سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

گل ڦل قلمي دوستي

نالو: ديدار علي خواجه

ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هائوس نمبر14، خواجه ڪالوني، سجاول.

نالو: محمد رفيق ميمڻ

ڪلاس: ستون

وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي.

نالو: شادو خان چانڊيو

ڪلاس: ستون

وندر: سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ور شهر تعلقو گهوڙا ٻاري.

نالو: گُل بهار خاصخيلي

ڪلاس: اٺون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڌڱاڻو بوزدار تعلقو ٽنڊو الهيار.

نالو: وسيم ملاح

ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، لواري شريف، ضلعو بدين.

نالو: ڀڳوان داس ميگهواڙ

ڪلاس: نائون

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڳوٺ ويسرو پراڻي، ميرپور.

نالو: نذير احمد ملاح

ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: پنهور ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ لڳ ڦلجي اسٽيشن، دادو.

نالو: محمد موسى پنهور

ڪلاس: يارهون

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: پوسٽ خانپور، ضلعو گهوٽڪي.

نالو: عبدالباس سومرو

ڪلاس: ڏهون

وندر: ادب سان چاهه

عمر: 16 سال

ائڊريس: ڪڙي عطا محمد خان، شڪارپور.

نالو ڪيول ڪمار ڪولهي

ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڍورو نارو (دڙو)

نالو: اميت ڪمار واسواڻي

ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 9 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول خانپور مهر

نالو: گيانچند منڇاڻي

ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ڪمپيوٽر سکڻ

عمر: 17 سال

ائڊريس: مولابخش ڪريانه اسٽور، شيخ ڀرڪيو.

نالو: نارائڻ داس راٺوڙ

ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: ليمون مل ڪريانه مرچنٽ، ويجهو حبيب بئنڪ ڍورو نارو.

نالو: غلام اڪبر ٿهيم

ڪلاس: ڏهون

وندر: گُل ڦُل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جاتي ٺٽو.

نالو: محمد اسماعيل جسڪاڻي

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قادر پور گهوٽڪي.

نالو: ساجن ڪمار پريمي

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، چمبڙ تعلقو ٽندو الهيار.

نالو: شهمير علي جمالي

ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: ڳوٺ حاجي شهباز خان سيلرو، تعلقو ڳڙهي ياسين.

نالو: راجيش ڪمار سونارو

ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: سنڌ ڪريانه مرچنٽ، ڍورو نارو.

نالو: منير احمد بزنجو

ڪلاس: نائون بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول (ون) ميهڙ.

نالو: محمد هاشم شاهه بخاري

ڪلاس: ڏهون

وندر: ادب سان چاهه

عمر: 16 سال

ائڊريس: ال احمد وڊيو سينٽر، المدينه چوڪ، چوهڙ جمالي.

نالو: مدد علي چنه

ڪلاس: اٺون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس، فريد آباد، تعلقو ميهڙ.

نالو: تبسم ناز ڪنڀر

ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: معرفت پوسٽ ماسٽر  P.Oمٺي، ٿرپارڪر.

نالو: غلام مجتبى جوڻيجو

ڪلاس: ٽيون

وندر: قومي دوستي رکڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس: ڳوٺ حاجي زڪريو جوڻيجو، وايا باڊهه.

نالو: عبدالحفيظ جمالي

ڪلاس: ڏهون بي

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: وارڊ نمبر4، پوسٽ آفيس، تلهار.

نالو: رتن ڪمار پرياڻي

ڪلاس: اٺون بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، راڌڻ اسٽيشن.

نالو: قمر الدين ٻگهيو

ڪلاس: نائون

وندر: ادب سان چاهه

عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت، غلام علي ٻگهيو شاپ، ڪيپر عظيم ڪالوني، سڪرنڊ روڊ، نوابشاهه.

نالو: انيل ڪمار کيماڻي

ڪلاس: ستون اي،

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: انيل ميڊيڪل اسٽور، خانپور مهر، ضلعو گهوٽڪي.

نالو: محمد اقبال ميمڻ

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: ميمڻ ميڊيڪل اسٽور شاهي بازار سجاول.

نالو: فياض احمد اعواڻ

ڪلاس: اٺون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس شاهه پنجو سلطان وايا ميهڙ.

نالو: هريش ڪمار

ڪلاس: يارهون

وندر: سماجي ڪم ڪرڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: شهباز ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور، ڪوئيٽا، روڊ، جيڪب آباد.

