سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :18

جيمس ٽاڊ واري شجري جي روايت:

انگريز دور جي محققن مان ڪرنل جيمس ٽاڊ جو يادگار ڪتاب "Annals & Antiquities of Rajastan" پهريائين انگريزيءَ ۾ 1832ع ۾ شايع ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد انڊس پبليڪيشنز پاران ”تاريخ راجستان“ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ان جو اردو ترجمو 1991ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ساڳئي اداري پاران هن ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ٽن جلدن ۾ شايع ڪرايو ويو آهي.

هن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ راجستان“ ۾ بنيادي طور تي چندرونسي آرين جي ڦهلاءَ ۽ نسب نامي کي محور بنايو آهي. سندس ڪتاب جي ٻئي  ڀاڱي ۾ جيسلمير جي ڀٽين جي حوالي سان سمن جي نسب نامي بابت مواد ڏنو آهي. هيءُ شايد پهريون مصنف آهي، جنهن جمشيد جو اولاد هئڻ ۽ شام يا بابل کان اچڻ واري سمن جي پنهنجي روايت کي رد ڪندي سمن جو نسب نامو ڪرشن جي راڻي ڄامڀوتي مان ڄاول پٽ سمڀو کان شروع ٿيل ڄاڻايو آهي. هن شجري ۽ ان سان لاڳاپيل بيان جا ڪجهه بنيادي نقص هن ريت آهن:

1. جيتوڻيڪ مصنف گروهن جي طويل نسب نامن ۾ هروڀرو تسلسل هئڻ جو قائل ڪونهي. تنهن هوندي به سندس پاران ڪرشن جو زمانو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان يارنهن سو سال اڳ ڄاڻائڻ بعد اڳتي ڏنل هن شجري سان لاڳاپيل هڪ روايت ۾ سڪندر سان وڙهندڙ سما نگري يا مينانگر جي راجا سامبس کي ڪرشن جي پٽ سومڀو ڄاڻائڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته روايت جوڙيندڙن شجري ۾ پيڙهين جي تسلسل کي نظرانداز ڪندي ڪجهه اهڙا واقعا به جوڙي ڇڏيا آهن، جيڪي اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته سمڀو ۽ سامبس کي رڳو نالي جي مماثلت جي ڪري ساڳي شخصيت قرار ڏئي ڀٽين ۽ سمن جو نسب نامو ڪرشن سان جوڙيو ويو آهي.

2. جيمس ٽاڊ سمن جو نسل ڪرشن جي راڻي ڄامڀوتي مان ڄاول پٽ سمڀو مان شروع ٿيل ٻڌائي ٿو، پر اها ڳالهه ڪرڻ بعد شروع ٿيندڙ ٻئي پئراگراف ۾ نسب نامو وري ڪرشن جي راڻي رڪمني مان پيدا ٿيل پٽ پرديومن کان شروع ٿيل ٻڌائي ٿو ۽ وجر کي انيرڌ جي پٽ ۽ پرديومن جو پوٽو ٻڌائڻ جي بدران کيس پرديومن جو پٽ ۽ انيرد جو ڀاءُ ڄاڻائي ٿو(3). هيءُ اهڙو تضاد آهي، جنهن جو ڪوبه ڪارڻ سمجهه ۾ اچڻ جوڳو نه ٿو ٿي سگهي.

3. ٽاڊ صاحب، هڪ ته جاڙيجن کي ڀٽين کان به اڳ جو قبيلو ڄاڻايو آهي، ٻيو ته سنڌ جي سمن کي جاڙيجي جي نالي سان منسوب ڪيو اٿس. اهي ڳالهيون ڪنهن به طرح درست نه ٿيون ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ هن جاڙيجن جي جمشيد سان نسلي تعلق واري روايت ۽ شام ملڪ يا مصر کان اچڻ واري روايت کي بنا ڪنهن بحث جي رد ڪري ڇڏيو آهي(4).

4. ڪرنل جيمس ٽاڊ پاران ڏنل جيسلمير جي ڀٽين جي شجري جو مک حصو بنيادي طور تي ڀٽين جي شجري جي ٻين روايتن کان مختلف ڪونهي. يعني ڀوڀت کان پوءِ هو جيڪي نالا ڏئي ٿو، سي ساڳيا نالا ٻين روايتن ۾ به موجود آهن. فرق رڳو اهو آهي ته جيمس ٽاڊ واري هن شجري مان ڪي نالا خارج ڪيا ويا آهن ۽ ڪي نالا وري اڳتي پٺتي ڪيل آهن. جهڙوڪ ٻيءَ روايت ۾ ڀوپت جي پيءُ جو نالو جادم ڄاڻايل آهي، پر ٽاڊ صاحب اهو نالو نه ڏنو آهي. ٽاڊ جي ڏنل شجري ۾ بجر جي پٽ ناڀه جو پٽ باهو، بل ان جو پٽ ساهوبل، ان جو پٽ ساباهو، ان جو پٽ رجهه، ان جو پٽ گج، ان جو پٽ سلواهڻ، ان جي پٽن جا نالا: بلند، رسالو، دهر، منگد، بچه، روپا، سندر، ليڪبه، جس ڪرن، نيما، مات، نيپڪ، گنگو، جگوجي نالي سان ٻڌايا ويا آهن. سلواهڻ جي پٽ بلند جي ستن پٽن جا نالا آهن: ڀٽي، ڀوپتي، ڪولر، جنج، سرمور، ڀينس، ريچه، مڱريو، انهن مان ڀوپتي کي چغدي يعني چغتائين جو ڏاڏو ٻڌايو ويو آهي ۽ ڪولر کي ڪولرن جو ڏاڏو ٻڌايو ويو آهي.

5.  ڀٽين جي نسب نامي جي سلسلي ۾ جيڪا ٻي روايت مشهور آهي، ان مطابق ڀٽيءَ جا ٻه پٽ هئا. هڪڙو دوسل ۽ ٻيو جيسر (جيسل). جيسر، جيسرمير آباد ڪيو ۽ دوسل ڀٽيانه ۾ وڃي رهيو. ابسٽن لکي ٿو ته:

          ”حصار ۾ اڄڪلهه منجهن هلندڙ داستان هن ريت آهي ته ڀٽي، اهو راهنما جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ ڀٽين ٻيو ڀيرو سنڌو درياء پار ڪيو، ان جا ٻه پٽ دوسل ۽ جيسل جي نالي سان هئا. پوئين جيسلمير جو بنياد رکيو، جڏهن ته پهريون ڀٽيانه ۾ آباد ٿيو(5)

          ”ٽاڊ صاحب، ڀٽيءَ جي انهن پٽن جا ته نالا ئي ڪونه ڄاڻايا آهن ۽ انهن جي بدران منگل راءِ ۽ مسوراءِ نالي ٻن پٽن جو ذڪر ڪيو آهي.

6. مڱرراءِ، جيڪو ڀٽيءَ جي نسل مان ڪافي پوءِ پيدا ٿيل بجيراءِ جو پٽ آهي، ان کي به ڀٽيءَ جو ڀاءُ لکي ڇڏيو اٿس.

هن شجري ۾ تنقيد لائق ٻيو به ڪافي مواد آهي، جنهن جي بنياد تي راقم جو خيال اهو آهي ته جيمس ٽاڊ جي شجري جي ڀيٽ ۾ ٻين روايتن کي اوليت ڏيڻ گهرجي. هن شجري مان صرف انهن شجرن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مدد وٺڻ گهرجي.

جيمس برگس واري شجري جي روايت:

انگريزن جي دور ۾ شايع ٿيل جيمس برگس جي ڪتاب "Antiquities of Kutch & Kathiawar" ۾ پڻ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ جي سمن جي نسل تي تمام گهرائيءَ سان لکيو ويو آهي. هي ءُ ڪتاب مصنف پاران 75-1874ع ۾ ڪيل سروي جي رپورٽ تي مشتمل آهي، جيڪو تن ڏهاڙن ۾ ئي شايع ٿيو هو، پر ڪافي وقت کان معدوم هو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ان جو انگريزي ڇاپو 1991ع ۾ شايع ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو ترجمو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي.

جيتوڻيڪ جيمس برگس واري روايت، جاڙيجن جي نسب نامي جي حوالي سان تحرير جي دائري ۾ آئي آهي، پر اها روايت چوڙن سمن ۽ سنڌ جي سمن بادشاهن جي شجري جي بنيادي روايت جي حيثيت رکي ٿي. جيمس برگس، سمن بابت ملندڙ روايتن تي تحقيق ڪري اهو شجرو مرتب ڪيو ۽ پنهنجي ڪتاب "Antiquities of Kutch & Kathiawar" ۾ ان کي شامل ڪيائين. جيمس برگس پنهنجي مرتب ڪيل سمن جي نسب نامي ۾ نهايت محققاڻي انداز ۾ روايتن کي توري تڪي سنڌ جي سمي بادشاهه ڄام انڙ جي ڪردار جي چٽائي ڪئي آهي ۽ انڙ ۽ ساند جي وچ ۾ موجود ٽن پيڙهين واري روايت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو اٿس. جيمس برگس جي ان شجري تي سير حاصل بحث منهنجي مضمون ”ڪڇ جا جاڙيجا سما“ ۾ ڪيل آهي، جيڪو ٽماهي ”مهراڻ“ ڄام شورو، شمارو 1-2، جنوري- جون 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي. راقم پنهنجي مطالعي جي آڌار تي هن نتيجي تي پهتو آهي ته سمن جي شجري جي حوالي سان جيمس برگس جي تحقيق نهايت واضح ۽ درست آهي. جيمس برگس وارو مرتب ڪيل شجرو، تحفة الڪرام واري شجري کان هيٺين ڳالهين ۾ مختلف آهي:

1. هن شجري ۾ دور جو تعين اصل دور جي قريب ترين ڪيو ويو آهي.

2. تحفة الڪرام واري شجري جي ابتڙ هن شجري ۾ ابڙي سمي جي نشاندهي ڪيل آهي. جيڪو لاکيار جو پيءُ هو، تحفة الڪرام ۾ ان جو نالو نه ڏنو ويو آهي.

3. هن شجري ۾ انڙ ۽ ساند جي وچ ۾ تحفة الڪرام واري شجري مطابق شامل ڪيل سمون، ڪاڪو، رائڌن، پلي وغيره جي نالن بدران تماچيءَ جو نالو ڏنو آهي.

4. هن شجري ۾ مهڙ، مناهي ۽ ڄام انڙ جي حوالي سان مليل روايتن جي بنيادن تي اهو چٽو ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڄام انڙ، لاکي گوراڙي جو پٽ هو، اهوئي سنڌ جو پهريون سمو حڪمران ٿيو ۽ جاڙيجا ان جي پٽ ڄام تماچيءَ جو اولاد آهن.

          هيءُ شجرو ’تحفة الڪرام‘ جي شجري جي مقابلي ۾ سمن ۽ سنڌ جي تاريخ کي نئون رخ ڏئي ٿو، جيڪو حقيقت جي ويجهو آهي، جيمس برگس خود به ڄاڻايو آهي ته جاڙيجن جي وڏي آبادي مسلمان آهي، پر لڳي ائين ٿو ته هن نسب نامي مان اهڙو هر نالو ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو سڌيءَ طرح مسلمانڪو ڏسڻ ۾ ايندو هجي. راقم جي خيال ۾ جادم جي اولاد جي پيڙهين جي سلسلي ۾ هن شجري کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ته ان سان سمن جي نسب نامي جا ڪافي مونجهارا حل ٿي سگهن ٿا.

شيخ صادق علي شير علي جون ڏنل روايتون:

شيخ صادق علي شير علي جو تعلق روينيو ڊپارٽمينٽ سان هو. سندس سهيڙيل سموري مواد جو تعلق اهڙي سرڪاري رڪارڊ سان آهي، جيڪو مختلف قبيلن پاران سرڪاري ڪامورن کي فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو 1901ع ۾ "A Short Sketch of Historical and Traditional of the Muslim Races Found in Sindh, Baluchistan and Afghanistan" جي نالي سان انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو. ان جو ٻيو انگريزي ڇاپو سنڌ گورنمينٽ پريس، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تصحيح سان 1954ع ۾ ڇپيو هو، پر اهو ڇاپو ڪنهن سرنديءَ واري، عام ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏنو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو انڊس پبليڪيشن ڪراچي پاران 1996ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ڪتاب جو پهريون سنڌي ترجمو شاهه محمد بلوچ ڪيو، جيڪو گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2004ع ۾ شايع ڪرايو ويو. سنڌي ترجمي ۾ به ڪي شيون نظريه ضرورت تحت شامل ڪرڻ کان رهجي ويل ٿيون ڏسجن ۽ ذاتين جي اچارن ۾ پڻ فرق محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ سمن جي نسل بابت قديم روايتن کي پاسيرو رکي رڳو هند جي ماخذن تحت سمن جي شناخت ڪرڻ واري هڪ طرفي رحجان کي هن محقق اچي ٽوڙيو. نه رڳو اهو، بلڪه هن محقق پهريون ڀيرو ابوجهل ۽ ابولهب سان منسوب سمن جا تفصيلي شجرا يا اهڙي قسم جون مفصل روايتون ڏنيون آهن، جن جي سامهون اچڻ سان ان گمان جي پاڙ پٽجي وئي ته متان مٿين نسلن سان تعلق رکندڙ ڪي عرب قبيلا سمن ۾ ضم ٿي ويا هجن، جن جي ڪري اهڙيون روايتون سمن ۾ مشهور ٿي ويون هجن. ان کان علاوه هن صاحب مفصل چارٽ جوڙي سمن جي قبيلن بابت جيڪا معلومات ڏني آهي، ان سان مختلف قوميتن ۾ ضم ٿي ويل سمن جي قبيلن جي شناخت آسان ٿي پئي آهي. هتي سندس پاران ڏنل روايتون ڏجن ٿيون.

