سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

ليکڪ: وفا ضياءُ احمد جوڻيجو

دوستي

دوستي هڪ پاڪ جذبي جو نالو آهي، دوستي هڪ واحد رشتو آهي. جنهن ۾ ڪا به لالچ ناهي هوندي، دوستي جي لفظ کي سمجھڻ، ۽ ان جي گھرائي ۾ وڃڻ سان ئي خبر پوندي آهي، ته هي هڪ اهڙو پاڪ رشتو آهي، جيڪو زندگي جي خوشين کي وڌائي ٿو، دوست جي دوستي جو ڪمال، انهي جو بهترين اخلاق ۽ سهڻي سيرت آهي، سچي، سٺي، مثالي دوستي، انهي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻنهي دوستن جو هڪٻئي لاءِ پيار، عزت، محبت، خلوص هجي، لالچ، مفاد پرستي کي دوستي ناهي چئبو، هڪ سٺي دوست جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل ڳالهه آهي، ڇو جو هر هڪ انسان هڪ بند ڪتاب جي مثل هوندو آهي، جنهن جو ٻاهر ٽائيٽل ڪجھ ۽ اندر ٻيو ڪجھ هوندو آهي، جيڪو ماڻهو دوست جي سڃاڻپ رکي ٿو اهو خوش قسمت آهي، دوست لفظ جي معنيٰ هي آهي ”د“ سان دلدار ۽ ”و“ سان وفادار ۽ ”س“ سان سچار ۽ ”ت“ سان تابيدار- هڪ بهتر ۽ سٺو دوست خدا تعاليٰ طرفان تحفو آهي، سٺي دوست جي سڃاڻپ هي آهي، هو پنهنجي دوست جي محفل ۾ ان جي تعريف ڪندو آهي ۽ اڪيلائپ ۾ نصيحت ڪندو آهي.


 

سنڌيڪار: سيد مهراڻ سنڌي

ڀيڻ جو پيار

” ڇا ڳالهه آهي بلال ڀاءُ، توهين ڪجھ اداس نظر اچي رهيا آهيو؟“ بلال جي ننڍي ڀيڻ اسماءُ، پنهنجي ڀاءُ کي اداس ڏسي چيو. ان تي بلال پنهنجي ڀيڻ کي پنهنجي غمگين هجڻ جو احوال ٻڌائيندي چيو ته ”پنهنجي لاءِ هڪ نئين بيٽ خريد ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇو ته منهنجي پراڻي بيٽ ڀڄي پئي آهي. مان اما، کان پئسا گھريا هئا. پر اما، پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“

بلال جي ڳالهه ٻڌي، اسماءُ بلال کان پڇيو ته: ”ادا، توهان کي ڪيترن پئسن جي ضرورت آهي.“

بلال چيو ته، ”مون وٽ چاليهه روپيه آهن. نئين بيٽ خريد ڪرڻ لاءِ ٽيهه روپيه گھرجن.“ اهو ٻڌي اسماءُ ڊوڙندي اندر وئي ۽ پوءِ واپس اچي ٽيهه روپيه پنهنجي ڀاءُ جي هٿ تي رکي ڇڏيائين. پئسا ڏسي، بلال جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، بلال پنهنجي ڀيڻ کان پئسا ورتا ۽ ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ بيٽ خريد ڪرڻ لاءِ گھر مان نڪتو. واپسي تي بلال جي هٿ ۾ هڪ نئين بيٽ هئي، هو تمام گھڻو خوش نظر اچي رهيو هو. اسماءُ به پنهنجي ڀاءُ کي خوش ڏسي گھڻو خوش ٿي.

اڄ، اسماءُ جي ماءُ صبح کان پريشان هئي، ڇو ته ان جو سؤ روپين جو نوٽ ڪاٿي گم ٿي ويو هو. هؤ سخت قسم جي عورت هئي ۽ فضول خرچي کان، هن کي سخت نفرت هئي. هؤ صبح کان پئسا ڳولي رهي هئي. ته اوچتو هن جي نظر بلال جي نئين بيٽ تي پئي، جيڪا هن جي هٿ ۾ هئي، بيٽ ڏسي، هو ڇرڪي پئي، هن کي اهو خيال آيو ته: ” شايد بلال منهنجا پئسا چوري ڪيا آهن. ۽ انهن پئسن مان، هن هي بيٽ خريد ڪئي آهي.“ اسماءُ جي ماءُ، بلال کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا: ”ته تو چوري ڇو ڪئي.“ بلال چيو ته: ”مان چوري نه ڪئي آهي.“ اسماءُ جي ماءُ بلال کي مارڻ شروع ڪيو. اسماءُ جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ڊوڙي اچي پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته، ”بلال کي پئسا مان ڏنا هئا.“ هن کي چوري ۽ ڪوڙ کان سخت نفرت هئي. هن ٻنهي کي خوب مار ڏني ۽ انهن ٻنهي ڀيڻ، ڀاءُ جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اسٽور ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي ڀيڻ، ڀاءُ اسٽور روم ۾ ويٺا روئي رهيا هئا. اسماءُ بلال کي بچائيندي وڌيڪ مار کاڌي هئي.