نالو: ڏيون ڪمار مالهي

ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ.

نالو: علي اصغر جروار

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ ڏسڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، عبدالله خان جروار، وايا ٽنڊو محمد خان.

نالو: علي مراد ڇڄڻ

ڪلاس: اٺون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور ماٿيلو.

نالو: شوڪت علي ميمڻ

ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ادب سان چاهه

عمر: 18 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڊکڻ وايا مدئجي، ضلعو شڪارپور.

نالو: اياز حسين چانڊيو

ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: آر بي بي ڪالوني، ڄامشورو.

نالو: اسلام سان چاهه

عمر: 15 سال

ائڊريس: مڱڻيجا هائوس، واره، ضلعو لاڙڪاڻو.

نالو: عباس علي شاهه

ڪلاس: نائون

وندر: ادب سان چاهه

عمر:  14سال

ائڊريس: ڪمار ميڊيڪل اسٽور، چوهڙ جمالي.

نالو: امام بخش بلوچ

ڪلاس: نائون

وندر: ريڊيو ٻڌڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت بابل فاروقي ريڊيو سروس، مين روڊ ڪڍڻ، ضلعو بدين.

نالو: وحيد علي سومرو

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 17 سال

ائڊريس: ممتاز ميڊيڪل اسٽور، خيرپور ناٿن شاهه.

نالو: گورڌن داس

ڪلاس: ڏهون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ قاضي سلطان هاءِ اسڪول ڪنري پاڪ.

 

خط

ادا

اوهان جور سالو گل ڦل جولاءِ 1996ع وارو پرچو اسان کي ۽ اسان جي دوستن کي ڏاڍو گهڻو پسند آيو، ڇاڪاڻ ته اوهان رسالي تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، ان لاءِ اوهان کي جس هجي، اسان جي دعا آهي ته گل ڦل اڃان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي سگهي ته جيئن اسان جهڙا نوان جوان هن رسالي کي پڙهي سگهن، ادا مان ڪافي خط لکيا آهن، شايع ڪونه ڪيو وري به توهان جي مهرباني جو نالو ته شايع ڪيو، هي مان مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد اٿم ته ضرور شايع ڪندا.

علي گل مڱڻيجو وارهه.

 

چاچا،

جيئن ته مان گل ڦل رسالي جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، جڏهن هن رسالي جي قيمت ٽي روپيه هئي، آءٌ ان وقت کان وٺي هي رسالو پڙهندو ٿو اچان، ان وقت منهنجي عمر اندازاً پنج، ڇهه سال هئي، پر باوجود هٻڪي پڙهڻ جي به مون کي هن رسالي مان ڪافي مزو آيو، جيئن ته منهنجو ادا سائين! رسالي پڙهڻ جو گهڻو شوقين هو، ۽ ان کي ڏسي مون کي به رسالن پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ خط“ لکيو، پر اهو شايع نه ٿيو ۽ ٻيهر قسمت آزمائي لاءِ مون ڪجهه مواد هڪ قلمي دوستي ۾ تعارف موڪليو، پر جولاءِ 96ع وار پرچي ۾ پنهنجو تعارف قلمي دوستي“ ۾ ڏٺو ته نه صرف خوشي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ حيرت پڻ ٿي، پر ٻيو مواد نه ڏسي اکين مان ٻه لڙڪ ڪريا، هاڻي اهو اوهان اندازو لڳايو، ته ڇا اهي لڙڪ ٻيو مواد نه ڇپجڻ جي ڏک ۾ ڪريا، يا قلمي دوستي ۾ پنهنجو تعارف ڏسڻ جي خوشي ۾ ڪريا؟ خير اها ته ڪا خاص ڳالهه ڪونهي، پر آئينده اسان جهڙن ليکڪن کي پنهنجي پياري رسالي ۾ جاءِ ڏيندا ته عنايت ٿيندي، انهيءَ اميد سان گڏوگڏ مان هڪ ڪهاڻي مطلبي اولاد نالي پڻ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ٿيندي.

سنجه ڪمار ساگر، شهدادڪوٽ

 

چاچا،

جيئن ته آءُ هي پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان، جيڪو شايع ڪري منهنجي حوصله افزائي ڪندا.