1. کپري جي روينيو مختيارڪار پاران جمشيد سان ملندڙ سمن جي شجري جون پيڙهيون هن طرح ڏنل آهن:

نوح ان جو پٽ حام، ان جو پٽ زيوهه، ان جو پٽ ڪياميم، ان جو پٽ حاذق، ان جو پٽ امير، ان جو پٽ ڪلان، ان جو پٽ اهير، ان جو پٽ لاور، ان جو پٽ رباهه، ان جو پٽ ياسڪ، ان جو پٽ جمشيد، ان جو پٽ سام، ان جو پٽ بارٿ، ان جو پٽ بالي ناٿ، ان جو پٽ پيونيت، ان جو پٽ اڍو، ان جو پٽ اڍار، ان جو پٽ جکرو، ان جو پٽ جاد، ان جو پٽ نرپت، ان جو پٽ نوتيار، ان جو پٽ رائيڌن، ان جا ٻه پٽ سمو ۽ پلي. سمي جا ٽي پٽ ڦل مان ڦل پوٽا ۽ ڦل لاکو. مناهي مان مناهيا، مناهي، دل، اوٺا، ديدا، لنجا. انڙ مان ٿيٻو، جکرو، هوٿي. رائيڌن جي ٻئي پٽ پليءَ جو پٽ ساند ان جو پٽ هالو ان جا پٽ جوڻو، جيهو، جکرو، هوٿي، هڱورو، ڏيرو ۽ پلي.

2. شيخ صادق عليءَ مطابق سمن جي ابولهب سان نسبت واري روايت کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ کان ملي، جيڪا هن ريت آهي:

حضرت عبدالمطلب، ان جو پٽ ابولهب، ان جو پٽ عتبه، ان جو پٽ ابوشام، ان جو پٽ عبدالرحمان، ان جو پٽ حسام الدين، ان جو پٽ جکرو، ان جو پٽ جادم، ان جو پٽ هسپت، ان جو پٽ چنو، ان جو پٽ ڀرت، ان جو پٽ ڀاڪرت (ڀاڳرٿ)، ان جو پٽ ڀرت، ان جو پٽ دسرت، ان جو پٽ لوئي، ان جو پٽ وڏر، ان جو پٽ اڍيار، ان جو پٽ اڍو، ان جو پٽ لاکيار، ان جو پٽ لاکو، ان جو انڙ، ان جو پٽ سمو، ان جو پٽ ڄام ڪوک ان جو پٽ ڄام رائڌن ان جو پٽ سمو، ان جو پٽ ابڙو، ان جو پٽ ٿيٻو، ان جو پٽ انڙ، ان جو پٽ هابو، ان جو پٽ سمو، ان جو پٽ جوجو، ان جو پٽ ڏاهر، ان جو پٽ ڄام ڀنسل، ان جو پٽ بتر، ان جو پٽ راڄر، ان جو پٽ توڳاچي، ان جو پٽ مير، ان جو پٽ منهدو، ان جو پٽ لنجو، ان جو پٽ طومار (ان بعد هنن نالن مان ڪن جي اولاد مان پيدا ٿيل قبيلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو هتي ڏيڻ طوالت جو ڪارڻ بنبو).

3. شيخ صادق عليءَ، عڪرمه بن ابوجهل سان منسوب شجرو نه ڏنو آهي، پر ان سلسلي ۾ هڪ روايت ضرور ڏني اٿس. جيڪا اسان جي موضوع مطابق هئڻ ڪري هتي ڏجي ٿي. پاڻ لکي ٿو ته:

”هڪ ٻي حڪايت مطابق سمن بابت اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي عڪرمه بن ابوجهل جي اولاد مان ٿي سگهن ٿا، جو حضور پاڪ ﷺ جن جو چاچو هو، چيو وڃي ٿو ته عڪرمه، اسلام آڻڻ کان پوءِ ان جو سچو پچو مڃيندڙ ٿي پيو. نبي ڪريم ﷺ جن جي جاني دشمن ابوجهل هڪ ڏينهن عڪرمه جي هٿ ۾ زهر ڏئي چيو ته ڪهڙيءَ طرح به اهو زهر رسول ڪريم ﷺ جن کي کاراءِ. ابوجهل، عڪرمه کي ٽي دفعا زهر ڏيڻ لاءِ چيو، پر هن ٽئي دفعا نبي ڪريم ﷺ جن کي زهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هڪ ڏينهن حضور اڪرم ﷺ جن واعظ ڪندي فرمايو ته جيڪو شخص پنهنجي پيءُ ماءُ جو بي ادب ٿيندو ته اهڙو ماڻهو نجات جو حقدار نه آهي. عڪرمه اها نصيحت ٻڌڻ بعد حضور اڪرم ﷺ کي زهر ڏيڻ بدران سندن حڪم تي عمل ڪندي اهو زهر پاڻ ڳهي ڇڏيو ۽ يڪدم زهر جي اثر ڪري سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو. انهيءَ وقت پاڻ سڳورا  ﷺ وٽس آيا، پاڻ سڳورن ﷺ کي عڪرمه سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. ان تي نبي ڪريم ﷺ جن هن کي دعا ڪندي کيس ”عڪرمه سوماوي“ جي اعزاز سان نوازيو، جنهن معنيٰ آهي ”عڪرمه زهر کائيندڙ“ حضور پاڪ جي دعا سان عڪرمه زهر جي اثر کان چڱو ڀلو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح عڪرمه جو اولاد ”سوماوي“ سڏجڻ لڳو. عڪرمه جي اولاد مان ڪي ماڻهو ڪڇ ۽ اتان پوءِ وري سنڌ ۾ آيا. بعد ۾ ”سوماوي“ اصطلاح بدلجي ”سماهه“ ٿي پيو.

مٿي ڏنل سمن جي جمشيد ۽ ابولهب سان ملندڙ شجرن جون پيڙهيون نسب نامي جي معروف روايتن جي پڌري پٽ خلاف آهي. ان ڪري هتي انهن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي محسوس ٿئي. عڪرمه ﷦ سان منسوب روايت پنهنجي اندر ئي پنهنجو رد رکي ٿي. ڇو ته ابوجهل، بدر جي ميدان ۾ ماريو ويو هو. سندس پٽ عڪرمه مڪي جي فتح جي آخري لمحن تائين اسلام جي سپاهين سان وڙهي رهيو هو. سندس نالو انهن اٺن ڄڻن ۾ شامل هو، جن جي باري ۾ الله جي رسول ﷺ جو فرمان هو ته اهي جيڪڏهن حرمت جي سڀ کان وڏي جاءِ يعني ڪعبة الله جي غلاف سان چنبڙيا پيا هجن، ته به انهن کي نه بخشيو وڃي ۽ ڏسندي ئي ماريو وڃي. عڪرمه اهو حڪم ٻڌي فرار ٿيو ۽ بعد ۾ سندس پرپٺ، سندس لاءِ امان ورتي وئي. سندس شمار مؤلفة القلوب ۾ ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته بعد ۾ پاڻ سٺو مسلمان ثابت ٿيو. عڪرمه ﷦ جي باري ۾ اها معلومات مڪي جي فتح جي بيان واري ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هن سندس پيءُ عمرو بن هشام (ابوجهل) جي مرڻ کان ست اٺ سال پوءِ اسلام قبول ڪيو هو. تنهنڪري هن روايت جو بنياد ئي ٽٽي ٿو پوي. سمن جي قبيلي جي قدامت جي باري ۾ چچ نامو ايڏي ته سگهاري شاهدي ٿو ڏئي جو اهڙيون هٿ ٺوڪيون روايتون ڌيان ڏيڻ جي لائق به نه ٿيون رهن. حيرت آهي جو پوءِ به ڪي ماڻهو پنهنجي قدامت ۽ عظمت کي وساري انهن جڙتو روايتن  جي آڌار تي پاڻ کي قريش سان جوڙڻ جي ڪوششن ۾ مصروف نظر اچن ٿا!

هن ڪتاب ۾ مختلف جڳهين تي سمن قبيلن جو ذڪر ڪيل آهي. ان جو مختصر حصو هتي شامل ڪجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن وڏي ذات جا ننڍڙا پاڙا پڻ ٻڌايا ويا  آهن:

