سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:12 

امداد حُسيني

 

 

 

نظم

رَهبرن رهزني ڪئي توسان

رهزنن رهبري ڪئي تنهنجي

حال محرم اَلا ڪيئي جن کي

تن وڃي مخبري ڪئي تنهنجي!

 

جن کي تو ڇانءُ وارو وڻ سَمڌو

سي سندءِ پير لاءِ ڪاٺ ٿيا

تنهنجي پاران ڪُڇي سگهيا ٿي جي

سي سڀئي موت جهڙي ماٺ ٿيا!

 

وِهُه ڪٽورو ڀري ڏنئون توکي

هِڪَ ئي تِڪَ پي وڃڻ جي لئه

زهر زم زم ڪري ڏنئون توکي

ائين ماري ڇڏيئون جيڻ جو چئي.

غزل

نانءُ تنهنجو لکي رهيو آهيان،

نانءُ تنهنجو پڙهي رهيو آهيان.

 

زخم تي هٿ ڌري ڇڏيو آهي،

مُرڪندي لُڙڪ پي رهيو آهيان.

 

آءٌ ئي ماڪَ، آءٌ ئي مُکڙي،

ڏس ته روئي کِلي رهيو آهيان.

 

ماڳ آهي نه آهه ناهه پَتو،

مارڳ آهي هلِي رهيو آهيان.

 

ڪو ٻُڌائي اهو وڃي هُن کي،

زندگي آهه جي رهيو آهيان.

 

وقت جي آڱرين ۾ سگريٽ جنءَ،

مان مسلسل دُکي رهيو آهيان.

 

زندگي تو سوا سڄڻ سائين،

زهر آهي ته پي رهيو آهيان.

 

آءٌ جو پاڻ آهيان ”امداد“،

ڏَسُ اُن جو پُڇي رهيو آهيان.

 

بخاري افضل

 

 

 

غزل

چنڊ کِڙندو ته مزو ٿيندو،

گُل ٽِڙندو ته مزو ٿيندو.

ڪو سُريلو پيار ڀَريو پرين،

ساز ڇِڙندو ته مزو ٿيندو.

بِنا پيتي ڪوئي واٽ ويندي،

شخص ٿِڙندو ته مزو ٿيندو.

مون کي ڇڏڻ جو چئي ٿو پر،

جڏهن وِڇڙندو ته مزو ٿيندو.

رات جي سانت ۾ سونهن سان،

عشق وِچڙندو ته مزو ٿيندو.

اکڙين جي حرڪتن سان ”افضل“،

چاهُه چِڙندو ته مزو ٿيندو.

وائي

تــــــــو جــــــــو ٻُـــــــڌائي،

سُــــــــنــــــــدر وائــــــــي،

لڙڪ لڙڪ ٿي وياسي.

فقير ڳــــــــاتــــــــو پئي،

شــــــــاهـــه ڀــــــــٽــــــــائي،

لڙڪ لڙڪ ٿي وياسي.

چنڊ جي چانڊاڻ ۾،

يــــــــاد ڪــــــــا آئــــــــي،

لڙڪ لڙڪ ٿي وياسي.

خواب خوشبوء دوستي،

ســــــــڀ اجــــــــائــــــــي!

لڙڪ لڙڪ ٿي وياسي.

ڏنگي ٿي او ڏاهي،

هــــــــاڻــــــــي تنهائــــــــي،

لڙڪ لڙڪ ٿي وياسي.

خليل عارف سومرو

 

 

 

غزل

هڪ حُسن جي پَري ڪيا مستان ڪيترا،

موهي وڌا سندس جي ته مُسڪان ڪيترا.

رُخ تان نقاب واءُ جو جهوٽي پري ڪيو،

ٿيا شاهڪار حُسن تي حيران ڪيترا.

هڪڙي گهڙي اچين هار پرين پيرڙا ڀري،

مُنهنجي بچي پوڻ جا ها امڪان ڪيترا.

