سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

عطاءَ الله ”عاجز ڀٽو

 

گرمي آئي

ڏسو ٻارو! گرمي اچي ويئي،

ڌرتي ڏسو! ڪيئن تپي ويئي.

 

تتي ڌُپ ۾ حال برو آه،

هرڪو ڇانو ڳولي رهيو آه.

 

جون جو آ، ڇا خوب مهينو؟

مٿي کان پيرن تائين پسينو.

 

آئي وري قلفي جي موسم،

شربت ۽ لسيءَ جي موسم.

 

گرمي منجهه حشر آ برپا،

پکا به ڏين پيا گرم هوا.

 

هي مزدور جي آ مجبوري،

اُس ۾ ڪري پيو مزدوري.


 

عزيز ڪنگراڻي

نظم

امان مونکي ڏندڻ ڏي،

ڏندڻ ڏيندس، ڏندن کي،

ڏند ٿيندا اُجرا،

هرڪو ڏيندو مُزرا،

واهه ڙي ٻالڪ پيارا!

نظم

امڙ! مون کي پاڻي ڏي،

پاڻي کڻي، وهنجي،

آلا وار اُگهيندس،

آلا وار سُڪائي،

تن کي تيل مکيندس،

تيل مکي، آئيني تي،

ڦڻي بيهي، ڏيندس،

ڦڻي ڏيئي وارن کي،

لٽا اُجرا پائيندس،

اُجرا لٽا پهري،

ڊوڙي پڙهڻ ويندس،

اسڪولي سڀ چوندا،

نينگر پيارو آيو،

صفائي جو يارو،

سبق پرايو،

پاڻ سنواريو.

 

مترجم: اڪبر جسڪاڻي

وقت جي تاريخ

چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي. جنهن ۾ حضرت عيسيٰ کان 3500 ورهيه اڳ سج جي پاڇي تي وقت معلوم ڪرڻ جو طريقو ايجاد ٿيو.

مصر ۾ حضرت عيسيٰ کان 1500 ورهيه اڳ پاڻي تي هلندڙ اوزار ايجاد ٿيو. جنهن سان وقت معلوم ڪري سگهبو هو.

عيسائي مذهب جي هڪ فرينچ پادري، ”جربٽ. ڊي. ايريلاڪ ليٽر پوپ سالويٽر11“ پهريون مشين گهڙيال 999 عيسوي ۾ ايجاد ڪيو.

1120 عيسوي ۾ سيٽاڪس، فرانس، پهريون گهڙيال ايجاد ڪيو، جيڪو هر ڪلاڪ کان پوءِ آواز ڪندو هو.

پهريون ننڊ مان اٿاريندڙ اليڪٽرانڪ (ال آرام) گهڙيال 1890ع ۾ ايجاد ٿيو.

لوئيس ڪارٽر، فرانسيسي باشندي پهرين ٻانهن ۾ ٻڌندڙ واچ 1907ع ۾ ايجاد ڪئي.

پهرين آٽوميٽڪ واچ 1924ع ۾ ٺهي.

روليڪس ڪمپني پهرين واٽر پروف واچ (جنهن ۾ پاڻي اندر نه وڃي سگهي) 1926ع ۾ ٺاهي.

لنڊن ۾ هڪ پراڻو گهڙيال آهي، جيڪو 1386ع ۾ ٺاهيو ويو هو. شايد سڄي دنيا ۾ اهو پراڻي ۾ پراڻو گهڙيال آهي، جيڪو اڃا تائين پنهنجو ڪم ڪري ٿو ۽ صحيح وقت ٻڌائي ٿو.

 

وڏي ۾ وڏو گهڙيال:

فرانس جي گرجا گهر ۾ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو گهڙيال آهي. هن گهڙيال ۾ نوي هزار پرزا آهن.

 

مهانگي مان مهانگو گهڙيال:

مصر ۾ هڪ گهڙيال آهي، جيڪو 1927ع ۾ ٺاهيو ويو هو. اهو هڪ پرائيويٽ ڪمپني اپريل 1991ع ۾ نيلام رستي 882 950 پائونڊن ۾ ورتو هو.

 

ڊگهي مان ڊگهي واچ:

دنيا ۾ ڊگهي مان ڊگهي واچ 531 فوٽ ۽ 6 انچ آهي. اها ماڊرن بئنڪ جي بلڊنگ، ماڊرن اسپين ۾ 7 کان 12 ڊسمبر 1985ع ۾ لڳائي وئي هئي.

