سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:15 

مدد علي سنڌي

 

 

 

هِينئڙو ڪَچِي تَندُ جِيئن

 

اها سياري جي هڪ سرد شام هئي. آسمان تي ڪٿي ڪٿي ڇِڊا ڇِڊا اڇا ڪڪر پئي تريا. سِيءُ به چوي ته اڄ نه پوان، ڪڏهن پوان. مون پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ گُڏين راند پئي کيڏي، پريان سِگريءَ ۾ اَڱر پئي ٻَريا، جو اَمي ۽ ناني امان، سهي سنڀري اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺيون.

”ناني امان ڪيڏانهن ٿيون وڃو، مون کي به وٺي هلو!“

مون گُڏين مان هٿ ڪڍي کڻي نانيءَ جي برقعي کي پڪڙيو، ”مهناز ولايت مان موٽي آئي آهي، اسين وڃون ٿا کيس کيڪارڻ.“ اميءَ چيو.

مون، جو آپا مهناز جو ولايت مان واپس ورڻ جو ٻڌو ته روئڻ لڳس. ڇاڪاڻ جو ڪيترن ڏينهن کان مهناز آپا جون کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌيون هيم. اميءَ وارن جي واتان، انهيءَ سبب ذهن ۾ انيڪ شڪليون چِٽي ڇڏيون هيم.

مون کي پَٽَ تي ليٿڙيون پائيندي ڏسي، ناني اُٿاري وڃي سنبرائي تيار ڪيو. نيري چڍي، بڪلن سان، ۽ پٽاپٽي بشرٽ پائي ٽپا ڏيندو، ناني ۽ اميءَ کان به ٻه وکون اڳتي کڻندو وڃي وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ويٺس. وڪٽوريا هلڻ شروع ڪيو ته مان گاڏيءَ جي پوئين دريءَ جو چمڙو کڻي رستي تي ڏسڻ لڳس. اِنهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي رستن جي ڳالهه ئي اور هئي. نه ايتري گهڻي ٽريفڪ، نه ساهه گهٽيندڙ انهن جو دونهون، نه رڪشائن جي ڦٽ ڦٽ، نه سوزڪيون! موٽرون به ايڪڙ ٻيڪڙ. رستن تي فقط وڪٽوريا گاڏيون، ٽانگا ۽ سائيڪلون- فوٽ پاٿ رستن کان گهڻو مٿي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پپر ۽ بڙ جا گهاٽا وڻ، تلڪ چاڙهيءَ کان اسٽيشن روڊ انهن وڻن سان ڀريل هوندو هو.

رسالا روڊ جي ٻنهي ڪنڊن تي وڏا شاهي باغ (هڪڙو، حيدر چوڪ وٽ، ۽ ٻيو هاڻ جتي گول بلڊنگ آهي) جنهن ۾ اوچا اوچا وڻ، سائي سائي ڇٻر، پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ ڦوهارا- روز شام جو اسين انهن باغن ۾ سير ڪرڻ ويندا هئاسين.

وڏي گاڏي، سيشن ڪورٽ کان ٿيندي، پٺئين پاسي کان بمبئي بيڪريءَ ۾ گهڙي، ته مان نانيءَ امان سان گڏ لهي اندر هليو ويس. امان جن جڏهن به ڪنهن پنهنجي سينڌ وارن وٽ هلندا هئا ته پهرئين اچي اتان ڪيڪ وٺندا هئا. (پڪي ساڳ جا ٺهيل ڪٻٽ، جن جي شيشن مان منجهن رکيل ڪيڪ پيا نظر ايندا هئا، جڏهن ته شيشي جون وڏيون وڏيون گول برنيون بسڪوٽن سان سدائين سٿيل هونديون هيون).

وڏي گاڏي وري هلڻ لڳي ته مان ٻيهر دريءَ مان ڪئنٽونمينٽ جي رستن کي ڏسڻ لڳس. ڊگهي رستي تي سواءِ وڻن مان ڪِريل سڪل پنن جي، جيڪي هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا، ٻيو ڪجهه به نه هو. گاڏي صدر مان ٿيندي اچي هڪ ڳاڙهي پٿر جي ٺهيل شاهي ٻه ماڙ جاءِ وٽ بيٺي ته اسان لهي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ٿياسين. اهو هو آپا مهناز وارن جو شاهي گهر، جيڪو گهر نه، پر محلات هوندو هو. سڄو ڳاڙهي پٿر سان جڙيل. ان جاءِ جا سوين ته صُفا هوندا هئا. هيٺ مٿي ٺهيل ان جاءِ جا ٻه در هوندا هئا، هڪ جو رخ ڏکڻ ۽ ٻئي جو اوڀر ڏي. وڏين اوچين ڪاٺ جي ڇتين وارا صفا، ورانڊا، سنگمرمر جون ڏاڪڻيون، وڏا وڏا روشندان، جن ۾ رنگين شيشا ڏينهن جو اُس ۾ تجلا پيا ڏيندا هئا. سنگمرمر جا اڇا اڇا شينهن، جيڪي پنهنجي ڪُلهن تي ان جاءِ جي خوبصورت ڀتين جا بار کنيو، آئي ويئي کي پيا تڪيندا هئا. مٿي کُڏ تي سنگمرمر جي ٻارنهن- دري ته پري کان پئي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، ٻه ماڙ شاهي عمارت ۾ اولهندي پاسي کان اڱڻ ۽ اڀرندي پاسي کان ننڍڙو باغ هو، جنهن ۾ پاسن کان نم ۽ گيدوڙي (ليسوڙي) جا وڻ، ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ سهڻو ڦوهارو هو، جنهن مان پاڻي ڦوهارا ڪيو هيٺ تلاءَ ۾ پيو پوندو هو.

اهو جادوئي محل پڪ ڪنهن شهزاديءَ پنهنجي رهڻ لاءِ جوڙايو هوندو. روز رات جو اَمي ۽ ناني اَمان کان گل بڪاؤلي، مومل راڻي ۽ گل ڦل راڻيءَ واريون آکاڻيون ٻڌي منهنجي تصور ۾ به سدائين فقط محل، شهزاديون ۽ ديو رچيل هوندا هئا. سهڻي ۽ ڪومل شهزادي، جنهن کي هڪ وڏو ديوَ هڪ شاهي محلات ۾ قيد ڪيو ويٺو هوندو هو، جنهن کي پڇاڙيءَ ۾ اچي هڪڙو شهزادو ماري، سندس جند آجي ڪرائيندو هو.

اَمي، اڱڻ ۾ ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملي ته مان هن کي ڏسڻ لڳس. اَمي، مهناز آپا جي سس سان ڳالهائي رهي هئي. هوءَ اسان کي ورانڊي ۾ وٺي هلي، جنهن ۾ سڀ کان پهريائين هڪ شاهي صفو هو، جنهن کي ڊرائينگ روم ڪري ڪوٺيو ويندو هو. (۽ اُنهن ڏينهن ۾ مون لاءِ اهو لفظ ڊرائينگ روم به ڪيڏو نه موهيندڙ هو.) ڊرائينگ روم پراڻي وڪٽورين دور جي فرنيچر  سان ڀريل هو، ڪوچ، شيشي جون ٽپايون، ميزون، (سائيڊ ٽيبلون)، مٿي ڇت ۾ جهاڙ- بلب! (جن جون تارون ڏسڻ ۾ ڪونه اينديون هيون، فقط ڪارن لوهي بٽڻن سان بتيون ٻرنديون هيون. جن جي ٻارڻ سان اڇيون اڇيون ڀتيون روشن ٿي وينديون هيون. مان جڏهن به ان ڊرائينگ روم ۾ ويهندو هوس، ته عجب کائيندو هوس ته بنا تارن جي آخرڪار اهي بتيون ڪيئن ٿيون ٻرن! اڃا انڊر گرائونڊ بجليءَ جي تارن جو رواج ڪونه هو!)

”مهناز ڪٿي آهي؟“ اَميءَ پڇيو.

”ويٺي آهي، پنهنجي ڪمري ۾!“ آپا مهناز جي سس نڪ کي موڙو ڏيندي چيو، ”گهرائي ٿي وٺانس!“ ائين چئي هوءَ وري به اَميءَ سان ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويئي. هوءَ اَميءَ جي ننڍپڻ جي ساهيڙي هئي. ساڻس گڏ مڪتب ۾ پڙهي هئي، انڪري سندس ڳالهين کُٽڻ جو نانءُ ئي نٿي ورتو، پر مون سندن اهي ڳالهيون ٻڌڻ بدران، ويٺي ويٺي نانيءَ اَمان کي تپائي ڏنو. سندس چولو ڇِڪي ڇِڪي کيس اُٿڻ لاءِ ڪنڌ سان اشارا: ”هل، هل مون کي هلي آپا مهناز ڏيکار!“

منهنجي تپائي ڏيڻ تي، اَمان مون کي وٺي هلي آپا مهناز ڏانهن. ڊرائينگ روم مان جي هڪ ننڍڙو اڱڻ هو، جنهن کي لتاڙي هڪ ننڍڙي ڪمري مان ٿيندا، هڪ وڏي صفي جي در وٽ بيٺاسين.

سامهون پڪي ساڳ جو ٺهيل در هو، جنهن جي مٿان رنگين شيشا لڳل هئا، جيڪي اندر ٻرندڙ روشنيءَ ۾ پئي چمڪيا. در کي کولي اندر ٿياسين ته جهاڙ جي روشنيءَ ۾ ٻهڪندڙ صفو اسان جي اکين آڏو هو. منهنجي سامهون ڊبل بيڊ تي هڪ اڇي رنگ جي خوبصورت عورت (شهزادي!!) ليٽيل هئي، جنهن جي هٿن ۾ ڪوئي ڪتاب هو، پر جنهن جا نيڻ سندس کاٻي پاسي واريءَ دريءَ جي ٻاهران پکڙيل اونداهيءَ کي تڪي رهيا هئا. مون اَميءَ جي واتان جيڪي به آکاڻيون ٻڌيون هيون. انهن قصن ڪهاڻين جي شهزادي، پنهنجي سموري، سونهن، ڪوملتا ۽ سينگار سان منهنجي آڏو هئي. هوءَ اسان کي ڏسي اُٿي اچي ڏاڍي قرب سان ناني اَمان سان گڏي! (سرو قد، ڊگها ڪارا وار، گهرا ۽ نيرا نيڻ، بيضوي مُکڙو، گُلاب جي گُل جهڙا ڳاڙها چپ).