ابڙا (ابڙن جا پاڙا: ڪماريا،ڳاهيجا، حسناڻي، ڏنديا، ٽونديا، ٽويوجا، بڪيجا، مارفاڻي، گراڻي، ڪوڏاڻي، مرکاڻي، جويابڙا، ابڙيپوٽا، ککراڻي، (اهوجا)، ابرنگ، ابڙيجا، ابڙيپوٽا، ابرنڌ، ابوپوٽا، آچر، آڍاڻي، آغاڻي، اگهم، آگرا، اهوريا يا اهور، اميار يا امر، ايئري، الاپا علي کيتان، آمڙا، ارادن، ارادنجا، آرائين ڀٽا، اراتا، ارحب، ارهوٽا، آريجا، آريسر، اروڙا، اسرجا، اسمار، اٿا، اعواڻ، بابي، بابڙا، بابر، بڊي، بڊيپوٽا، بدراڻي، ٻاگهل، بهيمجا، باهوٽا، بائيهر، بجير يا بجار (بجيرن جا پاڙا: نوتيار، راجا، سيال، ويسر)، بکراڻي، بلار، بمبال، بامڻ، بنار، بنباڻي، بنڀڻ، بنڌ، ٻانيرو، ٻنگا، ٻانهي پوٽا، بپار،  بپرائي، بار، ٻارڻ، ٻارند، باريچا، بارد، بکاري، بليچا، ڀاچا، ڀاچو، ڀاچند، ڀدا، ڀائل، ڀلاڻي،  ڀام، ڀنڀا، ڀنڀر، ڀنڀرا (ڀنڀرن جا پاڙا: لنجا، صاحب دين)، ڀان، ڀنگر (ڀنگرن جا پاڙا: چنداڻي، حمزاڻي، جيوناڻي، مجيداڻي، موساڻي، ساهراڻي، سرهياڻي، سرواڻي، زنداڻي)، ڀان پوٽا، ڀانرا، ڀاڻوجا، ڀاڻوٽي، ڀانوريا، ڀارا، ڀارچ، ڀتار، ڀٽي (ڀٽين جا پاڙا: بلاڪاڻي، بويا، ڌامراهه، ڊگهه، گاجيڻي، ڳورڙ، جهگهاڻ، جهتيال، ڪامبو، ڪمالاڻي، ڪرماڻي، کچي، ڪوڪيارو، لڪسيال، لوهاڻي، ماهوٽا، ميڪڻ، منهاڻي، ميراڻي، راهوراڻي، راجهاڻي، رشيداڻي، سهتاڻي،سندل، سنجاواڻي، شاهاڻي، سومراڻي، ويرک)، ڀترا، ڀاوڻ، ڀيا، (ڀين جا پاڙا: ڀائيخاناڻي، بلالاڻي، گهراڻي، حاجاڻي، همالاڻي، کاڪاڻي، کٽياڻ، مقصوداڻي، ملوڪاڻي)، ڀيال، ڀيدا، ڀيلار، ڀيري، ڀنسن، ڀريا، ڀوپا، ڀوپتاڻي، ڀوئا، ڀنگ، ڀوريج، ڀرت، ڀُٽا، (ڀُٽن جو ذاتيون: الهداداڻي، عارباڻي، ڀورا ڀٽا، حسناڻي، حاجاڻي، عيساڻي، جنباڻي، کنڀر، کيراڻي، ڪورهياڻي، ڪمدي، موساڻي، رضائي، صالحاڻي، صبح زئي، وڇاڻي)، بها، بهڻ، بجورا، بيراج، بيرند، برماڻي، بويرا، بوبراڻ، بوراڻا، بوراٽيا، بويا، بوهر، بچا، ٻڌ، ٻڍاڻي،  بگا، ٻگهيا (ٻگهين جا پاڙا: ٻٽڙا، دوداڻ، هاليا، ڪاراڻي، ڪارياڻي، موماڻي، نندياڻي، پارياڻي، سيهڙا)، بوهڻ، بوهار، بوجا، بڪ، لڪيجا، بڪيرا، بونڀا، بورا، بوراچ، برفت، ٻرڙا (ٻرڙن جا پاڙا: فاضلاڻي، جوکيا، موساڻي، سٺيا) بٽڙا، ٻٽڙائي، چاچڙ، چڍڙ، شگهادو، چاڳڙا، چهڙ، چهواڻ، چنا (چنن جا پاڙا: بکاڻي، بچ، چنا، ڪاتيار، درگاهيا، ڏيلاڻي،  فقيراڻي، گولاڻي، همداڻي، اتاهاڻي، جليلاڻي، جماڻي، جهانگياڻي، لالاڻي، محمداڻي، مراڻي، موساڻي، سيهڙا، سڄناڻي، ڇناڻي، شريفاڻي، سکياڻي، سومراڻي، تلهاڻي، ٿراڻي، عمراڻي، وهاڻي، وهناڻي)، چنڙ، چندي پوٽا، چنڊ، چهيسر، چانگ، چانهيا، چانيهاڻ، چنرا، چنونيا، چنويرا، چارڻ، چيلاريا، ڇهرا، ڇڇر، ڇڄا، ڇڄڻ، ڇڄڙا، ڇلڳري، ڇرا، ڇينا، ڇورا، ڇورڻ، ڇٽا، چليا، چنجڻي، چماڻي، چيرا، چوڌا، چوڌري، چگهه، چکرا، دادپوٽا، داگا، ڏهر (ڏهرن جا پاڙا: درچار، ساند)، ڏهر، ڏهرجا، ڏهراج، دائيداد، دائيدامنڻ، ڏيپر، (ڏيپرن جا پاڙا: گهانگهرا، جياپوٽرا، کچراڻي)، دائيپال، دائيترپٿاري، دل (دلن جا پاڙا: اگهم، بدين پوٽا، باڪر، دائيدا، جوناج، جوڻيجا، ڦل، راجپوٽا، رماڻي)، دليپوٽا، ڏمر، ڏميو، ڏندڻي، ڏندورا، ڏنگا، ڏنگاڻي، ڏنگر، ڏنگيجو، ڏنگڻا، ڏڦر، درس، دريش، درواڻ، ڏسڙا، دستي، ڏاوچ، دايا، ديبراچ، ڏيرا (ڏيرن جا پاڙا: داڻوريجاهه، گهرماڻي، کيراڻي، سياح، وزيراڻي، يوسفاڻي)، ڏيراج، ڏيٿا، ڏيوڙا، چڪڻ، ڌماچ، ڌاميجا، ڌارا، ڌنڙو، ڌامراهه، ڌائندو، ڌاريجا (ڌاريجن جون ذاتيون: پاهي) ڌرپالي، ڌوڪي، رڌرو، ڌڪڙ، ڊوڪا، ڌونڌاڻ، ڌووا (ڌوون جا پاڙا: ڊمڙ)، ڏيا (ڏين جا پاڙا: ارهاڻي، هاراڻي، هيرناڻي، جکراڻي، جناڻي، راڄاڻي)، ڊبلا، دوئر، دوديجا، دوها، ڏونگهه، دريحا، دبئي، دوجو، دل (دلن جا پاڙا: جيويراڻي، تاجاڻي)، دنبار، ڏونگهيا، ڏونگراڻي، ڏتيا، الاچ، فراش، گبر، گابريا، گبائي، گبهر، گچل، گچر، گاد، گڌامار، گڏاڻ، ڳاها، ڳاهيجا، ڳهيڪا، ڳهيلرا، گانئچا (گانئچن جا پاڙا: ڇابرو، دتر، حسناڻي، لاڙڪ)، ڳلا، گام، گان، گنبا، ڳنڀير، ڳنداهي، گهاگهڙا، گهلوجا، گهتگها، گهنگهڻ، گهل، گهيلي، گهوٽا، گهوٽاڻا، گهمرا، گهمرائي، گهنيا (گهنين جا پاڙا: چٽاڻي، دريائي، ڏيلاڻي، کيراڻي، مونگراڻي، شيراڻي، سوناڻي، پستاڻي، تلهاڻي)، گهريا، گوبل، گندل، گوپانگ، ڳورڙ، گوگا، گجر، گولا، گوندل، گرڀان، گرگچ، حب، حبوجا، حبوجا انڙ، حدر، هڏوار، هڪڙا (هڪڙن جا پاڙا: جاتري، ستواڻي، هالا، هالائي پوٽا) هالائي پوٽن جا پاڙا: ٻوڙا)، حماد، همڀي، همداڻي، همون پوٽا، حربا، حسن، چتار، حاجب، هبار، هلايا، حمايتي، هڱورا (هڱورن جا پاڙا: ڇر، تراڙ) هڱورجا، هوٿي، هوٿي پوٽا، هجا، هليا، حسني، ابوپوٽا، ابري پوٽا، الاچي، اسراوا، جادن، جاڳا، جاڳو، جاڳورا، جاڳسين، جاڳسرگا، جيها، جهيجا، جيسر، جکڻ، جکر، جکريجا، جکرا، جمناڻي، جمڙا، جنڪرا، جاني، جانبدار، جانگراڻي، جنويري، جاڙا، جاڙيجا، جاڙيپوٽا، جيٺوا، جهلڪ، جهلوجا، جهنڊل، جهنجڻ، جهانجهرو، جهتيال، جهيجا، جهمر، جهنجهه، جهرڪ، جهرنگ، جهلڻ، جهڊر، جهرڙ، جترا، جاڌ، جاڳرا، جوجا، جوکيا (جوکين جا پاڙا: (تيبر مان) اري، بحر، چوهڙ، ڪادر، ڪالو، ميرڻ پوٽا، مريد، ستل، (بانديجن مان) چني پوٽا، چٽي پوٽا، غلام پوٽا، گجر پوٽا، شادي پوٽا، (سالار مان) غلاڻي، جگرا، قيصر پوٽا، روڙ پوٽا، ٿيوهاڻي، (برفت مان) برهماڻي، بورا، چوڙا، گنياڻ، گوندر، هملاڻي (ڀنڊن مان) نالا ڏنل نه آهن)، جوئلا، جُميا، جويا، جوڻا، جونگا، جوڻيجا، (جوڻيجن جا پاڙا: عارباڻي، گهريا، جهنگلجو، ڪائيماڻي، ليماڻي، محباڻي، رماڻي، سنجاڻي، وساڻ، ڪٻر، ڪڇڻ، ڪاڇيلا، ڪڇي، ڪدناڻي، ڪاها، ڪاهيجا، ڪاهي، ڪهيرا، ڪاهيا، ڪاڪ، ڪاڪا (ڪاڪن جا پاڙا: دل) ڪاڪي پوٽا (ڪاڪي پوٽن جا پاڙا: چنگولائي، ڏڦر، خاناڻي، پنهاڻي، ساهريا)، ڪ خيال، ڪاڪڙا، ڪلندي، لاڪر، ڪالرو، ڪلوا، ڪاليا، ڪليار، ڪماد، ڪامنديا، ڪامريرا، ڪانڌپڙا، ڪانڌڙا (سيئجاڻي)، ڪندرالي، ڪانگهيا، ڪانگوار، ڪانهه، ڪانهڻ، ڪانجو، ڪارا، ڪارڻي، ڪاريا، ڪارڙا، ڪرما، ڪاٽا، (ڪاٽن جا پاڙا: گهميهي، گيداڻي، چنجاڻي، ڪلباڻي، مهداڻي، ريڍار، ٿريائي)، ڪاٺيا، ڪاتيار ڪٽپال، ڪٽپر (ڪٽپرن جو ذاتيون: موساڻي)، قذافي، ڪيهر (ڪيهرن جا پاڙا: عزيراڻي، بنگولاڻي، مهد پوٽا، ميري پوٽا، تهيماڻي)، ڪيهرجو، ڪٻر، کابا، کاهو، کيبر، کجارا، کاکڙ، ککراڻي، خاڪي، کاڪپرا، کالٽي يا خالدي، کمان پوٽا، کاند کاڻوٺيا، کرل، کربار، گاٽو، کيداڻي، کيڙا، کيدراڻي يا کيدر پوٽا، کلڪي، کمترا، کيرا، کودي، کوکر (گهمرا، پنرايو، روبرو، ونگا)، کور، کورا، کوباڻي، کبارا (بگهڙ، بهاراڻي، ڀياڻي، ڪابورياڻي، مامر، منياڻي، سرڦاڻي)، کبرا، کماڻ، کورا، کوريرا، ڪبال، ڪيلي، ڪنگريا، ڪرڪاهو، ڪيريا (ڪيرين جا پاڙا: حسيناڻي جوهرجا، محسن پوٽا، ملان فراش)، ڪوبيرا، ڪودڻ، ڪوبريو، ڪولاچي، ڪونار، ڪوراڙ (ڪوراڙن جا پاڙا: پاڀرياڻي، ڇناڻ، دري پوٽا، حيدراڻي، ڪنڊياڻي، مائيواڻي)، ڪوريجا، ڪمريجا (خاناڻي، لکائي، سارمگائي)، کٿائي، ڪتريا، لٻاڻا، لاچي، لاهوڪرا، لڪ، لاکا، (لاکن جا پاڙا: بنگلاڻي، دالاڻي، موساڻي، رحماڻي، سبلاڻي)، لکڻ، لاکاني، لکاٽا، لاکير، لکمير، لکريجا، لاکتي، لانگاهه (لانگاهن جا پاڙا: سڌل، سنليا، سوريا، ورناڻ)، لانگها، لانگراڻي، لائل، لالنگ، لانڊر، لنجا، لانجر، لار (لار جا پاڙا: لانگر، سعيدپوري، سوماڻي، لاڙڪ، لاسي، لوڊا، لولايا، لونگيا، لورا (ککرزئي، سرمشاڻي، شهابزئي، نوتڪاڻي)، لورر، لوٽيار، لوهاچ، لوڪا، لوسا، ماڇي، مچلا، ماڏا، مگسي (ڀوتاڻي، حيباڻي، حسراڻي، ڪاتيار، راهيجا، سلکاڻي، شيخاڻي)، محمداڻي، مهر، مهاچر، مهاتم، محزل، محليا، مهيسر، ماهي، محوتناڻ، ماڻياڪ، مائري، ماڪول (مڪول)، ملاڻ يا ملاڻ، ملهو، مناهي، مناهجا، مناهوجا، مانڊا، مانڊاڻي، مڌاڻ، منڌرا، منگلجا، مانگڻ، مانگر، ماڱيا، مڱرائي، مڱريا (مڱرين جا پاڙا: حاجاڻي، هارڻ، عيساڻي، مرزاڻي)، مڱريجا، منگواڻا، منجا، ماجهند، مانجهوٽا، مڻياڻ، مانجهو، مڦر، مراڻي، مارفت، مرها، مارج، مرکياڻي، مسڻ، مسرق، ماسواڻي، ميڪڻ، ميمڻ سما (ميمڻ سمن جا پاڙا: ڏيراج، اسير، جواتيا، لاکا، سنائي، شادي، سومار، ورايا)، ميٿو، ميهار، ميرڻکر، مسڪاڻي، ميتلا، موهل، موجائي، ملهڻ، مومناڻي، مورا، موريجا، مورڙا، موريا، موٽمل، موٽو، موئا، مڇي، مومات، موندر، مونگر، منگرانا، منگراڻي، مراداڻي، بنيا، ناهوجا، ناهري (ناهرين جا پاڙا: آيا، امر، اٿا، ڀمڀيا، ڀول، ڏارٿ، ڏيسر، دورا، ڌوڙا، هالا، ابراهيم پوٽا، جارن، خان، کاهڙ، کوراڻي، لاکا، محرم پوٽا، ميان، مسورا، اوڍر، پلي، پسيا، راهو، راجا، راڻي، ساهڙ)، نائچ، نانگريجو، نانگر، ننگوار، نارا، ناريجا، نوال، ناورا، نظر، نماڻ پوٽا، ندا، نر، نراهه، نوتيار، نهڙيا، ککراچ، نومڙيا، نون، نوناري، ننڍا، نوح پوٽا، اڌا يا اوڍا، اڍاڻا، اوڍر، اوڍيجا، اوڳاهي، اوگم، اوسر، اتار، اٿا، اٿاڻي، اٿر، اٿوال، پارا، پاهڙ (پاهڙن جا پاڙا: جائوسر، کورناڻي، لنجاڻي، محباڻي، پهلاڻي، پنجابي، رتاڻي، سانگي)، پلي، پاهر، پکراد، پالاري، پلهه، پلي (پلين جو ذاتيون: گهيم)، پليجا، پلي پوٽا، پنهار، (پنهارن جا پاڙا)، باگراڻي، بائيداڻي، ڀلائي، ڏيلڙا، گدا، عيساڻي، ڪابورا، لاکائي پوٽا، ماهيا، رادي، راجائي، رموٿا، تالائي)، پنهور (پنهورن جا پاڙا: اڇرا، اياڻي، بادري، باگراڻي بنداڻي، بترا، بوچاري، بوراڪو، بولائي، بولاڻي، چڊي، چنهاڻي، گابرڪلاڻي، گرگراڻي، هير، ڪاڪا، ڪانوبراڻي، ڪانوريا، کچ، لوڌامي، لانگڻي، ماهيا، ماليا، نوري سعيداڻي، ٺوڙي، اموراڻي)، پنجابي واترا، پنڄوٿا، پانا، پنارو، پرها (پرهن جا پاڙا: ڀاماڻي، چٽا، جکرا، جيسڻ، مينگهراجاڻي، مورک، ساک) پهيار، پاريا، پارياڻي، پارو، پسريا، پٺاڻ، پاتر، پتيار، پرياهه، پيچوها (پيچوهن جا پاڙا: بهادراڻي، بمباڻي، بداڻي، منداڻي)، پهار، ڦرها، ڦل، بنولاڻ، ڦل لاکا، ڦل پوٽا، ڦرڪارا، پنيا، پيرانهي، پورڙ، پوبيا، پونا، پونر، پنهو، پسيا، ربالير، راڌڻ، رهاري، راهيجا، راهمو، راهو پوٽا، راهو، راهڪڙا، راهوجا (راهوجن جا پاڙا: (مهراڻي، راهوجا انڙ، راهوما رائيدن، رئيس، راڄڙ، راجا، (راڄڙن جا پاڙا: (ابيپوٽا)، راڄپڙ (راڄپڙن جا پاڙا: اهوسمد، باغ، ٻنڌڻ، ڌانگيجن، دوديجا، گاگنجا، حاجي، حساسجا، جهيجا، جوڳي، ڪيهرو، کتوجا، لکوجا، ماڪيا، مالا، مدن، موجائي، پاتا، ڦل، رتڙ، صدردين جا، صدرجا، صڌر، ساهيجا، سميجا، سانگي، ٽڳروجا، تاتوجا، واڌريا، واڌريجا ويسر)، راجسي پوٽا، رکرا، رمديا، راڻا، رنگ، رنتا، رنوا، رڦيا، رتڙ، راٺوڙ، رتروجا، ريحان، ريلاڻ، ريتي، رد، رونگها، رڪ، رڪڻ، رونجها، صاحب، صابر، صابرجا، صبايا (مٿواڻ، رستماڻ)، صدر، صاڌيا (صادين جا پاڙا: ڏانداڻي، دراني، فريداڻي، هشاڻي،  جاگيراڻي، ڪسيماڻي، پارواڻي، پرياڻي، ساهراڻي، سخيراڻي، سنداڻي، سوڀاڻي، عماڻي)، صدوراڻي، ساهڙ، سهارا، صباسرائي، ساهت، سهتا (ڇٽاڻي، ترنا، ٽوڪا) سنريا، ساکرا، ساکرو، سالريا، سماڻ، سميجا (بورا، محمود، نانگو، اوٺا، سماڻ، شنهانڻ)، سامٽيا، سئنچ، ساند (ساندن جا پاڙا: ڀونگر، دلي پوٽا، گهمڻ، ازدين، جانا، جانيجا، ڪمار، مراريو، روحا، روجهاڻ، سان پوٽا، تڳودر، وريام، واڙيل)، سانڊا، سانداڻا، سنديلا، سنگار، سانگها، سانگهي، سانگهرو، سنگراسي، سانگرو، سنبارا، سنپال، سنپار، سانوند (سانوند جا پاڙا: وزيراڻي)، سپر (ڪاڪي پوٽا، ڪڇيمي، تيبياڻي)، سارنگ، سرڪي، (آدماڻي، عادتاڻي، بگاڻي، فوزاڻي، حبيباڻي، حسناڻي، هوتواڻي، ميواڻي، پنجابي، سنڌي)، ساروٽيا، ساريا، ساٿيا، سوايا، سيکاٽيا، سينڀال، سيٺا، سباڻي، شابي، شيراڻي، شودا، شورا (شورن جا پاڙا: راٺوڙ) شورائي، شجراهه، سيال، سئينچ، سيهڙ، سيهڙا، سلاچي، سيلرا، سمائر، سينهارا، سنڀال، سرچا، سوبر، سوڍا، سوڍر (سوڍرن جا پاڙا: درقاڻي، گنگاڻي، غيباڻي، خوشحالاڻي، ستواڻي، سومراڻي، تيلاڻي، سولنگي، سگهڙ، سگهراج، سهاڳ، سومراڻي، سومرا، سوهندڙ (احمداڻي، دولاڻي، قاسماڻي، رپائي)، ٺاڪريا، ٿيلا، تريچا، ٿارڙ، تيٻاٽي، ٿيٻا (اٿراڻي، پمڀاڻي، گهرگاڻي، جڳسي، جهلڪ، عيساڻي، ڪلرجا، ڪمار، مامياڻي، ساندجا)، ثيرر، ٿيٿا، ٺوڙا، ٽنوينا، ٽڳڙ، تيميا (تيمين جا پاڙا: اڳڙا، ماڪا، مڪراڻي، ريني، روهيلا، ٿورڙا، ترڪ، سنڌي، تورنا، اڌيجا، اڄڻ، الرا، عمراڻي، انڙ (ڪوهر پوٽا، لاهڻ، انتاهه، اٽيرا، وڌيا، وڳڻ، واهگا، واگهوريا، واهر، واهرڪيا، واهوجا، وئيس يا ويئنس، واڪا، ولاڪري، ولرا، ونگا، واڻيچو، ورياهه، وارياهه، وسا، وساڻ، وستيرا، واتو، ورهه، وڏاريو، وگهر، وگهامل، وڪيا، ويرا، ورام، وڙهاڪ، ويسر، ووگهڙ، ووڪا، زنگيجا، زرداري، زندپور، زونر.

