سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:8 

ميرزا فياض علي بيگ

 

 

 

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘

(شخصيت ۽ فن)

نوٽ: حيدرآباد شهر جي معروف ۽ تاريخ ساز شخصيت ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ 01- جنوري 1981ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندن جنازو امام بارگاهه علي آباد ۾ آندو ويو، جتي مجلس عزا ۾ مير حسن علي خان ٽالپر جو مرثيو ”يارو ڪڏهن نه ٽرندو تقدير جو لکايو“ پڙهيو ويو. مجلس بعد نماز جنازه ادا ڪئي وئي، جنازي نماز مولانا حاجي سيد ثمر حسن زيدي پڙهائي ۽ 8:00 بجي ڌاري رات جو کين سپردخاڪ ڪيو ويو. سندن جنازي ۾ حيدرآباد جي ڪيترن معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.

ميرزا علي محمد بيگ جي علمي، ادبي، مذهبي ۽ انساني خدمتن کي مدِنظر رکندي ”بزمٖ فتح“ طرفان سندن ڇهين ورسي مورخه 01- جنوري 1986ع تي اربع جي ڏينهن بعد نمازِ مغرب 7:00 بجي شام جو امام بارگاهه علي آباد ٽنڊي آغا ۾ ملهائي ويئي، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامياري شاعر جناب سيد احسن الهاشمي ڪئي ۽ مهمان خصوصي جناب پير مظهرالحق صاحب (اڳوڻو وزير تعليم) هو.

ان موقعي تي ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام  ڏيندي، پروگرام جي آغاز ڪرڻ لاءِ جناب قاري امان الله ڪربلائي کي تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ گذارش ڪئي. جنهن بعد راقم الحروف ميرزا صاحب جن جي سوانح حيات ۽ سندن علمي، ادبي ۽ مذهبي خدمتن تي پنهنجو مقالو پڙهيو ۽ پوءِ طرحي مشاعري جي شروعات ڪئي وئي. مشاعري لاءِ مصرع طرح راقم الحروف ڏني: ”ٿيو مملڪت نظم ۾ سلطان ’مظفر‘ “

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ حيدرآباد ضلعي ۾ ٻن حوالن سان تمام گهڻو مشهور ۽ معروف رهيو آهي. جن ڏينهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، تن ڏينهن سڄو بدين، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعي حيدرآباد جا تعلقا هئا، جيڪي هاڻي حيدرآباد کان ٽوڙي الڳ ضلعا بڻايا ويا آهن. ميرزا علي محمد بيگ جي مشهوريءَ جو پهريون حوالو آهي سندن عزادارئ سيد الشهداء ۾ ڀرپور حصو وٺڻ؛ جنهن سلسلي ۾ هُو حيدرآباد جي قديم پِڙن ۽ امام بارگاهن ۾ اٽڪل پنجهٺ سال نوحه خواني ۽ مرثيه خواني ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ان سان گڏ سندس باآواز بلند نعره يا عليعه جي گونج سامعين جي ڪنن ۾ گونجندي رهي ٿي. ٻيو حوالو آهي هُن جي عريضي نويسي (دستاويز نويسي)؛ جيڪا چاليهه سال برابر حيدرآباد ضلعي ۽ ٻين تعلقن ۽ ضلعن ۾ مشهور هئي، جنهن ۾ کيس چڱو خاصو مقام حاصل هو.

آءٌ پنهنجي هنن ابتدائي ڪلمات کان پوءِ هاڻي ميرزا علي محمد بيگ جي شخصيت ۽ سندس علمي، ادبي ۽ مذهبي خدمات ۽ شعر و شاعري ۽ نثر نويسيءَ تي اختصار سان ذڪر ڪريان ٿو.

خانداني پسمنظر:

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ ولد ميرزا قربان علي بيگ ’قربان‘ 15 ذي الحج 1315هه/07 مئي 1898ع تي ميرزا محلي علي آباد ٽنڊو آغا  حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندن ڏاڏي جو نالو ميرزا قاسم علي بيگ ’قاسم‘ ولد ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ هو ۽ سندس ناني جو نالو مرزا پير بخش ولد مرزا محمد قاسم مغل، ساڪن ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقو شهدادپور هو. مرزا پير بخش، ميرزا فتح علي بيگ جو ڀاڻيجو ۽ نياڻو هو.

تعليم:

ميرزا علي محمد بيگ پرائمري تعليم اڳوڻي آسودومل پرائمري اسڪول (هاڻوڪي سيٺ حافظ پرائمري اسڪول) مان حاصل ڪئي، اِهو اسڪول ڦليلي پل چڙهندي ئي اُتر طرف آهي. هن انگريزي تعليم اڳوڻي نولراءِ هيرانند اڪيڊمي (هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول) مان حاصل ڪري، سال 1916ع ۾ سنڌي ڪاميٽي ورنيڪيولر ايگزامينيشن جو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين.

ديني تعليم مولانا سيد ابوالحسن لکنوي، مولانا سيد علي الحائري ۽ پنهنجي والد ميرزا قربان علي بيگ کان حاصل ڪيائين. فنِ شاعري ۽ مرثيه خوانيءَ ۾ سندس استاد به سندس والد ئي هو.

سرڪاري ملازمت:

حيدرآباد ۾ انگريز سيشن جج مسٽر فاسيٽ هو، جيڪو مسلمانن کي گهڻو همٿائيندو هو ۽ ڪيسن ۾ پڻ مسلمانن سان انصاف ڀريو ورتاءُ هوندو هئس، تنهن سال 1917ع ۾ ميرزا علي محمد بيگ کي سب جج ٽنڊي محمد خان جي ڪورٽ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڏني، پر پوءِ پاڻ اُها نوڪري ٿورو وقت ڪري اُتان استعيفا ڏني. وري کيس لئنيڊ رڪارڊ آفيس جيڪا قلعي آفيس سڏبي هئي ۽ هئي به پڪي قلعي ۾ اندر، اتي ڪلارڪي ملي، جتي هن ٻه چار مهينا نوڪري ڪئي. ان دوران حڪومت طرفان ڪليڪٽر حيدرآباد جي آفيس ۾ پرشن ڪلارڪ لاءِ اشتهار شايع ٿيو. هيءُ سال 1918ع جو ذڪر آهي. حيدرآباد جو ڪليڪٽر آر. اِي. گبسن هو ۽ دفتردار مرزا غلام مصطفيٰ شڪارپور وارو هو. ميرزا علي محمد بيگ ڪليڪٽر حيدرآباد کي نوڪري لاءِ درخواست ڏني ۽ ٻين ٽن اميدوارن به درخواستون ڏنيون. جن مان ٻه ڄڻا بي.اي پاس هئا ۽ هڪڙو همراهه مئٽرڪ پاس هو، جڏهن ته ميرزا علي محمد بيگ سنڌي ڪاميٽي پاس ڪيل هو. گبسن صاحب ٻن بي.اي پاس اميدوارن کي چيو ته، هيءَ ڪلارڪي جي جاءِ آهي، اوهان وٽ وڏي ڊگري آهي تنهنڪري وڏي نوڪري لاءِ ڪوشش ڪريو. باقي ٻن ڄڻن کان انٽرويو ڪليڪٽر گبسن صاحب ۽ دفتردار مرزا غلام مصطفيٰ خود ورتو. گبسن صاحب فارسي ۽ سنڌي ٻئي ٻوليون ڄاڻندو هو، جنهن ٻنهي اميدوارن کان انگريزي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ سوال پڇي ميرزا علي محمد بيگ کي پنهنجي آفيس ۾ پرشن ڪلارڪي جو آرڊر ڏنو.