چاچا سائين هي خط مون پنهنجي دوست قادر مهر جي چوڻ تي لکيو آهي، اعجاز قادر مهر جو نالو به اعجاز احمد مهر ئي آهي، پر پنهنجي سڃاڻپ خاطر پنهنجي نالي پٺيان پيءُ جو نالو ملايو آهي.

پيارا چاچا سائين دراصل هيءَ آهي ته اسان ڳوٺ رُڪ ۾ هڪ ئي نالي (اعجاز احمد مهر) سان ٽي چڻا آهيون، اعجاز قادر مهر ۽ مون کانسواءِ ٻيو اعجاز قادر مهراڻي، جڏهن گل ڦل جولاءِ وارو پرچو اعجاز قادر مهر کي مليو ته هن مون تي زور رکيو ته مان به اعجاز احمد مهر ۽ اعجاز قادر مهر وانگر خط لکي رسالن ۾ حصو وٺان، ان لاءِ هي پهريون خط لکيو اٿم، جيڪو ضرور شايع ڪندا.

اوهان جو ڀائيٽيو، اعجاز احمد مهر، رُڪ

 

ادا،

اڄ جولاءِ جو گل ڦل مليو، مون ساليانو چندو جمع ڪرايو هو ۽ اڄ آخري پرچو هو، هن ۾ بادشاهه جو شڪار، جادوگر ۽ ڏائڻ، اڇلايل پنا، ڌوٻي جو گڏهه بهادر ڇوڪرو، تمام سٺيون ڪهاڻيون هيون، پر هن واري رسالو 1-8-96 تاريخ تي مليو تمام گهڻو انتظار ڪرايو. آئون لطيفو، ڪهاڻي، نالا، سڃاڻو ۽ قلمي دوستي جو مواد موڪلي رهيو آهيان، مهرباني ڪري شايع ڪندا.

عبدالحفيظ لغاري، ملڪاڻي شريف

 

ادا،

جولاءِ جي گل ڦل ۾ ناني نوران جي ڪهاڻي، بادشاهه جو شڪار، ڌوٻي جو گڏهه ۽ ٻيون ڪهاڻيون پسند آيون، مضمونن ۾ گرمي، مڪئي ۽ موٽر ڪار جي ايجاد پسند آيا، شاعري به من موهيندڙ هئي، گل ڦل دير سان ڇو ٿو شايع ٿئي، گل ڦل ۾ سلسلو رنگ ڀريو بند ڪري ان جي جاءِ تي سلسلو مضمون لکو هلايو. مهرباني

فقط اوهان جو

 اڪبر علي ارمان لغاري، ڪنگورو شاخ

 

ادا،

جيئن ته ماهه جولاءِ جو رسالو ائين پي ڏٺوسين جيئن ماهه رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسبو آ، پر اهو چنڊ به وڌ ۾ وڌ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ يا هڪ ڏينهن يا ٻئي ڏينهن تي ڏسبو پر گل ڦل ته ان کان چڙهي ويو، ايترو دير سان ٿا موڪليو جو هر روز شهر ٿا پڇا ڪرڻ اچون ۽ هر روز 6 رپيا رڳو ڪرايو ٿو لڳي وڃي، مگر اوهان سوچيو ته گل ڦل لاءِ هڪ ڏيڍ مهينو انتظار ڪرڻ سان گهڻو ڪرايو ايندو، اهو اوهان تي ٿورو نه ٿا ڪريون، پر اهو سڀ ڪجهه گل ڦل جي شوق جي ڪري ڪريون ٿا، اها اسان جي شڪايت دور ڪندا ته مهرباني، ۽ ماهه جولاءِ ۾، اخلاق جو اعلى مثال، سرور ڪائنات، جيجل ماءُ، بادشاهه جو شڪار، جادوگر ۽ ڏائڻ، سنگت رهندي، اڇلايل پنا، ڌوٻي ۽ گڏهه، ناني نوران، نيڪ اولاد، چور ۽ پٽ، سياڻو وزير بهادر ڇوڪر، ڪاپي، سخاوت، اهي لکڻيون تمام بيحد پسند آيون ۽ اميد ٿي ڪجي ته هي منهنجو خط ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا مهرباني.

