سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:12 

سيّد علي احمد شاهه ’ساقي سروري‘

نعت

زبان آهي مُحمّد جي ۽ آواز خدا آهي،

هي صورت و الضعيٰ آهي ۽ سيرت اَنمّا آهي.

’مُحمّد مصطفيٰ‘، بيشڪ امام الانبياء آهي،

انهي جو شاهدو مشهود دشتِ ڪربلا آهي.

خدا جي ذات جو مظهر حبيبِ ڪبريا آهي،

خدا ناهي مگر هي مظهرِ نورِ خدا آهي.

خدا جي طرف کان هر هڪ نبي کي معجزا مليا،

نبي آخر زمان جو معجزو مشڪل ڪُشا آهي.

خدائي لم يزل جا ڪئين ڪروڙين ٿيا ڪرم آهن،

شفيع المذنبين رهبر اسان جو رهنما آهي.

اسان کي خوف محشر جو نڪي آهي نڪو ٿيندو،

رسول اللهصه اسان جو شافع روزِ جزا آهي.

اسان عاجز اٻوجهن تي خدا جو ٿيو ڪرم آهي،

مُحمّد مصطفيٰصه مرسل اسان جو پيشوا آهي.

زمين تي ڪعبة الله تنهنجي عظمت جو گواه آهي،

فلڪ تي ڪهڪشان آهي ۽ نورِ مصطفيٰ آهي.

ظهيرالدين سائين سان ڪيم ديدار مرسل جو،

وري ديدار ٿئي قبلا اها ئي التجا آهي.

خمِ غدير ۾ موليٰ جو آهي تو ڪيو موليٰ،

عنايت رب جي ٿي ۽ عطاءِ مجتبيٰ آهي.

حضور پاڪ تان صدقي وڃان مُنهنجي دعا آهي،

سندس قدمن جي مٽي منهنجي لئه خاڪِ شفا آهي.

سڄي انسانيت جو خون هڪ انسان جو آهي،

ڪلام پاڪ ۾ فرمان هي رب العليٰ آهي.

درِ اقدس تي ٿيو بادِصبا کي عرض ساقي جو،

اڪيلو بي سهارو بي وسيلو توسوا آهي.

 

استاد لغاري

 

 

 

 

غزل

رات ماڪ کان مون پئي پُڇيو،

هي خوشبوءِ ڪٿان آندي آهي تو؟

لڳي ٿو هي منهنجي موتئي جي هُجي،

پر ڇا ڪريان؟ ياد اچي نٿو.

آرزوئن جا گلاب جهوليءَ ۾ جهلي،

”رنگ اهڙو ڏي“ مون مينديءَ کي چيو.

رات ڳڙڪائي وئي منهنجي چَين کي،

ڪڻڇي ڪُوڪن ٿا ڀيڙو آهه ڀنڀرڪو.

تون ناراض ٿيندين نه ته چئي ڇڏيان،

”اي حَسين مُجسم! ڏاڍو آهين پڪو.“

هن قرب جو قسم اُهو ڪوڙو آهي،

توکي ”بيوفا“ چوي ٿو جيڪو.

دنيا دُکندي رهندي اي دوست!

پيار نه گهٽبو تنهنجو منهنجو.

غزل

مون نيڻ پنهنجا ڀنور کي ڏيئي ڇڏيا،

هاڻي هُن جي مرضي جهڙي گُل تي لهي!

تو ته زُلفن ۾ رابيل رُنبي ڇڏيا پر،

مان نٿو چئي سگهان واپس وري نه وري.

ڪڏهن ڪڏهن ڪنڊن تي آشيانا هجن ٿا،

ڪڏهن مُگري ۽ مَروي کان به پري پري.

ڪنهن ڪڻڇي جي بڻڇي پئي ماٺ چِيري،

ڪنهن شاعر جو قلم پيو رت ۾ تري.

هي سُتل ٻار اگهاڙا ڪنهن ڪولهِي ۽ ڀِيل جا،

هي مَرجانَ جهڙا مُقدس غليف ڪو وجهي!

 

فقير ڪرم علي اِسراڻ

 

شانِ سيده فَاطمة الزَّهرا سَلاَمُ الله عَليها

 

ڪَريان واقعو بيان ٿو هِڪ عجيب اَدب سان،

جڏهن حَقِ اَذان پيو کَسجي حضرت بِلالرضه کان.

تڏهن رُئندو رَڙندو آيو دَرِ فاطمه تي سو،

ڏنائين دانهن سائنڻ پاڪ مون سان ناحق ٿِي ويو.

