سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻاراڻا گيت

 

صفحو :1

ٻاراڻا گيت

استاد بخاري

 

 

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

ڌڻيءَ جي وڏائي

ڌڻي سڳورو ياد ڪجي،

تنهن کي پنهنجي دل ڏجي.

لهي سڀن جي جو ٿو سار،

پالي جيئن ڪو پنهنجا ٻار.

مرون ۽ ماڻهو اهو سنڀالي،

ساري جڳ کي اهو ئي پالي.

سڀني جو سو سائين آهي،

ڏک سڀني جا سو ٿو لاهي.

ساري خلقت انهيءَ اُپائي،

سڀني سان ٿو ڪري ڀلائي.

اهڙو آهي سٻاجهو سائين،

ڪجي تنهن کي ياد سدائين.

سڀئي وڏائي تنهنجي ڳايو،

دلڙي پنهنجي تنهن سان لايو.

 

ڪشنچند ”بيوس“

 

تنهنجي ساراهه

 

سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا!

نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا!

ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه ڌرتيون،

سهسين سج، چنڊ، تارا،

جن جو انت نه پارا، قدرت وارا!

گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو،

موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،

هيرا لعل هزارا، قدرت وارا!

جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو،

پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو،

ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا!

چُهنب چَتُن ۽ چيهن کولي،

بلبل، ڪوئل، ٻولي ٻولي،

مور نچن ناميارا، قدرت وارا!

عجب بڻايئي بجليون بادل،

بوندون وس وس ڪن بادل،

واڄٽ ڪن وسڪارا، قدرت وارا!

ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو،

”بيوس“ سائين ناد وڄي ٿو،

نوبت ڏينهن نقارا، قدرت وارا!

 

 

 

 

• استاد بخاري

منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

ڀُوُن، جا، اُڀ جا، سڀ جا سائين!

منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

سرنهن جا گل پيلا پيلا،        مٽرن جا گل نيلا نيلا

پوپٽ ٺاهيئي ڪهڙا سائين،  منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

پيءُ جي دل ۾، ماءُ جي دل ۾،        ڀيڻ جي دل ۾، ڀاءُ جي دل ۾،

پيار ڪيو تو پيدا سائين،              منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

گرميون، سرديون، جهڙ، برساتيون،     منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

ڦيرين ٿو تون ڦيرا سائين،              منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

مون کي بخشئي مٺڙي ٻولي،        جنهن ۾ مون ڄڀ پنهنجي کولي،

گيت چوان ٿو پيارا  سائين،            منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

الله سائين ڏي ايمان،          ڀائُر آهيون سڀ انسان،

تنهنجا ٻانها، بندا سائين،             منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

• امداد حسيني

چيڪلي راند

چِيڪلي پايون، پير گسايون،            اچو ته ٻارو راند رچايون.

 

موٽي مندر بهار جي آئي،

ڳلن ڦلن ۾ ٿي سَرهائي،

ڪيون ڀلاري ڌڻيءَ ڀلايون،

چِيڪلي پايون، پير گسايون.

پيار جي آهي ريت اسان جي،

جڳ ۾ ٿيندي جيت اسان جي،

گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون

چِيڪلي پايون، پير گسايون.

چنگُ وطن جي حب جو چوريُون،

جان وطن تان گهوريون گهوريون،

ديس سڄو گلزار بنايون،

چيڪلي پايون، پير گسايون.

 

 

 


 

گُڏي راند

 

اچوڙي  ڀينر راند رچايون،

ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.

اچو گڏيءَ کي زيور پايون،

ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪايون،

گلن ڦلن جي سيج وڇايون،

ڏاج ڏيون ۽ گهور گهمايون،

گڏجي گيت خوشيءَ جا ڳايون،

ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.

 

گڏڙي بنجي گهَرَ جي راڻي،

پڙهيل لکيل ۽ سگهڙ سياڻي،

رهي نه محنت کان ويڳاڻي،

کُٽي نه اُن جو اَن ۽ پاڻي،

ڏين مبارڪون مايون دايون،

ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.