 

ننڍي ۾ ننڍي واچ:

سوئيزرلينڊ جي، جيگرلي ڪولٽر هڪ واچ ٺاهي هئي. جنهن جو وزن 7 گرام ۽ ويڪر 12 ملي ميٽر آهي.

 

مهانگي مان مهانگي واچ:

1989ع ۾، ٻه ڪروڙ ستر لکن ڊالرن ۾ هڪ واچ وڪرو ٿي. اها واچ خاص آرڊر تي، هوٽل ڊيس برگس، جينوا خريد ڪئي، اها دنيا جي مهانگي مان مهانگي واچ آهي.

چند تي واچ:

دنيا جو مشهور خلاباز ”نيل آرمس اسٽرانگ 1969ع ۾، جڏهن ڌرتي کان، چنڊ تي وڃڻ لاءِ، خلائي جهاز ۾ چڙهيو. هو ته اوميگا اسپبڊ ماسٽر پروفيشنل“ ڪمپنيءَ جي واچ پاتائين.

(ڊان ينگ ورلڊ جي ٿورن سان)

 

سنڌيڪار: زاهده چنا               انوار سهيلي جون ڪهاڻيون

ويچاري ڏيڏري

هڪ ڏيڏري ڪنهن نانگ جي، ٻر جي ويجهو رهندي هئي، ان ظالم ۽ خونخوار نانگ، ڏيڏري جي سڀني ٻچن کي هڪ، هڪ ڪري کائي ڇڏيو هو. جڏهن ڏيڏري ٻچا ڄڻيندي هئي، ته نانگ انهن کي کائي ڇڏيندو هو، ۽ ڏيڏريءَ جي هڪ کيکڙي سان دوستي هئي، ڏيڏري هڪ ڏينهن ان وٽ وئي ۽ کيس چوڻ لڳي:

”مون کي ڪا اهڙي اٽڪل ٻڌاءِ، جو مان هن سگهاري دشمن سان مقابلو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ جو جتي مان رهندي آهيان، اها ڏاڍي سرسبز ۽ سهڻي جاءِ آهي، تنهنڪري ان کي مان ڇڏي نه ٿي سگهان.“

کيکڙي چيس: ”ڳڻتي نه ڪر، طاقتور دشمن کي ڪنهن اٽڪل سان شڪست ڏيئي سگهجي ٿي.“

ڏيڏريءَ چيو، ”ان بي رحم دشمن جي لاءِ تون ڪهڙو بهانو ڳولهيو آهي؟“

کيکڙي چيو: ”هتان کان ڪجهه پري، اولهه طرف هڪ نور رهندو آهي. جيڪو تمام گهڻو ويڙهاڪ آهي، تون ڪجهه مڇيون پڪڙي ۽ انهن کي ماري، نور جي ٻِرَ کان وٺي نانگ جي ٻِرَ تائين پکيڙي ڇڏ، جيئن نور هڪ هڪ ڪري کائي ۽ وڌيڪ اچي، اهڙيءَ ريت نانگ جي ٻِرَ تائين پهچي، هو نانگ کي ماري ڇڏيندو ۽ پوءِ توکي ان جي ظلم کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.“

ڏيڏري، کيکڙي جي چوڻ تي عمل ڪري، پنهنجي دشمن کي مارائي ڇڏيو، ان واقعي جي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ، جڏهن نور ٻيهر نڪري پيو ۽ انهيءَ  عادت مطابق ٻيهر مڇين جي ڳولها ۾ انهي رستي تي آيو، پر مڇي ڪانه مليس، پر ڏيڏريءَ ۽ هن جا ٻار نظر آيس، تنهنڪري، اُن نور بُک سبب انهن سڀني کي کائي ڇڏيو.