مون کي ائين گُم سُم پاڻ ڏي تڪيندو ڏسي کڻي ٻانهن کان جهليائين.

”ماسي شاني جو پٽ آهي نه!“ نانيءَ کان پڇيائين.

”ها، امان! ڏس نه توکي ڪيئن پيو تڪي، توسان ملڻ لاءِ اصل آتو هو!“ امان کيس ٻڌايو.

”صفا پنهنجي ماءُ تي ويو آهي!“ ائين چئي مون کي ڊبل بيڊ تي پنهنجي ڪڇ ۾ ويهاريائين ۽ ناني اَمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ته مان سندس صُفي ۾ رکيل شين کي ڏسڻ لڳس.

آپا مهناز، ڪيترا ورهيه پنهنجي مڙس سان گڏ ولايت مان رهي واپس وري هئي، انهيءَ ڪري سندس صفو به عجيب عجيب شين سان سينگاريل هو- ڊبل بيڊ، پاسي کان سائيڊ ٽيبلون، ڀتين تي پينٽنگس، ڪاٺ جي وڏن فريمن ۾ بند، هڪ ڪنڊ ۾ شيشي جو ڪٻٽ جنهن جي هڪ حصي ۾ ڪتاب، ٻئي ۾ گُڏيون ۽ رانديڪا رکيل ۽ پريان هڪ ميز ٽائيپ، جنهن ۾ تارون لڳل هيون. (پوءِ خبر پئي ته اها نٽنگ مشين هئي، جيڪا آپا مهناز حيدرآباد ۾ سڀ کان پهرين پهرين لنڊن مان آندي هئي ۽ اها سال 1957ع جو زمانو هو!!) صفي جا اڀرندي پاسي هڪ شاهي گيلري هئي، جنهن تي لڙڪيل ڳاڙها ريشمي پڙدا، ريشمي رسيءَ سان ٻڌل هئا، جنهن مان هيٺ باغ ۾ بيٺل وڻن جون ٽاريون، هوا ۾ لڏندي ڏسڻ ۾ پئي آيون. ٻاهر آڪاس تي اونداهي ڇانئجي چڪي هئي ۽ هيٺ اسٽريٽ لائيٽ جا بلب ڪڏهوڪو ٻري چڪا هئا. دريءَ مان سياري جي ٿڌي هوا لنگهي اچي اسان کي ڇُهي رهي هئي ۽ مون آپا مهناز جي ڪڇ ۾ ويٺي ويٺي کيس ڏٺو. سندس چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ جيان روشن هو ۽ سندس نيرن، گهرن نيڻن ۾ اٿاهه گهرائي هئي. (ها، سموريون، شهزاديون اهڙيون ئي هونديون، شهزادي گل بڪاولي، گل ڦل راڻي، مومل، اَميءَ جون سهريون ٻڌائي آکاڻيون ۽ انهن آکاڻين جون شهزاديون اچي منهنجي سامهون بيٺيون!)

”ڇا نالو آ تنهنجو؟“ هن منهنجي کاڏيءَ کي پنهنجي سهڻي، اڇي هٿ سان ڇهندي چيو.

مون ڏٺو: سندس خوبصورت هٿن جا ننهن وڌايل هئا، جيڪي ڳاڙهيءَ نيل پالش ۾ پئي چمڪيا. مون لڄي ٿيندي نالو ٻڌايو ته چوڻ لڳي، ”توکي مان مڌو سڏينديس… ڇا سڏينديس؟… ٻڌاءِ نه بابا؟“

مون لڄ وچان ڪجهه به نه ڪُڇيو، ته کِلڻ لڳي. سندس موتين جهڙا ڏند، ۽ گلابي چپ- مان ڪنڌ کڻي کيس تڪڻ لڳس ۽ اَميءَ جي ٻڌايل گُل ڦل راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي سارڻ لڳس… (رات جو اَمي کي ٻڌائيندس، ته گل ڦل راڻي، ديوَ جي ٻنڌڻن مان پاڻ ڇڏائي، پنهنجي محل ۾ موٽي آئي آهي).

۽ اها هئي آپا مهناز سان منهنجي پهرئين گڏجاڻي/ ملاقات، جنهن منهنجي ڪچڙي ذهن تي سندس لاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ طلسماتي انيڪ جذبن جي جهرمر لائي ڏني. منهنجي عمر ان مهل اٽڪل ست سال اَٺ سال مس هوندي، پر مون کي اڃا تائين سندس شخصيت جا سمورا رنگ ۽ روپ ياد بيٺا آهن. آپا مهناز حيدرآباد جي اعليٰ سوسائٽيءَ جي هڪ ذهين عورت هئي. ان وقت جي سول لائينس واري سوسائٽيءَ ۾ مشڪل سان ڪائي ٻي عورت فيشن، سونهن ۽ سينگار ۾ ساڻس برميچي سگهي هوندي. جيم خاني جي محفلن کان ويندي ڪاڄن تائين، سندس سونهن ۽ سندرتا جي هاڪ پکڙيل هوندي هئي. سندس پيڪا سول لائينس ۽ ساهرا شهر ۾ رهندا هئا. آپا مهناز جو مڙس شهر جو ناميارو ڊاڪٽر هو، جيڪو تازو لنڊن مان نئين نئين ڊگري وٺي آيو هو ۽ سال 1957ع واري حيدرآباد ۾ اهوئي جڳ پڌرو ڊاڪٽر هوندو هو. سندس سَهُري کي انگريزن جي زماني ۾ خانبهادريءَ جو لقب مليل هو، جيڪو سدائين انهيءَ جاءِ جي وڏي ۽ ڊگهي ورانڊي ۾ آرام ڪرسيءَ تي اهليو چُروٽ پيو ڇڪيندو هو. اسان جا ساڻن پراڻا ڪٽنبي رستا هوندا هئا، انڪري پاڻ ۾ گهڻي اَچ وَڃ هوندي هئي. اُهو ڏينهن خالي نه هوندو هو، جو اسان مان هنن ڏي، ۽ هنن مان ڪوئي اسان ڏي نه ورندو هو. اَمان جن هلندا هئا ته سڄو سڄو ڏينهن آپا مهناز وارن وٽ گذاريندا هئا ۽ هُو اسان وٽ ايندا هئا ته سانجهيءَ ٽاڻي پنهنجي گهر ورندا هئا. (عجب جهڙو زمانو هو- زندگيءَ جي سمورين ڳالهين تي اڃا مشيني زندگيءَ پنهنجا اثر نه والاريا هئا، ۽ اڄ ڏک فقط انهيءَ ڳالهه جو رهيو آهي، جو محبتن ۽ قربتن جا اِهي ويجها ناتا الائي ڪهڙي پاسي منهن ڏيئي هليا ويا، جن جو ڪوئي پرو نٿو پوي- جن ۾ چاهه ۽ موهه هوندو هو اهڙو جو انسانن جا مُک وڻندا پيا هئا هڪ ٻئي کي!!)

۽ جيئن جيئن مان آپا مهناز وٽ گهڻو وڃڻ لڳس، تيئن تيئن اسان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو به ويو گهاٽو ٿيندو. مون کي هوءَ ڀائيندي به ڏاڍو هئي. مان هڪ نه ٻئي ڏينهن ساڻس ملڻ ويندو هئس. ناني اَمان اڪثر دوا سندس مڙس کان وٺڻ هلندي هئي ته مان به هن سان گڏجي ويندو هئس. (آپا مهناز جي مڙس جي اسپتال به انهيءَ شاهي عمارت جي هيٺين حصي ۾ هوندي هئي!) ناني اَمان، سندس مڙس کان دوا وٺندي هئي، ۽ مان آپا مهناز وٽ مٿي وڃي راند ڪندو هوس.

آپا مهناز جو صفو جاءِ جي اڳياڙيءَ کان هوندو هو، جنهن جي آڏو هڪ شاهي گيلري (فرانسيسي طرز جي) هوندي هئي، جنهن کي وڻن جون ٽاريون پيون ڇُهنديون هيون. تيز هوا جي جهوٽن ۾ انهن وڻن جا سُڪل ۽ ساوا پن ڇَڻي هيٺ ڦوهاري ۾ پيا ڪِرندا هئا. ڳاڙهي پٿر جي ان شاهي گيلريءَ ۾ مان ويهي راند ڪندو هوس- هيٺ ڦوهاري جي پاڻيءَ ۾ ترندڙ پنن کي ڏسي خوش ٿيندو هوس ۽ آپا مهناز منهنجي ڀرسان آرام ڪُرسي وجهي ويهندي هئي. گيلريءَ جي هيٺان ننڍڙو باغ هوندو هو، جنهن ۾ ٻه- چار نم ۽ ليسوڙيءَ جا گهاٽا وڻ ۽ انهن جي وچ ۾ سنگمرمر جو ٺهيل  ڦوهارو، جنهن مان پاڻي نڪري تلاءُ ۾ وڃي پوندو هو. ان جي چئني پاسن کان سائي سائي ڇٻر ۽ پريان جاءِ جو شيشم جو شاهي ڪارو در هو، جيڪو پريان کان ڪنهن محل جو در پيو ڀاسندو هو. انهيءَ در آڏو رستو هوندو هو، جتان پپر جي وڻ هيٺان ڪنهن ڪنهن مهل ڪوئي ٽانگو لنگهندو هو ته ان جو آواز به اُتي پيو ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مان ۽ آپا مهناز انهيءَ گيلريءَ جي ڪٽهڙي تي نِوڙي، هيٺ تلاءُ کي ڏسندا هئاسين. تيز هوائون اسان جي ڀرسان لنگهي، آپا مهناز جا ڊگها وار اُڏائي، وڻن ۾ شور ڪنديون هليون وينديون هيون. مان اُن مهل آپا مهناز جي مُک ۾ نهاريندو هوس، جيڪا ٻئي هٿ پنهنجي ڳلن تي رکي، هيٺ پاڻيءَ کي پئي تڪيندي هئي. هڪ ڀيري مان ۽ آپا مهناز گيلريءَ ۾ ويٺا هئاسين. هوءَ جڏهن به چُپ هوندي هئي ته سگريٽ دکائي مٿي نيري آڪاس ۾ نهاريندي هئي. اُن ڏينهن به هوءَ سگريٽ کي هڪ سهڻي هولڊر ۾ وجهي لائيٽر سان دُکائي، سگريٽ جا ننڍا ننڍا ڪش هڻي سامهون وڻن جي چوٽين کي ڏسڻ لڳي. مان جيڪو سندس ڀر ۾ بيٺو هوس، کيس سگريٽ ڇڪيندي ڏسي چوڻ لڳس، ”آپي، توهان اِهو نه پيئندا ڪريو؟“