سال 1863ع کان 1918ع تائين ڪليڪٽر حيدرآباد وٽ جيڪو فارسيءَ ۾ رڪارڊ هو، ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪمشنر سنڌ کي موڪلڻو هو، جنهن لاءِ اهڙو پرشن ڪلارڪ رکيو ويو. اُهو رڪارڊ تمام اهم هو، جنهنڪري اُن جو تمام خبرداريءَ سان ترجمو ڪرڻو هو. ميرزا علي محمد بيگ فارسي زبان ته سٺي ڄاڻندو هو، پر انگريزيءَ جي پڻ چڱي خاصي ڄاڻ هئس. تنهن هوندي به کيس انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ ۾ ڪا مشڪلات ٿيندي هئي، ته ان لاءِ پاڻ آخوند ولي محمد رٽائرڊ سٽي مئجسٽريٽ حيدرآباد يا ماستر علي بخش گوله انداز سان مشورو ڪندو هو ۽ انهن کي انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمو ڏيکاري، ضروري درستي ڪرائيندو هو. اهڙي ريت وري کيس فارسي ٻوليءَ ۾ ڪٿي سمجهڻ ۾ ڪا مشڪلات درپيش ايندي هئي، ته انهيءَ لاءِ پنهنجي پيءُ ميرزا قربان علي بيگ کان پڇندو هو، جيڪو پاڻ فارسي ٻوليءَ جو بهترين ڄاڻو هو.

ميرزا علي محمد بيگ وڏي محنت ۽ هوشياريءَ سان ٻن ٽن مهينن ۾ ڪافي رڪارڊ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتو، جيڪو پاڻ ميرزا غلام مصطفيٰ دفتردار کي ڏيندو هو، ته جيئن هو ڀيٽي پڙهي صحي ڪري مٿي موڪلي. اُهو ترجمو ٿيل سڄو رڪارڊ حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن کي ڏيکارڻو هو، جيڪو مرزا غلام مصطفيٰ وٽس کڻي ويو. جيئن ته گبسن فارسي ٻولي سٺي ڄاڻندو هو ۽ انگريزي ته سندس مادري ٻولي هئي، تنهن رڪارڊ ڏسي ميرزا غلام مصطفيٰ کي چيو ته، واقعي هيءُ ڪلارڪ (ميرزا علي محمد بيگ) تمام گھڻو هوشيار ۽ محنتي آهي، تنهنڪري کيس نقل نويسي تي نه ويهاريو. بهتر آهي ته هن کي ڪنهن مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ بدلي ڪريو، ته جيئن هن کي اُتي ترقيءَ جا موقعا ملي سگهن. پوءِ پاڻ ميرزا علي محمد بيگ کي سڏائي کيس بهتر ڪم ڪرڻ تي گڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ اهڙو سروس بوڪ ۾ پڻ پنهنجي هٿن سان نوٽ لکيو ۽ کيس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ٽنڊي محمد خان جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار ڪري مقرر ڪيو.

اِهوئي زمانو هو، جو هزهائينس مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ حيدرآباد ۾ هو، جنهن حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته مون کي اهڙو سرشتيدار ڏيو، جيڪو فارسي ۽ انگريزي ٻئي ٻوليون ڄاڻندڙ هجي. حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪاورٽن انگريز هو، جنهن ميرزا علي محمد بيگ کي مير صاحب جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار مقرر ڪيو، جتي پاڻ 1922ع تائين رهيو. پوءِ مير صاحب جي اها ڪورٽ ئي ختم ڪئي وئي، باقي مير صاحب وٽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽي جا پاور تاحيات رهيا.

ميرزا علي محمد بيگ جي بدلي خزاني آفيس حيدرآباد ۾ ٿي، تن ڏينهن ۾ منگهارام ٽريزري آفيسر هو ۽ ميرزا علي نواز بيگ ٽنڊي ٺوڙهي وارو دفتردار هو.

انگريزن جي دؤرِ حڪومت ۾ ننڍن ڪيسن جي اُڪلاءَ لاءِ گورنمينٽ بئنيچ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا، جن پهرين دؤر ۾ ته ايمانداريءَ سان ڪيسن جو اُڪلاءُ ڪيو، پر پوءِ اڳتي هلي انهن جي غلط ڪارڪردگي بابت گورنمينٽ کي شڪايت پهتي، جنهنڪري حڪومتِ وقت اُهي بئنيچ مئجسٽريٽ ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪيسن جي بهتر اُڪلاءَ ۽ ماڻهن کي صحيح انصاف ملڻ خاطر حيدرآباد ۾ ايڊيشنل مئجسٽريٽ جي نئين ڪورٽ کولي، جتي پهرين پهرين ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ديوان جميعت راءِ روهڙي وارو ٿي آيو ۽ ميرزا علي نواز ٽنڊي ٺوڙهي وارو حيدرآباد ۾ دفتردار هو، جيڪو ميرزا علي محمد بيگ جي هوشياري ۽ سٺي منتظمي کان واقف هو، جنهن کيس ان نئين ڪورٽ ۾ سرشتيدار ڪري رکيو، جتي اٽڪل چار سال هيءُ سرشتيدار ٿي رهيو. پوءِ تعلقه مختيارڪار حيدرآباد وٽ سرشتيدار ٿيو، آخر ۾ حيدرآباد جي سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار مقرر ٿيو. ان عرصي ۾ پنج سٽي مئجسٽريٽ ايم. اي. حافظ، غلام صديق عيساڻي، شيخ نورمحمد طوطل، غلام رسول ڪيهر ۽ راءِ صاحب سوڀ سنگهه بدلي ٿي آيا. هنن جي سڄي دؤر ۾ ميرزا علي محمد بيگ وٽن سرشتيدار ٿي رهيو.

اهڙيءَ ريت هن سال 1918ع کان 1938ع تائين پنهنجي محنت، هوشياري، بردباري، رعب و تاب ۽ وڏي دٻدٻي سان نوڪري ڪري ڏيکاريائين. دنيا ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جا عهدا ته ننڍا هوندا آهن، پر اهي ڏِک تمام وڏي ڏيندا آهن ته ڪي وري اهڙا هوندا آهن، جن جا عهدا ته وڏا هوندا آهن، پر ڏيکاري اهڙي ڏيندا آهن، ڄڻڪ هيٺين ليول جو ڪو جونيئر ڪلارڪ ڪڙو هجي. ميرزا علي محمد بيگ بظاهر ته هڪ ڪلارڪ ڪورٽ جو سرشتيدار هو، پر چهري جي رعب، ڳالهائڻ جي انداز، ڪپڙين لٽين ڪنهن هاءِ ڪلاس آفيسر جي ڏيکائي ڏيندو هو.

ميرزا علي محمد بيگ ويهه سال روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي، جنهن عرصي ۾ هن جا بالا آفيسر انگريز، هندو عامل ۽ مسلمان ٿي آيا، پر هن ڪڏهن به پنهنجي بالا آفيسر جي نه خوشامد ڪئي ۽ نه وري ان کي شڪايت جو موقعو ڏنو. اهوئي سبب هو، جو هر آفيسر کيس دل سان چاهيندو هو.

عريضي نويسي ۽ دستاويز نويسي:

ميرزا علي محمد بيگ سال 1939ع ۾ ڏنل شاه مسجد (هاڻوڪي اورنگزيب مسجد) گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ پنهنجي خانگي آفيس درخواستن ۽ دستاويزن لکڻ لاءِ کولي. هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ هندو عريضي نويسن ۽ دستاويز لکڻ وارن جو نالو مشهور هو ۽ هڪ ٻئي کان مٿي لکيڻداس هئا ۽ دستاويزن لکڻ ۾ وري پرشوتمداس مشهور هوندو هو، جنهن جي باقاعده فرم هوندي هئي ۽ هر ڪو ماڻهو چاهيندو هو ته هن جو دستاويز پرشوتمداس لکي.