هي اهي ذاتيون آهن، جيڪي شيخ صادق عليءَ، سمن جي نسبت سان ڄاڻايون آهن. جڏهن ته سمن جون ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ انهن جا پاڙا مصنف کان رهجي ويا آهن. جيڪي هن رڪارڊ جي ٻيڻ ٽيڻ جيتريون ٿي سگهن ٿيون. ان کان علاوه سومرن ۽ ميربحرن جي حوالي سان ڄاڻايل ذاتيون پڻ سمن ۽ سماٽ ۾ سمجهڻ گهرجن.

قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو:

مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ پهريون ڀيرو 1925ع ۾ منظر تي آيو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ان جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ آندو ويو. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف ذاتين بابت معلومات ڏني وئي آهي ۽ سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپر خاندانن جا شجرا به ڏنا ويا آهن. سمن جي نسب نامي بابت مرزا قليچ بيگ جو بنيادي ماخذ تحفة الڪرام ئي آهي، جنهن ۾ سمن جي شاهي سلسلي جا نالا تاريخ معصومي واري روايت وڌل لڳي رهيا آهن، هن شجري تي بنيادي اعتراض اهي ئي آهن، جيڪي تحفة الڪرام واري شجري جي حوالي سان پيش ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي هندن جي مختصر تاريخ:

ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ به بنيادي نوعيت جي ڪم تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هندو آبادي جهڙوڪ لوهاڻن ۽ ڀاٽين وغيره جي مختلف پاڙن جي پريون پيڙهيون ڄاڻايون ويون آهن. اهو ڪتاب سڀ کان پهرين 1946ع ۾ ٻيو ڀيرو 1947ع ۾ شايع ٿيو. ان جي ٽين اشاعت گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2002ع ۾ ٻن جلدن ۾ ڪئي وئي ۽ چوٿين اشاعت روشني پبليڪيشنز حيدرآباد پاران هڪ ئي جلد ۾ پڌري ٿي. جڏهن ته انٽرنيٽ تي ان جو انگريزي ترجمو پڻ رکيل آهي.

پاڪستان ٺهڻ بعد سمن جي نسل تي ڪيل ڪم:

پاڪستان ٺهڻ واري دور ۾ يا ان کان پوءِ لکيل سنڌ جي تاريخن ۾ سمن حڪمرانن جي حوالي سان سمن جي نسب تي لازمي طور تي لکيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1946ع ۾ سمن جي شاهي سلسلي تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکي سمن تي تحقيق جي شروعات ڪئي ۽ لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ميڙيل روايتن ۾ هن سمن جي نسب نامي جي حوالن سان نهايت اهم رڪارڊ مهيا ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بلوچ جو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“، لسٻيلي جي سماٽ قبيلن بابت تمام اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. هيءُ ڪتاب 1951ع، 1970ع ۽ 2008ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن ۾ لسٻيلي تي راڄ ڪندڙ سماٽ قبيلن مان خاص طور تي رونجهن ڄامن، گونگن ڄامن، برفتن ۽ ڪونئريجن ڄامن جي تاريخ ۽ نسل بابت اهم روايتون ڏنيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ جي.ايم.سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو ٻيو ڀاڱو خاص اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ پڻ لسٻيلي جي سمن گهراڻن جي نسب نامن بابت ڊاڪٽر بلوچ ۽ خاندان جي سربراهن جي حوالي سان اهم معلومات ڏنل آهي. ڊاڪٽر بلوچ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي روايتن جو گڏيل مطالعو ڪري پروف جون ڪي غلطيون درست ڪرڻ سان لسٻيلي جي سماٽ قبيلن بابت نهايت اهم معلومات ملي سگهي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جنگ ناما ۽ رهاڻ هيرن کاڻ جي مختلف ڀاڱن ۾ به سمن جي نسب نامن جي هيٺين پيڙهين بابت ڪافي اهم معلومات ڏني آهي. رحيم داد مولائي شيدائيءَ جو ڪتاب ”جنت السنڌ“ 1958ع، 1985ع ۽ 1993ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ انگريزن جي ڪيل تحقيق مطابق سمن کي يدوونسي ڄاڻايو ويو آهي. 1961ع ۾ محمد خان مجيديءَ جو هڪڙو منظوم ڪتاب ”سنڌڙي ۽ ان جون قومون“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قبيلن جا نالا (سمن جي قبيلن سميت) پنهنجي نظم ۾ شامل ڪيا آهن. سمن سلطانن جو نسب نامون نئين سري سان مرتب ڪرڻ جي هڪڙي ڪوشش پير حسام الدين راشديءَ به ڪئي آهي. پير حسام الدين راشديءَ جو مرتب ڪيل شجرو ”مڪلي نامه“ ۾ شامل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران پهريون ڀيرو 1967ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1994ع ۾ شايع ڪرايو ويو. الهرکئي ٻٽ به ”سماٽ“ نالي ڪتاب لکي، ان ۾ سمن جي اصل نسل بابت پنهنجي تحقيق پيش ڪئي آهي. اهو ڪتاب 1984ع ۽ 1997ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه 1985ع ۾ شايع ٿيل قاضي محمد سليمان ڀان جو تصنيف ڪيل ”تاريخ سميجا“، جيڪو بنيادي طور تي تحفة الڪرام واري شجري سان مماثلت رکي ٿو، پر سميجن جي نسب نامي جي هيٺين پيڙهين ۽ انهن جي مختلف پاڙن بابت اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، سمن جي حوالي سان مشهور ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ لکيو، جيڪو پهريون ڀيرو 1987ع ۾، ٻيو ڀيرو 1996ع ۾ ۽ ٽيون ڀيرو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب ۾ سمن حڪمرانن جي تاريخ سان گڏ سمن جي نسل ۽ نسب نامي کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن وقت سنڌ ۾ نسب نامن جي حوالي سان مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ علم دوست ماڻهن پاران ڪم سامهون اچي رهيو آهي. جوکين جي باري ۾ علي محمد جوکئي جو ڪتاب ”تاريخ جوکيا ۽ جوکيا ڊائريڪٽري“، 1992ع، 2008ع ۽ 2009ع ۾ سامهون اچي چڪو آهي. 1993ع ۾ انڊيا جي هڪ اداري موتي لال بنارسي داس پبلشرز دهلي پاران آريائي ڪردارن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان وتن ماني نالي هڪ محقق جو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪڙو ڪتاب ’Puranic Encyclopedia‘ منظر تي اچي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڇپيل ٻين ڪتابن مان دوست محمد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”تاريخ شورا“ 1997ع ۾ منظر تي اچي چڪو آهي. چنن جي حوالي سان محمد رفيق چنا جو ”سنڌ جي چنا قوم جي تاريخ“ به شايع ٿي چڪو آهي، پر ان تي ڇاپي جو سال لکيل نه آهي. هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ چنن جي ڪجهه پاڙن جو ذڪر ڪيل آهي، پر خاص طور ڪلهوڙن جو چنو هئڻ بابت وڌيڪ بحث ڪيو ويو آهي. 2003ع ۾ هندستان ۾ جينت ريلواڻيءَ جو ڪتاب ”ڪڇ ۽ سنڌ جا قديمي ناتا“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سمن جي نسب نامي جي حوالي سان سڌيءَ طرح ۽ اڻ سڌيءَ طرح روايتون ڏنل آهن. هن ماخذ مان نسب نامي جي حوالي سان موجود مونجهارن جي سلسلي ۾ تحقيق لاءِ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي. انور علي نهڙيو جو 2005ع ۾ ٿر جي نهڙين (اربابن) بابت لکيل ڪتاب ”ونگي جا ڄام“ به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. 2005ع ۾ ڇپيل خير محمد ٻرڙي جو ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ تحقيقي ذهن رکندڙن لاءِ سمن جي نسل جي باري ۾ ڪافي اهم معلومات موجود آهي. هڪڙو ڪتاب ”ابڙو وڏ وڙو“ جي نالي سان مهدي شاهه ڳڙهي ياسينيءَ جو به 2005ع ۾ ڇپرايل آهي. جنهن تي جيتوڻيڪ هاسيڪار سنڌ جي تاريخ کي مٽائڻ جو الزام عائد آهي، تنهن هوندي به هن ۾ ابڙن سمن جي ڪيترن ئي پاڙن جو پيڙهي وار رڪارڊ ڏنو ويو آهي. اميد علي سٺئي جو 2006ع ۽ 2007ع ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيل ڪتاب ”سٺيا ذات“ پڻ سماٽ جي هن ذات جي باري ۾ سهيڙيل معلومات تي مشتمل آهي. موجوده دور ۾ ڊاڪٽر لعل بخش نائچ پاران ٻاڙمير انڊيا مان غلام رسول چارڻ کان حاصل ڪيل شجرو، قديم روايتن جي حوالي سان ڪافي اهميت جوڳو آهي. جنهن جو ڪجهه حصو پهريائين ڊاڪٽر لعل بخش نائچ جي مختلف مضمونن جي صورت ۾ سامهون آيو، ان بعد ان نسب نامي جي بنياد تي 2006ع ۾ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”حضرت سنڌ“ سامهون آيو. ڪتاب جي اهميت کي ڏسندي لاهور جي نالي واري اداري تخليقات پاران 2008ع ۾ ان جو اردو ترجمو سامهون آندو ويو. 2008ع ۾ ڇپيل اياز ڀاڳت جو ڪتاب ”سنڌ جون قومون ۽ قبيلا“ به ساڳئي موضوع تي لکيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ پڻ سمن جي نسل بابت اهم معلومات فراهم ڪيل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو وڌايل حصي سميت تمام تڪڙو يعني 2009ع ۾ شايع ٿيو. 2008ع ۾ ئي گل حسن سيٺار جو مختصر ڪتاب ”سيٺار ۽ متعلقه قبيلا“ جي عنوان سان ميرپور ماٿيلي مان جاري ٿيو، جنهن ۾ سيٺار ذات جو تعلق لسٻيلي جي گونگن ڄامن سان ٻڌايو ويو آهي.

مٿين ماخذن مان هتي چند اهڙن ماخذن جو ڪجهه قدر تفصيل سان ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ يا ته سمن جي نسب نامي جي روايت جي حوالي سان ڪا واڌو معلومات موجود آهي، يا اهي بنيادي روايتن کي ٽوڙڻ لاءِ ڀرپور مواد رکن ٿا، جن سان سمن جي نسب نامي کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهي ٿي.

