سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري سچ جي ڳولا ۾

باب: --

صفحو :16

ذهن جي رهنمائي قدرت جي انهيءَ واحد ۽ ساڳئي مظهر جي حيثيت ۾ مشاهدي ۽ پيار ڀرئي مطالعي ڏانهن ڪري ٿي، جنهن ڏانهن اهڙو مطالعو انسان جي رهنمائي ڪندو، ۽ جيئن وڌيڪ اونهائي تائين ليئو پائبو، تيئن وڌيڪ وڏي رحمت جو مشاهدو ڪبو.

”اڪثر ماڻهن کي صرف خوشيءَ جو فڪر رهي ٿو، پر توهان، منهنجا معزز ڀاءُ، هنن کي اڳيئي سمجهائي ڇڏيو آهي ته خوشي بذات خود ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي، جنهن جي ڳولا ڪجي، ڇاڪاڻ ته اها ڪا شيءِ نه، بلڪه اها هڪ حالت آهي، جيڪا ڪن خاص حالت جو مجموعي نتيجو هوندي آهي، جيئن ئي اهي شرط شروط پورا ٿين ٿا، تيئن ئي اها بنا گهرڻ جي پنهنجو پاڻ هليو اچي، ۽ اها حالت جيڪا وڏي کان وڏي رحمت سان گڏ اچي ٿي، سا ئي انسان جي ”اصلي بنياد“ ۽ ”اصلي گهر“ جو احساس ڏياري ٿي. ’ڇا، هن اهو محسوس نه ڪيو آهي ته کيس وڏي ۾ وڏي خوشي فقط سڃاڻپ يا احساس وارين گهڙين ۾ حاصل ٿئي ٿي، چاهي اها جمالياتي يا دماغي آهي؟“

”اهو ئي سبب آهي، جو آخري الهام ۾ چيو ويو آهي ته وڏي ۾ وڏي نعمت ۽ رحمت، انهيءَ جي قربت ۽ ديدار ۾ آهي، جنهن ڏانهن هيءَ سڄي ڪائنات وڃي رهي آهي، ۽ جنهن جي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾، هن سڄي دنيا کي پنهنجو مقصد ۽ مستقل آرام ملي ويو آهي. جن لفظن ۾ اها هن ڳالهه جو بيان ڪري ٿي، سي هي آهن ته تخليق اها چر پر آهي، جنهن جو مقدر به آهي ۽ جنهن جي رهنمائي به ڪئي وڃي ٿي، ۽ ان جو توازن، ان جو انهيءَ منزل ڏانهن موٽڻ ۾ آهي، جتان اها اصل ۾ نڪتي هئي ۽ هر اها ڳالهه جيڪا انهيءَ کي ان توازن تائين پهچڻ کان روڪي ٿي، سا اها ئي ته آهي ، جنهن کي گناهه يا برائي چئجي ٿو، ۽ جيڪا شيءِ ان کي سندس صحيح سمت يا مقرر ٿيل رستي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿي، اها ئي نيڪي يا چڱائي آهي. انهيءَ توازن پيدا ڪرڻ واري عمل مان ئي عدل ۽ انصاف جو وجود پيدا ٿئي ٿو.

”انسان جي معبود جي متعلق ڄاڻ ۽ معلومات پڻ، قدم بقدم اڳتي وڌي آهي. انهيءَ وقت ۾ به، جڏهن انسان کي هڪ کان وڌيڪ ديوتائون هئا، هر هڪ ماڻهوءَ، گهراڻي يا جماعت کي پنهنجو هڪ دلپسند ديوتا الڳ هوندو هو، جنهن کي اهي پنهنجو ديوتا سڏيندا هئا. ان طرح سان، هڪ ئي معبود جي پوڄا، انسانذات جو هميشھ کان وٺي مذهب رهيو آهي.

”آخري الهام ۾، البت هڪ ديوتا يا هڪ هستيءَ جي پرستش جو ذڪر ڪونهي. اهو پيغام هن کي تخليق جي متعلق سمجهاڻي ڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته تخليق، جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي، حرڪت يا چرپر آهي، ۽ حرڪت کي سندس پنهنجو عددي زاويو آهي. جيئن ئي مادو، جيڪو حرڪت جو هڪ ٻيو نمونو يا ان جي ٻي صورت آهي. غير مادي شڪلين ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ماڻهوءَ لاءِ فقط ان جي عددي ڄاڻ ئي ممڪن رهي ٿي، جيسين هو ”حق“ جي ايترو وڌيڪ قريب پهچي ٿو، جتي هن جي دل ۽ دماغ جي دسترس ڪانهي.