ميرزا علي محمد بيگ جيئن ته ويهارو سال روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي هئي، جنهنڪري پاڻ روينيو ۽ ڪرنمل ٻنهي سائيڊن جي سٺي ڄاڻ رکندڙ هو، کيس فوجداري ڪيسن ۽ روينيو جي ڪيسن، اپيلن لکڻ ۾ خاصو عبور ۽ سٺي دسترس حاصل هئي. ان کان علاوه هر دستاويز به سٺي نموني ۽ قانوني حدن اندر لکندو هو. هن جي انهيءَ ڄاڻ سبب سال سوا اندر حيدرآباد ڊويزن ۾ سندس نالو تمام گهڻو مشهور ٿي ويو.

انگريزن جي دؤرِ حڪومت ۾ پڙهيل لکيل ۽ قانون جي ڄاڻ رکندڙ کي مختيار مقرر ڪيو ويندو هو، جيڪو عرضدار پاران ڪورٽ ۾ پيش ٿي ڪيس هلائيندو هو. ميرزا علي محمد بيگ پڻ ان دؤر ۾ مختيار مقرر ٿيو، جيڪو عرضدار جي پاران فوجداري ڪيس ڪورٽ ۾ هلائيندو هو ۽ ڪمشنر سنڌ وٽ روينيو جون اپيلون هلنديون هيون، جيڪي گهڻو ڪري زمينن بابت هونديون هيون. تن ڏينهن هيءُ روينيو اپيلن لکڻ ۾ مشهور ٿي ويو ۽ پاڻ ڪراچي ۾ وڃي ڪمشنر وٽ اپيلون هلائيندو هو. سر سڊني رڊلي سنڌ جو ڪمشنر هو ۽ سيد مدد علي شاهه هالاڻي وارو نيٽو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. جن جي دؤر ۾ هن وٽ چڱي انداز ۾ روينيو جون اپيلون لکجڻ لاءِ آيون، انڪري جو سيد مدد علي شاهه هن تي خاص مهربان هوندو هو، جنهنڪري وٽن ڪيترا عرضدار روينيو جون اپيلون لکائڻ ايندا هئا.

ميرزا علي محمد 1939ع کان 4- اپريل 1979ع تائين ڀريا چاليهه سال سٺي ۽ باعزت نموني ۾ عريضي نويسي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پنهنجو نالو ڪڍيو.

بحيثيت شاعر:

امام بارگاهه علي آباد حيدرآباد شهر ۾ علم و ادب ۽ مذهب جو مرڪز رهيو آهي، جتي هر دؤر ۾ وڏي پيماني تي مذهبي محفلون، مجلسون ۽ مشاعرا ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ ڏينهن ٿيندا اچن پيا. سڄي سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه عالم، اديب، شاعر ۽ علمي ادبي ذوق رکندڙ مون کي ڪونه سُجهي، جيڪو انهن محفلن، مجلسن ۽ مشاعرن ۾ شريڪ نه ٿيو هجي.

ميرزا علي محمد بيگ اهڙي علمي، ادبي ۽ مذهبي بلڪه شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي. جنهن ماحول ئي کيس شاعريءَ جي ميدان ۾ آندو ۽ پاڻ چوڏهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. هن پهرين پهرين هڪ نعت ”هر جاءِ جلوه گر ٿيو جمال محمديصه“ لکي، پنهنجي والد ميرزا قربان علي بيگ کي اصلاح لاءِ ڏيکاري. جنهن اُن ۾ ضروري اصلاح ڪري کيس فن شاعري جا اصول سمجهايا ۽ باقاعده علمٖ عروض جي سِکيا ڏني ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندي چيائين، ته جيترو مختلف شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪبو، اوتري ئي شعر ۾ رواني ايندي. ڇاڪاڻ جو هر شاعر جا پنهنجا پنهنجا خيالات هوندا آهن، جڏهن انهن جا خيال سندن ڪلام ذريعي اوهان جي آڏو ايندا، ته پوءِ انهن جي روشنيءَ ۾ اوهان کي پنهنجي خيالات جي اظهار جو بهتر موقعو ملندو. پوءِ پاڻ پنهنجي پيءُ جي نصيحت تي سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪيو، جن مان ڪي شعر ته کيس برزبان ياد ٿي ويا.

ميرزا علي محمد بيگ پنهنجي نالي جي نسبت پنهنجي شعرن ۾ ’مظفر‘ تخلص اختيار ڪيو، جيڪو سندس نالي جي نسبت سان موزون آهي. سندس نالي جي سجع هن طرح آهي:

براعدائي دين شد مظفر حسين.

علي محمد هر موڙ تي مظفر ٿيو:

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جي پنهنجي ئي خاندان ۾ ميرزا غلام حيدر بيگ، ميرزا غلام رسول بيگ، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا دوست محمد بيگ، ميرزا قربان علي بيگ، ميرزا امام علي بيگ، ميرزا حسين علي بيگ ۽ ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ جهڙا اعليٰ پايهء جا شاعر تن ڏينهن ۾ موجود هئا، جن سندس دل کولي همت افزائي ڪئي. انهن کان علاوه ميرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘ جيڪو سندس همعصر شاعر هو، ان جو پڻ هن سان شاعري جي ميدان ۾ ساٿ رهيو. تن ڏينهن هي ٻئي گڏجي ڪورين جي پِڙ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ويندا هئا ۽ اُتي پنهنجا غزل پڙهندا هئا.

’مظفر‘ جڏهن لئينڊ رڪارڊ آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي آيو، تڏهن اُتي مرحوم محمد بخش ’واصف‘
نوڪري ڪري رهيو هو، جنهن سان سندس واقفيت ته اڳي ئي هئي، جو هڪڙي ئي شهر حيدرآباد جا رهندڙ هئا. خود ’واصف‘ مرحوم اوير سوير امام بارگاهه علي آباد ۾ ’مظفر‘ جي عزيزن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هو ۽ ساڻس گڏ گهڻو ڪري حافظ حيات شاهه، ماستر علي بخش گوله انداز يا ٻيو ڪو علم دوست گڏ هوندو هو.

’مظفر‘ جي محمد بخش ’واصف‘ سان اُتي سنگت ٿي، جنهن جي صحبت ۾ هن غزل ۽ رباعي چوڻ ڏي توجهه ڏنو. پوءِ ترت ئي پاڻ مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار ٿي آيو، جتي ’سانگي‘ جو ساٿ هن لاءِ سونَ تي سهاڳ ثابت ٿيو. ’سانگي‘ سنڌ ۾ شهنشاھ غزل مڃيو ويندو آهي. ان دؤر ۾ ’مظفر‘ چڱي خاصي انداز ۾ بهترين غزل چيا.

اهوئي زمانو هو، جو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ”سنڌي ويا ڪرڻ“ نالي ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هڪ باب فن شاعري بابت آهي، جنهن ۾ مختلف اصناف سخن ڏنل آهن. ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي ميرزا قربان علي بيگ ڏي مرزا قليچ بيگ موڪلي. اُهو ڪتاب ’مظفر‘ پڙهي، ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ قليچ بيگ سان مليو، جنهن جي چوڻ تي هن انهن ئي اصناف سخن تي شعر لکي، مرزا قليچ بيگ کي ڏيکاريا، جيڪي پڙهي قليچ بيگ دل سان انهن جي تعريف ڪئي.