تاريخ سميجا واري روايت:

قاضي محمد سليمان ڀان جو مرتب ڪيل سميجن جو شجرو سندس ڪتاب ”تاريخ سميجا“ ۾ شايع ڪيل آهي. هيءُ شجرو بنيادي طور تحفة الڪرام واري روايت جو حصو آهي. شجري سان گڏ ڏنل مواد ڪافي قدر تحقيق طلب آهي. منهنجي نظر ۾ هن شجري جي اهميت انهن ڪجهه پيڙهين تي مدار رکي ٿي. جيڪي هن، سميجن جي شجري طور تحفة الڪرام واري شجري سان جوڙيون آهن. هن ڪتاب ۾ قباچه کي دهليءَ جو حاڪم ٻڌايو ويو آهي ۽ ڄام سمي کي ان جي دور ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ياد رهي ته ناصرالدين قباچه، دهليءَ پاران سنڌ تي مقرر ڪيل حاڪم هو ۽ 625هه مطابق 1228ع ۾ ٿي گذريو آهي. ڄام سمو قطعي طور تي ان دور سان تعلق نه ٿو رکي. اهو سڌو سنئون دور جو مغالطو آهي، جيڪو ڪتاب ۾ ٻين به ڪيترن جاين تي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ سندس اولاد مان سڪرالدين بن ڀاڳت بن راڄپار بن لاکو بن ڀاڻو بن جراڙ بن ابڙو بن ڀنڀرو بن آمر بن ڏيرو بن ٿيٻو بن انڙ بن سمو جو دور 909هه کان 981هه تائين آهي. پر هن بزرگ جي وفات 871هه ۾ ٻڌائي ويندي آهي. دراصل دور جو اهڙو مغالطو سنبت جي حوالي سان سمن جي نسلي تاريخ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيل مونجهاري بابت منهنجي موقف جي تائيد ڪندي ان لاءِ ثبوت پڻ فراهم ڪري رهيو آهي.

Puranic Encyclopedia

وتڻ مل جي تيار ڪيل هيءَ انسائيڪلوپيڊيا انڊيا جي هڪ اداري موتي لال بنارسي داس پبلشرز دهلي پاران 1993ع ۾ پهريون ڀيرو پڌري ڪئي وئي. انگريزيءَ ۾ لکيل هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ آريائي ڪردارن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان تمام اهم مواد گڏ ڪيل آهي، جيڪو آرين جي اصليت، انهن جي اٿاڪ واري اوائلي علائقي، مختلف ڪردارن جي باري ۾ اهم معلومات ۽ ويدن توڙي پراڻن جي ڪردارن جي نسب نامن جي حوالي سان تمام اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. ڌيان سان مطالعو ڪرڻ سان اسان کي هن ڪتاب ۾ آرين جي وچ ايشيا، عربستان ۽ آفريقا جي علائقن جي باشندن سان تعلق، سمن جي نسب نامي، جمشيد جي ڪردار ۽ ان سان سمن جي تعلق جي باري ۾ ايتري ته اهم معلومات ملي ٿي، جيڪا اسان وٽ موجود هيستائين جو ڪوبه ماخذ فراهم ڪري نه ٿو سگهي. هن ۾ موجود مواد سان نه رڳو جيمس ٽاڊ جي ماخذ ۾ اڌوريون لڳندڙ ڪيتريون ئي روايتون مڪمل ٿين ٿيون، بلڪه مختلف ڪردارن جي باري ۾ به ڪافي اهم معلومات ملي ٿي. جيڪا ڪنهن مقامي ماخذ مان ملڻ ممڪن نه آهي. هن ڪتاب جي افاديت جي باري ۾ ان کان وڌيڪ ڇا چئجي ته سنڌ جي تاريخ ۽ سمن جي نسل بابت کوجنا ڪندڙ هاڻي جيڪڏهن هن ماخذ مان استفادو حاصل ڪرڻ بنا ڪجهه لکندا ته سندن تحقيق اڌوري ئي رهندي.

”ڪڇ ۽ سنڌ جا قديمي ناتا“، ۾ شامل سمن جي نسب نامي واري روايت:

آريائي نسب نامي ۾ مصر جي حڪمرانن جو چندرونسي آرين سان نسلي ناتو بيان ڪندي ڪرشن جي پوٽي انيروڌ جي مصر جي علائقي ٻاڻاسر جي حڪمران جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن جو پٽ وجرناڀ بعد ۾ ناناڻڪي ڏيهه ۾ حڪمران ٿيو. ويجهڙائيءَ ۾ سن 2003ع ۾ هندستان ۾ ڇپيل جينت ريلواڻيءَ جي ڪتاب ”ڪڇ ۽ سنڌ جا قديمي ناتا“ ۾ سمن جي نسب کي هن روايت سان جوڙيندي ٻڌايو ويو آهي ته وجرناڀ جي 56هين پيڙهيءَ ۾ گرو گوڙ راج مصر جو حاڪم ٿيو. رومين کيس ڀڄايو ته هن اتان نڪري اچي ڪابل تي قبضي ڪيو. سندس اولاد مان سرسين جي، سنبت 603 کان 613 تائين حڪمران رهيو. هن سنڌ جو لوهاري (شايد لوهاڻو) پرڳڻو هٿ ڪيو. سندس پوٽو ديوندر (جادم) 628ع کان 683ع تائين ٿيو. ان بعد هن تحفة الڪرام واري نسب نامي واريون پيڙهيون ڏئي سنڌ جي سمن حڪمرانن تائين شجرو نروار ڪيو آهي. هن کان اڳ جيمس برگس ان روايت جو مٿاڇرو ذڪر ڪيو آهي. هتي اها روايت پهريون ڀيرو پوري تفصيلي سان ڏنل آهي، جيڪا انگريزن جي دور جي ڪتابن ۾ سمن کي ڪرشن جو اولاد سڏڻ واري روايت جي سلسلي ۾ وچ جون ڪڙيون ملائڻ جو ڪم ڏئي سگهي ٿي، پر ياد رکڻ گهرجي ته انگريزن جي تحقيق ۾ سمن کي ڪرشن جي راڻي ڄامڀوتي مان پيدا ٿيل پٽ سمڀو جو اولاد ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته نسب نامي جي هن روايت ۾ سمڀو بدران ڪرشن جي ٻئي پٽ پرديومن جو نالو اچي رهيو آهي. هن نسب نامي ۾ مختلف شخصيتن جو دور به ٻڌايو ويو آهي ته انهن جي ڪن همعصرن جا نالا به ڏسيا ويا آهن. اهي ڳالهيون روايت تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نهايت اهم معلومات فراهم ڪن ٿيون. هن سڄي ڪتاب ۾ موضوع سان تعلق رکندڙ يا غير متعلقه روايتون منهنجي ان گمان کي هٿي ڏين ٿيون ته ڪڇ جي تاريخ ۾ مختلف سنبتن جي رواج، سمن جي نسب نامي ۽ دور بابت وڏو مغالطو پيدا ڪيو آهي. منهنجي ان موقف کي سمجهائڻ لاءِ هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. جنهن ۾ 1227ع ۾ مري ويل چنگيز خان کي سال 1050ع ۾ مئل ٻڌايو ويو آهي ۽ ڄام نظام الدين جي حڪمراني سال 1508ع بدران 1200ع تائين ٻڌائي وئي آهي.

ٻاڙمير جي غلام رسول چارڻ وارو شجرو:

تاريخ جي جن به ڪتابن ۾ سنڌين جي نسل تي ڳالهايو ويو آهي، اتي سنڌ ۽ هند جو نالو ضرور کنيو ويو آهي. پر ڪنهن به محقق ان سلسلي ۾ مفصل روايت ڏيڻ ضروري نه سمجهي آهي. ’تاريخ فرشته‘ البته هن روايت جي بنياد تي ئي ”هند“ جي اولاد جي نالي سان قائم ٿيل ڪجهه قبيلن ۽ انهن سان منسوب ٿيل علائقن جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۽ هند جي مسلمان قبيلن وٽ هيءَ روايت مفصل انداز ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر لعل بخش نائچ اها روايت ٻاڙمير انڊيا جي غلام رسول چارڻ نالي راويءَ کان تحريري صورت ۾ هٿ ڪئي آهي ۽ ان جي بنياد تي پنهنجو ڪتاب ”نائچ نامه سنڌي“ تصنيف ڪيو اٿس، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي. ان کان علاوه ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ ان شجري جي بنياد تي ”حضرت سنڌ“ نالي ڪتاب لکي سنڌين جي شجري کي نئين رخ سان ڏسڻ جو ڏس ڏنو آهي. حاجي خان چاچڙ جو اهو ڪتاب پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ 2006ع ۾ شايع ٿيو. 2008ع ۾ ان جي افاديت کي مدنظر رکندي لاهور جي مشهور پبلشنگ اداري تخليقات پاران ان جو وڌايل اردو ايڊيشن شايع ڪرايو ويو . هيءُ شجرو بنيادي طور تي عرب روايتن تحت ترتيب ڏنل آهي. هن شجري ۾ خاص ڳالهه مٿين شجرن جي دائري ۾ ڪجهه نون نالن جي اضافي کان علاوه سنڌ ۽ هند جي معروف قبيلن جي شموليت آهي.

هن شجري مان ڀليءَ ڀت اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عرب ۽ عجم بنيادي طور تي هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. جنهن نسل کي عربن جي محاوري ۾ سامي ڪوٺيو ويو آهي. اهوئي نسل سنڌ ۾ سما سڏجي ٿو. نسب نامي جي هيءَ روايت ڪافي سگهارا بنياد رکي ٿي. جنهن جي چند ڳالهين تي سوال ته اٿاري سگهجي ٿو، پر ان کي مطلق غلط قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن شجري جي ڇپيل حصي ۾ البته جادم ۽ ان جي اولاد جي معروف شجري جي چٽائي مفصل انداز ۾ نه ڪئي وئي آهي. نسب نامي جي هن روايت کي جادم جي اولاد جي معروف شجري جي پيڙهين سان مشروط ڪري سگهجي ٿو. جنهن جي صحت، مٿين پيڙهين جي صحت لاءِ وڏو دليل ثابت ٿيندي. جيڪڏهن هن سلسلي ۾ پوري روايت کي سامهون آندو وڃي ته ان سان هڪ وڏو تاريخي رڪارڊ درست ٿي سگهي ٿو.

شجرن جي حوالي سان چند تجربن جو ذڪر:

مٿي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته شجرن جي حوالي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ماڻهو پنهنجي نسب نامي جي انهن پيڙهين تي وڌيڪ ڀروسو ٿا ڪن، جيڪي سندن ذاتي يا خانداني علم يا تحرير ذريعي کين پهتيون هجن. ان کان مٿي وارين پيڙهين جي سلسلي ۾ اهي ڪنهن به روايت تي اعتبار ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ ٽي مختلف تجربا هتي پيش ڪجن ٿا، جن مان هڪڙو تجربو منهنجي خانداني شجري سان تعلق رکي ٿو. نصرپور ۾ پنهنجي خاندان سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڳولا ڦولا دوران نصرپور جي عالماڻين وٽ اسان جي ئي خاندان جو شجرو نظر آيو. مطالعي مان خبر پئي ته اهو شجرو منهنجي پڙ ناني قاضي ابوبڪر مٽيارويءَ جو لکرايل آهي، ۽ اهو شجرو ياداشت جي بنياد تي لکرايل آهي. اسان جي ابن ڏاڏن مان مخدوم ميئنڏني کي ٽي فرزند: مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالحق ۽ مخدوم نور محمد هئا. راويءَ هن سلسلي ۾ انهن مان رڳو پنهنجي ڏاڏي مخدوم نور محمد جو نالو لکرايو هو. شجرو اتاريندڙ وٽ شايد رڳو مخدوم عبدالله ۽ مخدوم عبدالحق جون پيڙهيون هيون. جنهن کي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن، انهن ٻنهي بزرگن جا نالا اتي شامل ڪري ڇڏيا، جتي راويءَ جو ٻڌايل شجرو ختم ٿي ٿيو. ان غلطيءَ جي ڪري 1181هه ڌاري فوت ٿيل مخدوم ميئنڏني جون جتي مون تائين نو پيڙهيون ترتيب سان رڪارڊ تي آهن، اتي مذڪوره بزرگن جون پيڙهيون 18 کان به ٽپيون ٿي ويون. جڏهن مون شجري جي روايت ۾ اهو مغالطو ڏٺو ته مالڪن کي ڏاڍي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان شجري جو اصل ماخذ مون وٽ مختلف روايتن سان مختلف دورن ۾ لکيل موجود آهي. جتي توهان جو شجرو ڳنڍيو ويو آهي. انهن بزرگن جو پنهنجو اولاد موجود آهي ۽ شجري جو راوي منهنجو پڙنانو آهي، تنهنڪري هن غلطيءَ کي درست ڪيو وڃي، پر مالڪن ان سلسلي ۾ ڪابه ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چٽيءَ طرح چيائون ته اسان کي جيئن وڏن کان شجرو مليو آهي. ائين ئي صحيح آهي.