اِهو ٻڌي هن مُرڪي مون ڏانهن نهاريو. هوءَ اُن مهل وهنجي اچي ٻاهر ويٺي هئي، سندس ڪارا ۽ ڊگها وار ڪُلهن تي پئي لڙڪيا، انهن کي هڪ هٿ سان پري ڪندي مون کي ٻانهن کان جهلي پنهنجي ويجهو آڻي چوڻ لڳي، ”ڇو مڌو توکي اهو سٺو نٿو لڳي ڇا!“

مون ڪنڌ سان هاڪار ڪئي ته منهنجي وارن کي پنهنجين سهڻين آڱرين سان سنواريندي چوڻ لڳي، ”چڱو، هاڻ نه پيئنديس!“

مان ڪنڌ هيٺ ڪري سندس پدم جهڙن پيرن کي ڏسڻ لڳس. آپا مهناز جا هٿ پير به ڏاڍا سهڻا هوندا هئا. (عورتون چونديون هيون ته مهناز جهڙو حُسن به اسان تمام گهٽ ڏٺو!)

سندس ڊگهيون ۽ سنهيون آڱريون، ۽ انهن آڱرين جا وڌايل ننهن جن کي هوءَ ڳاڙهي نيل پالش هڻندي هئي، روشنيءَ ۾ سدائين پيا چمڪندا هئا. (۽ مون سدائين سندس هٿن ۽ پيرن جي ننهن کي ڳاڙهي نيل پالش ۾ چمڪندي ڏٺو.) اوچتو مون سندس پيرن کي ڏسندي چيو، ”آپي توهان هي پنهنجي هٿن جا ننهن به ولايت مان ٺهرائي آيا آهيو نه؟“

اهو ٻڌي هوءَ کِلڻ لڳي، ”ڇو توکي وڻن ٿا ڇا؟“

مان سندس هٿن جي وڌايل ڳاڙهن ننهن کي ڏسندي پنهنجا ننڍڙا ٻئي هٿ سندس آڏو ڪندي چوڻ لڳس، ”آپي، منهنجا ننهن به توهين ائين ٺاهيو، مان گهر وڃي اِنهن کي ڳاڙهو ڪندس!“

هوءَ ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳي ته مان لڄي ٿي ويس. هن کِلندي کِلندي چيو، ”هل، ته تنهنجي ننهن کي پالش ڪريان!“ ائين چئي هوءَ مون کي اُٿاري اندر بيڊ روم ۾ وٺي هلي. سندس ڊريسنگ ٽيبل ڳاڙهي رنگ جي هئي، جنهن ۾ بيلجم جي شيشي آڏو قسمين قسمين جون انيڪ شيشيون رکيل هيون. هڪ شيشي کڻي چوڻ لڳي، ”ڪهڙو رنگ هڻانءِ؟“

”آپي توهان کي ڪهڙو رنگ وڻندو آهي؟“ مون وراڻيو.

”ڳاڙهو… مون کي ڳاڙهو رنگ وڻندو آ.“ هوءَ پنهنجي رڱيل ننهن کي ڏسي چوڻ لڳي.

”مون کي به اهوئي هڻو!“

هن هڪدم منهنجي مُک ۾ نهاريو.

”توکي مَڌو اِهو رنگ به منهنجي ڪري وڻي ٿو نه؟“

مون ڪنڌ ڌوڻيو ته وري به کِلي چوڻ لڳي، ”چڱو هاڻ اچ ته تنهنجي ننهن کي نيل پالش هڻان.“

ائين چئي هوءَ ڊريسنگ ٽيبل وٽ اسٽول تي ويهي منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي، ننهن کي پالش هڻڻ لڳي ۽ مان سامهون آرسيءَ ۾ کيس ۽ پاڻ کي ڏسڻ لڳس.

اوچتو هڪ شخص بيڊ روم ۾ تڪڙو اندر گهڙي آيو- سوٽيڊ بوٽيڊ، بت ڀريل، رنگ صاف پر چپ تمام ٿلها. آپا مهناز، جنهن جي چپن ۾ اٽڪيل هولڊر جو سگريٽ دُکي دُکي پورو ٿيڻ تي هو، منهنجي هٿ کي نيل پالش هڻندي، هڪ نهار مٿس ڊوڙائي، وري پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويئي. بيڊ روم ۾ گهڙي ايندڙ شخص مون کي الائي ڇو نه وڻيو- اُن مهل مون کي اُنهيءَ شخص کان ڏاڍو ڀؤ ٿيو. مان ڊنل ۽ هيسيل نظرن سان ڏانهس ڏسڻ لڳس، جيڪو وارڊ روب مان ڪائي شيءِ ڳولي رهيو هو. اوچتو هن ڪا شيءِ وارڊ روب مان ڪڍي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌي ۽ اچي اسان جي ڀر ۾ بيٺو ته مان وڌيڪ ڊڄي، آپا مهناز سان لڳي بيٺس.

”ڇا پيو ٿئي؟“ هن جو آواز به ڏاڍو ڳرو هو (تيز، تِکو ۽ انساني جذبي کان خالي…!)

”ڇو ڊاڪٽر صاحب، ڪا شيءِ کپيوَ ڇا، جو هن مهل مٿي آيا آهيو؟“ آپا مهناز بنا ڪنڌ کڻي کيس نهارڻ جي، وري به منهنجي ٻئي هٿ جي ننهن کي نيل پالش هڻڻ ۾ مشغول رهي.

”هي ڪير آهي؟“ هن پڇيو.

”ماسي شانيءَ جو پٽ آهي!“ آپي وراڻيو.

”ٺيڪ آهي… ٺيڪ آهي.“ هن تِکو ٿيندي چيو، ”پر تون سگريٽ گهٽ ڇڪيندي ڪر!“

”مان پنهنجي چڱي- مدي سڀ چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿي. اوهين مهرباني ڪري ڪا به ڳڻتي نه ڪريو.“ آپا مهناز منهنجي چيچ جي ننهن کي نهايت ئي خوبصورتيءَ سان پالش ڪندي چيو.

اوچتو الائي اُنهيءَ شخص کي ڇا ٿيو، جو هو آپا مهناز سان تِکو تِکو ٿي ڳالهائڻ لڳو، هوءَ به کيس تِکيون وراڻيون ڏيڻ لڳي ته اهو شخص ڪاوڙ مان زور زور سان پٽ تي لتون هڻندو هيٺ هليو ويو.

۽ اهو هو آپا مهناز جو مڙس، جنهن کي پهريون ڀيرو مون انهيءَ حالت ۾ ڏٺو. آپا مهناز ۽ سندس مڙس جي سڀاؤ ۾ ڪا وڏي وڇوٽي هئي، پر منهنجو ڪچڙو ذهن ان مهل انهيءَ وڇوٽيءَ کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو.

هڪ ڀيري اسان جي گهر آپيءَ جي سَس آيل هجي. اَمي ۽ هُن ويٺي کٽ تي ڳالهيون ڪيون ۽ مان ڀرسان پيل پينگهي جي مٿان سرائيءَ تي چڙهيو ويٺو هئس. منهنجي هٿن ۾ نانيءَ اَمان جو ٺاهيل ’چتون کينهوڙو‘ هو، (ڪنهن زماني ۾ ننڍڙي ڄاول ٻار لاءِ چتون کينهوڙو رنگين ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو هو، جنهن جي اندر ڪپهه ڀري، ٻاهر گونٽي ۽ ستارن جو ڪم ڪيو ويندو هو، جيڪو ٻار جي لوڏڻي ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئا). جنهن کي مان پينگهي جي مُني ۾ ٻڌي رهيو هوس. اوچتو ويٺي ويٺي مون محسوس ڪيو ته آپا مهناز جي سَس جي واتان مهناز جو نالو نڪتو، ته مون هڪدم پنهنجا ڪن سندس ڳالهين تي ڌريا. آپا مهناز جي سَس آپيءَ جون گِلائون ڪري رهي هئي. هن چيو پئي، ”مائي زالون هجن اهڙيون، هيترا سُک ڏنا اٿس، ته به کيس مڙس جي اصل شڪل نٿي وڻي. نپٽيءَ کي ولايت وٺي ويو، ته اتان ته هيڪلي هيڪلي هلي آئي. وري کيس وٺي ويو ۽ هاڻ هيترا ورهيه اتي گذاري آئي آهي، ته به مُنهن ئي ڪانه ٿي ڏئيس!“

”توهان کي زوريءَ شادي نه ڪرڻ کپندي هئي.“ اَميءَ وراڻيو.

”ته پوءِ ڇا ڪريون ها- سوٽاڻي سؤٽ، ڏي وٺ جا سڱ، اسان کي ڪهڙي ڄاڻ ته هيءَ ڪنهن ٻئي سان نينهن لايو ويٺي آهي. منهنجو پٽ ته هو ولايت، هاڻ ته مڙسس کي به هر شيءِ جو پرو پئجي ويو آهي.“ ائين چوندي هن ٻه چار ڪڙا لفظ آپا مهناز لاءِ چيا. هن جو ائين چوڻ ۽ مان جيڪو مٿي پينگهي تي ويٺو هوس، اُتان رڙ ڪئي:

”اوهان سڀ آپيءَ کان سڙو ٿا!“

منهنجو ائين چوڻ، ڄڻ ڀنڀور کي باهه وڪوڙي ويئي. اَميءَ مون کي ڇڙٻ ڏني:

”شرم نٿو اچئي وڏن جي وچ ۾ ڳالهائيندي؟“

آپيءَ جي سَس جيڪا اهو لقاءُ ڏسي ٿوري دهلجي ويئي هئي، چوڻ لڳي، ”مائي ڇڏيوس کڻي، هن جو به ڪو ڏوهه ڪونهي.“ مان خارن مان پينگهي تان هيٺ لهي، اتي ئي چتون کينهوڙي کي ڦٽو ڪري، صُفي مان ٻاهر نڪرڻ لڳس، ته آپا مهناز جي سَس جو ڀڻڪو ٻڌم، ”هيڏڙي نينگر کي به کڻي پنهنجو مطيع بڻايو اٿس!“

ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري وڃي پنهنجي هرڻيءَ وٽ ويٺس. جڏهن به ڪنهن سان رسندو هوس ته وڃي انهيءَ هرڻي وٽ روئندو هوس. اِن واقعي کان پوءِ جڏهن به آپا مهناز جي سَس اسان جي گهر ايندي هئي، ته منهنجي اڳيان اصل هڪ لفظ به نه ڳالهائيندي هئي.