’مظفر‘ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي والد ميرزا  قربان علي بيگ ۽ مامي ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ کان علاوه مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ کان به اصلاح وٺندو هو. جن جي وفات بعد هن پنهنجو ڪلام ٻي ڪنهن به شاعر کان اصلاح نه ڪرايو. ڇاڪاڻ جو فن شاعري ۾ کيس سٺي دسترس حاصل ٿي چڪي هئي ۽ پاڻ بهتر کان بهتر شعر چوندو هو. بلڪه کيس استاد شاعر جو درجو حاصل ٿي چڪو ۽ سندس شاگرديءَ ۾ ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا عباس علي بيگ، ميرزا عاشق علي بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ، ميرزا غلام عباس بيگ ’وفا‘ جھڙا قابلِ شاعر شامل هئا، جيڪي پنهنجي شاعريءَ جي ابتدائي دؤر ۾ هن کان ئي پنهنجي ڪلام ۾ اصلاح وٺندا هئا ۽ انهن کان علاوه پاڻ پنهنجي خاندان جي ڪيترن نوجوانن جي ڪلام ۾ پڻ اصلاح ڪندو هو. شاعريءَ ۾ راقم الحروف جو پهريون استاد ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ هو، جنهن مون کي شعر چوڻ جا بهتر اصول ٻڌايا؛ جن اصولن تحت ئي شعر چوڻ ڪري منهنجو شعر ٻڌندڙ دل سان پسند ڪن ٿا.

’مظفر‘ علم عروض جي پابندين تحت شعر چيو آهي، جيئن ته هن کي سنڌي گرامر ۽ علم عروض تي خاصي دسترس حاصل هئي، جنهنڪري هن جو  ڪلام ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي. هن جي ڪلام ۾ هڪڙي سٺي اعليٰ پايهء جي شاعر واريون خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. ’مظفر‘ شاعريءَ جي صنفن مان حمد، نعت، منقبت، قصيده، سلام، نوحه، مرثيه، غزل، رباعي، قطعهء تاريخ، نظم ۽ مثنوي تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندن سمورو ڪلام راقم الحروف
”ڪلياتِ مظفر“ جي نالي سان سهيڙي سموهي ترتيب ڏنو آهي.

’مظفر‘ شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ شاهڪار ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن. سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن. جن مان هڪڙو ڪتاب آهي: ’فلسفهء عزا‘، جيڪو حضرت امام حسين عليہ السلام جي عزاداري متعلق آهي ۽ ٻيو ڪتاب آهي: ’حيدرآباد جون يادگيريون‘، جيڪو حيدرآباد جي گذشت تاريخ جي حوالي سان اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪورٽن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، تعليم، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ ڪيترن خاندانن کان علاوه هن پنهنجي خاندان بابت تحقيق سان ۽ سٺي پيرا ۾ ذڪر ڪيل آهي.

مذهبي خدمتون:

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جون مذهبي حوالي سان ٻه اهم خدمتون يادگار آهن، هڪڙي مسجد ابوالفضل قدم گاهه موليٰ علي عليہ السلام جو معجزانه طور جُڙي راس ٿيڻ؛ جنهن ۾ هن جو ظاهر ظهور ڀرپور هٿ رهيو ۽ تمام گھڻي مخالفت جي باوجود به سندس محنت ۽ جرائت سان اِها مسجد ٺهي وئي. ٻي خدمت آهي امام بارگاهه علي آباد جي تعمير جو. اِها امام بارگاهه ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ ٻيهر سال 1863ع ۾ ٺهرائي هئي، جيڪا سالن گذرڻ بعد تمام خسته ٿي وئي هئي، جنهن کي پاڻ سال 1956ع ۾ زرڪثير خرچ ڪري از سرنو تعمير ڪرايو.

ان کان سواءِ ’مظفر‘ کي مذهبي محفلن ۽ مجلسن ڪرائڻ جو دلي شوق هوندو هو، جيڪي پاڻ چاهه مان ڪرائيندو رهندو هو. انهن محفلن ۽ مجلسن ۾ پاڻ وڏا وڏا عالم، مولوي، خطيب ۽ ذاڪر گهرائيندو هو، جيڪي ذڪر اهلبيت ڪندا هئا.

ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ پنهنجي تعمير ڪرايل امام بارگاهه علي آباد ۾ ايام محرم جي مجلسن ۽ خوشي جي محفلن کان علاوه هر جمعرات تي محفل يا مجلس جو سلسلو پڻ قائم ڪيو. ان هفتيوار مجلس يا محفل جو کيس تمام گهڻو اونو رهندو هو، جيڪا پاڻ باقاعده 1980ع تائين ڪرائيندو رهيو ۽ پاڻ پنهنجي وصيت نامي ۾ پڻ ان مجلس ڪرائڻ لاءِ تاڪيد ڪئي اٿن، جيڪا الحمدلله اسين سندس اولاد باقاعدگي سان ڪندا پيا اچون.

سماجي خدمتون:

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ هميشه سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. سماج ۾ جيڪي برايون کيس ڏسڻ ۾ اينديون هيون، انهن جي هميشه اُپٽار ڪري ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو هو. پاڻ اوڙي پاڙي ۽ پنهنجي پرائي جي هر اوکي ويل ۾ مدد ڪندو هو. خاص ڪري نوجوانن کي هميشه اعليٰ تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تائين پهچڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو هو ۽ انگريزي سکڻ لاءِ کين چوندو هو ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪافي معلوماتي لٽريچر آهي، جنهن جي مطالعي سان ماڻهو کي گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ۽ ترقي جون راهون کُلن ٿيون. جنهنڪري پاڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي انگريزي جي ٽيوشن پڻ ڏيندو هو.

جڏهن پاڪستان ٺهيو، تڏهن سنڌ ۾ هندن جون ڇڏيل جايون ۽ زرعي زمينون مهاجرن کي سرڪار ڪليمن تحت ڏنيون. ميرزا علي محمد بيگ ڪوشش ڪري اُهي زمينون انهن مهاجرن کان سنڌي مسلمانن کي خريدي ۾ وٺائي ڏنيون. منهنجي نظر ۾ اهڙا ڪيترائي مهاجر آهن، جن کي زمينون ڪليم ۾ مليون. جيڪي  ميرزا علي محمد بيگ ڪوشش ڪري سنڌين کي ڏياريون. حيدرآباد، ٽنڊوالهيار ۽ بدين ۾ هن گهڻن مهاجرن کان سنڌي مسلمانن کي زمينون خريد ڪرائي ڏنيون.

هِتي آءٌ هڪ ڳالهه لکندو هلان ته، جڏهن ميرزا علي محمد بيگ اهي زمينون سنڌي مسلمانن کي ڏياريون پئي، تڏهن جي پاڻ چاهي ها ته انهن زميندار سان گڏ خريدي ۾ پنهنجو نالو ڏيئي ڇڏي ها، يا پاڻ خود به خريدي سگهي ها، پر هُن ائين نه ڪيو ۽ بنا لوڀ لالچ جي سنڌي مسلمانن کي اهي زمينون ڏياريون، جيڪا سنڌين جي وڏي اهم خدمت آهي.

جڏهن جنرل ايوب خان بي. ڊي ميمبر منتخب ڪيا، تڏهن سندس ڪوششن سان سندس پڦاٽ ميرزا امام بخش بيگ بي. ڊي ميمبر ٿيو. تڏهن اُن کي سماج جي سڌاري لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون صلاحون ڏيندو رهيو.

ميرزا علي محمد هميشه سڀني سان مِٺ محبت ۾ رهيو ۽ وسنئون ڪنهن سان به ڪڙو ٻول ڪونه ٻوليائين.