”انسان قدرتي شين جي پوڄا ڪرڻ واري منزل کان پوءِ، نظرياتي شڪلين جي پرستش ڪرڻ لڳو، جيئن منهنجي دوست سقراط کي چڱيءَ طرح معلوم آهي. انسان طرفان نظرياتي صورتن کي پوڄا جي لائق شيون بنايو ويو، پر هڪ دفعو وري ٻيهر،“ هن منو ۽ راهنما ڏانهن منهن ڦيرائيندي وڌيڪ چيو، ”هرهڪ صفت کي هڪ جدا ديوتا جي صورت ڏيئي ماڻهن پنهنجو پنهنجو شخصي ديوتا بنايو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ انسان جو نوجوان ۽ ننڍي ڄمار وارو ذهن هڪ وقت تي، فقط هڪ صفت جو تخيل پاڻ ۾ سمائي پئي سگهيو.

”منهنجي دوست منوءَ پنهنجن ماڻهن کي ٽن سِرين واري ديوتا جو جيڪو نظريو پيش ڪيو، تنهن بابت کيس معلوم هو ته ان جو مطلب، خدا جي ٽن صفات، يعني خالق، رب ۽ توازن قائم ڪندڙ يا سڀني کي ساڳي هڪ سطح تي آڻيندڙ، يا جنهن کي اڻ گهڙيل ٻوليءَ ۾ ’ناس ڪندڙ‘ چيو وڃي ٿو، تن سان هو. انهن صفات مان هرهڪ صفت کي الڳ الڳ خدا جي صورت ۾ پوڄيو ويندو هو. اها وڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته هيڏين سارين صدين گذرڻ کان پوءِ به انسان اهو نه سمجهي سگهيو آهي ته ’برهما‘ يعني طاقت ڪُل، ”شِيوا“ يعني رحم وارو ۽ ”وشنو“ يعني سڀ تي ڇانيل ۽ پاليندڙ، خدا تعاليٰ جون اهي صفتون آهن، جن جو ذڪر آخري الهامي پيغام جي بلڪل پهرينءَ سٽ ۾ ڪيل آهي.

”منهنجي سهڻي دوست، ڪرشن کي انهن مان ٽين صفت يعني پالڻ واري جز جو مجسم روپ سمجهيو وڃڻ لڳو هو. خدا جي انهيءَ مخصوص صفت جو مظهر هن کي سمجهيو ويو، ساڳيءَ طرح خود ’وشنو‘  انهيءَ نظرياتي صفت جو مظهر آهي، جيڪا خود خدا جي آهي. پر ”حقيقت“ انهن سڀني جي دسترس کان ٻاهر آهي. آخري الهامي پيغام ۾ اهڙيون ذري گهٽ هڪ سئو صفتون ڄاڻايل آهن، جن کي خدا جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهڻ ضروري ۽ هر هڪ انسان جي ذاتي ۽ شخصي جدوجهد جي نتيجي ۾ انهن جو شعور حاصل ڪرڻ لازمي امر آهي.

”جڏهن انسان انهن صفتن جو شعور خود پاڻ ۾ محسوس ڪيو آهي، تڏهن ئي اها منزل اچي ٿي،جڏهن ماڻهو خدائي ذات جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان جي مظهر طور سندس نمائندگي ڪري ٿو. مثال طور ”بادشاهت“ آخري پيغام ۾ ان کي خدائي صفت ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ جي معنيٰ محض هيءَ آهي ته هرهڪ مرد ۽ هر هڪ عورت کي پنهنجي اندر ۾ خود پاڻ کي بادشاهي صفت محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ڏهن لکن انسانن ۾ فقط هڪ بادشاهه هئڻ جي بدران، سڀني مردن ۽ عورتن کي پاڻ کي امڪاني بادشاهه ۽ راڻيون سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙين صفتن جو مالڪ يا مالڪڻ هئڻ گهرجي، جيڪي هڪ معياري حڪمران جون هونديون آهن.

”اهڙيءَ طرح  خدا جون سڀ صفتون هر هڪ فرد ۾ محسوس ٿيڻ گهرجن. برهما، شو ۽ وشنو خود هرهڪ انسان ۾ محسوس ٿيڻ گهرجن.

”جن ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻ جي ضرورت آهي، تن لاءِ خود ڪتاب موجود آهي.

”انساني تجربي جي سموري عرصي دوران ڪجهه ٻيا نظريا: جهڙوڪ ابا ڏاڏا ۽ گهر گهاٽ، پوري زور سان ماڻهوءَ سان چهٽيل رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ انسان لاءِ ذاتي قدر ۽ قيمت موجود رهي آهي. روشني انهن مان هڪ آهي. دنيا جي ابتدا کان وٺي ئي، روشنيءَ کي هڪ نه ٻي صورت ۾، خدائي ذات سان وابسته ڪيو ويو آهي. درحقيقت، مختلف قومن طرفان خدا لاءِ جيڪو نالو استعمال ڪيو ويو، تنهن جي جڙَ انهيءَ لفظ مان نڪتي، جنهن جي معنيٰ ”روشنائي“ هئي.