(وفا) منير احمد ٿهيم، ڳوٺ ملڪ، مورو

احوال ته اسان سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن لاءِ تيار ٿيل مڪمل تفريح گل ڦل“ شوق سان پڙهندا آهيون، انهي ۾ اسان جي لاءِ سائنسي مزاحيه ۽ چٽا ڀيٽي جو مواد سٺي نموني ڇپيل آهي، اهو به تمام سستي قيمت تي، اهو واحد رسالو آهي، جنهن جي هن وقت مناسب قيمت آهي نه ته ڪو ڪتاب وٺڻ هينئر اسان جي بجيٽ کان ٻاهر آهي.

اسان خطن واري حصي ۾ اڪثر پڙهندا آهيون، ته لکڻ وارا دوست لکندا آهن، ته اسان چار يا پنج خط لکيا آهن، اهو سچ ڪيتري قدر آهي، اها لکڻ وارن کي خبر.

منهنجو هي پهريون خط آهي، جيڪو آئون ڪنهن رسالي ۾ لکي رهيو آهيان.

توهان جو دوست، راجيندر ڪرشن ڪمار، ٿر

 

ادا،

جولاءِ وارو گل ڦل“ مليو، پڙهي ايتري ته خوشي ٿي جو اوهان کي خط ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان، اوهان جي طرف کانگل ڦل“ جي اعزازي ڪاپي“ ملي اوهان جا ٿورا مان ڪاٿي لاهي سگهندم.

ڀاءُ اگر جي توهان جهڙن ايڊيٽرن اسان نون لکندڙن جي ائين همٿ افزائي ڪئي ته انشاءَ الله اسان هن پياري پاڪستان کي روشن ضرور بڻائينداسين. هن جولاءِ واري پرچي ۾ اخلاق جو اعلى مثال، سرور ڪائنات جن جي پاڪ عمر جو هڪ منظر، اونهارو، جادوگر ۽ ڏائڻ، ڌرتيءَ جا چنڊ، جهرڪي، ڌوٻيءَ جو گڏهه، نيڪ اولاد، سياڻو وزير، چور جو پٽ، سخاوت، گرمي، ڪاپي ڪيئن روڪجي، تمام بهترين لڳا، کل ته سهي ۽ خط به تمام بهتري لڳا، ادا مان ٻه عدد ڪهاڻيون اماڻيان ٿو، نظر انداز نه ڪجو مهرباني.

اوهان جو محمود علي شاد“ ڀٽو، رتوديرو.

 

ادا،

آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، جيئن ته گل ڦل جولاءِ وارو شمارو منهنجي هٿن ۾ آهي، هن شماري ۾ سرور ڪائنات جن جي پاڪ عمر جو هڪ منظر بادشاهه، جو شڪار، جادوگر ۽ ڏائڻ، ڌوٻي جو گڏهه، سج، سياڻو وزير، کل ته سهي، خط ۽ نالا سڃاڻو-2 ڏاڍو وڻيا آهن ۽ ادا آئون نالا سڃاڻو- 1 ۽ 2 ٻنهي ۾ حصو ورتو آهي، پر نالا سڃاڻو-1 جو نتيجو ظاهر نه ڪيو ويو آهي .مون کي اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي، ۽ ادا مون کي اوهان سان اها شڪايت آهي ته رسالي ۾ هڪ مهيني جو خال ڇو ٿو رکيو وڃي ۽ ٻيو اهو ته رسالو اسان کي دير سان ملي ٿو، مهرباني ڪري رسالو جلدي شايع ڪندا ڪريو ته جيئن وقت سر اسان کي ملندو ڪري ته اسين رسالي ۾ پنهنجو مواد موڪليندا ڪريون، ادا هن ڀيري آئون پنهنجي هڪ تصوير موڪلي رهيو آهيان، اميد ته ضرور ڇاپيندا، مهرباني ڪري اسان جي هن خط کي ردي جي ٽوڪري ۾ نه موڪليندا. مهرباني.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ،

 محمد اياز ڪيريو، ڳوٺ تلي سڪرنڊ.

 

چاچا،

جولاءِ واري رسالي اسان کي تمام گهڻو انتظار ڪرايو، جيئن ٿر جي اُڃايل واري تي بيٺل ٿوهر، آسمان تي هلندڙ بي وفا ڪڪرن کي تڪيندو آهي، مگر جڏهن راضي ٿئي ۽ پنهنجون ٿڌيون بوندون وسائي.