سٺي پوشا ڪ پائيندڙ جي حيثيت ۾:

ميرزا علي محمد بيگ هميشه خوش پوشاڪ رهيو ۽ پاڻ پنهنجي دؤر ۾ هر قسم جو لباس، ٽوپيون ۽ بوٽ پهريا. ٿري پيس سوٽ ۽ پينٽ جنهن تي ڪڏهن ڪوٽ ته ڪڏهن وري شيرواني پائيندو هو ۽ شلوار ۽ پاجامي تي پڻ ڪڏهن ڪوٽ ته ڪڏهن شيرواني پهريندو هو. نِڪر (چَڊي) پائڻ جو گهڻو شوق هوندو هئس، جيڪا جڏهن پائي نڪرندو هو ته ڪنهن انگريز ڪماني جهڙي ڏِک ڏيندو هو. چَڊي تي گهڻو ڪري هينٽنگ ڪوٽ پائيندو هو. ٽوپين ۾ تُرڪي ٽوپي جيڪا ٻن قسمن ۽ ٻن رنگن ۾ ايندي هئي، هڪڙي ڪرسٽي لنڊن ۽ ٻي ڊبل شيرگولو ۽ رنگ ڳاڙهو ۽ ناسي هوندو هئن. ان کان علاوه صفدر ڪيپ، انور ڪيف، امان الٰهي ڪيپ، فولڊ ڪيپ، بيرٽ ڪيپ، اسماعيل ڪيپ، جناح ڪيپ جن ۾ ڪي ڊگهيون قدايون ته ڪي وري ننڍي ڀِت واريون هونديون هيون. اهي ڪپڙي پينٽ، شلوار، پاجامي ۽ چَڊي جي مناسب سان پائيندو هو. پهرين دؤر ۾ ٽاءِ به ٻَڌندو هو، پر پوءِ پائڻ ڇڏي ڏنائين.

بوٽن ۾ بروگ شُو، ثمر شُو، هيلٿ شُو، ڪروڪوٽائل، اڇو ۽ ڳاڙهو، سڄو اڇو، سڄو ڳاڙهو بوٽ ۽ سليپر به جن جو اُن وقت جي فيشن هو، سي وڏي شوق سان پائيندو هو. هن ڪڏهن به ڪاري رنگ جو بوٽ يا سليپر ڪونه پاتو.

مزاج ۽ شناسائي:

ميرزا علي محمد بيگ خوش مزاج ملنسار، زنده دل، شگفته طبعيت ۽ کِل مُک مزاج رکندڙ هو، جنهنڪري ئي ٻار، جوان، نوجوان، اڌڙوٽ ۽ بزرگ ساڻس ڳالهائيندي ۽ ڪچهري ڪندي بيزار ڪونه ٿيندا هئا. اهڙيءَ ريت محفل، مجلس، ڪچهري ۾ ڀلي ڪهڙي به وڏي حيثيت جو ماڻهو ڇو نه آيل هجي، پر هيءُ ان ۾ نمايان سڄي محفل تي ڇانيل نظر ايندو هو.

هن سان علم و ادب ۽ شعر و شاعري تي ڳالهايو، ته اوهان کي هي بهترين اديب ۽ شاعريءَ تي سٺي ڄاڻ رکندڙ نظر ايندو. وري سياست تي گفتگو ڪريوس، ته بهترين ڄاڻو ۽ سياسي ساڃهه رکندڙ سياستدان جهڙي ڏِک ڏيندو. مذهب تي اچو ته، اُن ۾ اوهان کي وڏي  ڄاڻ رکندڙ چڱي خاصي عالم واري ڏيکائي ڏيندو ۽ وري جي قانونداني ۾ بحث ڪريوس، ته وڏي ڄاڻو وڪيل وانگر بادلائل جواب ڏيندو. سماج تي ڳالهايو ته سماج ۾ جيڪي به برايون آهن، تن جي اُپٽار ڪري انهن کي ختم ڪرڻ جو علاج ۽ طريقيڪار پڻ ٻڌائيندو.

بهرڪيف آءٌ سندس پُروقار شخصيت لاءِ ايترو چوندس، ته هيءُ پنهنجي دؤر جو هڪ بهترين ڄاڻ رکندڙ اديب، شاعر، قانوندان هو ۽ سندس مطالع تمام وسيع هو. مذهبي ڪتابن سان گڏ تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن کان علاوه ناولن سان به گهري دلچسپي هئس.

پاڻ پهرين دؤر ۾ انگريزي ناول پڙهندو هو ۽ پوءِ اردو ناول نگارن ۽ ڊرامه نگارن جا ناول ۽ ڊراما پڙهندو هو. جيئن ته سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري هندو اديب ئي ناول لکندا هئا. ميرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ ۽ ٻين مسلمانن پڻ ناول لکيا آهن، جنهنڪري هيءُ سنڌي مسلمانن جا ناول ته دلچسپي سان پڙهندو هو، باقي هندن جا پهرين دؤر وارا لکيل ناول جهڙوڪ ڊاڪٽرگربخشاڻي جو
”نورجهان“ ناول دلچسپي سان پڙهندو هو. باقي هندن جي پوئين دؤر جي اديبن جا لکيل ناول گهٽ پڙهندو هو، جن ۾ سنسڪرت ۽ هندي ٻولي جا لفظ ناول جو لطف ئي وڃائي ڇڏيندا هئا. حالانڪ ناول پلاٽ جي خيال کان تمام بهترين لکيل هوندا هئا، پر ٻولي سڄو مزو وڃائي ڇڏيندي هئي.

مون جڏهن کين ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم
’خليل‘ جي افسانن جي مجموعي ”عبرت ڪده“ جا ٻه جلد پڙهڻ لاءِ ڏنا، ته اهي پڙهي تمام گهڻي تعريف ڪيائون ۽ چيائون ته مون گهڻن اردو لکندڙن جا افسانا ۽ ڊراما پڙهيا آهن، پر ڊاڪٽر ’خليل‘ جي لکيل افسانن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هڪڙي دفعي کانئن محمد عثمان ڏيپلائي جي لکيل افسانن بابت پڇيم، ته تعريف ڪندي چيئون ته اهي افسانه سٺا لکيل آهن، پر ڏيپلائي قلم کان تيغ جو ڪم وٺندو هو.

منهنجي سانڀر ۾ منهنجي والد مرزا حامد علي بيگ جي ڪتابي ذخيري مان ايم. اسلم ۽ عادل رشيد جا ناول پاڻ مون کان وٺي پڙهندا هئا ۽ پوءِ انهن تي پنهنجي بهتر راءِ ڏيندا هئا. مون کي پڻ ناول پڙهڻ جو شوق هن مرحوم ڏياريو، جنهن لاءِ بابا مرحوم پڻ چيو ته ناول پڙهڻ ماڻهو ۾ همت عزم استقلال، هر نشيب و فراز، لاهن چاڙهن کي وقت سر منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ ذهني سڪون ڏيندڙ آهي، واقعي ناول پڙهڻ سان مٿي ڳالهيون ٻڌايل ٺهڪي ٿيون اچن.

ميرزا علي محمد بيگ بهترين مرثيه خوان ۽ نوحه خوان هو. سندس مرثيه ۽ نوحو پڙهڻ ٻڌندڙن کي ڏاڍو متاثر ڪندڙ هو. بتحرير زوار عنايت علي خان مرڙاڻي ته ”ميرزا علي محمد بيگ سان مرثيه خواني ۾ مقابلي جي ڪوبه مرثيه خوان  جرئت نه ڪري سگهندو هو.“

جيتريقدر مون ڏٺو ته ميرزا علي محمد بيگ انتهائي ارڏو ۽ اٻهرو هوندو هو. پرواهه ڪنهن جي ڪونه ڪندو هو، نه ئي ڪنهن جي اڳيان نيچو نوائيندو هو ۽ نه ڪنهن جي خوشامد ڪندو هو. هن کي انهيءَ ارڏائي ۽ اٻهرائي سبب وقتي ڪافي نقصان به پهتو پر بقول سندس:

علي محمد هر موڙ تي مظفر ٿيو.