”منهنجي هِن ڀاءُ، زردشت انهيءَ صورت تي زور ڏنو، ليڪن انهيءَ سڄي ارتقائي سلسلي جي تصديق هڪ دفعو ٻيهر آخري الهامي پيغام ۾ وڌيڪ قابلِ فهم ۽ روحاني طريقي سان ڪئي ويئي آهي، ۽ روشنيءَ ۽ باهه جي درميان لطيف فرق کي انهن ماڻهن لاءِ سمجهايو ويو آهي، جيڪي ان کي سمجهڻ جي قوت رکن ٿا.

”اهڙيءَ طرح آخري پيغام هر اهڙي نقطهء نظر کي جمع ڪري پيش ڪري ٿو، جيڪو ان کان اڳ آيل سڀني پيغامن ۾ ڪنهن به وقت تي آيو هو. ”انسان لاءِ وقت بوقت جيڪي پيغام ايندا رهيا، تن کي جدا جدا زمانن ۾ ماڻهن جي جدا جدا طبقن ۽ جماعتن جي ذريعي دنيا ۾ ڦهلايو ويو.

”اهو ڪم سڀ کان اڳ ۾ پوڄاري يا مهنت ڪيو، جنهن کان پوءِ اهو شهزادي يا سپاهيءَ ڪيو. سڀ کان آخري پيغام ۾ خاص طرح واپاري ۽ پورهيت کي شامل ڪيو ويو. سفر ڪندڙ واپاريءَ کي پيغام کڻي وڃڻو هو ۽ ساڳئي وقت کيس مختلف قوميتن درميان باهمي تعلقات پيدا ڪرڻا هئا. اهو ئي سبب هو، جنهن لا ءِ آخري الهام ۾ ايترن مختلف مقصدن لاءِ سير و سفر کي انسان جي بهترين استاد ۽ معلم طور پيش ڪيو ويو. پر انهيءَ پيغام ۾ جنهن طبقي جي سڀ کان وڌيڪ تعريف ڪئي ويئي آهي، سو پورهيت جو آهي، اهو سمورو مفيد پورهيو، سڌيءَ طرح خدمت ۽ خدائي عبادت ڪري ٿو، جيڪو انسان جي دائمي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو.

”ماڻهوءَ جو ڪهڙو به خسيس ڪم هجي، پر جيڪڏهن عالمي مقصد حاصل ڪرڻ جي ارادي سان ڪيو وڃي ٿو، ته اهو عبادت جو بهترين نمونو آهي. انساني ذهن جي انهيءَ منزل ۾، جڏهن اهو اڃا ابتدائي ٻاراڻي اوستا ۾ داخل ٿي رهيو هو، پاڪ ۽ ناپاڪ يا وڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ جي درميان جيڪو فرق ضروري هو، ۽ جنهن جي ڪري تضاد جو خيال پيدا ٿيو، تنهن کي اڳتي هلي عالمي ميلاپ جي ذريعي وري غائب ڪيو ويو. ڪابه شيءِ، پنهنجي ليکي ناپاڪ ۽ پليد ڪانهي، جيستائين ان کي خدائي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ته وري اڻوڻندڙ کي لازمي طور اختيار ڪرڻو آهي ۽ وڻندڙ کان هروڀرو ڪترائڻو ۽ پاسو ڪرڻو آهي.

”تضاد جو مقصد، قط صلاحيت پيدا ڪرڻ هو. انهيءَ ڪري جڏهن ظاهري طور وڻندڙ نظر ايندڙ شيءِ عالمي مقصد لاءِ نقصانڪار هئي، تڏهن ان کان آسانيءَ سان پاسو ڪري ۽ ان تي ضابطو رکي اڻوڻندڙ کي اختيار ڪري سگهجي. ساڳي طرح دنيا کي تارڪ ٿيڻ جو ڪم مشرق توڙي مغرب ۾ ذهن جي ٻاراڻي اوستا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عام ٿي چڪو هو، تنهن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه رهي هئي. هڪ خاص قسم جي گوشھ نشينيءَ جي تجويز اڃا به ڏني وڃي ٿي، پر ان جو مقصد، هڪ مشترڪه، عالمي زندگيءَ لاءِ ان کي تياريءَ واسطي ڪم آڻڻ آهي، تَرڪ دنيا نه آهي.