توئي علاج مُنهنجي ڦٽن جو نه پئي گهريو،

ورنه اُداس دل جا هار درمانَ ڪيترا.

منزل نه عشق ماڻي نه سپنا سچا ٿيا،

رهجي ويا اڌورا هئه ارمانَ ڪيترا.

هر چوٽ منهنجي دل جي وٺي روپ لفظ جو،

آهن اي درد تنهنجا به احسانَ ڪيترا.

عيب آ، گناهه آهي، شريعت خلاف آ،

هڪ پيار جي ڪهاڻي جا عنوانَ ڪيترا.

مدفون جي سبق کي وساري ويهي رهيا،

گادي نشين ٿو ڏسان نادانَ ڪيترا.

افسوس دل اسان جي سُڃاڻي سگهي نه سي،

انسان جي شڪل ۾ ها شيطانَ ڪيترا.

هن قوم کي تباهه، اَنائن ڪري ڇڏيو،

ٿين ٿورڙي ٿا ڳالهه تي، نُقصان ڪيترا.

مهمان نوازي ڳالهه ڀلي آ مگر هتي،

بڻجي وڃن ٿا بورچي مهمانَ ڪيترا.

ڪنهن کي نصيب ناهي هتي ساهه سُک جو ڪو،

هن دؤر ۾ وتن ٿا پريشانَ ڪيترا.

مون لاٽ ٻاٽ ۾ جلائي رکي سدا،

مُنهنجي مٿان کڻي آيا طوفانَ ڪيترا.

”عارف“ لکيا غزل ٻه ٽي هُن تي ته ڇا ٿيو،

هن تي شاعرن جا ها ديوانَ ڪيترا.

غزل

ائينءَ بچيو آهيان وڃي جهانَ ۾،

جيئن سَڙيل سگريٽ خاڪ دانِ ۾.

چنڊ هُن کي مون چيو جو پيار ۾،

هُوءَ اُڏري پئي ٿي آسمانَ ۾.

هُوءَ مُنهنجو ڪُل جهانَ ٿي ويندي،

ڪونه هو اڳ ۾ اِهو گُمانَ ۾.

هِيءُ مون کي ڇا الائي آ ٿيو،

هر گهڙي هُو ٿي رهي ڌيانَ ۾.

لفظ هن جا ٿا وڻن سُٺا لڳن،

ماکي ۽ مِصري اٿس زبانَ ۾.

مان رهان ٿو شاعريءَ جي شهر ۾،

ڳولجو مون کي نه ٻئي جهانَ ۾.

چنڊ هڪڙو هنجهه مُنهنجي ۾ سُتل،

چنڊ ٻيو چمڪي ٿو آسمانَ ۾.

فائدن جي وقت هرڪو ٿو اچي،

ڪونه ٿو ويجهي اچي ڌيانَ ۾.

تنهنجو چهرو ٿو ڏسان نماز ۾،

وِجهه نه پُوڄا وقت امتحانَ ۾.

روز ”عارف“ ذڪر ٿيندو ٿو رهي،

ڪُجهه ته آهي مُنهنجي داستانَ ۾.

غزل

تُنهنجي مون ڏي جو ڌيانَ پيو ٽُٽي،

مُنهنجي سپنن جو جهانَ پيو ٽُٽي.

تُنهنجي محفل رات هئي رقيب سان،

مون مٿان هو آسمانَ پيو ٽُٽي.

لوڀ لالچ آ صفا بُري بَلا،

پئسي خاطر خاندانَ پيو ٽُٽي.

سنڌ ڌرتي جو قسم کنيو اٿئي،

هاڻ مُنهنجو آ گُمانَ پيو ٽُٽي.

جنهن کپايو ڏات ۽ ضمير کي،

اُن جو آهي مانُ نشانُ پيو ٽُٽي.

دل صفا نازڪ ۽ چوٽَ زَبري هئي،

شيشي جو ”عارف“ مَڪانُ پيو ٽُٽي.