ٻيو تجربو هن ريت آهي ته ڪرنائي سمن مان هڪ علم وارو حاجي محمد سمو جڏهن مون سان رابطي ۾ آيو ۽ مون کانئس، سندس شجرو حاصل ڪري ورتو. ان بعد هڪ ڀيرو سمن جي شجري جي حوالي سان گفتگو ڪندي، شجري ۾ ٿيل غلطين جي ڪارڻن تي بحث ڪندي مٿي ڄاڻايل سبب کيس گوش گذار ڪيا ويا، جنهن تي پاڻ چيائين ته مهرباني ڪري منهنجو شجرو ڄام بهاءُالدين جي نالي تائين نوٽ ڪجان، ڇو ته اهو مون پنهنجي والد کان ٻڌي لکي ڇڏيو هو، جڏهن ته ان کان مٿيون پيڙهيون مون تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي مان ڏسي لکيون آهن. (ڪرنائي سمن جي ساڳي روايت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ”رهاڻ هيرن کاڻ-8“ ۾ مولوي احمد جي حوالي سان ڏني آهي، جنهن ۾ تاريخ معصومي واري روايت مطابق ڄام علي شير، ڄام بهاءُالدين، ڄام ڪرڻ وغيره کي ڀائر ڄاڻايو ويو آهي. حاجي محمد جي بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اها روايت پاڻ ئي مولوي احمد ڪرنائي سمي جي روبرو لکرائي هئائين.

ٽيون تجربو هن ريت آهي ته 1999ع ڌاري ڪنهن دوست کان جهرڪن ۾ رهندڙ صاحب سمن جي شجري جي روايت جي باري ۾ معلومات وٺڻ چاهيم، جنهن ٻڌايو ته جهرڪن جو هڪ نوجوان امتياز سمو آهي، جنهن کي سمن جي شجري سان دلچسپي آهي ۽ وٽس سمن جو شجرو به آهي. مون مٿس اهو شجرو هٿ ڪرڻ جو بار رکيو. جلد ئي هڪ وڏي چارٽ تي اتاريل شجرو مون کي هٿ ۾ اچي مليو، ۽ پهرين نظر وجهڻ سان ئي پتو پئجي ويو ته تحفة الڪرام وارو شجرو آهي.

مٿين تجربن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته تحفة الڪرام واري مصنف سمن جي شجري جي جيڪا روايت ڏني آهي، بنيادي غلطي ان شجري ۾ ٿيل آهي. سنڌالاجي ۾ رکيل قلمي نسب نامي واري روايت ڪجهه قدر مختلف هئڻ جي باوجود بنيادي طور تي ساڳئي ماخذ سان تعلق رکي ٿي. اها سمن جي دور ۾ ئي ڪنهن سبب جي ڪري مغالطي جو شڪار ٿيل لڳي ٿي. جنهن کي مغلن جي دور ۾ تحرير جي احاطي ۾ آندو ويو ۽ تحفة الڪرام ان روايت کي ڦهلائڻ جو اهم ذريعو بڻجي ويو. ان کان پوءِ لاتعداد ماڻهن ان شجري جي روايت سان پنهنجي خاندان جو شجرو مرتب ڪيو هوندو، جيڪو هيستائين جن به ماڻهن وٽ پهتو هوندو، انهن پنهنجن وڏن جي روايت سمجهي ان شجري کي سانڍيو هوندو. هاڻي اها وڏن جي روايت سندن لاءِ تمام معتبر خانداني روايت بنجي چڪي هوندي، جنهن تان هٿ کڻڻ سندن لاءِ ناممڪن نه هوندو. هن سلسلي ۾ باقاعده ثبوتن سان تحقيق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته هڪڙو ته سنڌ جي سمن جا نسب ناما صحيح طرح سان پڌرا ٿيل نه آهن، ٻيو ته جيڪي به روايتون ملن ٿيون، اهي تحفة الڪرام کان پوءِ مرتب ڪيل آهن، جن تي تحفة الڪرام مان مستفيد ٿيڻ جو شڪ ڪري سگهجي ٿو. جيمس برگس ان کان هٽيل روايت ان ڪري هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو جو جاڙيجا سما، سمن جي حڪمرانيءَ جي اوائلي دور ۾ ئي ڪڇ ڏانهن لڏي ويا هئا، ان ڪري وٽن اها روايت محفوظ رهجي وئي. پر پوءِ به ماڻهن جي لڏپلاڻ جي ڪري تحفة الڪرام واري صاحب کي مليل روايت اتي پهتي ضرور آهي، جنهن جي ثابتي جينت ريلواڻيءَ جي ڪتاب ”ڪڇ ۽ سنڌ جا قديمي ناتا“ واري روايت مان ملي ٿي. ايم اڪبر رانا جي ”تاريخ راجپوت“ ۾ سمن جي  دور ۾ هندستاني پنجاب ڏانهن لڏي ويل راڄپرن جي نسب نامي واري هڪ روايت ۾ انڙ ۽ رائڌن جي وچ واريون پيڙهيون ڏيڻ بدران رڳو پيڙهين جو تعداد ڄاڻايو ويو آهي. تفصيلي روايت هٿ اچڻ تائين گمان ڪري سگهجي ٿو ته اها روايت به نالن جي ڦير گهير کان محفوظ رهجي ويل آهي. نسب نامي جي هن مغالطي کي سلجهائڻ لاءِ اسان کي قديم ترين تحريري روايتن جي ڳولها ڪرڻي پوندي. اهي روايتون سمن جي دور جون هجن ته بهتر، نه ته به گهٽ ۾ گهٽ تحفة الڪرام جي تصنيف کان اڳ جون هئڻ ضروري آهن. اهڙين روايتن جي بنياد تي اهو  طئه ڪري سگهجي ٿو ته انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ انهن مان ڪهڙو شجرو صحيح ۽ ڪهڙي روايت غلط آهي. في الوقت جيمس برگس وارو شجرو ئي آهي، جيڪو تاريخي تحقيق جي اصولن تي پورو لهندي نظر اچي رهيو آهي.

سماٽ برادريءَ جو بنياد:

مشهور چوڻي آهي ته:

سمڪا گهر ٽيهه، ارڙنهن تن مان آهير،

باقي ٻارنهن بچيا ٻاريءَ ۾،

تن مان به چوکا ٿيا، چار،

سنڌ سمو، ڪاڇو چنو، ڀٽي جيسلمير،

چوٿون ٿيو چغدو، جنهن جو پريءَ مٿي پير.

هيءَ چوڻي ڪافي پراڻي آهي، جيڪا قديم روايت هئڻ ۽ زباني طور تي ڦهلجڻ ڪري ٿوري گهڻي تفاوت سان سنڌ جي اصلوڪين حدن ۾ مروج آهي. جيئن ٻيءَ روايت ۾ آهي ته:

جي پڇي سمي گهر ته سمڪا ترياه

ڦل مناهي ٻه ڄڻا، انڙ اٺاويهه،

مناهيا کوڙ ٿيا، لاکا ڦل گهراءِ،

ٻيا اٺاويهه گهر جدا انڙ جي گهراءِ،

جهو، انڙ، ڦل، مناهي، ڳهڙ، برکر، چترساهه،

اوڍر، مهر، ورياهه پسر ماني شاهه

پوتري پوترائي سي نرويٺا گهر اڏائي.

پهرين روايت مان جتن ۽ سمن جو نسلي تعلق ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻيءَ روايت ۾ سمن جي ڪن پوءِ پيدا ٿيل قبيلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن چوڻيءَ ۾ لفظ ”سمڪا“، ”سماٽ“ جي جڳهه تي ڪم آيل آهي. وسيع دائرو رکڻ جي باوجود هي چوڻيون سماٽ قبيلن جو مڪمل احاطو نه پيون ڪن. ٻئي طرف جيئن جيئن وقت گذري پيو ۽ برادر قبيلن جي کي  هڪٻئي سان واسطيداريءَ جي شناس وسري پئي. تيئن تيئن سماٽ جي دائري بابت به غلط فهميون پيدا ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. جڏهن ڪنهن محقق پاران سماٽ قبيلن کي غير سماٽ قرار ڏيندڙ رايا سامهون ايندا آهن يا خود سماٽ جي غلط وصف بيان ڪندي سماٽ جي هڪ نسلي بنياد کي رد ڪيو ويندو آهي ته نسلي تحقيق جي نالي ۾ اهڙيون تحريرون پڙهي ڪافي افسوس ٿيندو آهي.

مٿي مختلف محققن جي حوالي سان اهڙي رحجان جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هتي ويجهي دور جي هڪڙو مثال ٿو پيش ڪجي. سڌايا، ٺيٺ سنڌي سماٽ آهن ۽ کين آبڙ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. نسب نامي جون روايتون سمن سان سندن نسلي تعلق کي چٽيءَ طرح پيش ڪن ٿيون. خير محمد ٻرڙو، ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ سڌاين جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”(سڌايه) سما ۽ دل آهن. هنن جا خاص پاڙا پارواڻي، پرياڻي، جاگراڻي، دراڻي، ڏنداڻي، سانداڻي، ساهراڻي، سخيراڻي، صوڀاڻي، عمراڻي، فريداڻي، قاسماڻي، هشاڻي آهن(6)“.

اياز ڀاڳت وري سڌاين جا ڪجهه ٻيا پاڙا به ڄاڻايا آهن، جيڪي هن ريت آهي:

”سڌايو، سڌايو پوٽا، پارواڻي، پرياڻي، جاڳراڻي، دراڻي، ڏنداڻي، سانداڻي، ساهراڻي، سخيراڻي، صوڀاڻي، عمراڻي، فريداڻي، فريد پوٽا، قاسم پوٽا، هاشماڻي، هشاڻي(7).“

سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن عالمن جي ڪم کي ظاهر ڪندڙ اسان جو اڄ جي دور جو لائق ۽ معتبر عالم ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي مدني پنهنجي استاد مولانا تاج محمد سڌايو صاحب جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:

”سڌائي قوم بابت سائين جي ماروٽ مولوي عبدالحليم جو چوڻ آهي ته ٻڌو اٿئون ته هي قوم اصل سنڌ جي ناهي، بلڪه گهڻي ڀاڱي انڊونيشيا مان هجرت ڪري ان قوم مان ڪو سنڌ جي انهيءَ علائقي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هينئر ان قوم جا رڳو ٻه ڳوٺ ”چوڏهيو سڌايو“ ۽ ”شاهل سڌايو“ آهن، باقي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ان قوم جو ڪو گهر ڪونه ٿو وسي. اها ڳالهه سدائين ذهن ۾ رهندي هئي، پوءِ جڏهن رب سائين بنده کي ام القريٰ يونيورسٽي مڪه مڪرمه ۾ تدريس جو شرف بخشيو، تڏهن هيڪاري هڪ سعودي شاگرد ”سدايه“ لقب سان مون وٽ پڙهڻ آيو، فورن ذهن پنهنجي استاد جي قوم ڏانهن ويو، پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته اسين اصل انڊونيشيا جا آهيون، ان قوم جا اتي ڪئين ڪٽنب موجود آهن. تنهن تي مولوي عبدالحليم جي ڳالهه جي تصديق ٿي(8).“

هيءُ جملو سڌاين جي تاريخ کي منجهائڻ لاءِ ڪافي آهي. جڏهن اڄ جي تاريخ ۾ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اهڙيون غلطيون ٿي سگهن ٿيون ته قديم دور جي نسلي تاريخ سان ٿيل ويڌنن جو ته ڪو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. اهي قبيلا، جيڪي هاڻ قبيلا نه پر سمن جي ڪيترن ئي قبيلن تي مشتمل تمام وڏا نسلي گروهه بڻجي چڪا آهن. سي چوڏهن سو سالن جي تاريخ ۾ سمه، سمني، شمني، وغيره سڏبا آيا آهن. سماٽ برادريءَ ۾ شموليت جو ڪارڻ به سندن اهوئي نسلي تعلق هو. انهي گروهن جو پاڻ ۾ تعلق چٽو پيو آهي ۽ اڄ به انهن نسلن جا سڄاڻ فرد پاڻ کي هڪ نسل جا سڏرائين ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ اهو چوڻ هرگز مناسب نه ٿو قرار ڏئي سگهجي ته سماٽ برادريءَ جا وڏا گروهه نسبي تعلق وسري وڃڻ ڪري هڪٻئي کان ڌار آهن. بلڪه تحقيق ان ڳالهه تي ٿيڻ گهربي هئي ته قديم زماني کان سماٽ برادريءَ ۾ شامل هئڻ ڪري اهي قبيلا آخر ڪٿي ٿا وڃي پاڻ ۾ نسلي طور تي گڏجن؟ آءٌ پنهنجي تحقيق جي بنياد تي هن راءِ تي پهتل آهيان ته سماٽ ۾ شامل سڀ گروهه عرب محاوري مطابق سامي آهن ۽ آريائي محاوري مطابق چندرونسي آريا آهن. اهي نسل، قديم نسلي نسبت سان سما سڏيا ويا آهن ۽ ان نسبت سان ئي پاڻ ۾ سدائين ڀائيچاري سان گڏ رهيا آهن. تنهنڪري هن چوڻيءَ کي سطحي انداز ۾ رد ڪرڻ مناسب نه آهي. منهنجي خيال ۾ ڪتاب ”حضرت سنڌ“ ۾ ڏنل ٻاڙمير واري روايت ۾ انهن ٽنهي گروهن جي پاڻ ۾ نسلي تعلق جو سوال به حل ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. جنهن جو مطالعو پوري ڌيان سان ڪرڻ گهرجي.

سمن جي نسب نامي سان لاڳاپيل هڪ معاملي جي چٽائي:

سمن جي نسب نامي تي تحقيق ڪندي ڪن سڄاڻن پاران ڍڪيل لفظن ۾ اهو ٻڌايو ويو ته جنهن به ذات ۾ ”جا“ جي پڇاڙي لڳل هجي. ان مان مراد ڏاڏي پوٽيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ عورت مان ٿيل اولاد سمجهڻ گهرجي. ڪن ماڻهن پاران ته وري کليل لفظن ۾ ڄاڻايو ويو ته سميجا، ملاح عورت مان پيدا ٿيل نسل مان آهن ۽ ذات جي پڇاڙيءَ ۾ ”جا“ لفظ جو لاحقو ملاح ذات مان شادي ڪيل عورت مان پيدا ٿيل اولاد مان استعمال ٿئي ٿو!؟

ذاتين جي سلسلي ۾ مون جيڪو مطالعو ڪيو، ان مان اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي اٿم ته سمن ۾ نسلي بنيادن تي قائم ذاتين جي نسبت هيٺين طريقن سان ٿيندي آهي.