”جيڪي ماڻهو اها ڳالهه سمجهي نٿا سگهن، تن لاءِ اسان ٽنهي ڄڻن جي زندگين ۾ هڪ مثال موجود آهي، ڇاڪاڻ ته خود راهنما ۽ عظيم نزريني کي به مون وانگر گوشه نشينيءَ ۽ تنهائيءَ واري مرحلي مان گذرڻو پيو هو، پر اها تنهائي فقط مستقبل جي ڪم جي تياريءَ لاءِ هئي. اسان سڀني پنهنجي دنيوي زندگين جي ذري گهٽ آخري ڏينهن تائين، دنيا ۾ محبت سان ڪم ڪيو. چنانچه، اها ڳالهه دنيا کي پراڻي مفهوم موجب ترڪ ڪرڻ جي اصول کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. ماڻهوءَ کي سڀئي شيون خدا جون سمجهي انهن سان محبت ڪرڻي آهي، ۽ هن کي انهيءَ محبت جي خاطر هن دنيا ۾ سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين عمل ڪرڻ گهرجي.

”هن آخري پيغام ۾ اڻ ڏٺل تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه لازمي طور شامل ڪيل آهي.

”انهن ماڻهن کي، جيڪي ’انڌي عقيدي‘ سان ڪو واسطو رکڻ نه ٿا چاهين، انهن کي ڳالهائيندي ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو هوندو آهي. گويا خود لفظ ”ايمان“ ۾ انهن شين تي اعتقاد رکڻ جو مفهوم سمايل ئي ڪونهي، جن جو اڳي تجربو ٿيل نه آهي.الهامي مذهب جي سڄي نظام جو بنياد، انهن ماڻهن جي اختياريءَ تي عقيدي هئڻ ۾ رکيل آهي، جن کي عرفان ۽ ڄاڻ آهي، ۽ ان کان پوءِ انهن جي اهڙي وقت تائين پيروي ڪرڻي آهي، جيستائين ماڻهو انهن کي پاڻ سمجهي. انهيءَ عقيدي کان سواءِ، جنهن کي توهان ايمان چئو ٿا، دنيا انهيءَ منزل تائين نه پهچي سگهي ها، جنهن تي اها بيٺي آهي، ۽ پوءِ به انهيءَ ايمان کانسواءِ، جيستائين دنيا کي سموري حاصلات نه ٿي آهي، تيستائين ان کي لازمي طور ساڪت ٿي بيهڻو ۽ تباهه ٿيڻو پوندو.“

*            *            *

اهي لفظ اڃا مس ادا ٿيا هئا، ته ڀوري ڇوڪريءَ جي نظرن کان سندس سڀ ساٿي ۽ هر ٻي شيءِ غائب ٿي ويئي. انهن جي بدران هن کي ”تاريخ“ جي ڳري ۽ ٿلهي چوغي جا وڪڙ نظر اچڻ لڳا، جيڪي آهستي آهستي سوس کائڻ لڳا، تان جو ”تاريخ“ پاڻ هن جي اڳيان بيٺل نظر آئي.

”اسين وري پنهنجي جاءِ تي واپس اچي ويا آهيون،“ هن مشڪندي چيو، ”اميد آهي ته توکي اسان جو هيءُ گهمڻ وڻيو هوندو. مون اڃان ته توکي پنهنجي چوغي جي هڪ وڪڙ ۾ مختصر ليئو پائڻ ڏنو آهي. مون کي توقع آهي ته تو ڏٺو هوندو ته ڪيئن سڄي انسانذات هڪ واضح طور متعين ٿيل منزلِ مقصود ڏانهن قدم بقدم اڳتي وڌندي رهي آهي. آءُ توکي پنهنجي ٻنپهرن واري چهل قدميءَ جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپيءَ واريون ڳالهيون وري ياد ڏياريان ٿو.

”تون زردشت طرفان مرتب ڪيل مذهب جي بنيادي مقالي کي ڏسڻ کان نه رهي سگهي هوندينءَ، جنهن کي ٻين وڌائي ترقيءَ جي منزل تي آندو ۽ ساڳيءَ طرح تو ان جي تضاد ۽ وحدت کي به چڱيءَ طرح سان ڏٺو ۽ سمجهيو هوندو.

”تون اهو به ڏسڻ کان نه رهي سگهي هوندينءَ ته الهامي مذهب جو مکيه ڪم، انساني ذهن لاءِ دائيءَ، استادياڻيءَ ۽ ماسترياڻيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ رهيو آهي.