 

• استاد بخاري

منهنجا مٺڙا مور اَدا

 

منهنجا مٺڙا مور ادا‏،

تو تان گهوري ڀيڻ ادا!

تنهنجا ٻاتا ٻاتا ٻول،          واهه وڻن ٿا ٽهڪ مخول.

 

جهاتيون پائي هٿ کڻي ٿو،   ريڙهيون ڏيندي واه وڻي ٿو.

 

ابي امان جو تو سان پيار،              ساري گهر لئه اکين ٺار.

 

تو کي هنج کڻي کيڏايان،             ڀاڪيون پايان، خوب نچايان.

 

توکي لوڏيان لولي ڏيئي،              سک صحت جي ننڊ اچيئي.

 

ننڍي لاءِ تون ٻار پيارو،                وڏڙيءَ لاءِ ڀرپور سهارو.

 

جوان ٿين شل جانب ڀاءُ،

لڳي نه تو کي ڪوسو واءُ!

• محمد صديق ”مسافر“

رنگ

ڇوڪر تو کي رنگ ڏيکاريان،

رنگ سڃاڻڻ تو کي سيکاريان.

ڏس هن رنگ جو نالو ڇاهي،

رنگ اهو تان ڳاڙهو آهي.

ڳاڙهي رنگ جي صورت اهڙي،

چهنب چتونءَ جي آهي جهڙي.

ٻيو جو هيءُ تون رنگ ڏسين ٿو،

زردو جهڙو هيڊ پسين ٿو.

تنهن جو نالو آهي پيلو،

ٽيون آهي آسماني يا نيلو.

نير ۽ اُڀ جو رنگ اهو ٿيو،

نالو تنهن تي تڏهن اهو پيو.

اصلي رنگ اهي ٿا ٽيئي،

جُڙن انهن مان ٻيا سڀئي.

ڳارهي ۾ جي پيلو پوندو،

رنگ نارنگي تنهن مان ٺهندو.

ڳاڙهي ۾ جي نيرو گڏبو،

رنگ واڱڻائي سوئي سڏبو.

نيري ۾ جي پيلو وجهبو،

سائو رنگ انهيءَ کي چئبو.

ڪيئن نه ملائي رنگ ڪڍياسين،

ٽن منجهان پوءِ ٻيا ٽي ڪياسين.

 

 

 

 

• رشيد احمد لاشاري

ڀنڀوري

 

کهنبي رتِري لال ڪنوار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار.

ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ،              پر نه هڻي ٿي ڪنهن کي ڏنگ،

تنهن لئه تو سان آهي پيار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار.

آءُ لُڏڻ ڪا راند رچاءِ،          رنگ برنگي رنگ پساءِ،

پِيلي، ڳاڙهِي، نِيلي نار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار.

ڏس ڦيري چؤڦير نگاهه،               ڪن ٿا ڪانءَ، ڪبوتر ڪاهه،

ڏيئي لامارا سرڻ، سنڀار!

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار.

ڀُون ڀُون جي سڻندي ڀڻڪار،          آئي آهي لال ڪنوار،

تپ ٽاري، آڻيندي ٺار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار.

 

 

 

پيسو لڌم پٽ تان

پيسو لڌم پٽ تان،

پيسي ورتم گاهه،

گاهه ڏنم ڳئونءَ کي،

ڳئونَ ڏنو کِيۡرُ،

کير ڏنم اما کي،

اما ڏنو لولو،

لولو ڏنم ڪانءَ کي،

ڪانءَ ڏنو کۡنڀُ،

کنڀ ڏنم راجا کي،

راجا ڏنو گهوڙو،

چڙهي گهمان چڙهي گهمان،

چندن ڦٽاڪو، جيئي منهنجو ڪاڪو،

ڪاڪو ويٺو ماڙيءَ تي،

ککر ڏنگيس ڏاڙهيءَ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com