تَنهن تي طاهره  فرمايو اِئين هرگز نه ٿيندو،

جيسين تون نه ڏيندين ٻانگ تيسين سِج نه اُڀرندو.

جيئن بَتُولعه ٿي چاهيو تيئن اَللهج اُهو ڪَيو،

آيا مُعترض ۽ ٻيا يَا نبيصه صُبح نه ٿِيو.

فرمايو مِٺڙي مُصطفيٰصه اِها خبر وَحِي ڪَندو،

پوءِ جَلد آيو جِبرائيلعه کَڻِي پيغام رَبج سَندو.

فقط اَذان ڏيندو بِلالرضه ٿيندي رات ڀِي خَتَم،

ڏِسو شانِ بِيبي فاطمهعه ڪيڏو اَعليٰ ۽ اُتَم.

 

بيت

اَلحمدلله رب العالمين، ثَنا سُونهين رَب سُبحان،

وَما اَرسلنٰڪ اِلارَحمة للعالمين، مِٺو مُرسلصه آهي مهربان،

راڻو سَڀنئان وَڌ رَحمان، وَهُوَ اَرحم الرّاحمين.

ڪَلمي سَندي ڪَڙي ۾، اَچُ اَدا او اِنسانَ،

تُونهِين تُون تَنوارِ پيو، مؤمن لَهندين مانُ،

لاَتَقنطوامِن رَّحمة الله، آهي آيت مَنجهه قُرآنِ،

سارو سُڪون سَندو سامانُ، مَوجود تُنهنجي مَنَ ۾.

جَن جو عِشق اَللهج سِين، تِن لَهَر نه لوڏو ڪو،

سدا رهن هُو سِڪَ ۾، ڪَنِ مَدَح ثَنا لوڪو،

اُهي حق جو ڏِين هوڪو، ڪڏهن ٻاڙو ٻولن ڪينڪي.

سُڻ مُنهنجا سَڏڙا سيد، اومِٺڙا مَدني گهوٽ،

ڏُکن آهي ڏاري وِڌو، هاڻي چَڙهي وِيا هِن چوٽ،

سِگهو ڪَج مُحمدصه موٽ، ته وڃن سُور سَنڌا ڪَريو.

جي چاهين چاهت مِلي، ته راڻي کي رِيجهاءِ،

آزيون اِيلاهون ڪَري، پنهنجي پُنهل کي پَرچاءِ،

پوءِ دير نه ٿيندءِ ڪاءِ، ’ڪرم‘سِگهو رَسندين راز کي.

اَلف: سَهاري آسري هِت هُت، رَسُولُ الله جي آهيان،

ناهي ڊَپ ڊاءُ ڪو مون کي، نبيءَصه  جي لَڙهه لَڳِي آهيان.

ڇَڏِ خودي ته خُداج مِلَئي، نيٺ ويندين دوست مَرِي،

قَالُو بَليٰ واري قَول جو، رَک لِحاظ ڪُجهه ته ذَرِي،

عاشق جي اَللهج جا، اِها خبر ڪندا ويا کَرِي،

وارو نه مِلندءِ وري، سَرچائي وَٺِ سَرڪار کي.

سُپِرين تُنهنجي سوز ۾، ٿو سَڙان راتو ڏينهن،

اَٿم آس اندر ۾، ٿِئي نصيب تُنهنجو نِينهن،

وَساءِ مِهر سَندو ڪو مِينهن، قُرب ڪَري ڪَلتار تون.

ڪَرِڪا ڪَارِ ڪَتڻ جِي، اَدا اُٿِي چَرخو چورِ،

نانگن جِيان ناٿ سَندو، تون سَڳو ڌاڳو سورِ،

پِرينءَ کي پِرڀات مَنجهه، ڏي سَجدو ڪَج پڻ دَورُ،

ڪرم يَارُ يَگانو مورُ، مِلي وَحدت واريءَ واٽ سان.

دُرود پڙهندو رَههُ تون، نِرمل نبيءَصه مَٿان،

’ڪرم‘ ڪوبه ڏُک نه ڏِسندين، ڪنهن ڪَٺور جي هَٿان.

رنگ فَقيري راند ناهي، پهريان پاڻ وِڃائڻ سِک،

ڪاوڙ گِلا بُغض کي، تون پاڻان پَري رَک،

بُردباريءَ جي باغ ڏانهن، ’ڪرم‘ دائم وَڌاءِ وِک،

پوءِ پَلپل مَزو چَک، صُوفيءَ سَندي سَاز جو.

صَبر شُڪر ۽ تَوڪل سان يَرَ ڏِينهڙا پنهنجا ڏورِ،

اَلايمانُ بَين الخَوف وَالرِجا، ڪَج گُفتي اِنهيءَ تي غَور،

فقير پِرين لَهندَءِ پَرگهور، قبر صِراط حساب ۾.