انهن جي ماءُ، ٻنهي کي رات جي ماني تي به نه گھرايو. رات جو جڏهن اسماءُ جي ماءُ ۽ پيءُ ماني کائي رهيا هئا، ته ان جي ماءُ جي هٿ مان چمچو ڪري پيو. چمچو کڻڻ جي لاءِ جھڪي ته اهو ڏسي حيران ٿي ويئي، ته ميز جي هيٺيان سؤ روپئي جو نوٽ پيو هو. ان تي هن کي ياد آيو ته: هن اهو نوٽ کير واري کي ڏيڻ جي لاءِ ڪڍيو هو. ۽ جڏهن اهو نوٽ ميز تي رکي ڪنهن ڪم سان وئي هئي، ته اهو نوٽ اڏري ميز جي هيٺيان ڪري پيو هو. هاڻي هن کي گھڻو افسوس ٿيو ته، مان هنن ٻارن تي هرو ڀرو شڪ ڪيو ۽ انهن کي ماريو. اهو سوچي اسٽور روم جي طرف ڊوڙي، جڏهن هن اسٽور روم جو دروازو کوليو، ته اسماءُ ڊوڙندي ماءُ جي طرف آئي. ۽ چيو ته، ”اما، ادا کي نه مار، مون کي مار ڏي. اما، ادا کي نه مار.“ ائين چئي اسماءُ روئڻ لڳي. ماءُ اسماءُ کي سيني سان لڳايو ۽ چيو، ”منهنجا پئسا مون کي ملي ويا آهن.“ هن اسماءُ کي چيو، بلال کي بيٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آيا. اسماءُ چيو ته: ”اما“ ادا وٽ چاليهه روپيه هئا. باقي مان ان کي ٽيهه روپيه ڏنا هئا. جيڪي توهان گڏي خريد ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا.“ اها ڳالهه ٻڌي اسماءُ جي ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ اسماءُ جي پيشاني چمي ۽ اڳتي وڌي بلال جو هٿ پڪڙي ٻاهر وٺي آئي. ٻنهي کي هٿ منهن ڌورائي پنهنجي هٿن سان ماني کارائين.


 

شاهد احمد کتري

دوست جي نصيحت

هڪ ڳوٺ ۾ نذير احمد نالي هڪ شخص رهندو هو، جيڪو ڳوٺ ۾ امير يعني مڇي مانيءَ وارو هو، هن کي هڪ پٽ به هو، جنهن جو نالو نصير هو. ان جو پٽ نصير اسڪول ۾ پڙهندو هو. نذير احمد جو لهجو گهر ۾ ٺيڪ نه هو. ٻاهر ته ايترو مٺو ڳالهائيندو هو، جو ماڻهو سمجهندا هئا ته نذير جهڙو ماڻهو يعني مٺي لهجي وارو هتي پيدا ٿيندو ئي ڪونه، ۽ گهر ۾ وري ڪاوڙ صرف زال ۽ پٽ تي. ان جو سبب اهو هو ته جنهن کي نذير پسند ڪندو هو، ان سان نذير جي شادي ڪونه ٿي. نذير جي پيءُ نذير جي شادي سندس ننڍي هوندي جا منڱيل ڇوڪريءَ سان ڪرائي، جيڪا هن کي پسند ڪونه هئي. گهر ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو ته نذير جو پيءُ ان وقت ڇوڪريءَ جو پاسو کڻي نذير کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. نذير جي پيءُ جي وفات کان پوءِ هن جي ظلم ۽ ستم وڌندا رهيا. آخرڪار نذير جي زال بيمار ٿي پئي ۽ حالت به ڏينهون ڏينهن خراب پئي ٿي ته نصير چوندو هو ته: ”اما جيڪڏهن تون به الله ڏانهن وئين هلي ته پوءِ مون کي ڪنهن جي حوالي ڪري ويندينءَ. مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلجان.“ ماءُ چيس: ”پٽ! منهنجا ٻچڙا، ائين نه چئو، الله توکي وڏي حياتي ڏي، مرن تنهنجا دشمن.“ نذير کي ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويندا هئا جو گهر ڏانهن منهن ئي ڪونه ڪندو هو. الائي ڪٿي پيو هلندو هو. نصير جي ماءُ جو صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري نصير جي ماءُ نصير کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي پنهنجي حقيقي الله سان وڃي ملي.

جڏهن ماڻهو هن وٽ ٿيڻ آيا. تڏهن نذير ماڻهن سان ائين ڳالهايو جو انهن سمجهيو ته هي پنهنجي گهر واري سان بيحد محبت ڪندو هو. اتي پنهنجي پٽ کي جهولي ۾ ويهاريو ويٺو هو. پنهنجي پٽ سان به محبت جو اظهار ڪري رهيو هو، ڪجهه عرصي کان پوءِ هن چيو ته ”آئون ٻي شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته منهنجي پٽ کي ماءُ جي ضرورت آهي.“ ڳوٺ وارا هن جي شادي تي راضي ٿيا، نذير جي شادي ٿي ويئي.. نصير کي ماٽيجي ماءُ ملي ۽ نذير ان سان ئي شادي ڪئي. جنهن کي هي پسند ڪندو هو. نصير تي پهرين پيءُ جو ظلم ۽ پوءِ ان جي زال جا ظلم. نصير روزاني پنهنجي ماءُ جي قبر تي وڃي ڳوڙها ڳاڙيندو هو ته ”اما نيٺ مون کي اڪيلو ڇڏي وئين نه، هاڻي ته ماٽيجي ماءُ به اچي ويئي آهي. اها به مون کي ماريندي آهي. اما تون ٻڌين پئي نه، تون الله تعاليٰ کي چئو ته منهنجو پٽ آهي، جيڪو ظلم جو ماريل آهي. ان کي به پاڻ وٽ گهرائي وٺ هڪ ڏينهن هي پنهنجي ماءُ جي قبر تان واپس اچي رهيو هو، هن کي پيءُ ڏسي ورتو.. چيائين: ”نصير ڪيڏانهن ويو هئين. ٻڌاءِ نه ته آئون هتي زنده دفن ڪري ڇڏيندوسائين.“ هن چيو ته: ”بابا مان کيڏڻ ويو هوس، دوستن سان.“ ”ڳالهه ٻڌ، مون سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ ٻه ٽي چماٽون هڻي ڪڍيائين ۽ چيائين ته: ”اڃان به آئون توکي ڏسان ٿو.“ هي روئي ڪوٺي ۾ هليو ويو ۽ پنهنجي ماءُ جي تصوير کڻي چوڻ لڳو ته ”امان تو ڏٺو ۽ تنهنجي رب به ڏٺو ته مون تي ڪهڙو ظلم پيو ٿئي. هاڻي آئون زنده ڪونه رهندس. آئون توڏانهن اچي رهيو آهيان.“