پاڻ هر مرحلي ۽ هر معرڪي ۾ ڪاميابي ماڻي وٺندو هو، انڪري جو پاڻ باهمت ۽ دلير هوندو هو. ڪڏهن به بي همت يا شڪسته دل نه ٿيو. ان بابت منهنجو شعر آهي ته:

دشمن جي اڳيان شير مثل هلجي کڻي سر،

اعــلان ڪــيــو ٿــي الااعــلان ’مــظــفــر‘.

اهوئي سبب آهي، جو جيڪي ماڻهو پاڻ باهمت ۽ دلير مردن جو قدر ڪندڙ هئا، سي دل سان هن جو قدر ڪندا هئا ۽ دل سان هن جي عزت ۽ سندس تعريف ڪندا هئا. باقي جيڪي پاڻ ئي بي همت ۽ هلڪڙي طبعيت جا هوندا هئا، سي ڪڏهن پس پرده ته ڪڏهن ظاهري طور نفرت جو اظهار ڪندا هئا، پر هي اهڙن بزدلن ۽ هلڪڙن جي پرواهه ئي ڪونه ڪندو هو.

استاد ۽ شاگرد:

ميرزا علي محمد بيگ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي والد ميرزا قربان علي بيگ کان علاوه ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ ۽ مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ کان اصلاح وٺندو هو. انگريزي گرامر ماستر علي بخش گوله انداز کان حاصل ڪيائين. اسڪولي تعليم، مرثيه خواني، شاعري ۽ قانونداني جي حوالي سان سندس هيٺيان شاگرد آهن: ميرزا اعجاز علي بيگ، ميرزا علي بخش بيگ، مرزا بخش علي، ميرزا مهر علي بيگ، ميرزا الطاف حسين بيگ، حاجي علي محمد رند، عنايت علي خان مرڙاڻي، ماستر جمع خان ميرجت، آخوند عبدالرحمٰن، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا عاشق علي بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ، ميرزا غلام علي بيگ شمله، ميرزا غلام عباس بيگ ’وفا‘، ميرزا نجم الحسن بيگ، ميرزا فتح علي بيگ، ميرزا فياض علي بيگ، ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ ۽ ميرزا ڪاظم رضا بيگ کان علاوه سندس آخري شاگرد ميرزا علي نواز بيگ آهي.

اولاد:

ميرزا علي محمد بيگ کي هڪ پُٽ ميرزا سلطان حيدر بيگ ۽ ٽي نياڻيون اولاد هو. سندس وڏي نياڻيءَ جي شادي ميرزا حامد علي بيگ سان ۽ ٻيو نمبر نياڻيءَ جي شادي ميرزا امداد علي بيگ سان ٿي.

وفات:

ميرزا علي محمد بيگ هن فاني جھان مان 23- صفرالمظفر 1401هه بمطابق 01- جنوري 1981ع خميس جي ڏينهن لاڏاڻو ڪيو.

خدا رحمت ڪندو هن مرثيه خوان مرد مومن تي.

مصرع طرح: ٿيو مملڪتِ نظم ۾ سلطان ’مظفر‘

سيد احسن الهاشمي ’احسن‘

منهنجي قلم و فڪر جو عنوان ’مظفر‘

تڪميلِ خِرد علم جو عرفان ’مظفر‘

هو ماتمئ شاھ شهيدان ’مظفر‘

سنجيده صفت ظرف ۾ ذيشان ’مظفر‘

سائل نه سڪندر جو نه دارا جو ڪڏهن ٿيو

درويز گهه دولتِ ايمان ’مظفر‘

صابر به هو شاڪر به هو راضي بَه رضا هو

قدسي هو مگر صورتِ انسان ’مظفر‘

معمار هو هن بارگهه بيتِ ڪرم جو

معصوم جي دروازي جو دربان ’مظفر‘

يارن جو مددگار عزيزن جو بهي خواه

جنت ۾ به پنهنجن جو نگهبان ’مظفر‘

انداز ۾ ڪردار ۾ اطوار ۾ اعليٰ

هوندو هو هزارن ۾ نمايان ’مظفر‘

ڏهٽن ۾ ۽ پوٽن ۾ سڀئي عالم و صالح

خوش بخت ٿيّو والدِ سلطان ’مظفر‘

ظاهر آ سدا دوست عزيزن جي دلين تي

ڇا ٿيو جي ٿيو خاڪ ۾ پنهان ’مظفر‘

بخشي ڌڻي آلِ محمد جي ڪچهري

تا حشر رهي شاه خراسان ’مظفر‘

هي ”بزم فتح“ ڪين وساريندي ادا کي

’احسن‘ تي ڪيو قرب جو احسان ’مظفر‘

ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘

 

سَر شعر و سخن جو ڪري ميدان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

هٿ پنهنجي سخن جو رکي ميزان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

بيشڪ ته سخن سنج سخن پرور بنجي

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

خوش لهجه و خوش خصلت و خوش وجه سراسر

انسان ٿيّو پر عجب انسان ’مظفر‘

مداح علي جو ۽ محمد جو مدح خوان

ٿيو ماتمئ شاھ شهيدان ’مظفر‘

هي شان رکي ڄاڻندو هو شان رکي ويو

هو شان رکيو شان جهڙو شان ’مظفر‘

ڪردار جو ايڏو هو بلند صاحبِ ڪردار

ڪردار جو بنجي ويو عنوان ’مظفر‘

دارا و سڪندر به سندس سامهون ٿيا مات

ٿيو ملڪ فصاحت ۾ سليمان ’مظفر‘

”فتح علي“ ”قاسم علي“ ”قربان علي“ جي

همه مرتبه و هم شرف و شان ’مظفر‘

”ڪوثر“ کان وٺي تا به ”مشبر“ ته سڀن کي

هو درس سخن جو ڏنو هر آن ’مظفر‘

آءٌ ته ڳڻي ڪين سگهان ڪڏهن ٿو هرگز

مون تي جو ڪيا ايترا احسان ’مظفر‘

دريا دلي هن جي آهي مشهور جهان ۾

دريائي سخا جو چوان سلطان ’مظفر‘

پڙھ بزم ۾ ’حامد علي‘ اڄ اهڙو قصيدو

جنهن شان جي خود پاڻ هو شايان ’مظفر‘

وسرڻ جو نه آهي نه وساريندس ’حامد‘

ساريان پيو اڃان پنهنجو مهربان ’مظفر‘.