هاڻ جيئن جيئن ڏينهن لنگهندا ويا، منهنجي ڇِڪ آپا مهناز سان ويئي وڌندي، سندس آرٽسٽڪ سڀاءُ جا انيڪ رنگ هوندا هئا. سندس بيڊ روم کي ڏسي انهيءَ سڀاءَ جو اولڙو پيو پسبو هو. کيس گلن سان خاص ڪري موتئي جي گلن سان ته بيحد موهه هوندو هو. هوءَ موتئي جي گلن کي ’رابيل‘ ڪري ڪوٺيندي هئي ۽ مون رابيل لفظ به پهريون ڀيرو سندس واتان ٻڌو! هوءَ گهڻو ڪري شام جي مهل وانگوڙي ۾ موتئي جا گجرا هڻندي هئي. سندس بيڊ روم ۾ داخل ٿيندي ئي گلن جي سڳنڌ ايندي هئي. انهيءَ بيڊ روم جي ٻن ڪنڊن کان وڏا وڏا اٽالين گلدان رکيل هوندا هئا، جن ۾ روز سندس نوڪرياڻي گل بدلائيندي هئي. انهيءَ بيڊ روم جي اڇين اڇين ڀتين تي ڪيتريون سهڻيون پينٽگس ٽنگيل هونديون هيون. وٽس وڃبو هو ته ڪڏهن نٽنگ پئي ڪندي هئي يا پنهنجي نٽنگ مشين تي ڪڏهن ڪوئي ڪتاب پئي پڙهندي هئي ته ڪڏهن ستار پئي وڄائيندي هئي. هوءَ ستار وڄائڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي سکي، اهو ياد نه اٿم، ۽ نه ڪڏهن اهو کانئس پڇيم، پر کيس چڱيءَ ريت ستار وڄائيندي ڪڏهن ٻڌم، اهو چٽيءَ ريت ياد بيٺو اٿم.

پهريون ڀيرو جڏهن مان سينٽ بوناونچر ۾ داخل ٿيس، (جيڪو سندس گهر جي ويجهو هوندو هو) ته پهرئين ئي ڏينهن روئي روئي کڻي هيڻا حال ڪيم. منهنجا اِهي پرڪار ڏسي اسان جي نوڪر يارو مون کي وڃي آپا مهناز وٽ ڇڏي آيو.

اُن مهل صبح جا ڏهه- يارنهن وڳا هوندا. مان سندس بيڊ روم ۾ آلين اکين سان گهڙيس ته هن هيٺ غاليچي تي ستار پئي وڄايو. کيس ڪاري رنگ جي ساڙهي پهريل هئي، جنهن تي ستارن جو ڪم ٿيل هو، بيڊ روم ۾ اڌ اونداهي ۽ اڌ روشني هئي. درين جا پردا مٿي ٿيل نه هئا، پر روشندانن جا رنگين شيشا تجلا ڏيئي پئي چمڪيا، جن ۾ آپيءَ جي ڪاري ساڙهيءَ ۾ لڳل ستارن جي ڪم به پئي تجلا ڏنا- پريان گلدانن ۾ موتئي جا گل پيا هئا، جن جي مهڪار سان سڄو صفو واسجي ويو هو. هوءَ مون کي اُن مهل ايتري ته وڻي، جو مان پنهنجو روئڻ وساري وڃي هُن جي قدمن ۾ ويٺس. سندس نيڻ ٻوٽيل هئا ۽ سڄي وايومنڊل تي ستار جو اُداس ۽ وڻندڙ آواز ڇانيل هو. اوچتو ستار وڄائيندي وڄائيندي هن کي ڪنهن جي هئڻ جو احساس ٿيو، پنهنجا نيڻ پٽي مون تي نهار وڌائين. ستار جو آواز بند ٿيو ته بيڊ روم ۾ هڪ عجيب چپ ڇانئجي ويئي. مان جيڪو سندس مُک ۾ نهاري رهيو هوس، کيس پاڻ ڏانهن ڏسندي لڄي ٿي ويس. هن ستار هڪ طرف رکيو ۽ مون ڏانهن ڏسي مُرڪڻ لڳي.

”آپي مان نه پڙهندس!“ مون روئڻهارڪو ٿيندي چيو.

مون کي اسڪول ڊريس ۾ ڏسي سمجهي ويئي ته مان اسڪول مان هليو آيو آهيان.

”نه مڌو، ائين نه چئبو آ.“ هن ٻانهن وڌائي مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي چيو، ”تون پڙهندين ۽ هڪ ڏينهن لکي پڙهي وڏو ماڻهو ٿيندين!“

مان جيڪو اڳي ئي ڀريو ويٺو هوس، تنهن سڏڪا ڀري کڻي سندس هنج ۾ منهن لِڪايو.

هوءَ پنهنجي آڱرين سان منهنجا وار سنوارڻ لڳي، ته مون چيو، ”آپي مون کي اسڪول کان ڊپ ٿو لڳي!“

”چريا! ڇو ڇا ٿيو آ اسڪول کي- سٺو ته آهي تنهنجو اسڪول!“

”نه آپي مان نه پڙهندس. اصل ڪڏهن به نه پڙهندس!“

”نه پڙهندين؟“

مون ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته مُرڪي چوڻ لڳي، ”نه پڙهندين ته وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيندين. نه مڌو، تون لکي پڙهي وڏو ٿي، ته پوءِ مان تو وٽ هلي رهنديس!“ (هڪ ڀيري مون کيس چيو هو، ”آپي، توهان هلي اسان وٽ رهو. هتي هي سڀ اوهان سان وڙهن ٿا!“)

مان چپ چاپ سندس هنج ۾ مُنهن لِڪائي ويٺو رهيس. هوءَ منهنجا وار ٺاهي چوڻ لڳي، ”ڪيئن مڌو، پڙهندين نه؟“

مان ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳس. ”ها آپي، مان پڙهندس ۽ پوءِ جڏهن وڏو ماڻهو ٿيان ته پوءِ توهان هلي اسان وٽ رهجو!“

هن اهو ٻڌي کِلندي منهنجي نرڙ تي مٺي ڏني ۽ چوڻ لڳي، ”چڱو، هاڻ ائين ٿا کڻي ڪريون ته تون روز شام جو اچي مون وٽ پڙهه. مان توکي A.B.C.D سيکارينديس! ايندين نه؟“

”ها!“ مون خوش ٿيندي چيو.

هن کِلي منهنجا ڳوڙها پنهنجي هٿ سان اُگهيا، ته مون کيس چيو، ”آپي، توهان اهو ڇا پئي وڄايو؟“

”هي…هي ستار آهي!“ هن جي چپن تي مُرڪ وري آئي، ”ڇو توکي وڻي ٿو انهيءَ جو آواز؟“

”سچي آپي، توهان ڏاڍو سٺو پئي وڄايو. توهان ان کي وري وڄايو!“ مون ائين چئي سندس ڀر ۾ رکيل عاج لڳل ستار جي تارن کي ڇُهيو.

هن ڪجهه پل سوچيو، ۽ پوءِ ستار کڻي هوريان هوريان ڪائي ڌُن ڇيڙي. آپا مهناز ستار به ڏاڍو سٺو وڄائيندي هئي. مان گُم سُم ٿي کيس ٻڌڻ لڳس. هوءَ ستار وڄائيندي پئي ويئي ۽ مان پنڊ پهڻ ٿيو، سندس خوبصورت ۽ نازڪ آڱرين کي تارن تي هلندي ڏسندو پئي ويس. (اڄ انهيءَ ڳالهه کي انهيءَ اُداس ستار جي ڌُن کي نه وساري سگهيو آهيان).

اوچتو ستار وڄائيندي وڄائيندي هن جي نيڻن مان لُڙڪ ٽِمڻ لڳا. هن جي نيڻن مان لُڙڪ وهي اچي سندس ڳِلن تي بيٺا ته مان ڊڄي ويس. هڪدم اُٿي پنهنجن ٻنهي هٿن سان سندس ڳوڙها اُگهي چوڻ لڳس، ”آپي نه روئو، آپي نه روئو!“

۽ هوءَ ستار وڄائڻ بند ڪري منهنجي ننڍڙن هٿن کي پنهنجن نيڻن تي رکي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

انهيءَ رات، جڏهن آڪاس تي ستارن پنهنجي جهرمر لاتي، ته مان اَميءَ جي ڀر ۾ ليٽي مٿي ٽِمڪندڙ ستارن کي تڪڻ لڳس. مون کي هڪ ٽِڪ آسمان ۾ تڪيندي ڏسي اَمي چوڻ لڳي،”پٽ، آسمان ۾ نه ڏسبو آ. نه ته ننڊ ۾ ڊڄندين!“

”ڇو ڀلا؟ ڇا آهي آسمان ۾؟ اڃا ته ٽيڙو به ڪونه کِڙيا آهن، پنهنجي اڱڻ مٿان، مان ته ڪونه ٿو ڊڄان!“ مون ضد ڪندي ڪاوڙ مان چيو.