”هن ان جي ٻاراڻي اوستا ۽ اوسر واري زماني ۾ سندس ضرورتون پوريون ڪيون، هن ان جي ٻاراڻين راندين ۽ جوانيءَ جي ڪثريت وارن آکاڙن ۾ گهربل ساز و سامان مهيا ڪيو، پوءِ ان هن جي تعليم ۽ ضابطي جو انتظام ڪيو، آخر ۾ ان هن جي ”جوانيءَ ۽ بلوغت“ تي پهچڻ واري منزل جو اعلان ڪيو ۽ هن جي وصل ۽ نئين پيدائش کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ وڌيڪ ترقي لاءِ هدايتون ڏنيون.

”تو پنهنجي تيز رفتار سفر دوران جيڪي ٻيون خاص ڳالهيون ڏٺيون هونديون تن کي، آءُ ڀانيان ٿو، ته تون ”ثقافت“ ۽ ”تهذيب“ جا نالا ڏيندينءَ.

”تمام ٿورن ماڻهن اها ڳالهه سمجهي آهي ته اهي خواه ڪيتري قدر به هڪٻئي سان تعلق، واسطو ۽ باهمي داورومدار رکندڙ آهن، پر ان جي باوجود اهي پنهنجي اندر جدا ۽ نمايان وحدتون آهن. ”ثقافت“ جو واسطو فردن سان آهي ۽ تهذيب فردن جي جماعتن ۽ سندن گڏيل زندگيءَ سان تعلق رکي ٿي. مون کي انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪانهي ته مختلف اڪاين جي ميل ميلاپ سان جيڪا وحدت وجود ۾ اچي ٿي، تنهن جي چڱائي يا برائي جو دارومدار اڪاين جي جنس تي ٿئي ٿو.

”ٻئي طرف، اجتماعي زندگي“ انسانذات جي فرد جي ثقافت جي آزمائش ڪري ٿي ۽ هن کي سندس سبق کي پڪي ڪرڻ ۽ ڪاميابين کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ميدان فراهم ڪري ٿي. اها اڻسڌيءَ طرح هن کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ وڏي جماعت سان مطابقت رکندڙ تعلقات قائم ڪرڻ ۽ ناتن جوڙڻ جي صلاحيت بخشي ٿي، تان جو هو ”ڪُل“ کي سمجهڻ ۽ ان ۾ هڪ ”جُز“ جي حيثيت ۾ پرامن طور رهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ٿو.

”تو زردشت، منو ۽ موسيٰ کي ڏٺو، اهي ٽيئي تهذيب جا نمائندا استاد آهن. زردشت ڪٽنبي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. منوءَ گڏيل خاندان ۽ ڳوٺاڻي اجتماعي زندگيءَ جو بنياد وڌو ۽ اسرائيلين جو قائد موسيٰ عه اهو پهريون اڳواڻ هو، جنهن قبائلي زندگيءَ مان قومي زندگيءَ جي وجود لاءِ گهرايل ضروري عناصر مهيا ڪيا.

”پر اهو به ٻڌندي هل ته اهو مخصوص ادارو، مغرب ۾ اڃا تائين سڀني کان وڌيڪ نمائنده ۽ جديد تقاضائن جي مطابق ادارو آهي. يونانين جي شهري زندگيءَ کي پڻ پوين ٻن جي وچ ۾ بيٺل اداري جي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو، پر اهو موسيٰ عه واري ”قوم“ کان گهڻو  پٺتي آهي.

”بنسريءَ وارو شهزادو ڪرشن ۽ انگور جي منهه وارو شهزادو سليمان، هڪ طرف ۽ نزريني ۽ ٻڌ راهنما ٻئي طرف، انهيءَ ٻئي رخ يعني ”ثقافت“ جي نمائندگي ڪن ٿا. انهن جو مکيه ڪم فرد جي ثقافت جي راهه ۾ احتياط سان هڪ نئون قدم کڻڻ ۽ هن کي وڌيڪ مڪمل زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ هو.

”ڪرشن ۽ سليمان، جيئن تو ڏٺو، پنهنجين مختلف جماعتن ۾ انهيءَ ڳالهه کي رواج ڏنو، جنهن کي اڄ اسين جمالياتي زندگي سڏيون ٿا. ٻئي طرف ٻڌ ۽ نزريني، باشعور ذهن جي ثقافت کي کنيو ۽ انهن خود انساني ذهن جي زمين کي هر ڏيڻ، کيڙڻ ۽ ٻچ پوکڻ جي صلاح ڏني. هنن جو مکيه ڪم ذهن کي خود سندس گهر اندر پنهنجو مالڪ پاڻ بنائڻ ۽ نه فقط طبعي ۽ جسماني سرگرمين کي هلائي سگهڻ جهڙو بنائڻ هو، پر ساڳئي وقت ان کي ڪُل جي خاطر، ڪٽنب، قبيلي ۽ قوم جي زندگيءَ جي وڌيڪ تنگ دائري وارن تعلقن ۽ واسطن جي تقاضائن تي حاوي پوڻ جي لائق بنائڻ پڻ هو.