نصير جو هڪ دوست هوندو هو، جنهن کي هو سڀ ڳالهه کان آگاهي ڪندو هو. هن کي چوندو هو ته: ”يار هي ڳالهيون ڪنهن کي به نه ٻڌائجانءِ.“ ڇاڪاڻ ته اها خبر پئي ته منهنجو پيءُ مون کي ماريندو. منهنجي مرڻ کان پوءِ ڀلي ٻڌائجاءِ.“سندس دوست سمجهايس ته ”ادا، مايوس نه ٿي. ڏکن سان مقابلو ڪر ۽ پڙهه.“ ائين هي شوق سان پڙهندو هو ۽ پيءُ جي مار به کائيندو رهيو.

چوندا آهن ته هڪ سج ٻه پاڇا. سو نصير ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ آفيسر ٿيو. ان وقت سندس پيءُ پوڙهو ٿي چڪو هو. خدا جي قدرت جو، اهو پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ نصير وٽ رهڻ لڳا، پر نصير انهن جي خدمت ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن پڻس کي پراڻيون ڳالهيون ياد اينديون هيون ته نصير کان معافي گهرندو هو. پر نصير پيرن تي هٿ رکي چوندو هو: ”بابا گناهگار نه ڪريو. مان اوهان جو پٽ آهيان.

 

پرنس تيرٿ داس

دنيا جا عظيم ليکڪ

لوئيس آءِ نيومن:- هي، آمريڪا جو مشهور انگريزي شاعر هو. 1893ع ۾ پرووائيڊنس روڊاز لينڊ ۾ پيدا ٿيو، هن برائون يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي. پوءِ ڪولمبيا ۾ ڊاڪٽر ۽ ليڪچرار پڻ رهيو، هن ڪيترائي مذهبي ڪتاب پڻ لکيا، هن پنهنجي شاعري ۾ الله تعاليٰ سان سچو عشق ظاهر ڪيو. 1972ع ۾ هي عظيم ليکڪ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

مس جوليا ڪارني:- هي پڻ آمريڪا جي مشهور شاعره هئي، هي آمريڪي رياست بوسٽن ۾ 1823ع ۾ پيدا ٿي، هن جي پهرئين نظم 1845ع ۾ شايع ٿي. هن ٻارڙن لاءِ به ڪافي لکيو، هن جي زندگي بابت وڌيڪ ڪجهه نه ملي سگهيو، جوليا ڪارني مزاحيه شاعري پڻ ڪئي، آمريڪا جي عظيم شاعره 1908ع فوت ٿي.

رابرٽ لوئي اسٽيون سن:- هي اسڪاٽ لينڊ جو مشهور شاعر هو، ۽ ملڪ جي مشهور شهر ايڊمبرگ ۾ 1850ع ۾ پيدا ٿيو، هن اسڪاٽش زبان ۾ ڪيترائي مضمون، ناول، نظم ۽ ڪهاڻيون لکيون، رابرٽ پنهنجي ابتدائي تعليم سخت بيماري دوران به حاصل ڪئي. هن پهرئين انجنيئر، ۽ پوءِ وڪيل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، پوءِ ادب ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هن جا لکيل ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن، جن ۾ ٻيٽ جو خزانو، ڊاڪٽر جيڪال، ۽ مسٽر هائيڊ وڌيڪ مشهور آهن. رابرٽ جو ٻارڙن سان سچي محبت ۽ پيار هو. ۽ پنهنجي شاعري ۾ ٻارڙن کي گھڻو ڪجھ سمجھايو ۽ اهڙي ريت عظيم شاعر 1894ع ۾ وفات ڪري ويو.

ايلن.ايم.ايڇ.گيٽس:- هي انگريزي جي مشهور شاعره هئي، 1835ع ۾ آمريڪي شهر ٽورنگٽن ۾ پيدا ٿي. هن گھڻو ڪري مذهبي گيت لکيا.Home of soul“ ۽ ”Forever“ وڌيڪ مشهور ٿيا، هن جي بيتن جو مجموعو پهريون 1897ع ۾ شايع ٿيو. ان ريت 1910ع تائين، ايلن. ايم. ايڇ جي شاعري شايع ٿيندي رهي 1920ع ۾ هي شاعره لاڏاڻو ڪري ويئي!


 

 

کل ته سهي

مريض: (داڪٽر کي)، ڊاڪٽر صاحب مون کي پيٽ ۾ سور آهي

ڊاڪٽر پڇيو: ”ڇا کاڌو اٿئي؟“

مريض جواب ڏنو: ”سڙيل ماني“

ڊاڪٽر: مريض جي اکين ۾ دوا وجهڻ لڳو.

مريض پڇيو: ”ڊاڪٽر صاحب سور ته پيٽ ۾ آهي ۽ دوا، اکين ۾ ٿا وجهو؟“

ڊاڪٽر چيو: اکين ۾ دوا انهيءَ ڪري پيو وجهان، جيئن توهين ڏسي سگهو ۽ ماني کائو ته سڙيل آهي يا نه؟

منور علي پتافي، شيخ ڀرڪيو.