 

 

نادانن جي دوستي جيءَ جو جنجال

ڪنهن شهر ۾ هڪ مالهي رهندو هو، جنهن پنهنجي سموري حياتي باغ پوکڻ ۾ گذاري هئي، سندس باغ به جنت جي ڪنهن باغ کان گهٽ ڪو نه هو، اتي قسمين قسمين گل ۽ ميوا موجود هئا، جنهن جي خوشبوءَ سان دماغ معطر ٿي ويندو هو، پوڙهو مالهي وڏي آرام سان، ان باغ ۾ اڪيلو زندگي گذاريندو هو، آخر هڪ ڏينهن، هو پنهنجي ان اڪيلائي کان گهٻرائجي ويو ۽ اُداس ٿي ويو، پريشاني سبب جهنگ طرف منهن ڪري هليو ويو ۽ هڪ عرصي تائين جهنگ ۾ ڀٽڪندو رهيو، اوچتو هڪ بدصورت ۽ ڊيڄاريندڙ رڇ، جيڪو هن وانگر اڪيلائي سببان بيزار ٿي چڪو هو ۽ اڪيلو رهندو هو، سو اُن پهاڙ کان هيٺ لٿو، ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا، هڪ ٻئي سان حالي حوالي ٿيا، جيئن ته ٻنهي جو مقصد ساڳيو هو، تنهنڪري پهرئين ملاقات ۾، هو پاڻ ۾ گهرا دوست ٿي ويا.

مالهي رڇ کي پاڻ سان وٺي پنهنجي باغ ۾ آيو، پوءِ ٻئي اُتي خوشي سان زندگي گذارڻ لڳا، جڏهن مالهي آرام ڪندو هو ته رڇ سندس مٿي کان ويهي مکيون هڪليندو هو.

هڪ ڏينهن مالهي گهر ننڊ ۾ سُتل هو، ۽ رڇ معمول موجب مکيون هڪلي رهيو هو، پر مکين ايترو ميڙ ڪري ڇڏيو هو، جو رڇ جيتريون به مکيون هڪليندو هو، ايتريون ئي ٻيهر اچي گڏ ٿي وينديون هيون، اهو ڏسي رڇ کي ڪاوڙ آئي ۽ هڪ وڏو پٿر کڻي مکين کي هنيائين، ويچاري مالهي جو مٿو ڦاٽي پيو ۽ اُتي جو اُتي مري ويو.

(فارسي مان ترجمو)


 

سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو

 

آلبرٽ آئنسٽائن ۽ سندس ڊرائيور

 

مشهور رياضي دان ۽ سائنسدان البرٽ آئنسٽائن وڏو سائنسدان هو.

آئنسٽائن 14 مارچ 1879ع ۾ ڏکڻ، اولهه جرمني جي شهر ”اولم“ ۾ پيدا ٿيو. زيورخ جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪيائين ۽ ”ميونخ“ ۽ شيفائن جي اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو.

هڪ ڏينهن البرٽ آئنسٽائن کي، ڪنهن يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ملي، جنهن لاءِ پاڻ ٺيڪ ٻئي ڏينهن پوري وقت مطابق تياري ڪري، جڏهن پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺو، ته سندس ڊرائيور چوڻ لڳس: ”سر، توهان جو، اهو ليڪچر ٻڌي ٻڌي، منهنجا ته ڪن پچي پيا آهن. توهان اهو ليڪچر ايترا ڀيرا ورجايو آهي. جو مون کي زباني ياد ٿي ويو آهي.“

آئنسٽائن پنهنجي ڊرائيور جي اهڙي ڳالهه ٻڌي، بجاءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي ٿڌي دل سان جواب ڏيندي چيائين. ”واهه! هي ته ڏاڍو سٺو ٿيو، جو تو مونکي ٻڌايو، اڄ هونئن به ليڪچر ڏيڻ لاءِ منهنجو موڊ صفا ڪونهي ۽ وري اتفاق سان پاڻ جنهن يونيورسٽي ۾ هلي رهيا آهيون، ته اُتي جا شاگرد ۽ استاد به مون کي چهري مان به نٿا سڃاڻين، جو انهن اڃا منهنجو چهرو به ناهي ڏٺو، جنهن لاءِ اڄ تون منهنجي پاران هلي ليڪچر ڏي.“

ڊرائيور، جو پنهنجي صاحب جو اهڙو هيرت انگيز حڪم ٻڌو، سو يڪدم گهٻرائجي ويو ۽ صاحب کي چوڻ لڳو. ”سائين! اڄ توهان مون سان چرچا ٿا ڪريو. ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو مان ته هڪ اڻپڙهيل سادو ڊرائيور ۽ توهان ايڏا وڏا مفڪر، مان ڀلا ڪيئن ٿو. توهان جي جاءِ ولاري سگهان!“