”تو کي ٻڌايو ويو هوندو ته اها منزل انساني ذهن جي ٻاراڻي اوستا واري هئي، جنهن کي ان ۾ آئينده جي مشترڪه زندگيءَ واري منزل ۾ شرڪت ڪرڻ جي تربيت ڏيڻي هئي. ان کان پوءِ وري توکي انهيءَ زندگيءَ جو ميلاپ ۽ اشتراڪ نظر آيو هوندو. زندگيءَ جي اختلاف جيڪي فرق لازمي طور پيدا ڪيا هئا، مثلاََ موجوده زندگي ۽ آئينده جي زندگي، ڌرتي ۽ آسمان جي بادشاهي، ٻاهرين زندگي ۽ داخلي زندگي، ذهني ۽ جسماني زندگي، ۽ هڪ شيءِ کي پاڪ ۽ ٻيءَ کي ناپاڪ سڏڻ وغيره، تن کي هڪٻئي سان ملائي هڪ صورت ۾ آڻڻو هو.

”اهڙيءَ طرح تو ڏٺو هوندو ته انهيءَ دوئي کي هڪ نئين نقطهءِ نگاهه پيدا ڪرڻ ذريعي، جنهن ۾ هر شيءِ کي سندس نئين جاءِ ۽ نئون تناسب مليو ۽ جيڪا ذهن جي وڌيڪ ترقيءَ واري رٿا جو هڪ حصو هئي، مطابقت ملي. ساڳي وقت تي، ان هڪ اهڙي جماعتي زندگي جو آغاز ڪيو، جنهن کي تون بين الاقواميت يا اعليٰ تر قوميت سڏي سگهين ٿي، جنهن جي آخري منزلِ مقصود انساني زندگيءَ کي يڪي ۽ گڏيل صورت ڏيڻ هئي. تو ڏٺو هوندو ته اهو ڪم پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم جن سرانجام ڏنو.

”اهڙيءَ طرح ثقافت ۽ تهذيب کي عروج جي نقطه تي پهچايو ويو ۽ ماڻهن جي وڌيڪ ترقيءَ ۽ سندن انهيءَ آخري منزلِ مقصود ڏانهن واڌاري جي خاطري ڪئي ويئي، جنهن جي متعلق اوهان ٻڌو هوندو ته اها منزل خود خدا آهي.

”توهان اهو به ڏٺو هوندو ته اهي ادارا ڪهڙيءَ طرح هڪٻئي جي پاسي ۾، ٻن وڻن وانگر، ٻن جدا جدا هنڌن تي وڌندا ويجهندا رهيا آهن. هڪ هندي ۽ ٻيو سامي.

”جيسين تهذيب جو تعلق آهي، ته ان جي هندي نظام ۾، منوءَ جي گڏيل ڪٽنب ۽ ڳوٺاڻي جماعتي زندگيءَ کان وڌيڪ ڪنهن ڳالهه کي مروج نه ڪيو ويو آهي. پر جيسين ثقافت جو واسطو آهي، ته هندستان ڪرشن ۽ ٻڌ جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي سامي شاخ جي سليمان ۽ نزريني جي همرتبه آهن. سامي شاخ جي عظيم شخصيت موسيٰ عه اجتماعي زندگيءَ جي نئين طريقي قوم پرستيءَ کي وجود ۾ آندو ۽ پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم مختلف قومن کي جمعيت جو نظريو متعارف ڪرايو.

”هاڻي، اچ ته توکي هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌايان، جيڪا توکي سچ پچ مزيدار معلوم ٿيندي. تو يقينا انهيءَ شديد اختلافي مسئلي بابت ٻڌو هوندو، جيڪو هن وقت آرين ۽ سامي نسل بابت هلي رهيو آهي؟ شرپسندن مون کي خاص طرح گذريل هڪ صديءَ کان وٺي، ڄاڻي ٻجهي غلط نموني ۾، يعني سچ ۽ حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، ۽ اهو وساري ويٺا آهن ته ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو هڪ ئي چراغ وسائي رهيا آهن ۽ ائين ڪرڻ سان هو ٻئي ڪنهن کي به دوکو نه ٿا ڏين ۽ آخرڪار اهي پاڻ نقصان هيٺ ايندا ۽ پاڻ کي اهڙيءَ ڌٻڻ ۽ جهنگ جهر ۾ وڃي پهچائيندا، جتان کين ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ملي نه سگهندو.