 

ڪوثر هالائي

 

 

 

بابا سوز هالائيءَ کي ڀيٽا)

بيت

هُو جو ڀٽائي گهوٽ جي، رسندو هو پاڙي،

هڪڙي ڏهاڙي، هو هليو ويو هتان.

اُسريا ڪهڙي پار ڏي، وري وڻجارا،

ڪهڙا ڪنارا، ڪهڙيون ٻيڙيون ٿا پڇو؟

هن جي ڏات گلاب جي، خوشبوءَ جي ڌارا،

گيت ستار، چمڪيا هرگس گام تي.

هن شاعري جي شهر ۾، بڙ جو وڻ هيو،

هُو به ڄڻ هيو، بڙ جي ان وڻ وانگيان.

جنم جنم جون ڳالهيون، تنهنجون سنڌوءَ سان،

ڪنهنجون سنڌوءَ سان، هاڻ ڪنداسين ڳالهيون.

کُڏي کستوريءَ(1) ۾، سُڃ سَمئه(2) سارو،

ڪويل ڪڌارو، ڳايو تنهنجي گيت سان.

رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارو ڌارَ(3)،

تنهنجي سار پچار، روئون ويٺا راهه ۾.

توکي ورهاڱي جا هئا، اڃان تازا ڦَٽَ،

وڇوڙي جا گس گهٽ، توکي وسريا ڪين ڪي.

سازَ ۽ آواز(4) جو، آهي پڙاڏو،

اَڀاڳِي آڏو، ڪهڙي ويل اچي وئي.

موتيءَ داڻا ڏات جا، اڄ به جرڪن ٿا،

وَرِ وَرِ مرڪن ها، ڪوتا تنهنجي ڪاڄ ۾.

اڃان به تنهنجي ڏات جا، ٻرن ٿا ڏيئا،

پائين گيت ليئا، آتا آهن گونج لئه.

درياهه بادشاهه(5) سان هئا، تنهنجا قول قرارَ،

اڻ ڳڻيا اسرارَ، سيني سمايا ”سوز“ تو.

تنهنجي گيتن جون ٿيون، ماٺيون اڄ ڇوليون،

جهليون سين جهوليون، ويون سڀ وهي ويون.

موڪلاڻيءَ جا ٻه ٽي، ٻول ته ٻولين هَا.

”گُلَ“(6) جي ۽ ”سوز“ جي، مِٽي هئي ساڳي،

جن جي دل واڳي، رچنائن جي ديس سانئ

وائي

سرءُ رُت جي رات،

وايون وڇورن جون.

سانوڻ رت کان اڳ پڳي،

لڙڪن جي برسات،

وايون وڇورن جون.

هاڻي ڪيڏارو پئي،

ڳائي تنهنجي ڏات،

وايون وڇورن جون.

ڏيا جو هر ڏيک هئي،

تنهنجي ذات صفات،

وايون وڇورن جون.

بهارن سان آخري،

ٿي نه ملاقات،

وايون وڇورن جون.

 

ياسين ڪنڀر

 

 

 

 

پاڻي

 

سنڌ سُڪي ٿي پاڻي ڪونهي،

ملڪ ۾ راڻو راڻي ڪونهي.

 

پاڻيءَ تي به پهرا آهن،

هيڻن جو ڪو ساڻي ڪونهي.

ٻچڙو ٻچڙو اُڃ ۾ بُک ۾،

سک ۾ ڪائي نياڻي ڪونهي.

هاري ڪُڙمي لڙڪن لارون،

مُرڪ نماڻن ماڻي ڪونهي.

هرڪو ماندو آ هيڪاندو،

ڪنهن جي درد ڪهاڻي ڪونهي؟

ڌاريو آخر ڌاريو آهي،

قوم ڪري ٿي واڪا ڪوڪون،

پر ٿي دانهن اگهاڻي ڪونهي.

پاڻي آ ”ياسين“ پري پر،

ڳالهه اها ٻاراڻي ڪونهي.