”مهربان سائين مون کان اهو ڪم اصل نه ٿي سگهندو، ڀلائي ڪري مونکي معاف ڪريو.“

ڊرائيور، جي ائين نٽائڻ تي وري آئنسٽائن سمجهائيندي چيس: ”نه بابا، ان ۾ گهٻرائڻ يا ڊڄڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، ۽ هي ڪم ته ڏاڍو سولو ۽ آسان آهي. تون صرف ائين ڪجان، جوليڪچر جون پهريون واريون ڳالهيون ورجائي ورجائي انهن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ ۽ مان پنهنجو پاڻ کي تنهنجو ڊرائيور سڏائي هال ۾ سڀني شاگردن ۽ استادن جي پٺيان ڪنهن به سيٽ تي ويهي رهندس.“

ڊرائيور، جو پنهنجي صاحب جي اهڙي سمجهاڻي ٻڌي، سو ويتر پريشان ٿي چوڻ لڳو، ”نه سائين! مون کي معاف ڪريو. اهو منهنجي لاءِ ناممڪن آهي.“

پر، آئنسٽائن جهڙي مفڪر، پنهنجي دماغي صلاحيت سان پنهنجي ڊرائيور کي اهڙو ته راضي ڪري وڌو؛ جو يڪدم اُن کي گاڏيءَ ۾ پنهنجي پوئين سيٽ تي آئنسٽائن ڪري ويهاريائين ۽ پاڻ وري اُن جي اڳين سيٽ (ڊرائيور سيٽ) تي اچي ويٺو ۽ گاڏيءَ کي هلائڻ لڳو.

”اُن وقت بلڪل ائين پي لڳو، ڄڻ واقع آئنسٽائن گاڏيءَ ۾ پويان ويٺو آهي ۽ سندس ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو آهي.“

جڏهن ٻئي ڄڻا يونيورسٽي پهتا، جتي اڳ ۾ ئي ڪافي استاد ۽ شاگرد آئنسٽائن جي آجيان لاءِ بيٺا هئا، ته اُنهن يڪدم پهرئين گاڏيءَ جو پويون در کولي، اُن ڊرائيور کي، جيڪو آئنسٽائن جو روپ ڌاري آيو هو، وڏي عزت ۽ ادب سان لاهي يونيورسٽي جي هال ۾ وٺي آيا ۽ پاڻ اصل آئنسٽائن، جيڪو اوڏي مهل ڊرائيور جو روپ ڌاري آيو هو. گاڏيءَ کي پارڪنگ ڪري اُنهن جي پويان اچي هال ۾ سڀني کان پوئين سيٽ تي خاموشيءَ سان اچي ويهي رهيو.

يونيورسٽي هال جي ڊائس تي سڀ کان پهرين يونيورسٽي جي چانسلر مرحبائي تقرير ڪئي، تنهن کان پوءِ وڏي مان ۽ مرتبي سان. اُن ڊرائيور کي جيڪو اوڏي مهل آئنسٽائن بنجي آيو هو،کين ليڪچر ڏيڻ لاءِ ڊائيس تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي.

اهو ڊرائيور (يعني نقلي آئنسٽائن) به يڪدم بردبار ٿي. ڊائيس تي آيو، ته سڄي هال ۾ تاڙيون وڄي ويون، تنهن کان پوءِ، اُن بلڪل آئنسٽائن وانگر، ايڪٽنگ ڪندي. اُن جي ليڪچر جون پهريون مکيه ڳالهيون جيڪي اُن کي ياد هيون وڏي هوشياري سان ٻڌائڻ شروع ڪيائين.

جڏهن، ليڪچر پورو ٿيو ته سڄي حال ۾ واهه واهه ٿي وئي، اهڙي واهه واهه، جو فائدو وٺندي؛ هو به تڪڙ ۾ ڊائيس تان هيٺ لٿو ۽ اُنهن کان موڪلائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”اڄ مان تمام گهڻو مصروف (Busy) آهيان، جو مون کي هڪ اهم مطالعو به ڪرڻو آهي.“ اهو چئي هو جلدي جلدي شاگردن جي رش مان نڪرڻ لڳو.