ميرزا سلطان حيدر بيگ ’سلطان‘

 

ٿي عترتِ اطهار جو حسان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

علماءُ و اديبن جو ته هر آن ’مظفر‘

ٿي قدر ڪيو شان جي شايان ’مظفر‘

هر شخص سان نيڪي جو هو خواهان ’مظفر‘

هر شخص لئي هو باعثِ احسان ’مظفر‘

والد ڪيو عطا حَقَ مون کي ذيشان ’مظفر‘

ڇو ڪين اچي ياد پوءِ هر آن ’مظفر‘

هر وقت نظر ايندو هو شادان ’مظفر‘

خوش خلق ۽ خوش فهم ۽ فرحان ’مظفر‘

ذاڪر هو عزادار محب مومنِ ديندار

عترت جو ازل کان هو ثناخوان ’مظفر‘

هو روحِ روان ”فتح“ جو ”قاسم“ جو دل و جان

”قربان“ جي چمن جو گلِ خندان ’مظفر‘

والد هو سندم، دوست دلي پڻ ٿيو منهنجو

مون لاءِ ته هو رحمتِ رحمان ’مظفر‘

هو وعده وفائي تي ڪمربسته هميشه

پابند رهيو ٿي ڪري پيمان ’مظفر‘

مسجد ٿي ابوالفضل قدم گاه تي تعمير

تڪميل لئي ان جي رهيو ڪوشان ’مظفر‘

بنياد رکيو ”فتح“ ته جنهن پاڪ جڳهه جو

تعمير لئي ان جي ٿيو خواهان ’مظفر‘

تعمير اها فضل خدا ساڻ ڪرائي

ٿي شڪر جا سجدا ڪيا هر آن ’مظفر‘

يا رب رهي سرسبز سدا تنهنجي ڪرم سان

تيار ڪري جو ويو دبستان ’مظفر‘

’سلطان‘ جي دعا آهي هجن خلد ۾ يا رب

”فتح علي“ و ”قاسم“ و ”قربان“ ’مظفر‘

ميرزا سڪندر علي بيگ ’ سڪندر‘

 

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

خاقان ٿيو خاقان ٿيو خاقان ’مظفر‘

اقليم سخنِ ۾ ٿو هلي هن جوئي سڪو

ڪَيوان ٿيو ڪَيوان ٿيو ڪَيوان ’مظفر‘

دريائي سخن جانِ ادب شانِ فصاحت

سحبان ٿيو سحبان ٿيو سحبان ’مظفر‘

هن ملڪ ادب فهم و فراست تان هميشه

قربان ٿيو قربان ٿيو قربان ’مظفر‘

اشعار جي بندش کان چوي هرڪو سخندان

ارڪان ٿيو ارڪان ٿيو ارڪان ’مظفر‘

بحرين ٿيو بحر ۾ هر شعر انهيءَ کان

ميزان ٿيو ميزان ٿيو ميزان ’مظفر‘

ميدانِ ادب هن جي ئي ٿيو دم کان معطر

بستان ٿيو بستان ٿيو بستان ’مظفر‘

خورشيد جيان چرخِ فصاحت تي هميشه

تابان ٿيو تابان ٿيو تابان ’مظفر‘

ادراڪ و ادب علم و عقل فهم جو فن جو

عنوان ٿيو عنوان ٿيو عنوان ’مظفر‘

هن آل محمد جي ڪري مدح سرائي

حسان ٿيو حسان ٿيو حسان ’مظفر‘

هر اهلِ سخن جي ٿيو هر وقت دهن تي

ذيشان ٿيو ذيشان ٿيو ذيشان ’مظفر‘

ڇا هن جون ’سڪندر‘ ڪريان تحرير مان خوبيون

انسان ٿيو انسان ٿيو انسان ’مظفر‘

ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘

 

ذي شوڪت و ذي شهرت و ذيشان ’مظفر‘

اخلاص و محبت جو ته عنوان ’مظفر‘

سرشار ’مظفر‘ هو مئي حبِ نبي کان

هو عترتِ اطهار تان قربان ’مظفر‘

     1981ع

 

بيمثل سخن سنج سخن فهم سخنور

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

ڪردار ۾ بيمثل ته گفتار ۾ بيمثل

سو پيڪرِ اخلاص هو انسان ’مظفر‘

دنيا ۾ مقام اهڙو ’مظفر‘ ڪيو حاصل

ٿو ياد سڀن کي رهي هر آن ’مظفر‘

            181      +      1220   =   1401ھ

 

هو پيڪر اخلاص هو بيشڪ متدين

با مهر ٿي مشفق رهيو هر آن ’مظفر‘

1981ع    =      954             +                 504    +   3        +       520

هن پيڪر اخلاص کي ڪيو شاه ولايت

هر معرڪي ۾ لطف سان باشان ’مظفر‘

1401ھ  =        954                +              447

 

هاتف ٿو چوي وسندي سندءِ اي متدين

تربت تي سدا رحمتِ رحمان ’مظفر‘

  514     +          1477         =    1981ع

اخلاق ۽ همت ۽ سخاوت جي سما تي

خورشيد جيئن تابنده هو ذيشان ’مظفر‘

اميد ٿي ’شاهد‘ ته وٺي خلد ۾ ويندو

احمد جو وصي خود شہ مردان ’مظفر‘

 55                                       +                                 106     +        1820   =  1981ع

جوڻيجو دين محمد ’اڪرم‘ ٻورڙائي

 

هو آل بني تان ٿيو قربان ’مظفر‘

دنيا مان بچائي ويو ايمان ’مظفر‘

هر شعر ٿيو ان جو صداقت جو سبق آه

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

يارن جو ٿيو يار هو غيرن جو به ساٿي

پيڪر ته هيو پيار جو انسان ’مظفر‘

ڏسندي ئي ڏئي داغ ته فرقت جو هليو ويو

بي وقت ڏئي هاءِ ويو ارمان ’مظفر‘

هڪ نيڪ نمازي سٺي اخلاق جو مال

پاڪيزه خيالن جو هو انسان ’مظفر‘

هر وقت تبسم هو لبن تي جنهن جي ’اڪرم‘

خوش خلق سو خوش پوش هو انسان ’مظفر‘

سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي

 

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

وڏو آ ادب تي ڪيو احسان ’مظفر‘

هڪ اعليٰ ظرف نيڪ هو انسان ’مظفر‘

سچ پيڪرِ اُلفت ڏسو ذيشان ’مظفر‘

بيباڪ سچو مرد مجاهد ۽ مٿير آه

حق سچ جو سدائين ڪيو اعلان ’مظفر‘

هر شعر سندس آه نصيحت ۽ هدايت

اُلفت ۽ محبت جو آ عنوان ’مظفر‘

هن شعر و سخن ۾ آ ڪيو پيدا وڏو نام

ڏئي شعر و سخن کي ته نئين جان ’مظفر‘

اشعار لکيا شانِ ’مظفر‘ ۾ پناھ شاھه

دنيائي ادب جو ٿيو خان ’مظفر‘

ميرزا فياض علي بيگ ’فياض‘

 