”پٽ ضد ناهي ڪبو.“ اَمي منهنجي وارن کي سنواريندي چيو، ”ڀلا ڇو اڄ ڪا آکاڻي ٻڌندين ڇا؟“

مان پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هيٺان ڏيندي، لڳاتار تارن کي ڏسندي چوڻ لڳس، ”اَمي، هُو مون کي جيڪا گل ڦل راڻي واري آکاڻي ٻڌائيندي آهين نه، جنهن ۾ شهزاديءَ کي هڪ ديوَ وڏي محلات ۾ کڻي پنهنجي بند ۾ رکيو آهي، اها وري ٻڌاءِ!“

”اها ته کوڙ ڀيرا ٻُڌي اٿئي!“ اَمي مُرڪي چوڻ لڳي

”بس، اُهائي آکاڻي وڻيم ٿي.“ مون ڪجهه ويچاريندي چيو، ”ڀلا اَمي، اِها شهزادي، ديوَ جي بند مان ڪڏهن آجي ٿيندي؟“ ائين چئي، اَميءَ پيرائتي نموني آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي، ۽ منهنجا نيڻ آکاڻي ٻڌندي ٻڌندي الائي ڪهڙيءَ مهل ٻوٽجي ويا. انهيءَ رات مون ڪيترا ڀيرا ڀوائتا سپنا ڏٺا ۽ ڇِرڪ ڀري اُٿي ويٺس ۽ سڄي رات ننڊ ۾ وڦلندو رهيس.

”رات، مڌو خواب ۾ ڊنو آهي!“ ورندي ڏينهن صبح جو اَميءَ، ناني اَمان کي چيو، جيڪا کير جوگلاس جهليو منهنجي سرانديءَ کان بيٺي هئي. ناني وڌي منهنجي نِرڙ کي هٿ لاتو ته اهو ٻريو پئي. بخار جو ٻڌندي ئي سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. هڪدم پاڙي واري ڊاڪٽر عزيز احمد کي گهرايو ويو. جنهن اچي سُئي هنئي ۽ دوا ڏني. منهنجو اسڪول وڃڻ بند. شام جو ناني اَمان بخاري شاهه مان مائي بچل کان وڃي فال ڪڍرائي پليٽون لکرائي آئي. (چينيءَ جي ساسرن تي زعفران سان ڪجهه آيتون لکيون وينديون هيون. روز صبح جو سويل انهن ۾ ٿورو پاڻي اوتي، اهو پاڻي پياريو ويندو هو.)

ٻه چار ڏينهن آپا مهناز وٽ نه ويس، ته هڪ شام جو اچي اسان جي گهر نڪتي. مان اُن مهل تازو بخار مان اُٿيو هوس، ۽ وهنجي سَهنجي شاپنگ سينٽر تان بخار مان اُٿڻ جي خوشيءَ ۾ ورتل پوپٽن واري بشرٽ ۽ ڪاري بخمل جي چڍي (ٻن پٽين واري) پهريو، اڱڻ ۾ پئي ڦريس. (حيدرآباد شهر ۾ اُن وقت ريڊي ميڊ ڪپڙن جو فقط هڪ وڏو دڪان هوندو هو، جنهن ۾ طرحين طرحين ٻارن توڙي وڏن جا ريڊي ميڊ ڪپڙا ۽ ڪاسميٽڪس ڀريا پيا هوندا هئا. اهو دوڪان تلڪ چاڙهيءَ مٿان جتي هاڻ هوٽل جبيس آهي، ان جي ڀر ۾ هوندو هو.)

کيس ڏسندي ڊُڪ پائي وڃي ساڻس ڀاڪر پائي مليس. هن کي آسماني رنگ جي ساڙهي پهريل هئي، جنهن تي هُرمچ جو سهڻو ڪم ٿيل هو ۽ پيرن ۾ ڊگهي کڙيءَ وارو سينڊل پيل هو. مان خوش خوش کيس هٿ مان وٺي وڃي پنهنجي هرڻي وٽ وٺي ويس. پنهنجون سموريون گُڏيون، (جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 70-80 سال پراڻيون هيون)، چَتون کينهوڙو ۽ تپ دوران ورتل رانديڪا ڏيکاريم.

هُن مون لاءِ چاڪليٽن جي هڪ سهڻي پيتي آندي هئي، جيڪا مون انهيءَ مهل وڃي ڪٻٽ ۾ لِڪائي رکي. اَمي مون کي خوش ٿيندي ڏسي، آپا مهناز کي چوڻ لڳي، ”هيترن ڏيهاڙن کان پوءِ اجهو کِليو آهي، توکي ڏسي.“ اهو ٻڌي هوءَ مُرڪڻ لڳي. اُن شام هوءَ مون کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ وٺي هلي. اسان جي گهر جي ٻاهران سندس موٽر بيٺي هئي. مان ٽپا ڏيندو ساڻس گڏ هلڻ لڳس. هن مون کي ڪار جو در کولي اڳين سيٽ تي ويهاري، پاڻ اچي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ۽ مان خوش خوش کيس موٽر ڊرائيونگ ڪندي ڏسڻ لڳس. (انهيءَ وقت حيدرآباد شهر ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ موٽر ڪارون هونديون هيون).

حيدرآباد مان رستا شام جي ڌنڌلڪي ۾ ويڙهيل هئا. فوٽ پاٿن تي ماڻهن چهل قدمي پئي ڪئي. رستي تي بيٺل بجليءَ جي ٿنڀن ۾ لڳل بجليءَ جا بلب ٻرڻ شروع ٿي ويا ۽ اسان جي موٽر هوريان هوريان ڏامر جي رستي تان هلندي پئي ويئي. موٽر جڏهن گاڏي کاتي واري باغ کان مُڙي، ٿڌي سڙڪ ڏي هلڻ لڳي ته هن مون کان پڇيو، ”مڌو، ڪيڏانهن گهمڻ هلندين؟“

مان جيڪو اُن مهل دريءَ مان باغ جي اوچن وڻن کي ڏسي رهيو هوس، گد گد ٿيندي چوڻ لڳس، ”آپي، جتي به وٺي هلو، اوهان جي مرضي!“

پويان باغ ۾ جهرڪين جو شور، شام جي اونداهي مهل ڏاڍو عجب پئي لڳو. مان سيٽ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺس ته ڪنهن مهل وري اُڀو ٿي سامهون باغ کي ٿي ڏسڻ لڳس. موٽر جڏهن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس (نو ودياليه) وٽان لنگهي ته ٽاور جو گهڙيال ٺڪاؤ هڻي رهيو هو. پاسي کان سيشن ڪورٽ جي عمارت، آڳنڌ ۾ بيٺل وڻن سان ڏاڍي ڀوائتي پئي لڳي. اسان جي ساڄي پاسي سيشن ڪورٽ ۽ کاٻي پاسي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس (نو وديالي) جو عمارت جي ٽاور، سندس اڳيان شاهي باغ ۽ ان جو لوهي جنگلو هو- سڀ شام جي ڌنڌلڪي ۾ ويڙهيل نظر اچي رهيا هئا. جن جي وچ ۾ ننڍڙو رستو هو، (تڏهن اڃا اهو رستو ويڪرو نه ڪيو ويو هو، ڪورٽ جي اڱڻ ۽ اولڊ ڪئمپس جي لان کي گڏائي) جنهن تان اسان جي موٽر آهستي آهستي هلندي پئي ويئي. سامهون رستو ڊگهو ۽ سنسان هو، جنهن تان ڪنهن ڪنهن مهل ڪا وڏي گاڏي يا ٽانگو لنگهيو ٿي. ڪورٽ کان ٿورو اڳيان ويندي کاٻي پاسي کان سول لائينس جو بنگلو نمبر پهريون هو، جنهن جي آڳنڌ ۾ ڪيتريون ڳئون ٻڌل هيون. مان اهو سمورو ڏيک ڏاڍي موهه سان ڏسي رهيو هوس. اسان جي سامهون ڊاڪ بنگلو ۽ ان جي پريان جيم خانو، هو جنهن جي مٿان ٻريل بتي پري کان ڏسڻ ۾ پئي آئي. موٽر جڏهن پريم پارڪ وٽ پهتي ته مون آپيءَ کي ٻڌايو: ”آپي، اسين پريم پارڪ ۾ اسين پنهنجي مڌوءَ کي ڪلب گمهائينداسين.“ مان ڌيان سان پريم پارڪ جي وڻن هيٺ چاڙهيءَ تي پٿر جي ٺهيل بينچن ۽ سول لائينس ڏانهن ويندڙ رستي تي ڊوڊينا جي قطارن کي ڏسڻ لڳس.

گاڏي جڏهن سامهون جيم خانه ڪلب جي اندر گهڙي ته مان ڪلب جي عمارت کي ڏسڻ لڳس. جنهن جي اڳيان ڪيترا وڻ هئا، جن جي وچ مان شام جي ٿڌي ٿڌي هوا لنگهندي پئي ويئي ۽ عمارت جي مٿان ٻريل بلب هوا ۾ لُڏي رهيو هو.

هن موٽر هلي نم جي گهاٽي وڻ هيٺان بيهاري ۽ در کولي هيٺ لهي، منهنجي پاسي وارو در کولي مون کي ڪلب جي اندر وٺي هلڻ لڳي. اسان جي مٿان رات جي اونداهي ڇانئجي رهي هئي. اسان جي کاٻي پاسي کان ڪيترا وڻ بيٺل هئا، جن جا پاڇا ڏاڍا ڀوائتا پئي لڳا.

اسين ڏاڪڻيون چڙهي مٿي ٿياسين ته سامهون هڪ شاهي لان نظر آيو، جنهن جي اوچن وڻن جي هيٺان ڪيتريون ڪرسيون ۽ ميزون پيل هيون، جن جي آڏو ڪيترا مرد ۽ عورتون ويٺل هئا. (1897ع ۽ ڪولونيل دور جي ٺهرايل جيم خاني واري زندگي سال 1958ع ۾ اڄوڪي جيم خاني واري ماحول کان اور هئي). اسين لان لتاڙي اندر ورانڊي ۾ داخل ٿياسين- هڪ پاسي بليئرڊ روم هو، جنهن ۾ ڪيترا سوٽيڊ بوٽيڊ مرد وات ۾ چروٽ/ پائيپ ۽ هٿن ۾ ڊگهيون ڪاٺيون جهليو، هڪ شاهي ميز جي چوگرد بيٺل هئا.

”هي، ڇا پيا ڪن؟“ مون اوچتو آپا مهناز کان پڇيو.

”هيءَ راند آهي- بليئرڊ.“ هن وراڻيو ۽ مون کي هٿ کان جهلي بار روم (جتي هاڻ ڊرائنگ هال آهي) کان پاسو ڪري، ليڊيز هال ڏانهن وٺي هلڻ لڳي. ليڊيز هال- هڪ شاهي ڪمرو هو، جيڪو وڪٽورين دور جي فرنيچر سان ڀريل هو، هيٺ غاليچو، وڏين ٻانهن وارا ڪوچ، ميزون، ٽپايون، ڪرسيون، سامهون بُخارو جنهن جي مٿان ٽامي جي گلدانن ۾ تازا گل مهڪي رهيا هئا. هال ۾ ڪيتريون خوش پوشاڪ عورتون ويٺل هيون ۽ سڄو هال طرحين طرحين جي سينٽن جي سڳنڌ سان واسجي ويو هو.