 

چؤسٽا

 

اوهان جو ڀي خدا حافظ اسان جو ڀي خدا حافظ،

سلامت شل رهي ساري جهان جو ڀي خدا حافظ.

ادا ”ياسين“ ڪنڀر ڀائرن ڀيڻن ۽ ٻچڙن جو،

اَبي جو ڀي خدا حافظ اَمان جو ڀي خدا حافظ.

***

پنهنجو حق وٺڻ جائز آ،

حق جي لاءِ وڙهڻ جائز آ.

سنڌ ”ڪنڀر ياسين“ هجي خوش،

سنڌ لئه ساهه ڏيڻ جائز آ.

***

ووٽ وٺڻ ڀوتار وري اڄ آيو آ،

ڪوڙا کڻي اقرار وري اڄ آيو آ.

خالي ڳالهيون نعرا ڏٽا ”ياسين“ سندس،

چريو ڪرڻ سنسار وري اڄ آيو آ.

***

بزدل اسان نه آهيون،

ڏاڍا دلير آهيون،

هوشُو ۽ هيمون هردم،

دودا دلير آهيون.

هيءَ سنڌ سون آهي،

”ياسين“ سڀئي سونا،

سنڌڙي امڙ جا سنڌي،

ٻچڙا دلير آهيون.

رحيمداد جوڳي

 

 

 

 

 

 

 

تون گلن جي ڀري آهين!

 

مان تنهنجو عاشق آهيان

منهنجي دل ائين به چوي ٿي،

سڀئي ڏينهن مان توکي سوچيان ٿو،

تون گلن جي پري آهين!

۽ مان تنهنجو شهزادو

بهار جا ڏينهن به شرمائن ٿا

تون ڪيڏو خوبصورت آهين

شاعر جي نظمن ۾ ساهه پيو!

ڪڪرن به جواني ماڻي،

ڌرتي ٿي رقص ڪري،

ڀاڪر ۾ ڪيڏو مزو آهي!

تنهنجا ٽهڪ جاڙين اکين ۾ ٽڙن ٿا!

وقت نمن جي ٻور جيان ڇڻي ٿو!

تون سهيلين سان اڪيلي لڳين ٿي!

مان مالهي آهيان باغ جو

پاڻ کلي موڪلايون ٿا،

ته وري ملنداسين

خوابن جو شهر خوبصورت آهي!

مان ڏٺو آسمان ڏي،

تارا تارا مرڪي رهيا آهن،

چنڊ مان جواني تنهنجي ڳٽن جيان چمڪي رهي آهي

 

نثري نظم

 

زمين

۽ آسمان جي وچ ۾

درد پيوند ٿيندو آهي

ٻارڙن جون اکيون

خدا جهڙيون آهن

وقت

خاموشيءَ سان گذرندو ٿو رهي

ماڻهوءَ ۾ شور سمنڊ جهڙو آهي

هڪ ٿڌي ساهه سان

ماڻهو مري سگهي ٿو

تون آخر

ڪڏهن موٽي ايندينءَ

ٻنيءَ جا

وڻ به توکي ياد ڪن ٿا

تون

سمجهين ڇو نه ٿي

سڀئي ڇوڪريون

ضدي ڇو هونديون آهن

اونهاري جا

سڀئي ڏينهن بور گذرن ٿا

دل چوي ٿي

سنڌوءَ ڪناري گهُمجي

ڪالهه

ابن شاهه تان موٽي آيو آهيان

اڄ

سچل ساري ٿو!


(1) کُڏي کَستوري= جتي قبرستان ۾ سوز صاحب اَبدي آرامي آهي.

(2) سمئه= وقت

(3) رنگ رتا پيچرا ۽ درشن ڌارو ڌار= ٻئي سوز جا شعري مجموعا

(4) سارَ ۽ آواز= سوز صاحب جي نثري تصنيف.

(5) درياهه بادشاهه= شاعر جو شهر سنڌوءَ جي ڪپ تي واقع آهي.

(6) گُلُ= جديد غزل جو باني خليفو گل هالائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org