ذِڪرِ خداج سان قَلب کي، باغ و بَهار رَک،

جيئن روح راضي ٿِي چوي، اي ڪاتب! قَرار لِک.

 

جبار ”تاثير“ سومرو

 

 

 

 

غزل

درد ڪيڏا سهي سهان ٿو مان،

ڄڻ ته آڙاهه ۾ رهان ٿو مان.

ڏينهن راتيون عذابن ۾ گذرن پيون،

دانهن ڪنهن کي نه ڪائي ڏيان ٿو مان.

پيار جي مون ڪئي آ رياضت وڏي،

ڏوهه اهڙو اڃان ڀي ڪيان ٿو مان.

وَڍ دل تي ڏئي وئين تون ڏاڍا صنم،

پيو اندر ۾ جهڄان ۽ جُهران ٿو مان.

غم مٽائڻ بهاني سان محفل وڃي.

جامِ ساقيءَ کان هر هر گهران ٿو مان.

ڇڏ کڻي ضد کي آ ته پرچي پئون،

توکي ٻيهر پرين چوان ٿو مان.

جي اچڻ جي ڪرين گل نڇاور ڪيان،

تنهنجون راهون چمي، چمان ٿو مان.

ڪو ”تاثير“ جهڙو نه ملندئي ڪڏهن،

هام اهڙي وڏي هڻان ٿو مان.

غزل

ڀُري پيو آ وجود ميڙي وٺئون،

کيت پنهنجا کڻي يار کيڙي وٺئون.

ڇڙوڇڙ ڪتاب ڪمري مان،

شيلف ۾ ٺاهي سهيڙي وٺئون.

سُر تار ۽ ساز سنگيت سان،

ويهه اوري اچي تند ڇيڙي وٺئون.

ڏئي ساٿ سڀڪو ته اڳتي وڌئون،

پو، پنهنجا پراوا نکيڙي وٺئون.

زمانو ڪندو ڇا اسان کي اڃان،

اچو پاڻ ڏي قرب ريڙهي وٺئون.

ٻڌو ٿم اڱڻ تي پرين ٿو اچي،

گلابن جون پتيون کنڊيڙي وٺئون.

حسينن لئه تحفا گلن جا کڻي،

ڳوٺ ڳلين ۾ خوشبو پکيڙي وٺئون.

يتيمن جا ”تاثير“ حق واسطا،

لٽيرن کان گردن مروڙي وٺئون.

غزل

ڊڄي پاڻ پٺتي نه هٽڻو به آ،

قدم پنهنجي منزل تي رکڻو به آ.

ڪنڊا راهه ۾ ڀل وڇايا وڃن،

سنڀالي کڻي وِک وڌڻو به آ.

رڳن ۾ اڃان رت ڊوڙي پيو،

نه ڪو ساهه ڪاٿي ڪو پٽڻو به آ.

ستم ٿو ٿئي قوم پنهنجيءَ مٿان،

کڻي قلم ڪاغذ تي لکڻو به آ.

ڀٽائي ڀلاري جي هن ڀونءِ ۾،

روزِ فنا تائين رهڻو به آ.

غريبن جو دردن ڀريو داستان،

وڃي تن سان ويهي سو ٻڌڻو به آ.

آدمشماري ٿيڻ کان ئي اڳ ۾،

بنگالي، بهارين کي ڪڍڻو به آ.

ٻولي ۽ لولي سلامت رهن شل!

وڏو خيال تن جو پو ڪرڻو به آ.

سر ساهه صدقو ڪري سنڌ خاطر،

ڀَرم پنهنجو ”تاثير“ رکڻو به آ.

غزل

زور جي ميندي لڳندي ناهي،

جنهن کي وڻي سو تنهن کي چاهي.

مون ته نباهيو هُن سان ڏاڍو،

ڏسجي ڪيئن ٿو پاڻ نباهي.

سڀئي سُک وساري منهنجا،

غير سان گڏجي سينا ساهي.

سالن واري سنگت ٽوڙي،

بيٺو آهي لاهي پاهي.

زوري هٿ ڇڏائي هٿ مان،

ائين هليو ويو راهه ۾ راهي.

منهنجو اندر ساڙڻ خاطر،

پنهنجا وار ڦڻيءَ سان ٺاهي.

ڏير، سسئيءَ کي ننڊ سمهاري،

پنهل کڻي ويا اُٺڙا ڪاهي.

”تاثير“ کي ڏسندي منهن ٿو ڦيري،

آخر هن کي ٿيو هي ڇاهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org