آپيءَ مون کي وٺي هلي ڪرسيءَ تي ويهاريو، ته ڪيتريون عورتون اچي ساڻس مليون. هوءَ عورتن سان وش ڪري اچي منهنجي ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويٺي.

”ٻاهر هلي لان ۾ ويهون!“ هن مون کي لڄي ٿيندي ڏسي چيو. مون ڪنڌ سان هاڪار ڪئي ته هوءَ مُرڪي پئي. مان سچ پچ ته عورتن جي هيڏي ساري ميڙ ۾ لڄي ٿيندو پئي ويس. هوءَ مون کي هٿ کان وٺي ٻاهر آئي. ورانڊي ۾ ڪجهه ٻار به هئا، جن کي ڏسي هوءَ چوڻ لڳي: ”ڏس مڌو، هي ٻار ڪيئن نه پيا هِتي ڦِرن ۽ تون پيو لڄي ٿين!“

ٻاهر لان ۾ هڪ ٻئي کان پري پري رکيل ميزن جي چوگرد ڪرسين تي ڪيترا جوڙا ويٺل هئا. جن سان ڪجهه ٻار به گڏ هئا. لان ۾ بيٺل وڻن مان اونهاري جي ٿڌي ٿڌي هوا گهوگهٽ ڪندي پئي ويئي. ڪلب جون سموريون بتيون ٻري چڪيون هيون، جن جي مٿان آڪاس تي ڇڊن ڇڊن ڪڪرن جي وچ ۾ ڪٿان ڪٿان، ڪي ڀٽڪيل تارا لياڪا پائي اسان کي ڏسي رهيا هئا.

آپا مهناز مون کي هڪ ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻ منهنجي سامهون ويهي سگريٽ دکائي ان جا ننڍا ننڍا ڪش هڻڻ لڳي. اڇي ڊريس پهريل هڪ بيرو اچي اسان جي ڀر ۾ بيٺو ته کيس چپس، سينڊوچز ۽ آئيس ڪريم جو آرڊر ڏيئي وري سگريٽ ڇِڪڻ لڳي.

”نه آپي، مون کي ته ڏاڍو مزو پيو اچي هتي!“ مون کيس چيو. اسان جي مٿان حيدرآباد جي اونهاري جي رات پنهنجي پوري مهڪ سان ماحول تي ڇانئجندي پئي ويئي. هوا ۾ گلن جي مهڪ هئي. پريان عورتن، مردن ۽ ٻارن جي ڳالهائڻ جو هلڪڙو آواز اسان تائين آيو پئي ۽ هوءَ الائي ڪهڙي ويچار ۾ گُم، سگريٽ جا ڪش هڻي رهي هئي. اوچتو مون رات جي تيزيءَ سان پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ جيم خاني جي لان ۾ اڌ اونداهي ۽ روشنيءَ ۾ ڏسي رهي هئي. مٿي آڪاس هاڻ ڪڪرن سان صاف ٿي چڪو هو، جنهن ۾ آرهڙ جو چنڊ ۽ تارا ٽِم ٽِم ڪري رهيا هئا ۽ هوءَ لڳاتار سگريٽ ڇڪيندي کُليل آڪاس کي تڪي رهي هئي. (مون ان مهل هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ سندس مُک ڏانهن ڏسندي سوچيو  هو- وڏو ٿي مان آپا مهناز سان شادي ڪندس ۽ کيس هلي پاڻ وٽ رهائيندس!)

۽ پوءِ مون وري روز شام جو آپا مهناز وٽ وڃڻ شروع ڪيو. هوءَ مون کي شام جو ويهي پڙهائيندي هئي. ڪڏهن سندس بيڊ روم ۾ ته، ڪڏهن مٿي کُڏ تي اڇي سنگمرمر جي ٻارنهن- دريءَ ۾ مان روز وٽس ويندو هوس. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترا ڀيرا سندس مڙس سان مکاميلو ٿيو، پر نه هن مون سان ڳالهايو، نه مون سندس ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ لڱا مون کي چٽيءَ ريت ياد آهي، منهنجي ٻانهن تي ڳاڙهو داغ ٿي پيو هو. (شايد چمڙيءَ جي ڪائي بيماري هئي). آپا مهناز جو اهو داغ ڏٺو، ته مون کان پڇيائين، ”مڌو هي ڇا ٿيو اٿئي؟“

”آپي، هن ۾ خارش به ٿئي ٿي، پائوڊر به هنيو اٿم، ته به ڪُري ٿو،“ مون کيس ٻڌايو. هوءَ اهو ٻڌي مون کي هيٺ وٺي هلي. ان مهل شام جا پنج يا ڇهه هوندا. هيٺ اڱڻ ۾ سندس مڙس واش- بيسن ۾ ڏندڻ ڪري رهيو هو. آپا مهناز، هڪدم مڙس کي چيو، ”ڏسو، ننڍڙي کي هيءُ داغ ٿي پيو آهي. توهان ڪائي دوا لکي ڏيو؟“

مون ٻانهن اڳيان وڌائي، ته هن ڏندڻ ڏيندي، نهايت ئي ڪاوڙ مان ڇِڙٻ ڏني، ”مان هتي ڪنهن به مريض کي ڪونه ڏسندو آهيان. ڏيکارڻو اٿؤ ته صبح جو اسپتال موڪليوس!“

مان ڇِڙٻ ٻڌي پوئتي وريس. منهنجي نيڻن مان ڳوڙها وهي آيا. آپا مهناز ان مهل کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. ڪاوڙ مان مون کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي بيڊ روم ۾ هلي، ڪٻٽ مان ڪٽي ڪورا جي دٻي مان پائوڊر ڪڍي منهنجي ٻانهن تي هڻڻ لڳي. منهنجي نيڻن ۾ ڳوڙها ڏسي، انهن کي پنهنجي هٿن سان اُگهندي، مون کي هيٺ وٺي آئي. ڦوهاري جي ڪٽهڙي تي ويهي اسين ڦوهاري مان نڪرندڙ پاڻي ڏسڻ لڳاسين. سندس چهرو ڪاوڙ مان ٽامڻي هڻي ويو هو، ان مهل ۽ مون ڪڏهن به کيس ايترو ڪاوڙيل نه ڏٺو.

مون کي ياد آهي، آپا مهناز کي سير سفر جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. قدرت جي سهڻن نظارن ڏسڻ جو ته کيس عجب موهه هوندو هو. مان شام جو وٽس پڙهڻ ويندو هوس. رات جو ڪڏهن سندس ڊرائيور عمر مون کي موٽر ۾ گهر ڇڏي ويندو هو، ته ڪڏهن ناني اَمان مون کي وٺڻ ايندي هئي.

چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ هوءَ گهڻو ڪري مٿي کُڏ تي اِنهيءَ سنگمرمر جي ٻارنهن دريءَ ۾ هلي ويهندي هئي. رات جي سانت ۾ اوڀر کان چنڊ آهستي آهستي کڙندو هو ۽ آڪاس ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڪائي ٽيٽيهر رڙيون ڪندي هئي، ۽ پريان شهر جا منگهه، انهن جا پاڇا ۽ ماڙيون، هر شيءِ ڪنهن سپني جي ماحول جيان طلسمي لڳندي هئي- ۽ هوءَ آرام ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي پولار ۾ نهاريندي رهندي هئي. (اُن مهل هوءَ بتيون گل ڪرائي ڇڏيندي هئي).

هر سياري جي مند ۾ هوءَ منڇر ڍنڍ گهمڻ ويندي هئي، جتي سندس ماروٽ کيس شڪار ڪرائڻ وٺي ويندو هو. (منهنجي ذهن تي اڃا تائين سندس اهو فوٽو به اُڪريو پيو آهي، جيڪو سندس پيڪي گهر جي گول ڪمري ۾ ڀت تي ٽنگيل هوندو هو، جنهن ۾ هوءَ رائيڊنگ جي فل ويس ۾ گهوڙي تي ويٺل نظر ايندي هئي).

هڪ ڀيري سندس اَباڻي گهر ۾ ڪوئي ڪاڄ هو. سندس اَباڻو گهر سول لائينس ۾ هوندو هو- تمام وڏو بنگلو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان لان هوندي هئي، ۽ پاسن کان زيتون، اَنب ۽ نِم جا وڻ هوندا هئا ۽ اهو ڪاڄ رات جو انهيءَ کليل شاهي لان ۾ هو، جنهن ۾ تنبو لڳل هئا. ٻاهر هلڪي هلڪي ٿڌ هئي. لان ۾ هڪ طرف ٽيبلون رکيل هيون، جن تي اڇيون چادرون وڇايل هيون، ته ٻئي طرف لڳل تنبوءَ ۾ عورتن جي ويهڻ جو انتظام رکيل هو، آپا مهناز جي ڪٽنب جون ڇوڪريون پاسي وارن بنگلن جي ڇوڪرين سان گڏجي شيشي جي گلاسن ۾ اَڇا رومال (نيپڪن) ويڙهي رکي رهيون هيون، ۽ مان ورانڊي ۾ آپا مهناز جي ڪڍ پئي ڦريس. اَمي پاسي واري گول ڪمري (ڊرائينگ روم) ۾ پنهنجي پراڻين ساهيڙين سان ڪچهري پئي ڪئي، جيڪو عورتن سان ڀريل هو ۽ آپا مهناز سنڀرڻ جي تيارين ۾ هئي. هوءَ اُنهيءَ مهل اندران وڃي ڳاڙهي رنگ جي ساڙهي اوڍي آئي هئي، جنهن تي هرمُچ جو ڪم ٿيل هو. قدرت کيس سونهن ئي اهڙي ڏني هئي، جو هر لباس سندس بت تي ٺهڪندو هو. انهيءَ مهل به هوءَ ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. سندس ڊگها ۽ ڪارا وار جن کي هن چوٽين ۾ به نه ٻڌو هو، چيلهه تائين پئي لڙڪيا.