هڪ همراهه جي گهر واري، مائٽن ۾ ويل هئي، موٽي آئي ته مڙس چيس: ”بيگم صاحبه، رات جو چور آيا، مان سجاڳ ٿي پيس، ڏاڍي مار به ڏنائون ۽ آخر ۾ ڪڪڙ ڪري بيهاري هليا ويا.“

زال چيس: ”تو دانهون ڇو نه ڪيون؟“

مڙس جواب ڏنو: ”مان ڊڄڻو ٿوريئي آهيان جو دانهون ڪريان ها.“

ناز علي حسن چاوڙو، چوهڙ جمالي.

هڪ موالي ريل جي پٽڙي تي ستو پيو هو. اتان ڪو واٽهڙو لنگهيو، تنهن چيس: ”ميان، ريل گاڏي اچڻ واري آهي. مرڻو اٿئي ڇا؟“

موالي جواب ڏنو: ”هينئر منهنجي مٿان هوائي جهاز لنگهي ويو آهي، ڪجهه ڪونه ٿيو، باقي ريل ڇا ڪندي.“

پرنس ابراهيم جتوئي، چوهڙ جمالي.

استادل: (شاگرد کي)، عينڪ جي وصف ٻڌاءِ.

”سائين اها ماڻهوءَ جي نڪ تي ويهي، ڪن پڪڙيندي آهي.“

عمران عباسي، رتو ديرو.

گراهڪ: (دڪاندار کي)، هي ڪڪڙ نه کپي، هن جي ٽنگ ڀڳل آهي،

دڪاندار: ”اڙي ڀائو ڪڪڙ کي ڪُهي ٻوڙ ڪندا، يا ان کي ڊانس ڪرائيندا.“

ڪلثوم عباسي، رتو ديرو.

ڊاڪٽر: (پوڙهي مريض کي)، مان توهان کي اهڙي دوا ٿو ڏيان، جو اوهين جوان ٿي ويندا.

مريض: اهڙو ظلم نه ڪريو، منهنجي پينشن بند ٿي ويندي.

ياسين قربان کوهارو، ڪيڊٽ ڪاليج، لاڙڪاڻو.

هڪ همراهه ڳوٺان شهر ۾ هڪ دوست وٽ آيو، حال احوال ڏيندي چيائين، ”ابا ڪم سان شهر آيو هوس، سو، بس جي لوڏن ۾ ڪم ته وسري ويو. مون سوچيو: جيسين ڪم ياد اچي توهان وٽ رهي پوان. ۽ ڪم ياد ڪريان، جي ياد نه آيو ته پوءِ گهر واري کي خط لکي گهرائي وٺندس ته اها اچي اهو ڪم ياد ڏياريو پوءِ اهو ڪم ڪري ڳوٺ هليا وينداسين.“

زاهد حسين سريوال، ٽنڊوالهيار.

هڪ همراهه: هڪ بئنڪ ۾ مئنيجر وٽ آيو، ۽ چيائين ”مان امجد جو ڏاڏو آهيان، ان سان ملندس.“

بئنڪ مئنيجر چيس: ”افسوس ٻه ڪلاڪ اڳ اچو ها. امجد صاحب موڪل جي درخواست ڏيئي ويو آهي ته سندس ڏاڏو گذاري ويو آهي.“

محمد اسلم دل، گهوڙا ٻاري.

ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪنهن فون ڪري چيو ته، ڦلاڻي گهٽي ۾، گڏهه مئو پيو آهي، سو گاڏي موڪلي کڻائي وڃو.

آفيسر ڪو هو مزاحيه ماڻهو، تنهن چيو: ”ڪفن جو بندوبست توهان کي ڪرڻو پوندو.“

همراهه چيس: ”ان جو خير آهي، پر پهرين عزيزن کي اطلاع ڏيڻ ضروري هو. جو توهان کي ڏنم.“

سلطان احمد چانڊيو، مٺياڻوي.


 

 

 

گل ڦل قلمي دوستي

نالو: عبدالرحمان تنيو

ڪلاس: اٺون ”اي“

وندر: ڊرائنگ ڪرڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: علي اصغر تنيو ڀرت وارو، شاهي بازار لعلو رائنڪ، تعلقو وارهه.

نالو: اميد علي

ڪلاس: ڏهون بي

وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هائير سيڪنڊري اسڪول کهڙا تعلقو گمبٽ

نالو: علي رضا چنا

ڪلاس: اٺو سي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، خيرپور ناٿن شاهه

نالو: الهڏنو ٿهيم

ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول محمد هاشم پنهور

نالو: خالد حسين گڏاڻي

ڪلاس: اٺون بي

وندر: نماز پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: ڳوٺ سيد عطا محمد شاهه، پلاٽ نمبر 12

نالو: ذوالفقار علي ميمڻ

ڪلاس: ڏهون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، ضلع ٺٽو

نالو: محمد امين کٽي

ڪلاس: نائون اي

وندر: ديني ڪتاب پڙهڻ

عمر: 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، ضلع ٺٽو

نالو: محمد نواز چانڊيو

ڪلاس: نائون اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، خيرپور ناٿن شاهه

نالو: ايم ڀڄن داس

ڪلاس: نائون بي

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول عمر ڊهو، ضلعو گهوٽڪي

نالو: سيد ساجد علي شاهه

ڪلاس: پنجون بي

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول ڀريا وليج ڄامشورو ڦاٽڪ

نالو: امان الله سومرو

ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول لاکو لنجاري

نالو: اياز احمد ڀٽو

ڪلاس: ستون بي

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول مبارڪ پور، وايا ٺل

نالو: پير جنيد علي شاهه

ڪلاس: اٺون

وندر: مطالعو ڪرڻ،

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول بڪيرا شريف، وايا ٽنڊوالهيار