1. ڪنهن به مشهور شخصيت جو نالو جيئن جو تيئن ذات طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جيئن سما، لاکا، اوٺا، ڳاها ۽ اهڙيون هزارين ٻيون ذاتيون سمن ۾ موجود آهن. هي طريقو سامي ۽ آريائي نسلن ۾ عام آهي.

2. پيءُ جي نسبت سان قائم ٿيل پٽ جي نسبت جهڙوڪ ڦلاڻي، جکراڻي، ڀوتاڻي وغيره اهڙي نسبت بنيادي طرح رڳو پٽن لاءِ هوندي آهي، پر پوءِ انهن جي اولاد جي به ذات بنجي ويندي آهي. هي طريقو به سامي ۽ آريائي نسلن ۾ عام آهي. جيئن سرياني، عبراني وغيره.

3. ”جا“ جي پڇاڙي رکندڙ ذاتيون، جهڙوڪ جاڙيجا، جوڻيجا، سميجا، ڪوريجا وغيره هن طريقي جي ذاتين جا مختلف ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ڪنهن نالي سان نسبت رکندڙ ڪا ذات اڳ ۾ موجود هئڻ جي صورت ۾ ساڳئي نالي سان قائم ٿيندڙ ٻي ذات ۾ ”جا“ لڳائڻ جو امڪان وڌيڪ ٿئي ٿو. علائقائي فرق ڪري به ذات ۾ ”جا“ جو فرق اچي سگهي ٿو، جيئن لاڙ ۾ جيڪي جوڻا سڏبا آهن، اهي ساڳيا ماڻهو اتر ۾ جوڻيجا به سڏيا ويا آهن.

4. چوٿين قسم جون ذاتيون هن قسم جون هونديون آهن. هاليپوٽا، جراڙ پوٽا وغيره، اهو طريقو ڪنهن نالي جي نسبت سان ڪافي پوءِ قائم ٿيل قبيلن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

5. ڪي ذاتيون اهڙيون به معلوم ٿيون آهن. جيڪي آهن ته هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد، پر ڏاڏي جي نالي بدران، ان سان منسوب علائقن جي نسبت سان سڃاتيون وينديون آهن. مثال طور ڳالهي نالي شخصيت سان قائم علائقي جي نسبت سان سڏجندڙ ڳاهوٽي، خان جي نالي جي نسبت سان قائم ٿيل علائقي سان سڏجندڙ خانوٺي وغيره. هن قسم جو ذاتيون اتفاقي طور تي عمل ۾ اچي وينديون آهن.

6. ڪي سنڌي ذاتيون وري پٺاڻن سان رهڻ ڪري باروزئي، محمدزئي جي نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون. هن قسم جون ذاتيون قبيلائي تعاون جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجن.

هن سڄي پس منظر ۾ ڏسجي ته سميجا اولاد آهن ڄام سمي جو، جنهن جي باري ۾ ساڳي روايت ٻن طرحن سان ملي ٿي. هڪڙي روايت قاضي محمد سليمان ڀان لکي آهي، جيڪا هن ريت آهي: ”سمي جو سڱ جيسلمير جي ڳوٺ سمجهاڙيلي جي مڱڻراءِ جي گهر ڪيو ويو. سمي جا ڀائر ۽ ٻيا ڄڃ ڪري سمجهاڙيلي ويا ٿي شادي ڪرڻ ته واٽ تي رتيو ڪوٽ نالي شهر هو، رتي چاوڙي جو. اتي وڃي ڄڃ لٿي ته رتي چاوڙي جي ڀاءُ مراد چاوڙي جي ڌيءَ نالي بيگ ٻائي پهلوان هئي. سمي جو گهوڙو ڇنائي اٿي ڀڳو. سمو پنجاهيو پهلوان هو، گهوڙو سمي جو جڏهن به ڇنائيندو هو ته سمون پاڻ جهليندو هو يا پنجاهه ماڻهو گهوڙي کي جهليندا هئا. گهوڙو ڇنائي اٿي ڀڳو. گهوڙي جي پويان ماڻهو لڳا جهلڻ لاءِ ته ماڻهو ڏسن ته مائي هڪ آهي جو کير جو قرصي جو ٻيلڙو مٿي تي ۽ مينهن جو ڦر ڪڇ ۾ کڻيو ٿي اڇي، گهوڙو اوڏانهن ڀڄندو وڃي. گهوڙي جي سئيس مائيءَ کي هڪلون ڪيون ته مائي پري ٿي، گهوڙو مست آهي، ماري ڇڏيندو، مائي نه پئي پاسي ٿئي. گهوڙو مائي جي پاسي کان لانگهائو ٿيو. مائي رسي تي پير کڻي رکيو ته گهوڙو ڇڪائي ڇڪائي بيهي رهيو. هڪڙن گهوڙو جهليو، ٻين وڃي ڄام سمي کي چيو ته مائي پهلوان اهڙي آهي، جي هن مائيءَ سان سائين جن شادي ڪن ته هن جي پيٽ مان اهڙا پهلوان پيدا ٿيندا جو ڪنهن جي به مجال نه ٿيندي جو جنگ کٽي وڃي. هن کي نوڪرن ساري حقيقت بيان ڪئي. سمي ڀائرن کي سڏائي ورتو. سمي ڀائرن کي چيو ته مراد چاوڙي جي ڌيءُ پهلوان آهي، تهڙي خوبصورت آهي. هن سان مون کي هر حالت ۾ شادي ڪرايو. ڀائرن، ڄام سمي کي ٻڌايو ته اول شادي مڱڻراءِ جي گهر ڪنداسون، جتي تاريخ مقرر آهي. جي اول شادي هيءَ ڪنداسون ته ماڻهو پاڻ مان لاهيندا ته ڄڃ هڪ ڪنوار جي، شادي ٻي ڪنوار سان ٿئي ٿي. ڀائرن هن کي جواب ڏنو. ڀائرن صلاح ڪئي ته ڪوبه آڪيڙو ڏيوس ته ڳالهه تان لهي. ڀائرن سمي کي چيو ته جي اسان جو چيو نه ٿو مڃين ته اسان ڀاڳ به ڪونه ڏينداسون. سمي جواب ۾ چيو ته ڀاڳ ڀائرن جو آهي. نه ڏيندا ته پرواهه نه آهي. هيءَ شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس. ورائي ڀائرن چيو ته ڀون مان ڀاڳ به ڪونه ڏينداسون. هن جواب ۾ چيو ته مون ۾ همٿ هوندي ته وٺي ويندس. هي شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس. پوءِ هن جي ڀائرن جي پڳ تان ڪشمڪش لڳي. ڀائرن فيصلو ڪري پڳ، پليءَ کي ٻڌائي. ڀائر ڪاوڙجي هليا ويا. هن راتو رات ۾ شادي ڪري پوءِ وڃي ٻي شادي به مڱڻراءِ جي گهر ڪئي. ٻئي شاديون ڪري ٺٽو ڪونه ويو ۽ نصرپور ۾ ويهي رهيو، ان حقيقت تي ساڌو جو هي شعر آهي:

 

جي رائڌن راءِ، ته سمي ٻيو راڄ ڪيو،
اوڇلي ڀون اوپري ڪيائين کنيري کاڄ،
سمي جا سميجا ٿيا، ساري ڊهٽ،
پهره پلي وهاريو ڄام سمي پڄاڻان کٽ
(9).

ٻي روايت حسين سميجي جي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي آهي جيڪا هن ريت آهي: ڄام سمو ننگر ٺٽي جو حاڪم هو. منگل راءِ ڀاٽي جي ڌيءُ سان جيسلمير ۾ شادي ڪرڻ ڄڃ ڪريو ٿي ويو. جڏهن ڄڃ ”رتي ڪوٽ“ ۾ پهتي ته ڄام سمي جو گهوڙو ڇٽي ويو، جنهن کي ڪوبه ماڻهو جهلي نه پئي سگهيو. رتي ڪوٽ ۾ مراد نالي چاوڙي جي ڌيءُ کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي، جنهن ڇٽل گهوڙي کي جهلي سوگهو ڪيو. جڏهن ڄام سمي کي اها خبر پئي، تڏهن چيائين ته آءٌ انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪندس. چاوڙو ٺڪر گهٽ ذات وارو هو ۽ ٻيو ته ڄاڃي سڀ منگل راءِ ڀاٽي جي ڌيءُ سان ڄام سمي جي شادي لاءِ ساڻس ڀيڙا ٿيا هئا، سي گهڻا ناراض ٿي واپس ٺٽي ننگر هليا ويا ۽ وڃي ڄام هالي کي بادشاهه ڪيائون. ڄام سمي، چائڙي ٺڪر جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ وڃي منگل راءِ ڀاٽي جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. پوءِ هو پنهنجي کسيل گادي لاءِ دهلي جي بادشاهه وٽ ويو، جنهن کيس نصرپور وارو علائقو جاگير ڪري ڏنو. ڄام سمو اچي نصرپور ۾ رهيو. سندس اولاد پوءِ سندس خاص انهيءَ شاديءَ جي ڪري سندس نالي پويان ”سميجا“ سڏجڻ لڳو(10).

مٿي ڄاڻايل پهرين نُڪتي جي سلسلي ۾ بيشمار مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. ڏاڏي پوٽيءَ مان هئڻ ڪري فوقيت ڏيڻ واري روايت سنڌ جي پيري فقيريءَ وارو پس منظر رکندڙ عرب نسل جي مذهبي خانوادن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، جتي پڳ جي ورهاست پويان عصبيت جو قانون عمل ڪندي نظر ايندو آهي. پر پوءِ به اهو قانون ڪا قطعي حيثيت نه ٿو رکي. هڪڙي ڳالهه سيني سان لائي ڇڏڻ گهرجي ته عربن ۾ نسلي افتخار ٻين قومن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهي پر بنو اميه کان وٺي قائم ٿيل سمورن بادشاهي سلسلن جي تاريخ پڙهي ڏسندا ته توهان کي بادشاهه اهڙا ماڻهو ٿيندي ملندا، جيڪي ٻانهين مان پيدا ٿيل هوندا ۽ سندن لياقت، ڏاڏي پوٽين مان پيدا ٿيلن جي نسلي شرف کان ٽپي وئي هوندي.

سنڌ جي سمن ۾ عصبيت ان درجي جو نسلي پس منظر به نه رکي جو ڏاڏي پوٽيءَ مان نه هئڻ ڪري ڪنهن جي اولاد لاءِ امتيازي نشان لڳايو ويو هجي. ان سلسلي ۾ ايم. ايڇ پنهور جو رايو بلڪل منهنجن خيالن جي ترجماني ڪري ٿو، هو صاحب لکي ٿو ته:

 ”سنڌي سماج ۾ ڏاڏي پوٽي يا ٽڪن ڳڌي زال هڪجهڙيون ليکبيون آهن(11).“

دراصل قديم زماني کان سمن وٽ خاندان کان ٻاهر سڱ ڏيڻ يا سڱ وٺڻ جو رواج ائين نه رهيو آهي، جيئن اڄ جي دور ۾ قبائلي سسٽم ۾ گذاريندڙ قبيلن ۾ ڪنهن خاندان مان رڳو سڱ وٺڻ، ڪنهن خاندان ۾ رڳو سڱ ڏيڻ ۽ ڪنهن سان مٽي مائٽي نه ڪرڻ (يعني ڪفو) وارو رواج نظر اچي ٿو. سمن ۾ مٽي مائٽي ڪرڻ جو بنيادي معيار شرافت ۽ رتبي جي برابري رهيو آهي. مثال طور جيمس برگس، سمن جي شجري جي ڪافي اوائلي پيڙهين جي مٽي مائٽي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن مطابق نرپت جو پٽ سمي جي راڻي ڪلوبا ذات جي مڪواڻي هئي، ان جي پٽ جيهي جي راڻي پرمارن مان هئي. ان جي پٽ نيت جي زال راٺوڙ هئي، ان جي پٽ نوتيار جي هڪڙي راڻي چاوڙي هئي، ان جي پٽ ڄام اڍيار جي هڪ راڻي سوڍي هئي. ان جي پٽ اڍي جي راڻي ذات جي گوئل هئي، ان جي پٽ ڄام راڻا يا راهوءَ جي راڻي سوڍن مان هئي. جنهن مان اڍيار ڄائو. ان اڍيار جي پٽ ڄام ابڙي جي راڻي چاوڙي هئي. جنهن مان لاکيار ڄائو، ان جي راڻي به سوڍي هئي. جنهن مان لاکو گوراڙو ڄائو، لاکي گوراڙي ٻه شاديون ڪيون. هڪڙي چاوڙن مان ۽ ٻي گوئل ذات وارن مان. هنن سڀني جو اولاد سما سڏيو ويو، يا ڪنهن مشهور ڏاڏي جي نسبت سان سمن جو ڪو نئون قبيلو قائم ٿيو، ابڙن، جاڙيجن، جوڻيجن ۽ ٻين قبيلن جون ارغونن ۽ ترخانن سان ان ئي پس منظر ۾ مائٽيون ٿيون.