”حقيقت هيءَ آهي ته انهن ٻن قومن کي، جن جو مون هاڻي ذڪر ڪيو، غلط نموني سان ٻن مختلف ۽ علحده قومن جي حيثيت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. آريا ۽ سامي دراصل هڪ ئي نسل جا آهن. گهٽ ۾ گهٽ اهي ان دور ۾ هڪ ئي نسل سان واسطو رکندا هئا، جڏهن لفظ ”آرين“ وجود ۾ آيو، جنهن جي معنيٰ، جيئن توهان ٻڌي آهي، هر هلائيندڙ کان سواءِ ٻي ڪانه هئي. جيسين لفظ ”آر“ اڃا هر عام طرح استعمال ڪيو ويندو هو، تيسين اهي اڃا هڪ ئي خاندان جا ڀاتي هئا، آءُ ٿو توکي ٻڌايان ته اهو ڪيئن هو.

”توکي زردشت جو ”اهورا-مزد“ ياد هوندو. ”اهورا“ فقط ”اسورا“ لفظ جو هڪ رواجي صوتي (آواز سان واسطو رکندڙ) ڦيرو هو. توکي خبر آهي ته ”اسورا“ کي هندستاني آريا هڪ ديو سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته زور وسٽ ”ديو“ لفظ، جيڪو ان کان اڳي خدا جو نالو هو، ڦيرائي ڀوت يا شيطان جو نالو بنايو ويو هو،. هر ڪنهن کي هيءَ ڄاڻ آهي ته خود ”اسيرين“ لفظ جو اشتقاق ”اشور“ آهي، جيڪو انهيءَ شهزادي جو نالو آهي، جنهن انهيءَ قوم جو بنياد وڌو هو ۽ ”اشور“ لفظ، اهو ئي آهي، جنهن کي ”اسورا“ يا ”اهورا“ چيو وڃي ٿو.

”اها ڳالهه بلڪل انهيءَ حقيقت سان ٺهڪي اچي ٿي، جيڪا هندستان ۽ ٻين هنڌن تي انهيءَ دور ۾ وقوع پذير ٿي رهي هئي، يعني ته شهزادا ديوتائن ۽ معبودن جا نالا پنهنجي لاءِ اختيار ڪري رهيا هئا، جهڙيءَ طرح هڪ ديوتا اندرا جو نالو بعد ۾ ڦري راجا اندرا بڻيو ۽ ساڳيءَ طرح شوا ۽ وشنو به ڦري نالا بڻيا. تنهن ڪري ”اسورا-ديوتا“ بدلجي ”اشور-شهزادو“ ٿيو. نه فقط اهو، پر هندستاني لفظ ’آريا‘، ۽ يوناني لفظ ’ارسٽوس‘ وانگر، عربيءَ جو لفظ ’آر‘ ٽيئي هم معنيٰ بڻجي ويا، يعني هڪ امير.

ساڳيءَ طرح لفظ ”ڊاءِ“ (Dia) جنهن مان لفظ ”ڊيو“ (Dieu) ۽ ”ڊي“ (Day) نڪتل آهن، عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضيا“ (Dia) جا هم معنيٰ آهن، جنهن جي معنيٰ آهي، نورُ. ان طرح توهان ڏسي سگهو ٿيون ته آريا قوم وارن جي انتهائي مخصوص لفظن ”ڊاءِ“، ”اسور“ ۽ ”آر“ جي سامي ٻولين جي لفظن ۾ به بلڪل ساڳي معنيٰ آهي. انهن جي سندن بيخ ۽ ٿڙ کان علحدگيءَ، انهيءَ زماني کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آئي، جڏهن زمين کيڙڻ ۽ پوک ڪرڻ جي طريقي ۽ فن کي مڪمل بنايو ويو هو ۽ ان جي اهميت پوري طرح محسوس ڪئي ويئي هئي، ۽ نه ان کان اڳ ۾.

”اهي فقط چند هدايتون ۽ اشارا آهن، جيڪي آءٌ توکي مستقبل  ۾ انهيءَ موضوع جي مطالعي لاءِ ڏيئي رهيو آهيان، پر جيڪڏهن تون انهيءَ موضوع جو مطالعو ڪندينءَ ته توکي اها ڳالهه بلڪل صاف نظر ايندي ته خود اِهي ٻه لفظ ”هيمائيٽ“ ۽ ”سيمائيٽ“ (Hemaite & Semite) ”هوما“ (Homa) ۽ ”سوما“ (Soma) وانگر، بلڪل ساڳيا آهن.