”هل مڌو ته مان سنڀري وٺان!“ هن ماڻس جي صفي مان ٻاهر نڪري مون کي چيو.

مان جيڪو سندس اوسيئڙي ۾ ورانڊي ۾ بيٺو هوس، جهٽ ۾ سندس هٿ پڪڙي ساڻس اندر هلڻ لڳس. هوءَ مون کي اندر ڊريسنگ روم ۾ وٺي هلي. انهيءَ ڊريسنگ روم جو لنگهه سندس ماءُ جي صفي مان هو- اندر سندس ماءُ ڪاٺ جي صندل تي نماز پئي پڙهي. اسين اندر هلياسين ته هن سلام ورائي اسان کي ڏٺو. ڊريسنگ روم ۾ پهچندي هن مون کي اسٽول تي ويهاريو ۽ پاڻ ڊريسنگ ٽيبل آڏو بيهي برش کڻي ڦڻي ڏيڻ لڳي. ننڍڙي ڊريسنگ روم ۾ ڊريسنگ ٽيبل، ڪيترا ڪاٺ جا ڪٻٽ، (وارڊ روب) هئا، جن کي ڏسندي، مون ڪنهن ڪنهن مهل کيس ڦڻي ڏيندي پئي ڏٺو. اوچتو هوءَ ڦڻي ڏيندي ڏيندي ڏاڍي سهڻي سُر ۾ ڳائڻ لڳي. اها شاهه سائينءَ جي سُر سسئيءَ مان ڪافي هئي:

”لائــــــــي ته ويـــــــــا، مُئي کــــــــي لــــــــوري،

هيءَ گهوري، منهنجي جندڙي جتن تان!“

(سندس خوبصورت آواز ۾ مون پهريون ڀيرو سنڌي ڪلام به ان وقت ٻڌو. وقت جي بي رحم پلن ۾، اهو پل ۽ اهو آواز ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنن ۾ پيو سُرندو آهي).

مون ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، اسٽول تي ويٺي سندس اهو راڳ ٻڌو، ته اوچتو ڊريسنگ روم جو در کولي، آپا مهناز جي ماءُ لنگهي آئي، آپا مهناز کيس ڏٺو ته ڦڻي ڏيڻ بند ڪري کيس آرسيءَ مان ڏسڻ لڳي، جيڪا سندس پويان اچي بيٺي هئي.

”مهناز!“ هن آهستي کيس سڏيو.

آپا مهناز جي ماءُ جي گنڀير اکين تي عينڪ پيل هئي، جنهن مان سندس اکيون ڌيءَ تي پونديون اچي مون تي بيٺيون. ”پٽ، تون هلي ٻاهر ويهه، ته اسين اچون ٿا!“ هن منهنجي وارن تي هٿ ڦيريندي چيو.

”نه اَمان، هيءُ ويٺو هجي.“ آپا مهناز ڪجهه تيز ٿيندي چيو، ”توهان کي جيڪي ڪجهه چوڻو هجي، هن جي اڳيان ئي چئي ڏيو.“

”تنهنجي پويان مڌو اصل ڇيلو ٿيو پيو ڦري.“ آپا مهناز جي ماءُ ٿورو مُرڪي چوڻ لڳي، ”ماڻس چوندي آهي ته هي منهنجو ڌيئڙي پٽ آهي، تڏهن ته مهناز، توسان ايڏي دل اٿس!“

”اَمي، هي منهنجو اصل جُهٽ اٿئي. مون کي هن جي وندر آهي!“ آپا مهناز مون کي پيار جي نِهار سان ڏسندي چيو.

”ڪجهه پلن جي چپ رهڻ کان پوءِ ماڻس کيس وري سڏ ڪيو:

”مهناز!“

”اَمي، چؤ نه. ڇا ٿا چوڻ چاهيو توهين!“ آپا مهناز، برش جي ڏندن تي هٿ ڦيريندي چوڻ لڳي.

”ڌيءَ، تون پنهنجي چڱي ۽ مدي پاڻ سمجهين ٿي، مان توکي وڌيڪ ڇا چوان.“ ماڻس آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو، ”۽ چوڻ به گهڻو ڪجهه چاهيان ٿي، پر چونديس فقط اهو ته جيڪي ڪجهه ٿيو، سو ٿيو، هاڻ حالتن سان ٺاهه ڪر!“

”ٺاهه!“ آپا مهناز جي منهن جو رنگ لهندو ويو، اَمي، ٺاهه ڪنهن سان ڪريان، پنهنجي پاڻ سان، حالتن سان يا زندگيءَ سان؟“

”مهناز تون سمجهين ڇو نٿي؟“ ماڻس سندس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو.

آپا مهناز ڪنڌ ورائي، ماءُ کي چوڻ لڳي، ”اَمي، مون توهان کي اڳي، به چيو هو، ۽ اها ڳالهه اڄ وري به توهان کي ٻڌائي ڇڏيان، ته توهان اِنهيءَ شخص سان شادي ڪرائي، منهنجي حياتي تباهه ڪري ڇڏي، مري وينديس ته پوءِ ياد ڪند‏ؤ، منهنجي اِها ڳالهه!“ سندس آواز ڪاوڙ ۽ ڏک وچان ڀرجي آيو.

اوچتو ماڻس اڳيان وڌي کيس ڀاڪر پاتو، ته هوءَ ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ”بس ڪر. مهناز نه روءِ.“ ماڻس کيس چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

مون اسٽول تي ويٺي اهو سمورو لقاءُ ڏٺو. ڪا مهل چپ چپات رهي، جنهن ۾ فقط آپا مهناز جي سُڏڪن جو آواز هو، جيڪو رکي رکي  گونجي رهيو هو.

”مهناز، هاڻ ٿي به ڇا ٿو سگهي!“ سندس ماءُ کيس چوڻ لڳي، ”تون ڪوشش ڪري پنهنجي گهر کي تباهه ٿيڻ نه ڏي. هُن مُئي سان به فون تي نه ڳالهائيندي ڪر. تنهنجي سَس هڪ هڪ ڳالهه تنهنجي مڙس کي ويهي ٻڌائي آهي.“

آپا مهناز ڪا به ورندي نه ڏني. اوچتو، هُن ساڄي هٿ سان پنهنجي نيڻن مان وهندڙ ڳوڙهن کي اُگهيو، ۽ مون ڏانهن ڏٺو، جو مان کيس هِيسيل هِيسيل نهار سان ڏسي رهيو هوس.

”اچ مڌو ٻاهر ٿا هلون!“ هن منهنجي ڪُلهي کان وٺي مون کي اسٽول تان اُٿڻ لاءِ چيو. مان جيڪو اڳي ئي انهيءَ وايومنڊل ۾ هيسجي ويو هوس، يڪدم سندس هٿ پڪڙي ساڻس ٻاهر هلڻ لڳس.

”ڪيڏانهن ٿي وڃين

مهناز؟“ سندس ماءُ پويان وراڻيو.

”اِتي ئي آهيان، اَمي وينديس ڪيڏانهن!“ هن آهستي چيو، ۽ مون کي ٻاهر وٺي آئي. ٻاهر ورانڊي ۾ ريفريجريٽر رکيل هو، جنهن مان هڪ شيشي جي ٿڌي بوتل ڪڍي، انهيءَ مان پاڻي پيئڻ لڳي. مون ان مهل کيس عجب مان ڏٺو، جيڪا اهڙي سيءَ ۾ به ايڏو ٿڌو پاڻي پي رهي هئي.

ٻاهر لان ۾ ڇوڪرين جو شور هو، جيڪي نيپڪن ٺاهي، هاڻ پاڻ ۾ زور زور سان ڳالهائي رهيون هيون. نوڪر لان ۾ پئي ڦريا. زالون اچڻ شروع ٿيڻ لڳيون هيون. پريان تنبوءَ ۾ حاجياڻي ڇُٽي شيدياڻي پنهنجي پارٽيءَ سان اچي ويٺي هئي. ڏينهن اڃا پورو نه ٿيو هو، جنهن جي ڪري سج جي روشني اڃا باقي هئي، پر لان جي وڻن ۾ ڪاڄ سبب لڳايل بلبن جي جهالر (مرچيون)، هينئر کان ئي ڪنهن ٻاري ڇڏي هئي.

اسين ورانڊي جون ڏاڪڻيون لهي هيٺ لان ۾ آياسين ته آپا مهناز کي ڇوڪريون وڪوڙي ويون. هوءَ ساڻن ڳالهائيندي، لان لتاڙي، تِکو تِکو مون کي پاڻ سان وٺي بنگلي جي لوهي گيٽ ڏانهن هلڻ لڳي، ته مون پڇيو، ”آپي، ڪيڏانهن ٿا هلو؟“

”ٻاهر ٿا هلون ٽڪريءَ تي هوا کائڻ. مڌو، هتي ته منهنجو ساهه ٿو مُنجهي!“ هن چيو.

۽ مان چپ چاپ ساڻس هلندو، بنگلي جو لوهي گيٽ اُڪري ٻاهر هليو آيس.

ٻاهر سول لائينس جي رستن مٿان، شام آهستي آهستي لهي رهي هئي، ۽ مان آپاز مهناز سان گڏ واڪ ڪري رهيو هوس. شام سموري وايومنڊل تي پنهنجن سمورن رنگن سان ڇانئجندي پئي ويئي ۽ هوءَ سامهون ٽنڊو جهانيان واري ٽڪريءَ ڏانهن ننڍيون ننڍيون وِکون کڻندي پئي ويئي.

(حيدرآباد شهر جون سانجهيون اڄ به وڻندڙ آهن، پر سول لائينس حيدرآباد جي شام اڄ کان ويهه- ٻاويهه ورهيه اڳ اور هوندي هئي. اڄوڪي سول لائينس ۽ سال 58-1959ع واري سول لائينس ۾ وڏو فرق هو. سول لائينس جي ٻنهي رستن تي سَرنهن جا وڻ، انهن جي پاسي کان ڊوڊينا جون سايون سايون قطارون، ۽ اِنهن سان گڏوگڏ سيمينٽ ۽ پٿر جون بينچون، پريم پارڪ کان به اڳيان ڊاڪ بنگلي تائين پکڙيل هونديون هيون، پريم پارڪ، ان ۾ وڏا وڏا وڻ، ڇٻر، ۽ انهيءَ جي اڳيان ٽڪري، روز صبح ۽ شام هوا خوريءَ لاءِ ايندڙ ماڻهو، پريم پارڪ مان ٿي، پٿر ۽ سيمينٽ جي بينچن تي گهڙيءَ پل لاءِ ويهي ٿڪ ڀڃيندا هئا. گلن ۽ وڻن جي هٻڪار ۾ رچيل هئا. انهيءَ وڻندڙ شام جي ماحول کي چئني پاسن کان مهڪائي ڇڏيندي هئي، پنهنجي سڳنڌ سان).