ائين اسين به ٿر جي مارڪيٽ کي تڪيندا رهون ٿا، ڪڏهن ٿو رسالو اچي، ادا توهان جي رسالي جي سلسلي خط ۾ هڪ راءِ ڏيان ٿو ته جنهن به مهربان جي خط ۾ جواب طلب ڳالهه هجي، انهي جو جواب توهان ڏيندا وڃو، مهرباني

اوهان جو محمد عمر احمداڻي، پنگريو.

 

ٻين خط لکندڙن دوستن جا نالا

(1)  عبدالحئي ڀٽو، ماٿيلو، (2) احسان علي راهوجو، ڀونڀٽ پور، (3) ناز علي حسن چاوڙو، چوهڙ جمالي، (4) الطاف سچل اعواڻ، خيرپور ناٿن شاهه، (5) خاصخيلي خالق سانگي، ڪنب (6) مختيار علي مهيسر، لاکو سنجاري، (7) عامر زيب شيخ، شڪارپور، (8) روشن علي جمالي، بچل مهيسر ڳوٺ، (9) جيوڻ مل ميگهواڙ، ملڪاڻي شريف، (10) جلال عمراڻي ۽ هيمن لال، ڍورو نارو، (11) غلام مصطفى سنجراڻي، ڳوٺ مولابخش سنجراڻي، (12) عبدالوحيد لکڻ، گهوٽڪي (13) برڪت علي ميمڻ، دادو (14) شاهنواز علي پنهور، دادو، (15) جان محمد قبائي، ٽنڊو الهيار، (16) اعجاز قادر مهر، رُڪ، (17) ابراهيم عزيز مهراڻوي، مهراڻو ٿر، (18) سيد محمد هاشم شاهه بخاري، چوهڙ جمالي، (19) عبدالواحد خاصخيلي، ڳوٺ احمد خان خاصخيلي، (20) عبدالغفار )سرويچ(، رُڪ. (21) ڪيڊٽ صادق بلوچ، سانگهڙ، (22) فياض حيدر ڀٽي، دادو. (23) خان محمد واطڻي راڻيپور.

 


 

نتيجو رنگ ڀريو- 34

هن ڀيري به ڪيترن ٻارن رنگ ڀري موڪليا، پهريون نمبر آيو:

جنسار علي دايو پوسٽ آفيس ميان جو ڳوٺ تعلقو خانپور مهر، ضلع شڪارپور.

 

نتيجو نالا سڃاڻو- 2

هن ڀيري به هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو، ڪن ٻارن سادي پني تي جواب موڪليا، جيڪي رد ڪيا ويا، هنن ٻارن کي سلسلي ۾ شامل ڪيو ويو، جن جا جواب صحيح هئا ۽ اصل ڪاپي تي لکيل هئا، کين اعزازي ڪاپي موڪلبي.

 

جواب:

ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائودپوٽو

ميران محمد شاهه

پير حسام الدين شاهه راشدي

ابراهيم لنڪن

نالا:

برڪت علي ميمڻ، حاجي الهه بچايو ميمڻ محلو دادو،

علي گل سيال هاءِ اسڪول شاهه پنجو سلطان، ضلع دادو.

غلامر سول دل معرفت، جانورن جي اسپتال جهرڪ ضلع ٺٽو.

احمد چنا، ڪلاس پنجون پرائمري اسڪول ڪارياڻي وايا ڀان سيد آباد.

اعجاز احمد مهر پوسٽ رُڪ ضلع شڪارپور.

اعجاز قادر مهر پوسٽ رُڪ ضلعي شڪارپور.

ناصر قاضي المنظر ڪتاب گهر رتوديرو.

 

رنگ ڀريو- 36

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي اعزازي موڪلبي.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس........

 

نالا سڃاڻو-4

هيٺ ڏنل نالن جا اکر، اڳتي پوئتي، ڏنل آهن، اوهان اکر ملائي صحيح نالا لکي موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن کي گل ڦل“ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو).

ڊ- م- ش- و- گ- پ- ل- و- ن- چ- (ٻاراڻو شاعري جو ڪتاب)

ع- ڊ- ر- ا- د- ا- ٽ- ل- ڪ- ڪ- م- س- و- ل- ن- ي- ي- ب- ر- د (علمي تحقيقي شخصيت)

ا- ت- ج- د- هه- م- م- ي- ش (سماجي شخصيت فوت ٿيل)

ڏ- م- ع- د- ث- ن- ا- م- پ- ي- ح- لا- م- ي- (ادبي شخصيت).

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com