”هاڻي آءُ توکي ڇڏڻ چاهيان ٿو، پر جيڪڏهن مون ڏٺو ته تنهنجي دلچسپي انهيءَ موضوع ۾ پوءِ به برقرار رهي آهي ته تو جيڪي اڄ ٻڌو ۽ ڏٺو آهي، تنهن تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهين ته آءٌ وري موٽي ايندس ۽ پنهنجا ڪجهه وڌيڪ راز توکي ظاهر ڪري ٻڌائيندس.“

”پر مون  کي ته خدا وري به ڪونه نظر آيو.“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، تاريخ زور زور سان ٽهڪ ڏنا. ”انسان جو ٻچو ضدي آهي.“ هن چيو، ”تو هيڏو ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ به اهو محسوس نه ڪيو آهي ته هن دنيا جو آخري عمل ۽ سڀ کان پوئين منزل، خدا ڏسڻ آهي.

”توکان اهو وسري ويو آهي ته تو اڳيئي رکي رکي خدا جون جهلڪون ڏٺيون آهن، حالانڪه اهي جهلڪون اڃا انهيءَ ٿاڦوڙن هڻندڙ ٻار واريون هيون، جنهن کي اهي ڇهڻ واري حواس ذريعي نظر اچن ٿيون. اهي ئي جهلڪون ته آهن، جن هڪ يا ٻي صورت ۾ سموري حيات کي سهارو ڏنو آهي، ۽ ان کي سندس آخري منزل طرف پيشقدمي ڪرائي آهي.

”احساس، منهنجي ٻچڙي، احساس گهرجي، جنهن جي معنيٰ خدا جون جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ قريبي ۽ وڌيڪ صاف ۽ مڪمل جهلڪون ڏسڻ آهن، تان جو هو ماڻهوءَ کي پنهنجي پوري جلوي ۽ جمال ۾ نظر اچي.

*            *            *

ڀوري ڇوڪريءَ هاڻي پاڻ کي ٻيو پاسو ورائيندي محسوس ڪيو،  ۽ هن جي لاشعوري ذهن تي هن دنيا جا آواز پهچڻ لڳا.

هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي، ۽ پنهنجي سامهون رکيل شين کي گهوري ڏسڻ لڳي. انهيءَ موقعي تي هن سندس ٻاهرين دروازي تي ڪنهن جي هٿان ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ جو هلڪو آواز ٻڌو ۽ هن جي نوڪرياڻيءَ کيس ياد ڏياريو ته هن جي چانهه ڪيتريءَ دير کان وٺي تيار رکي هئي.

هوءَ بيخبريءَ ۾ ديوان تان لهي هيٺ آئي ۽ آهستي آهستي گهمندي اوطاق واري ڪمري ۾ پهتي. ”ڪهڙو نه خواب هو،“ هن دل ئي دل ۾  آهستي چيو.

 اوچتو هن کي سندس ٻاهرئين دروازي وٽ بيٺل ڪاڻي عورت جي يادگيريءَ، هن جي دستوري سرگرمي واپس آندي ۽ هن هڪدم نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏنو ته هوءَ ڪاڻي عورت ۽ سندس ڌيءَ کي اندر سڏ ڪري.

نوڪرياڻيءَ ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جا ڪن کيس دوکو ڏيئي رهيا هئا، پر مالڪياڻيءَ جڏهن پنهنجو حڪم ٻيهر دهرايو تڏهن هن محسوس ڪيو ته ان جي تعميل ڪرڻي آهي.

ٻيءَ گهڙيءَ، ماچيس وڪڻندڙ عورت ۽ سندس ڇوڪري ڪوچ تي ويٺيون هيون ۽ ڀوري ڇوڪري هنن لاءِ پنهنجي هٿ سان چانهه ٺاهي رهي هئي.

غريب عورت کي سندس اکين تي مشڪل سان يقين اچي رهيو هو. پر هوءَ جلد ئي آرام سان ٺهي ويٺي، چانهه ۽ ڪيڪ مان ڏاڍي مزي سان لطف اندوز ٿيڻ لڳي.

انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻي مربو ۽ مکڻ کڻي آئي، ۽ اهي شيون ڏسندي ئي ننڍڙي ڇوڪريءَ خوشيءَ ۾ ڀرجي چيخون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هوڏانهن سندس ماءُ، سموري ضابطي ۽ احتياط کي ترڪ ڪري، اوچتو وٺي پنهنجي ٻي اک به کولي ڇڏي.

”اڙي!“ ڀوري ڇوڪريءَ حيرت وچان چيو، ”تون ته پنهنجين ٻنهي اکين سان ڏسي سگهين ٿي!“

”اهو هن ڪري آهي جو آءٌ ڏاڍي خوش آهيان،“ عورت جواب ڏنو، پر ننڍڙي ڇوڪريءَ دل جي صفائيءَ ۽ سچائيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو، ”امي پنهنجي گهر ۾ هميشھ ٻنهي اکين سان ڏسندي آهي.“

 

* ختم شد *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com