڏٺو، جو حيرت زده ٿي هيئن چئي رهيو هو: ”هڪ حسين شيءِ دائمي خوشيءَ جو باعث آهي.“

پوءِ هو هڪ بزرگ شخص جي اڳيان جهڪيو، جيڪو راڻي ايليزبيٿ جي زماني جي ڪاري لباس ۾ هو ۽ جيڪو هن ڏانهن اچي رهيو هو. هن اچڻ سان چيو، ”اهي ته ڏاڍا عجيب لفظ هئا.“

”۽ توهان جي عجوبن لاءِ ڇا چئجي،“ نوجوان جذبي وچان چيو.

”توهان جا اهي لفظ، ته دنيا ڪڏهن به ڳائڻ بندڪري نٿي سگهي، مون اوهان جون اهي دلڪش سٽون ڪيئي ڀيرا ڳايون آهن، مثال طور: ‎ ”ماڻهن کي هن دنيا مان هليو وڃڻ به اُئين ئي برداشت ڪرڻو پوندو، جيئن اُنهن کي هِتي اچڻ برداشت ڪرڻو پيو آهي، پختگي سڀڪجهه آهي!“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو دنيا انهن سٽن جي معنيٰ جو احساس ڪري سگهي ها! ۽ ها، توهان جي انهن حيرت انگيز لفظن جي عظيم حقانيت ڪيترا ڀيرا نه مون تي ظاهر ٿي آهي! ”عدم استقلال شروع ٿيڻ کان اڳي ئي غائب ٿي وڃي ٿو.“ ان کان پوءِ هن ذري گهٽ وجد ۾ اچي هيئن چوڻ شروع ڪيو:

”۽ توهان جون هي غير فاني سِٽون“:

”دنيا ۾ ڪو اهڙو ننڍي ۾ ننڍو گولو به ڪونهي،

جيڪو پنهنجي گردش ڪندي، فرشتي وانگر نه ٿو ڳائي.

اڃا به اهو ننڍڙن فرشتن جي آواز سان ڌڙڪي رهيو آهي،

اهڙي هم آهنگي آهي غير فاني روحن ۾،

پر جيسين هيءُ ناس ٿيندڙ مٽيءَ جو پوش ان کي،

پنهنجي اندر وڪوڙي بيٺو آهي،

تيسين اسين ان کي ٻڌي نٿا سگهون.“

”۽ اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن هيٺيون سٽون پڙهندي، هِن ڌرتيءَ جي فاني هئڻ جو احساس نه ڪيو آهي:

”ڪڪرن ۾ وڪوڙيل ٽڪريون، هي چمڪندڙ محلات،

هي گنڀير عبادت گاهه، هي عظيم گولو خود،

۽ ٻيو سڀ ڪجهه، جيڪي به ان کي ورثي ۾ ملندو،

سڀ گم ٿي ويندا.

۽ هن فاني رنگ برنگي جلوس وانگر،

ڪومائجي ڦڪا ٿي ويندا،

۽ پنهنجي پٺيان ڪو نالو نشان نه ڇڏيندا،

اسين سڀ اهڙي شيءِ آهيون، جنهن مان خواب ٺهيل آهن،

۽ اسان جي هِن مختصر زندگيءَ کي،

بيخبري ۽ ننڊ وڪوڙي بيٺي آهي.“

”ڇا، تون اهو ٻڌين ٿي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، ”هِتي ته اسان کي ارسطوءَ کان بلڪل مختلف ڳالهه ٻڌائي پيئي وڃي،  جنهن جي  دعويٰ اِها آهي ته هيءَ ڌرتي لافاني آهي.“ پوءِ هن ڦيرو کائي ڪاري ڇوڪريءَ کي چيو، ”مون کي ياد ٿو اچي ته توسان جيڪو هڪ خدا جو منڪر مليو هو، تنهن چيو هو ته شيڪسپيئر خدا جي وجود جو قائل ئي ڪونه هو، پر تون پاڻ پيئي ڏسين ته هومذهب بابت ڳالهائي رهيو آهي،پر ان جو روپ نئين زماني جو آهي.“

”ڏسو!“، نوجوان جوشيلي شاعر هاڻي چيو، ”اجهو منهنجو دوست شِلر پيو اچي. مون کي هن جو نظم ”زندگي حقيقت آهي“، اڃا تائين پوريءَ طرح ياد آهي، ۽ ان کان سواءِ، سندس ”نيو آرلينس واري ڪنواري،“ نالي نظم به پورو ياد آهي.“

جنهن شاعر جي اهڙيءَ طرح تعريف ٿي رهي هئي، سو  مرڪيو ۽ آهستگيءَ سان چيائين، ”توهان جي وڏي مهرباني، توهان جو اهڙيءَ خسيس ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ واقعي توهان جي وڏي نيڪي آهي.“

”آءٌ هن کي سڃاڻي ٿي سگهان ته اهو مِلٽن آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ هن جا پيچده زلف سڃاڻان ٿي. هن جون بي نور اکيون کيس ڏسي سگهڻ کان روڪي نه سگهيون، ۽ هن جي خود پنهنجي معذوريءَ تي لکيل نظم ڀلا ڪير وساري سگهندو.“

”بيشڪ،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ”اهي به خدمت ڪن ٿا، جيڪي صبر سان بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا.“

”آءٌ ڀانئيان ٿي ته هن جي پٺيان جيڪو ماڻهو بيٺو آهي، سو والٽ وائيٽمن آهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي ته سچ پچ هن جو نظم، ”گاهه جا پن،“ ڏاڍو وڻندو آهي،“ ائين چئي هن ان جون سٽون پڙهڻ شروع ڪيون:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com