نالو: علي حسن چاوڙو

ڪلاس: نائون اي

وندر: ڪهاڻيون لکڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي، ضلع ٺٽو

نالو: اقبال حسين چنو

ڪلاس: پنجون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول، فريد آباد

نالو: راحب حسين چنا

ڪلاس: پنجون

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، فريد آباد

نالو: عبدالحليم چنا

ڪلاس: پنجون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول فريد آباد

نالو: اشوڪ ڪمار

ڪلاس: نائون بي

وندر: شاعري ڪرڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: راجا شفا خانه قلعو روڊ عمرڪوٽ

نالو: رجب علي راجا

ڪلاس: نائون سي

وندر: ادبي رسالا پڙهڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

نالو: تراب خان بروهي

ڪلاس: ٽيون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريد آباد، تعلقو ميهڙ

نالو: درشن لعل پي جميلاڻي

ڪلاس: نائون اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: ڀٽائي بڪ اسٽور،مين روڊ ميرپورماٿيلو.

نالو: محمد قاسم ميمڻ

ڪلاس: ڇهون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جوهڙجمالي، ضلع ٺٽو

نالو: سخاوت علي ميمڻ

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: شاهپور رضوي

نالو: شوڪت علي سولنگي

ڪلاس: ڏهون بي

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، کنڀڙا ضلعو گهوٽڪي

نالو: شفيق حسين چنه

ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، فريد آباد، وايا ميهڙ

نالو: هيمنداس ونجهارو

ڪلاس: پنجون اي

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول دڙو، عمرڪوٽ

نالو: محمد صديق ڇڄڻ

ڪلاس: ستون سي

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

نالو: محمد اسلم تنيو

ڪلاس: ڇهون بي

وندر: علم سان چاهه

عمر: 11 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، لعلو رائنڪ

نالو: غلام مجتبيٰ جوڻيجو

ڪلاس: ٽيون

وندر: ٻارن سان مذاق ڪرڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس: پوسٽ حاجي ذڪريو جوڻيجو، وايا باڊهه

نالو: نعيم رضا هاليپوٽو

ڪلاس: ٻيو

وندر: راند روند ڪرڻ

عمر: 7 سال

ائڊريس: معرفت عظيم هاليپوٽو، پوسٽ هٽڙي، حيدرآباد

نالو: علي مراد ڇڄڻ

ڪلاس: نائون سي

وندر: نماز پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو

نالو: علي اڪبر چاوڙو

ڪلاس: ڇهون اي

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي، ضلع ٺٽو.

 

 

خط

چاچاٰ

گهڻي عرصي کان پوءِ، وري مان اوهان جو رسالو ”گُل ڦُل“ پڙهڻ شروع ڪيو آهي. سچ ته هن ”گُل ڦُل“ ۾ گلُن ۽ ڦُلن جي خوشبوءِ اڳي کان وڌيڪ آهي. مان اوهان کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو، ته گهڻن مالياتي مشڪلاتن جي باوجود، اوهان ايڏو معياري ۽ بهترين رسالو ڪڍندا آهيو.

فقط اوهان جو ڀائيٽيو ممتاز حسين ”ساگر“ گبول.

 

ادا:

گذارش ته مارچ 1997ع جو گل ڦل هٿن ۾ آهي. مضمون ۽ ڪهاڻيون سٺيون لڳيون خاص طور تي چور تمام سٺي لڳي. مون پهرين به ڪجهه مواد موڪليو. پر توهان شايع نه ڪيو، مهرباني ڪري هن ڀيري هي خط شايع ڪندا. سلسلو شاعريءَ کي ڪجهه وڌيڪ شايع ڪندا.

اوهان جو پڙهندڙ: علاوالدين ڪلمتي، ڳوٺ احمد خان بلوچ، ساڪرو.

 

پيارا چاچا:

گذارش آهي ته، آئون تمام گهڻا خط موڪلي چڪو آهيان. پر، افسوس ته توهان هڪ به شايع نه ڪيو آهي، مهرباني ڪري هيءُ خط شايع ڪندا. مارچ جي رسالي ۾، مان چور نه آهيان، ڪهاڻي چور، خدا جي راهه ۾ ڪهاڻيون تمام گهڻيون پسند آيون، اميد ته رسالي کي اڃا به وڌائيندا ۽ خط نه صرف شايع ڪندا، پر انهن جا جواب ڏيندا ته مهرباني.

فقط: پرنس محمد ابراهيم جتوئي، چوهڙ جمالي، ٺٽو.

 

ادل،

آئون ٻن سالن کان اوهان جو گل ڦل پڙهندو پيو اچان ۽ هن خط کان اڳ به مان 2 خط اوهان ڏانهن موڪلي چڪو آهيان.

اوهان اهي ٻئي خط نه شامل ڪيا آهن، رسالي ۾ آخر اوهان ايئن ڇو پيا ڪريو. ڇا اسانجو رسالي تي ڪوبه حق ناهي ڇا؟ ۽ مان اوهان ڏانهن هڪ تصوير به موڪلي آهي. اها به شايع نه ڪئي اٿو. اميد ته هي خط ضرور شايع ڪندا ته مهرباني.

فقط اوهان جو ڀاءُ: ذاڪر حسين، ڌامراهه، لاڙڪاڻو.

 

ادا، جيئن ته مارچ مهيني جو گل ڦل بهارن ۽ خوشين سان مهڪندو اچي پهتو. رسالي جو ٽائيٽل سٺو ته هيو، پر جيڪڏهن اوهان ٽائيٽل ۾ صرف هڪ ٻارڙي جي تصوير ڏيو ته تمام سهڻو لڳندو.