ڪي مثال اهڙا به ملن ٿا، جتي رتبي جي برابريءَ کي نظر انداز ڪندي رڳو شرافت، سادگي ۽ سونهن کي به مٽي مائٽيءَ جو معيار بنايو ويو آهي. جيئن ڄام ڦل هڪڙي شادي چاوڙن مان ڪئي. ان جو اولاد به سمو سڏيو ويو. ٻي شادي ريٻاري قبيلي مان ڪئي هئي، جنهن مان لاکو ڦلاڻي پيدا ٿيو. اهو به سمو سڏيو ويو. ان عورت مان پيدا ٿيل پٽ لاکو ڦلاڻي، ذات جو سمو ئي ته هو. سنڌ جي سمن بادشاهن مان ڄام تماچيءَ، نوري سان شادي ڪئي. جيڪا ذات جي گندري هئي. ڄام نظام الدين جي زال مدينه، ذات جي ماڇياڻي هئي. ان لحاظ کان اسان کي نه ڪو ڄام تماچي جي اولاد جي ذات ۾ ڪا امتيازي نشاني ملي ٿي ۽ نه ئي ڄام فيروز جي ڪا الڳ ذات ٿي ملي. ذاتين جا جيڪي به اچار ملن ٿا، اهي سڀ مقامي روايتن مطابق آهن ۽ ڪو الڳ پس منظر نه ٿا رکن. چاوڙا خود به سما آهن. جن کي اسان عام طور تي چؤڙا سما ڪري ڪوٺيندا آهيون. مٿي قاضي سليمان ڀان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارين روايتن ۾ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڄام سمي، راڄ کي ناراض ڪري اها شادي ڪئي هئي. جنهن ڪري راڄ جي چڱن مڙسن (يا سندس ڀائرن) سندس بائيڪاٽ ڪيو هو. تنهن ڪري ان گهر مان کيس جيڪو اولاد ٿيو، تنهن ضد ۾ اچي پنهنجي مشهور پيءُ جي نالي جي نسبت سان پاڻ کي ”سمو“ جي عام نالي بدران سميجا سڏرايو. باقي چاوڙا نه ڪو ملاح هئا ۽ نه ئي گهٽ ذات وارا. جيڪڏهن ائين هجي به ها ته به اهو نه ڪو مذهب ۾ ناجائز آهي، نه ئي سمن جي اهڙي پر رهي آهي، بلڪه سمن بابت ته مشهور آهي ته:

تماچيءَ آندي گندري، لاکي  آندي اوڏ،

سمان پيا ڪوڏ، ڪين ڏسن ٿا ذات کي.

مطلب ته سمن جي مٽي مائٽي ڪرڻ وارو روايتي طريقو سراسر اسلامي روايتن جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. جنهن کي غلط سمجهڻ، اسلام سان مذاق ڪرڻ جي برابر ٿيندو.

هيءَ روايت سميجن جي حوالي سان مون تائين پهتل آهي ۽ سمن جي نسل جي جهونن ڄاڻڻ جي ذهنن ۾ به ”جا“ جي پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ اهڙوئي ويچار ويٺل نظر اچي ٿو، پر مطالعي جي آڌار تي منهنجي راءِ اها وڃي بيٺي آهي ته ان روايت جو بنياد ائين نه سمجهڻ گهرجي، جيئن ٻڌايو وڃي ٿو، ڇو ته سميجا، سمن جو وڏو قبيلو آهي ۽ وڏي اثر وارو رهيو آهي. تنهنڪري هن روايت جي بنياد تي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا نه ٿيڻ گهرجي. هن روايت تي خصوصي طور تي ان ڪري لکيو ويو آهي جو اڄ جي دور ۾ هيءَ روايت وڌيڪ افسانوي انداز ۾ تحريري صورت وٺي چڪي آهي جو ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ ڄام لاکي بن لاکيار کي گندرن مان شادي ڪيل ڄاڻائي ان مان پيدا ٿيل پيڙهائتن حڪمرانن ۽ سردار رهندڙ سمن جي وڏن وڏن قبيلن کي ملاحن جي اوڙڪ مان ڄاڻائي ڇڏيو آهي. ائين ته سائين ڏٺل وائٺل مذهبي گهراڻن ۾ رڪارڊ تي رهندڙ مثالن ۾ به نظر نه ٿو اچي جو مائيتي نسبت سان ڪنهن کي ملاح يا ڪنهن ٻيءَ ذات مان سمجهيو ويو هجي. اهو ڪم ته ”جا“ جي پڇاڙيءَ لڳائڻ جي سلسلي ۾ ٻڌجندڙ روايت جي دائري کان به ٽپي ويو آهي.

”جا“ جي پڇاڙيءَ بابت منهنجو موقف اهو آهي ته هيءَ روايت به آريائي ۽ سامي نسلن ۾ به موجود آهي. پر جيئن ته ”جا“ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ حرف جر آهي، ان ڪري ضروري نه آهي ته ٻين ٻولين ۾ اهو جيئن جو تيئن استعمال ٿيندو هجي. اهڙيءَ صورت ۾ اسان کي ”جا“ جي نعم البدل طور استعمال ٿيندڙ لفظن سان جڙندڙ ذاتين بابت تحقيق ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي اهو معاملو طئي ٿي سگهندو. ان سلسلي ۾ اي. ڊي ميڪليگن/ ايڇ. اي. روز جو ڪتاب Encynlopedia of Castes ۽ ڊينزل ابسٽن جي Punjab Castes جو اردو ترجمن مان مدد ورتي وئي ته اسان کي سرائڪي پٽي ۽ پنجاب جي علائقي ۾ ”جا“ جي پڇاڙي رکندڙ ۽ ان سان مماثلت رکندڙ حرف جر ”ڪا ۽ ڪي“ جي جوڙ سان مليون.

1. آهوجا، انوجا، ڏيرجا، مريجها (مريجا)، جڪوجها (جڪوجا)، -------- اهي ذاتيون قديم زماني کان انهن علائقن ۾ آباد هئڻ جي باوجود جيئن جو تئين پڪاريون وڃن ٿيون ۽ جيئن ته ”جا“ خالص سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ حرف جر آهي، ان ڪري هنن ذاتين سان تعلق ڪنهن به شڪ شبهي کان بالاتر آهي.

2. سهوڪا، سليڪا، مجوڪا، هموڪا، ممون ڪا ------- هن قسم جي ذاتين ۾ استعمال ٿيل لفظ ”ڪا“ سنڌيءَ جي حرف جر ”جا“ سان پوريءَ طرح لفظي مطابقت رکي ٿو، پر ٻين آريائي ٻولين جي ان کي حرف جر جو جائز مقام نه ٿو ڏئي سگهجي، ڇو ته ان ۾ مذڪر لاءِ ڪي ۽ مونث لاءِ ڪِي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته جنهن ۾ ذات ۾ ”ڪا“ جو استعمال ٿيل هجي، اها نوانوي سيڪڙو ڪا اهڙي ذات چئجي سگهي ٿي، جيڪا قديم زماني کان سنڌي ٻوليءَ جي دائري مان نڪري وڃڻ ڪري سڌيءَ طرح سنڌيت واري شناخت ته مٽائي ويٺي آهي، پر اڻسڌيءَ طرح سنڌيت جي شناخت پيش ڪري رهي آهي.

3. اڪُڪي (يعني اڪ جا)، اڪُوڪي (يعني اڪوءَ جا)، بڌي ڪي (ٻڌيجا)، بهادرڪي (بهادرجا)، بيگي ڪي (بيگيجا)، جالب ڪي (جالب جا)، ڄاموڪي (ڄام جا)، جيوڪي (جيوجا يا جئي جا)، جتڪي (جت جا)، جواڪي (جوا جا)، چاڪر ڪي (چاڪرجا)، دادو ڪي (دادوءَ جا)، رجاديڪي (رجادي جا)، رحمان ڪي (رحمان جا)، رحيم ڪي (رحيم جا)، ساديڪي (سادي جا)، سمي ڪي (سميجا)، سنگوڪي (سنگيجا)، مهلوڪي (مهلوجا)، نورڪي يا نوريڪي (نوريجا)، نوهل ڪي (نوهل جا)، نهال ڪي (نهال جا)، همند ڪي (همندجا)-------- هن قسم جي ذات سنڌي حرف جر ”جا“ جي سو سيڪڙو نعم البدل جي حيثيت رکندڙ حرف جر ”ڪي“ جو استعمال ڪيل آهي.

4. گچڪي، ڊومبڪي، يا ڊومڪي، والميڪي يا بالميڪي، بڪرڪي، ڀوڄڪي، جواڪي------ هن قسم جي ذاتين ۾ آريائي ٻولين جو حرف جر ”ڪِي“ استعمال ڪيل آهي، جيڪو عام طور تي مونث لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ذاتين لاءِ ان جو استعمال مناسب ڪونهي، پر بهرحال اهو ٿيل ضرور آهي ۽ معنيٰ به اها ئي رکي ٿو، جيڪا ”جا“ جي آهي.

هي سڀ ذاتيون ان لاءِ هتي لکيون ويون آهن ته جيئن پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ته:

1. ذاتين ۾ ”جا“ جي پڇاڙيءَ جو استعمال سميجن جي ذات جي شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌي سماج ۾ رائج هو.

2. ذاتين جو اهو طريقو آريائي ٻولين ۾ عام جام استعمال ٿيندو رهيو آهي، فرق رڳو اهو آهي جو ٻين ٻولين ۾ ”جا“ بدران ”ڪا“ ۽ ”ڪي“ جون پڇاڙيون لڳايون وينديون آهن.

          نسليات کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ گهرجي ته سماٽ هڪ تمام وسيع اصطلاح آهي، جنهن ۾ بادشاهن کان وٺي رعايا تائين، ڏاتارن کان وٺي مڱڻهارن تائين، ڪاريگرن کان وٺي قدردانن تائين، سخين کان وٺي شومن تائين مختلف طبقن ۽ رجحانن وارا ماڻهو ملي ويندا. جت، ملاح، ماڇي سماٽ جو اٽوٽ انگ آهن. انهن جو حال کڻي ڇا به ليکيو وڃي، پر انهن جو ماضي شاندار رهيو آهي. جيڪڏهن سما، ملاحن مان هجن ته ان ۾ عيب ڪهڙو آهي!؟ پر جن جي نسلن ۾ سو پيڙهين کان بادشاهي، ڄامائي ۽ سرداري هلندي اچي، تن کي ٻڌل سڻيل ڳالهه تي ملاح ليکڻ تحقيق ته نه چئبو.

حرف آخر:

1. هن مضمون ۾ گهڻو فوڪس جادم جي اولاد تي ٿيل آهي. پر ياد رهي ته جادم جو اولاد سماٽ برادريءَ جي صرف هڪ اڪائي آهي. سمن ۽ سماٽ جي حوالي سان جادم جي اولاد جو نالو ان ڪري سامهون اچي ٿو جو هڪ ته سنڌ جي آخري حڪمران سمه گهراڻي جو تعلق هن نسل سان آهي، ٻيو ته هن نسل جو نسب نامو وڌيڪ تفصيل سان سنڌ، هند جي علائقن ۾ ملي ٿو. سماٽ جي ٻين گروهن جو پريون پيڙهيون جيترو مٿي ملي سگهنديون، اوتروئي هن گروهه سان سندن نسلي تعلق جي چٽائي ٿي سگهندي.

2. نسب نامي جي روايتن کي ڇيڙڻ، ڪنهن جي آنڊن ۾ هٿ وجهڻ جي برابر آهي پر خودشناسي ۽ سنڌ شناسيءَ جي جذبي طور اهڙي ڏکئي موضوع تي لکڻ جي هيءَ ڪوشش ڪئي وئي آهي. هيءُ موضوع ڪافي ڊگهو ۽ بحث طلب آهي. هن موضوع کي سمجهڻ لاءِ منهنجا مضمون- ”سنڌ ۽ هند“، ”جمشيد ۽ سنڌ جا سما ڄام“، ”ابڙو، ابڙا ۽ آبڙ“، ”ڪڇ جا جاڙيجا سما“، ”لاکو ڦلاڻي“، وغيره خاص طور تي ڏسڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي هن قديم نسل جي نسب نامي جي مونجهارن کي سمجهي، آئنده ٿيندڙ تحقيق ۾ انهن غلطين کان پاسو ڪري سگهجي.

حوالا:

1. مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“، صفحو 75 کان 80، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون، سال 1989ع.

2. (Puranic Encyclopedia, Vettan Mani, P-905, 911, 921, Motilal Banarsidass Publishers Pvt. Ltd, Dehli, 1993)

3. جيمس ٽاڊ، ”تاريخ راجستان“ (اردو)، صفحو 253، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، سال 1990ع.

4. جيمس ٽاڊ، ”تاريخ راجستان“ (اردو)، صفحو 253، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، سال 1990ع.

5. ڊينزل ابسٽن، ”پنجاب کي ذاتين“ (اردو)، صفحو 320، فڪشن هائوس لاهور، سال 1998ع.

6. ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“، خير محمد ٻرڙو، صفحو 438، مراد پبليڪيشن سيوهڻ سال 2005ع.

7. اياز ڀاڳت، ”سنڌ جون ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“، صفحو 605، ڇاپو ٻيو، سال 2010ع.

8. ”السنڌ“ اسلام آباد، شمارو 102 (جنوري فيبروري 2005ع.

9. قاضي محمد سليمان ڀان، ”تاريخ سميجا“ صفحو 14،13،12 ڀان پبليڪيشن ڳوٺ محمد سليمان ڀان، سال 1985ع.

10. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”رهاڻ هيرن کاڻ“، ڀاڱو پهريون، صفحو 26،25 خليل ڪتاب گهر خيرپور ميرس، 2000ع.

11. ايم. ايڇ. پنهور، ”تصوير سنڌ“، صفحو 77، عمر سومرو اڪيڊمي ڪراچي، سال 2006ع

نوٽ: ان کان علاوه ٻين ڪتابن جا حوالا هن مقالي جي اندر موجود آهن ۽ هيءُ مقالو لکڻ مهل حوالا ڏنل سمورن ڪتابن جا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڇاپا سامهون رکيا ويا آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com