ٿيو روحِ سخن شان سخندان ’مظفر‘

هو پنهنجي ٿيو دؤر لئي شايان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

پڻ مُلڪِ فصاحت ۾ ٿيو ذيشان ’مظفر‘

”فتح علي“ و ”قاسم“ و ”قربان علي“ جيئن

بي شبهه ٿيو منبع احسان ’مظفر‘

احمد ۽ علي فاطمه حسنين جو بيشڪ

حاصل ته ڪيو سايهء دامان ’مظفر‘

حسان هو جيئن آلِ محمدؐ جو ثناخوان

تيئن آل نبي جو ٿيو حسان ’مظفر‘

محفل ۾ ۽ مجلس ۾ هڻي نعرهء حيدر

هو دين جو دشمن ڪيو بيجان ’مظفر‘

هر دؤر ۾ هر حال ۾ هر آن هميشه

ٿيو پنهنجي قبيلي جو نگهبان ’مظفر‘

حق گوئي ۾ هرگز نه ڪڏهن پُٺ تي هٽيو ٿي

حق گو ٿيو بي شبهه سو انسان ’مظفر‘

هر دوست جو هي دوست رهيو قابلِ عزت

هر دوست جي لئي فخر هو هر آن ’مظفر‘

دشمن جي به حرڪت نظرانداز ڪيائين

دشمن کي نه پهچايو ٿي نقصان ’مظفر‘

هو خُلق مجسم ٿيو اخلاص جو پيڪر

اخلاص جو اخلاق جو عنوان ’مظفر‘

ڇا حشمت و اجلال جو ان جي ٿئي اظهار

باهمت و باشان ٿيو ذيشان ’مظفر‘

ڪنهن ساڻ برائي نه ڪئي ڪڏهن ته جنهن هئي

سو مردِ مسلمان هو ذيشان ’مظفر‘

هي آهي عليؑ جي ۽ محمدؐ جي عنايت

هر معرڪي کي فتح ڪيو باشان ’مظفر‘

باطل جي اڳيان ڪينڪي سر پنهنجو جهڪايو

هر آن ايهو ٿي ڪيو فرمان ’مظفر‘

دشمن جي اڳيان شير مثل هلجي کڻي سر

اعلان ڪيو ٿي علي الاعلان ’مظفر‘

مداح علي جو ۽ محمدؐ جو ازل کان

بي شبهه ٿيو شاعرِ ذيشان ’مظفر‘

هر وقت علي تان ۽ محمّدؐ تان هميشه

هو صدق نيت ساڻ ته قربان ’مظفر‘

الله جي الطاف و عنايات و ڪرم سان

هر وقت رهيو خوشدل و خندان ’مظفر‘

ڪئي ان کي عطا فتح علي ۽ بَه محمّدؑ

”الطاف“ سان تن جي ٿيو شادان ’مظفر‘

”احقر“ تي ڪئي مِهر ته آهي ”احسنِ“ خالق

”ڪوثر“ سندو حقدار ٿيو ذيشان ’مظفر‘

ڪئي ”حامد“ و محمود ۽ احمد هي نوازش

جو ساري حياتي رهيو شادان ’مظفر‘

”عاشق“ ٿيو علي جو ۽ محمد جو هي ”صادق“

”عباس“ جي ”امداد“ سان فرحان ’مظفر‘

اخلاص تان اخلاق تان همت تان انهي جي

’فياض‘ ٿئي پاڻ ٿو ”قربان“ ’مظفر‘

احسان جي ان جي ته بيان حد ٿي ڪنهن پر

بيحد ڪيا ’فياض‘ تي احسان ’مظفر‘

ڇا خوف ڪري دشمنِ بي دين جو ’مظفر‘

حامي ٿيو سندس ايزدِ سبحان ’مظفر‘

’فياض‘ هو بي مثل ته هي دؤر جو پنهنجي

ٿي خوش ٿيو ڏسي پاڻ ته مهمان ’مظفر‘

”سلطان“ ”فتح“ ”افسر“ و ”مختار“ ”سڪندر“

”ڪاظم“ سان ٿيو ’فياض‘ مدح خوان ’مظفر‘

”احسن“ سان ”نياز“ ”اڪرم“ ”ڏاڏائي پناھه شاھه“

ٿيا بزمِ فتح ۾ هي ثناخوان ’مظفر‘

ميرزا قربان علي بيگ ’مختار‘

 

هو بحرِ مضامين جو گلستان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

هو شاعرِ شيرين سخندان ’مظفر‘

نيرنگ جهان ڪشور ايمان ’مظفر‘

هو صاحبِ ايمان سو مسلمان ’مظفر‘

مولا جو ته برحق هو ثناخوان ’مظفر‘

هر شعر جي بدلي ۾ اي ذيشان ’مظفر‘

جنت ڪئي عطا ايزد سبحان ’مظفر‘

ٿيو پَر تَوٖ خورشيد درخشان ’مظفر‘

ٿيو فخرِ جهان نيرِ تابان ’مظفر‘

آهي ته اسان تي تنهنجو ٿيو احسان ’مظفر‘

هر گام تي الله نگهبان ’مظفر‘

اي عاشقِ دين شمع ثبستان ’مظفر‘

اي نورجهان اوج سليمان ’مظفر‘

خوش خلق ٿين خوش وضع ٿين انسان ’مظفر‘

هر مرحلو تنهنجو ٿيو آسان ’مظفر‘

الله ڪري بخش ته عصيان ’مظفر‘

فردوس ۾ توکي ملي ايوان ’مظفر‘

جنت کان فزون آه تنهنجو ايوان ’مظفر‘

اي رشڪ چمن رشڪ گلستان ’مظفر‘

حسرت منهنجي ۽ منهنجوئي ايمان ’مظفر‘

ٿين عڪس رخِ جلوهء جانان ’مظفر‘

مولا جا ڪرم توتي ها هر آن ’مظفر‘

ٿي توتي سدا رحمتِ يزدان ’مظفر‘

نازان ٿيو جهان تي سدا حضرت ’مختار‘

سو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

ميرزا امام علي بيگ ’افسر‘

 

توتي هو نبي جو سدا احسان ’مظفر‘

راضي هو مٿنئن خالقِ سبحان ’مظفر‘

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

هڪ نيڪ نهاد ۽ هو سخندان ’مظفر‘

جو آلِ محمّدؐ جو هو پروانه و شيدا

هو آلِ پيمبرؐ مٿئون قربان ’مظفر‘

لاريب ٿيو قوم جو هڪ مرد مجاهد

بي شبهه ٿيو حاتمِ دوران ’مظفر‘

اقليمِ سخن ۾ نه ٿيو جنهن جو ڪو ثاني

هو مفتخرِ قيصر و خاقان ’مظفر‘

ڇا شان هو ان مرد مجاهد جي قلم ۾

هم مرتبهء دعبل و حسان ’مظفر‘

سر جبر جي سامهون نه ڪڏهن پنهنجو جهڪايو

خوددار هو خوددار هو هر آن ’مظفر‘

خوش لهجه و خوش خصلت و خوش گو هو سخندان

هو فخرِ فصيحان و بليغان ’مظفر‘

لاريب ته ميدانِ سخن جو سو ڌڻي هو

بي شبهه سخن سنج سخندان ’مظفر‘

مغرور جي خاطر ته حقارت جون نگاهون

هو بيڪس و بي پر جو نگهبان ’مظفر‘

محسن کي اسين پنهنجي ڪڏهن ڪين وساريون

بيحد اسان تي ڪيا احسان ’مظفر‘

هو آلِ محمّدؐ جو ته پروانو اي ’افسر‘

پڻ آلِ پيمبر تان هو قربان ’مظفر‘

ميرزا ڪاظم رضا بيگ ’ڪاظم‘

 

هو احمدِ مختار جو حسان ’مظفر‘

هو حيدرِ صفدر جو ثناخوان ’مظفر‘

ٿيو بنتِ پيمبر جو ته دربان ’مظفر‘

شبير ۽ شبر جو مدح خوان ’مظفر‘

ٿيو ملڪِ فصاحت لئي خاقان ’مظفر‘

سر آهي سخن جو ڪيو ميدان ’مظفر‘

ذي قدر ٿيو ذيجاه ٿيو ذيشان ’مظفر‘

خاقان زمان ٿي ويو سلطان ’مظفر‘

سرتاج سخن بادشہ ملڪِ سخن آه

سرسبز سخن جو ڪيو بستان ’مظفر‘

ٿيو ڪرب و بلا جو ته ڪفن جنهن کي ميسر

بي شبهه سو خوش بخت هو انسان ’مظفر‘

شاعر ٿيو عالم ٿيو بي مثل هو نقاد

ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘

قنبر جو به قنبر هو به درگاهه يدالله

درگاه پيمبر جو هو سلمان ’مظفر‘

حق گوئي ۾ هرگز نه ڪڏهن پٺتي هٽيو ٿي

حق گو ٿيو بي شبهه سو انسان ’مظفر‘

صهبائي مودت کان هميشه رهيو سرشار

مومن هو ٿيو صاحبِ عرفان ’مظفر‘

قربان علي تان ۽ محمّد تان ازل کان

’ڪاظم‘ هو ٿيو صاحبِ ايمان ’مظفر‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org