هن مهيني ۾ نئين سلسليوار ڪهاڻي زبرسڪي ۽ ٽامڙو، ويران مستقبل، ڪهاڻي چور، مان چور نه آهيان ۽ گُلر جي آتم ڪهاڻي دلچسپ ۽ وڻندڙ هئي.

نئون سلسلو ”مضمون لکون“ ۾ ٻارڙن جا لکيل مضمون تمام سٺا هئا، خط و ڪتابت، ڊش اينٽينا به بهترين مضمون هئا. گل ڦل هاڻي تمام سهڻو ۽ بهترين ٿيندو پيو وڃي ۽ سنڌي ٻارڙن جي منجهيل ذهنن کي اُجاگر پيو ڪري. اسان جي دعا آهي، ته خدا ”گل ڦل“کي ائين ئي شادباد رکي ۽ ائين ئي هي سنڌي ٻارن جو من پسند رسالو رهي.

فقط اوهان جو دعاگو: برڪت علي ميمڻ، دادو.

 

چاچا:

گهڻي وقت کانپوءِ اوهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. ان جو سبب اهو آهي، ته مون اوهان ڏانهن ”ناني نڀاڳي“ ۽ ”مزاحيه خبرون“ مواد نالي موڪليو هو، جيڪو نه ڇپجڻ ڪري، آءُ مايوس ٿي ويس. پر، ماهه فيبروري جي گل ڦل ۾ ”ناني“ نالي مواد ڇپيو، جنهن ۾ ڪجهه تبديليون به ٿيل هيون. مواد کي ڇاپڻ لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني.

هينئر به ”علم جي اهميت“ تي هڪ مضمون اُماڻي رهيو آهيان. اُميد ته ان کي پڙهي مُنهنجي همت افزائي ڪندا. انشاءُ الله.

اتفاق سان پراڻن ڪتابن سان ڳالهيون ڪندي، ڪجهه پراڻا  گل ڦل پڙهڻ لاءِ مليا.  جن کي پڙهي دل به خوش ٿي ته قلم به. گل ڦل کي بهتر ۽ معياري بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون زير غور پيش ڪريان ٿو. گل ڦل ۾ هڪ نئون سلسلو ” تعارف“ نالي شروع ڪيو وڃي، جنهن ۾ بهتر ڄاڻو ٿا ته سنڌي نوجوانن کي پنهنجي ادب، ثقافت، ٻوليءَ ۽ ورثي جي ڪابه ڄاڻ ڪانه آهي. هن سلسلي جي شموليت سان نه صرف نوجوانن کي ادب بابت ڄاڻ مهيا ٿيندي. پر پڻ نئين / مستقبل جي نسل کي به ڄاڻ ملندي،  ادب کي ڦهلائڻ ۽ نواڻ آڻڻ اسان سڀني جو فرض آهي. الله اوهان کي خوش رکي!

اوهان جو: صَفدرَ ڀُٽو، ملڪ محله، ڪنڌ ڪوٽ.

 

چاچا:

آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان. پرخط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان. گل ڦل معياري اعتبار کان تمام بلُند آهي. هنِ ڀيري گل ڦل ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون جهڙوڪ:- لطيفي لات، ويران مستقبل، دلير ٻَڪرُ، ڪهاڻي چور، مان چور نه آهيان، الله جي راهه ۾ محنت جو ڦل تمام بيحد وڻندڙ ۽ دلچسپ هئا.

پراڻن لکندڙن کان سواءِ، نون ليکڪن جو نالو، جڏهن آئون رسالن جي فهرست ۾ پڙهندو آهيان. ته مون کي به لکڻ جو نئون جذبو ۽ توانائي ملندي آهي. جيئن ته آئون گل ڦل قلمي دوستيءَ ۾ خط موڪلي رهيو آهيان. اميد ته مايوس نه ڪندا.

فقط اوهان جو ڀائٽيو: اشوڪ ڪمار مالهي، سامارو روڊ.

چاچا،

مان گل ڦل ڪيتري عرصي کان پئي پڙهان، مگر پهريون دفعو خط لکڻ جي همت ڪري رهي آهيان. مان اوهان کي هڪ مشورو ڏيڻ چاهيان ٿي، ته اوهان پنهنجي رسالي ۾ وڏن ليکڪن جي ڪهاڻين جو هڪ سلسلو شروع ڪندا ته رسالي کي چار چنڊ لڳي ويندا. باقي هن مهيني جي رسالي ۾ جديد جِن، فقير جو تحفو پسند آيا.

فقط توهان جي ننڍي ڀيڻ: صائمه ممتاز، ميرپور ماٿيلو.

چاچا:

جيئن ته ماهه مارچ جو گل ڦل ائين پئي ڏٺوسين جيئن رمضان مبارڪ جو چنڊ ڏسبو آ. پر ايڊيٽر جيئن ته مارچ واري گل ڦل ۾ اسان جا مڪمل سوال صحيح هئا ۽ اهي وقت سر اوهان ڏي موڪلياسين. پر، اهي شامل نه ڪيا. ان جو ڪو سبب هوندو، يا هن رسالي کي سياسي رنگ لاتو اٿو ۽ سفارش تي اهي نالا شامل ٿا ڪريو. محترم ايڊيٽر صاحب اسان ننڍڙن جي ايڏي ڪوششن کي اوهان ناڪام ڇو ٿا ڪريو. چاچا سائين انهيءَ جو ڪو به سبب هوندو جو اسان جي محنت ضايع ٿا ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن نالا به صحيح هجن ۽ موڪليون به وقت تي ته پوءِ اسان ڇا سمجهيون ته واقع هن ٻارڙن جي رسالي گل ڦل ۾ سفارش آهي.