اوچتو، ان وقت يونيورسٽي جي هڪ استاد پويان رڙ ڪري چيو، ”سر! سر ٿورو ترسجو، پليز هڪ منٽ ترسجو.“ اهڙو حيرت، انگيز آواز ٻڌي، اهو ڊرائيور بيهي رهيو ۽ اُستاد کيس چوڻ لڳس.“ سر توهان رياضي جو ايڏو مشڪل فارمولو، ايترو جلدي ۾ بيان ڪيو، جو مون کي ته چڱيءَ طرح سمجهه ۾ به نه آيو. پليز هاڻ ٿورو تفصيل سان ٻڌايو ته جيئن مان به چڱي طرح سمجهي سگهان.“

اهڙي مشڪل وقت ۾ اُن ڊرائيور (يعني نقلي آئنسٽائن) پنهنجي حاضر دماغي کان ڪم وٺندي. اُن يونيورسٽي جي استاد کي جلديءَ ۾ چئي ڏنائين. ”سائين! ان ۾ مشڪل جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جو توهان نه سمجهي سگهيا. اهو فارمولو ته ايترو آسان ۽ سولو آهي؛ جو منهنجو ڊرائيور به سولائي سان حل ڪري توهان کي ٻڌائي ڇڏيندو.“

ائين چئي، اُن يڪدم اصلي آئنسٽائن ڏي، جيڪو سڀني کان پويان سيٽ تي ويٺو هو، ڏانهن اشارو ڪري چيائين. ”توهان ٿورو هيڏانهن اچو. هن صاحب کي رياضي جو فارمولو سمجهه ۾ نه آيو آهي. ان کي ٿورو تفصيل سان سمجهائي ڇڏيوس.“ اهو ٻڌي سڀ شاگرد ۽ استاد وائڙا ٿي ويا، ۽ آئنسٽائن ان استاد کي جلديءَ ۾ فارمولو ٻڌائي تڪڙ ۾ وڃي پنهنجي گاڏي جي ڀرسان بيٺو ۽ سندس ڊرائيور (يعني نقلي آئنسٽائن) به اچي گاڏيءَ ۾ پوئين سيٽ تي ويٺو ۽ آئنسٽائن پنهنجي ساڳي ڊرائيور سيٽ تي ويهي گاڏي اسٽارٽ ڪيائين، ٻئي ڄڻا باءِ باءِ ڪندا، هٿ لوڏيندا، سلام ڪندا، دل ئي دل ۾ ڏاڍا مسڪرائيندا، خوش ٿيندا، موٽي پنهنجي رهائش گاهه تي هليا آيا.


 

منظور منگي

ٻيلا

جي ڌرتيءَ تي ٻيلا هوندا،

موسَمَ پوالبيلا هوندا.

ٻيلن جو آ هجڻ ضروري،

۽ ٻوٽن جو ڦٽڻ ضروري.

ٻيلا ٻوُرَ جهلن ٿا واهَه.

ڪاٺيون، ماکيون، لاک ۽ گاهه

سيهڙ، ڦاڙها، هرڻ هزارين،

مال اچن ٿا، چرڻ هزارين.

ڪارا، بگڙا تتر، پيارا،

ٻيلن ۾ ٿا پلجن سارا.

جن جون ڇانگون کائن ڇيلا،

صاف هوا ٿا ڪن سي ٻيلا،

ٻيلا ڏين ٿا تحفا کوڙ.

جن مان ٿئي ٿي بچت ڪروڙ.

ٻارو! نه ٻيلا وڍجن مورُ،

پوکڻ گهرجن ٻيا به ضرورُ.

ٿيندو پوءِ ماحُول نه گدلو،

ڇا جي بدبُو ڇا جو نزلو.


 

ملهار سنڌي

 

ترائيل

گلڙا واسُ ورهائن ٿا،

گلڙن کي پٽبو ناهي،

گلڙا سونهن وڌائن ٿا،

گلڙا واسُ ورهائن ٿا.

 

گلڙن کي سڀ ڪو چاهي،

ملڪ سڄو مهڪائن ٿا،

گلڙا واسُ ورهائن ٿا،

گلڙن کي پٽبو ناهي.

 

آءُ ٽپالي آهيان ٻارو!

تتيءَ ٿڌيءَ ۾ خط پڄايان،

ڪم کان مان نه لنوايان ٻارو!

آءُ ٽپالي آهيان ٻارو!

 

ساري جڳ ۾ پيار ورهايان،

محنت سان ٿو گهاريان ٻارو!

آءُ ٽپالي آهيان ٻارو!