(ادا، نالا دير سان پهتا هئا- ايڊيٽر)

موڪليندڙ: وفا منير احمد ٿهيم، ڳوٺ ملڪ، مورو، ضلعو نوشهرو فيروز.

چاچا:

هي منهنجو پهريون خط آهي ۽ مون کي اميد آهي ته منهنجو هي خط ضرور شايع ڪندا، ڇاڪاڻ ته مان هڪ غريب گهراڻي جو فرد آهيان ۽ مان هن خط جا پئسا پٽي سٽي هي خط لکي رهيو آهيان ۽ مون کي اميد آهي ته مون غريب جو خط ضرور پڙهندا ۽ مان توهان جو رسالو ڏاڍي دلچسپي سان پڙهندو آهيان، مان هڪ اهڙو غريب گهراڻي جو فرد آهيان. جنهن جي زندگي ۾ صرف ڏک ئي ڏک آهن، پر جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ امير هجن ته هي دنيا ڪونه هلي سگهندي.

اوهان جو: عبدالواحد سيتائي، پنو عاقل.

ادل:

احوال عرض آهي ته مارچ جو گل ڦل 14 اپريل تي پڙهڻ؛ لاءِ مليو؛ پڙهي ڪري دل ڏاڍي خوش ٿي. پر هڪ ڳالهه تي ڏک به ٿيو؛ جو اوهان اسان پڙهندڙن کي ايترو انتظار ٿا ڪرايو؛ مهرباني ڪري آئينده ائين نه ڪندا.

سائين! جيئن ته عيدالاضحيٰ جي خوشي نصيب ٿيڻ لاءِ اوهان لاءِ دُعا آهي؛ ته ان عيد جهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون عيدون اوهان کي نصيب ٿين (آمين).

سائين! هن دفعي ڪهاڻي ”دلير ٻڪر“ سڀني ڪهاڻين کان گوءِ کڻي ويئي؛ آئنده به اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪري؛ اسان پڙهندڙن جي دلين کي خوش ڪندا.

اوهانجو، گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ: اعجاز مهر، رُڪ

 

پيارا چاچا:

جيئن آءُ بلڪل نئون پڙهندڙ آهيان، مارچ 1997ع جو پرچو هٿن ۾ آهي. ان ۾ ويران مستقبل، دلير ٻڪر، نافرمان پٽ، الله جي راهه ۽ کل ته سهي تمام سٺو وڻيا. هي خط ضرور شامل ڪجو ۽ هن خط کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ نه اڇلائيندا.

توهان جو ڀائٽيو: راجو عرف عبدالرحيم، تونيه شهر لعلو رائنڪ.

چاچا سائين:

اوهان جو پيارو رسالو هٿن ۾ آهي، سڄي رسالي جو جائزو وٺي، هي خط اوهان ڏانهن ارسال ڪري رهيو آهيان، اوهان جو رسالو واقعي گل ڦل هڪ سهڻو ناءُ آهي ۽ سڀني ٻارڙن جي دل موهي وجهندڙ آهي. اهڙو ڪو مون رسالو ناهي ڏٺو، جيڪو اوهان جي محنت سان ڀيٽ رکندو هجي، هڪڙا نوان رسالا نڪرندا آهن مگر ڪجهه ڏينهن هلي بند ٿي ويندا آهن. پر اوهان جو هر اهڙو واحد رسالو آهي. جيڪو دير سويرئي نڪرندو رهي ٿو. مگر بند نه ٿو ٿئي. مون کي اوهان جهڙن محنتي ڀائرن تي ناز آهي، جو اوهان گل ڦل رسالي سان اڻ ٿڪ محنت ڪري واقعي ئي گل ڦل بڻايو آهي.

فقط: ”بيچين“ کيماڻي، خانپور ضلع.

 

باقي خط لکندڙن جا نالا

عمران پتافي، ٽنڊوالهيار. 2- شوڪت ڪنڀر، چيلهار، ٿر. 3- غلام فريد انڊڙ، ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ. 4- انور علي لوهار، ڳوٺ سونو خان پتافي 5- ڄام علي نواز لکڻ، گهوٽڪي 6- اياز علي ڇڄڙو، شاهه پنجو سلطان 7- عبدالحفيظ لغاري، ملڪاڻي شريف 8- راحل گل شيخ، کهڙا 9- اميد علي ناريجو، کهڙا 10- فهيم احمد شيخ، کهڙا 11- سعيد احمد ميمڻ، دادو 12- لطف علي ميمڻ، شاهپور رضوي 13- افضل ساگر عباسي، عادلپور 14- ذوالفقار علي ميراڻي، ڪنڌڪوٽ 15- سنجئه ڪمار ساگر، شهدادڪوٽ 16- علي رضا ملاح، کهڙا 17- عبدالواحد ميمڻ، لاڙڪاڻو 18- محمد آچر گڏاڻي، گهوٽڪي 19- اويس احمد ڌاريجو، محمد پور 20- ڪشور ڪمار، ڳوٺ پيارو لنڊ 21- خاوند بخش سنديلو، ڳوٺ چوهڙ جمالي 22- سهڻل اوڏ، ڳوٺ نجم الدين لاشاري 23- عزيز الله ميمڻ، سجاول 24- تيجورام سوٽهڙ، مير واهه گورچاڻي 25- ڀڄن داس، شهر عمرڊهو 26- عرفان ساند، چمبڙ 27- عمر رشيد سمون، شڪارپور 28- جاويد حسين مهر، پنوعاقل 29- غلام جيلاني ڏيرو، فريد آباد 30- حبيب الرحمان، شڪارپور 31- محمد ابراهيم جتوئي، چوهڙ جمالي 32- لال چند ديوان، ڀٽ شاهه 33- فياض احمد ميمڻ، گمبٽ 34- امان الله سومرو، لاکو لنجاري 35- پير جنيدعلي شاهه، مڪان شريف 36- ممتاز علي چانڊيو، ڳوٺ نازل خان چانڊيو 37- اياز احمد ڀٽو، مبارڪ پور 38- رياض حسين شيخ، شاهه آباد، دادو 39- شعبان اختر سولنگي، دادو 40- عرس پارابي، ميرپور بٺورو 41- فرحان عباسي، دادو 42- عمران مڱريو، نيو وحدت ڪالوني حيدرآباد.

 

 

نتيجو نالا سڃاڻو-10

هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن) هيٺين دوستن کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: (1) نيرڳ (2) شهيد الهه بخش سومرو (3) ع-ق-شيخ (4) حسن علي آفندي.

نالا:

اعجاز قادر مهر، پوسٽ رڪ وايا لکي، ضلع شڪارپور.

نانڪ داس مينگهواڙ، پوسٽ داد لغاري، ضلع گهوٽڪي.

اياز علي ڇڄڙو، ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول، شاهه پنجو سلطان.

عبدالحڪيم ڇڄڙو، ڪلاس اٺون، هاءِ اسڪول، شاهه پنجو سلطان.

محمد بخش، معرفت: ڊاڪٽر قربان سيال اسپتال، خيرپور ناٿن شاهه.

خاوند بخش اداس سنديلو، ڳوٺ چوهڙ پتافي، داد لغاري، تعلقو ڏهرڪي.

شوڪت اسلام سڄڻاڻي، معرفت: پوسٽ ماسٽر، مٺي.

تيجو رام، هنسراجاڻي هائوس، پوسٽ مير واهه گورچاڻي، ضلعو ميرپورخاص.

قمر الدين ابڙو، ماروئڙا ماڊل اسڪول، ڪنڊيارو.

پرديپ ڪمار سوٽهڙ، پوسٽ ميرواهه گورچاڻي، ضلع ميرپورخاص.

محمد يعقوب سنگراسي، معرفت: فتح محمد هوٽل وارو، پوسٽ ڇاڇرو.

غلام جيلاني ڏيرو، پوسٽ فريد آباد وايا ميهڙ.

رياض حسين شيخ، ڇاڻو روڊ، دادو.

محمد خان چانڊيو، هاءِ اسڪول، فريد آباد وايا ميهڙ.

مدد علي چنا، هاءِ اسڪول فريدآباد وايا ميهڙ.

غلام شبير دايو، مارئي ڪتاب گهر، سڪرنڊ.

تميز الرحمٰن منگيو، مهراڻ جنرل اسٽور، شاهي بازار، سڪرنڊ.

حبيب الرحمٰن منگي، گهر نمبر 138/19 پنج پير، شڪارپور.

جميل مصطفيٰ چنا، هاءِ اسڪول فريد آباد وايا ميهڙ.

اعجاز احمد سومرو، اقراءِ ماڊل اسڪول، داد لغاري وايا ميرپور ماٿيلو.

علي ڏنو سولنگي، پوسٽ بهارو ملان، ضلع نوشهرو فيروز.

ڪاشف بجير، ڊان جنرل اسٽور، مٺي.

 

 

نتيجو نياڻين جي تعليم -3

هن سلسلي ۾ پهريون نمبر مضمون آيو: رشيد زهراڻي، ڪلاس ڏهون (بي)، معرفت: سنڌ بڪ اسٽور، ڏوڪري لاڙڪاڻو.

ٻيو نمبر مضمون آيو: عبدالحفيظ النواز ملڪاڻي، پوسٽ ملڪاڻي وايا جهڏو.

باقي هيٺين ٻارن جا مضمون پهتا: (3) وفا سدورو لغاري، دادل لغاري (4) ساگر سنڌي، ڳوٺ سيلرا (5) خاوند بخش اداس، سنديلو، چوهڙ پتافي (6) تيجو رام سوٽهڙ، ميرواهه گورچاڻي (7) محمد آچر گڏاڻي، گهوٽڪي (8) محمد پتاهه ڊيهو، ڳوٺ پيرلعل مشائخ، سکر (9) ساجد علي ڳوٺ ٺٺ ڳوراهو، نوشهروفيروز (10) زخمي ذاڪر حسين جوڻيجو، ڌامراهه.

 

 

اچو ته مضمون لکون-5

ٻارن جي خواهش تي، ”اچو ته مضمون لکون“ سلسلو هلي رهيو آهي.

هن سلسلي ۾ ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي مضمون لکيل نه هجي، هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. مضمون موڪلڻ وقت ڪلاس ۽ اسڪول جو نالو ضرور لکيو وڃي. ۽ ائڊريس اسڪول جي لکي وڃي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون رسالي ۾ شايع ڪبا، اعزازي ڪاپي موڪلبي.

عنوان:

(مئي مهيني جي اهميت)

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:

 

 

نالا سڃاڻو-12

هيٺ ڏنل نالن جي اکر، اڳتي پوئتي ڏنل آهن. اوهين اکر ملائي صحيح لفظ جوڙي صحيح نالا لکي موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ”گل ڦل“ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو)

هه-هه-ا-ا-ا-ن-ب-م-ي-د-و-ا- (هڪ مغل بادشاهه جيڪو سنڌ ۾ آيو)

ي-ي-ي-م-ع-ا-ر-خ (حيدرآباد جي هڪ مسجد جو نالو)

ب-ر-د-ق-ش-ر (هڪ ڀلاري رات)

ن-ڳ-هه-ا-ڙ-خ. (سنڌ جي هڪ ضلعي جو پراڻو نالو)

 

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com