تتيءَ ٿڌيءَ ۾ خط پڄايان.

 

رابيل جوکيو رڪ شريف

 

مرزا قليچ بيگ جي زندگي

ولادت:                                                         1853ع

والد جي وفات:                                         1871ع

ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ:                        1872ع

هاءِ اسڪول ۾ فارسي جو استاد ٿيڻ (حيدرآباد):     1872ع

بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ:           1873ع

والده جي وفات:                                        1876ع

مئجسٽريل امتحان پاس ڪرڻ:                        1879ع

تعلقي جوهي جو مختياڪار:                          1884ع

شادي:                                                         1888ع

ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪرڻ:                       1819ع

ائڪٽنگ ڊپٽي شڪارپور ۽ سٽي مئجسٽريٽ:      1891ع

لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر:                         1893ع

ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪليڪٽر:                          1898ع

پهرين زال جي وفات:                                  1904ع

قيصر هند جو ٻلو ملڻ:                                        1906ع

ٻي شادي:                                             1907ع

ٻي زال جي وفات:                                     1908ع

ٽي شادي:                                             1909ع

وڏي پٽ نادر بيگ جو بئريسٽر ٿيڻ:                         1912ع

شمس العلماءِ جو خطاب:                              1924ع

وفات:                                                  1929ع

 

حاجي محمد کوسو

دنيا جو عظيم موسيقار

موزارٽ آسٽريليا جي شهر مالزيرگ ۾ 1756ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ليوپولڊ هيو، جيڪو پڻ موسيقي جون ڌُنون ترتيب ڏيندو هو. موزارٽ هڪ عظيم موسيقار هيو. قدرت هن کي ننڍي هوندي کان ئي اهڙين صلاحيتن سان نوازيو هو، جو موزارٽ ٽن سالن جي عمر ۾ موسيقيءَ جو هڪ اوزار. ”ڪليوئر“ وڄائڻ شروع ڪيو ۽ پنجن سالن جي عمر ۾ هن پهريون ڀيرو ”وائلن“ وڄائڻ لاءِ هٿ ۾ کنيو ۽ پنهنجي پيءُ جي سامهون ڇهن گيتن جون ڌنون وڄائي ويو.

اڄ، جڏهن موسيقي جون ڌُنون ٺاهڻ جا ماهر فن تي تحقيق ڪندا آهن، ته اهي موزارٽ جي ننڍي هوندي وارين ٺاهيل ڌُنن کي به شامل ڪندا آهن، جيئن ته هن جو تعلق تمام غريب ترين گهراڻي سان هو تنهنڪري هن جو پيءُ، هن کي ۽ سندس ڀيڻ کي، جيڪا موسيقي بابت ڄاڻندي هئي، روزگار ڪمائڻ جي سلسلي ۾ ڪيترو عرصو آسٽريليا، جرمني، فرانس، برطانيه، اٽلي، ۽ ٻين ملڪن ۾ رُلندا رهيا ۽ روزگار ڪمائيندا رهيا، 1763ع ۾ جرمني ۾ موزارٽ جي محفل بابت اشتهار ڇپيو، جنهن ڪري سندس موسيقي جون ڌُنون ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو محفل ۾ شريڪ ٿيا ۽ هن ايتري ننڍي عمر ۾ موسيقي جي اوزار وائلن ذريعي اهڙا ته شاندار گيت ٻڌايا جو ويٺل ماڻهو حيران ٿي ويا. موزارٽ جي زندگي لطيف سائين جي هن شعر جو عڪس هئي ته:

سر جيس تان سور سامائي تان سک ويا، اهي ٻئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا.

اهڙي عظيم موسيقار کي موٽ ۾ صرف ايترا پئسا ملندا هئا. جو هو مس پيٽ جي باهه وسائيندو هو. موزارٽ نون سالن جي عمر ۾ موسيقي جو سڀ کان ڏکيو اوزار وڄائي، سڀ ڪنهن کي ڏندين آڱريون آڻائي ڇڏيون، موزارٽ 15 سالن جي عمر ۾ وڏو موسيقار ۽ ايڪيهن سالن جي عمر ۾ ڌنون وڄائڻ جو ماهر ٿي ويو، پر سڄي زندگي موزارٽ سان انصاف نه ٿيو، ۽ غربت جو ارمان سانڍي دنيا کي خيرباد چئي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com