اسين پنڌ ڪندا پئي وياسين ۽ مان آسپاس جي وايومنڊل کي ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهيو هوس. ٻنهي پاسن کان اڏيل بنگلن مان ڪنهن ڪنهن مهل ماڻهن جا آواز اچي وري گم ٿيو پئي ويا. ٿورو پنڌ ڪري اسين ٽڪريءَ تي پهتاسين. (ٽنڊو جهانيان واري اها شاهي ٽڪري، سول لائينس جي ڇيڙي تي هوندي هئي، ۽ اڄ اها ٽڪري به معدوم ٿي ويئي آهي، جو انهي سموري ٽڪريءَ تي بنگلا ٺهي ويا آهن).

۽ انهيءَ ٽڪري تي بيهي هوءَ اولهه ڏي ٻڏندڙ سِج کي ڏسڻ لڳي.

اسان جي چئني پاسن کان شام جو سمورا رنگ ۽ روپ هڪ هڪ ٿي وايومنڊل تي ڇانئجندا پئي ويا. سامهون اولهه ڏي ڄام شوري وارين ٽڪرين ۾ ڳاڙهو سج لڙيو پئي ۽ آڪاس تي ڄڻ ڪنهن کهنبو رنگ هاري ڇڏيو هو. هيٺ ٽندو جهانيان هو، جتي وڻن ۾ جهرڪين جي چين چين، مٿي آڪاس تي آکيرن ڏانهن ويندڙ پکين، اَبابيلن ۽ سِرڻين جا ولر هئا. مان ڪنڌ ورائي وڻن ڏانهن تڪڻ لڳس. اسان جي پويان، ڪنهن بنگلي ۾ ڪوئي ريڊيو زور زور سان وڄائي رهيو هو، جنهن جو آواز هوا جي هندوري تي ڪنهن مهل آيو ٿي ۽ وري گم ٿي پئي ويو. مان سامهون ٽنڊي جهانيان جي اڇي مقبري کي ڏسڻ لڳس، جنهن سان لاڳو ڪچن گهرن مان نڪرندڙ دونهون آهستي آهستي مٿي شام جي آڪاس ۾ گُم ٿيندو پئي ويو ۽ آپا مهناز چپ چاپ، الائي ڪهڙن ويچارن ۾ گُم، شفق جي بدلجندڙ رنگن کي تڪي رهي هئي- (۽ آڪاس مان اونداهي، آهستي آهستي لهڻ جي تيارين ۾ مشغول هئي!)

مون کي ان مهل، شام جي پکڙجندڙ اونداهيءَ کي ڏسي الائي ڪهڙو ڀؤ ٿيو، جو مون کڻي آپا مهناز جي ساڙهيءَ جو پلاند پڪڙيو، پر کيس ان جي ڪا لکا نه پيئي. مون ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو. هوءَ پولار ۾ تڪيندي پئي ويئي. سندس مکڙو ڏاڍو ڏکويل ۽ اُداس هو، ان مهل ۽ اکين جي گهرائيءَ ۾ ڪا پري جي نهار ۽ سندس مَن ۾ ڪائي اُڻ تُڻ هئي.

مون ان مهل شفق جي انيڪ رنگن جي روشنيءَ ۾ سندس مُک تي هڪ عجيب اُداسي محسوس ڪئي ۽ مون سوچيو، ’سموريون شهزاديون، ديوَن جي بند ۾، ائين ئي ڏکويل ۽ ملول هونديون، مومل، سومل، گل ڦل راڻي!‘

اوچتو هن مون کان پڇيو، ”مڌو، ڊڄين پيو ڇا؟“

”نه آپي!“ مون ڪوڙ ڳالهايو، ”توهان جو مون سان گڏ آهيو!“

مون ڪنڌ مٿي کڻي کيس وراڻي ڏني، ۽ هوءَ وري سامهون شفق جي رنگن کي ڏسڻ ۾ گُم ٿي ويئي- لهندڙ سج جون لامون، ٺيڪ اسان جي سامهون هيون. اوچتو، ڪجهه پلن کان پوءِ سج اولهه ۾ ٽُٻي هنئي ته سڄي وايومنڊل تي ڊپ جهڙي ماٺ ڇانئجي ويئي، پکي پکڻ، سڀ چپ ٿي ويا. ٿڌي ٿڌي هوا اسان جي ڀر مان لنگهندي پئي ويئي، جنهن ۾ آپا مهناز جا کليل وار اُڏامي رهيا هئا ۽ آڪاس مان لهي ايندڙ ڌنڌلڪو، اونداهيءَ سان گڏ سرمئي شام کي ڳڙڪائيندو ٿي ويو.

هن اوچتو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ۽ مون کي ٻانهن کان وٺي پوئتي وري، اسين ننڍڙيون ننڍڙيون وِکون کڻندا واپس وري رهيا هئاسين. سندس هٿ منهنجي ڪُلهي تي هو، ۽ سامهون سول لائينس جي رستن تي لڳل اسٽريٽ لائيٽس جي ڊگهي قطار جا بلب ڪڏهوڪو ٻري اُٿيا هئا، جن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ سڄو رستو سنسان هو، جنهن تي تيز هلندڙ هوا ۾ وڻن مان ڇڻيل پن اُڏامي رهيا هئا. پريان ڪنهن وڻن جي سڪل پنن جي ڍير کي باهه ڏيئي ڇڏي هئي، جنهن جو دونهون شام جي اونداهي آڪاس ۾ شامل ٿي رهيو هو، وڻن جي سڪل پنن جي سڙڻ جو واس هوا ۾ شامل ٿي اسان تائين پهچي رهيو هو، اسان جي ٻنهي پاسن کان اَڏيل بنگلن ۾ هوريان هوريان بتيون ٻرنديون پئي ويون، ۽ هوءَ ڪنڌ نمائي، پنڌ ڪندي هلي رهي هئي.

اسين جڏهن واپس بنگلي جي لوهي گيٽ وٽ پهتاسين ته سرمئي شام رات جي اونداهي جي پيٽ ۾ اچي ويئي هئي. مٿي آڪاس جي ڪاراڻ ۽ نيراڻ ۾ رات جا ستارا ٻڏل نظر پئي آيا. اندر لان ۾ عورتن ۽ ٻارن جو گوڙ هو. رات جي تيزيءَ سان پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ ڪاڄ واري تنبوءَ ۾ لڳايل سموريون بتيون جڳ مڳ جڳ مڳ ڪيو ٻريون پئي، جنهن جي وچ ۾ گِلم مٿان وڇايل غاليچي تي مشهور ڳائڻي حاجياڻي ڇُٽي پنهنجي درديلي آواز ۾ ڏوهيڙو ڏيئي رهي هئي:

لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،

مون کي ماريائين، آيل اونداهي ڪري!

انهيءَ واقعي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ اوچتو بابا جي بدلي، لاهور ٿي، ته اسان به اوڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي- منهنجي دل، وسامي وئي. حيدرآباد شهر ۾ رانديون ڪندي ڏينهن گذريا هيم، ان کي ۽ آپا مهناز کي ڇڏيندي من وسامندو ٿي ويو- مون اصل روڄ ٻاري ڏنو، ته مان لاهور نه هلندس. آپا مهناز وٽ رهي پڙهندس. مون کي هِتي ڇڏي وڃو.

مون کي ياد آهي، آپا مهناز اسان سان موڪلائڻ لاءِ اسان جي گهر آئي ته مان ڊُڪ پائي وڃي کيس ڀاڪر پائي روئڻ لڳس. آپا مهناز، منهنجا ڳوڙها اُگهندي، چوڻ لڳي:

”نه مڌو، سٺا ٻار ته روئندا ڪونه آهن! تون لاهور وڃ، مان توسان اتي به ملڻ اينديس.“

”نه آپي، توهان به هلو اسان سان،“ مون سڏڪا ڀريندي چيو.

”مڌو تون لکي پڙهي وڏو ماڻهو ٿي، ته پوءِ مان اچي تو وٽ رهنديس. ڏس ياد ڪونه اٿئي پنهنجو واعدو!“ هوءَ مون کي پرچائيندي اندر وٺي وڃڻ لڳي، ته مان وڌيڪ روئڻ لڳس.

۽ اهڙيءَ ريت پورا ڏهه ورهيه تڪڙا تڪڙا اکين اڳيان لنگهي ويا، اونهارو ويو ته سيارو آيو، چيٽ، سانوڻ، سرءُ، مون اهي سموريون مُندون لاهور جي مهڪ ڀريل هوائن ۾ گهاري ڇڏيون. سال 1968ع جي ڳالهه آهي، مان انهيءَ زماني ۾ ميٽرڪ ۾ پڙهندو هوس، جو بابا سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ اسين، واپس حيدرآباد ورياسين.

حيدرآباد آياسين، ته اوچتو ئي اوچتو خبر پئي، ته آپا مهناز کي ڪينسر ٿي پئي آهي (اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته سندس ستارو به ’ڪينسر‘ هو. سندس جنم 3 جولاءِ تي ٿيو هو) ۽ هن علاج لاءِ ولايت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هوءَ منهنجي ننڍي هوندي جو آدرش هئي منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جي سمورا رنگ رتا سپنا، هن جي رنگن سان چٽيل هئا. مان کيس پهريون ڀيرو ڏسڻ ويس.

(ڏهن- يارنهن سالن ۾ حيدرآباد جو نقشو ئي بدلجي ويو هو. رستن تي هانءُ ڦاڙيندڙ ٽريفڪ جو گوڙ، رستن تان وڻ غائب، فوٽ پاٿن جي نالي نشان جو پرو ئي نٿي پيو. سول لائينس ڏانهن ويندي رسالا روڊ تان ٻئي سهڻا باغ گُم ٿي ويا هئا- حيدر چوڪ واري باغ جي جاءِ تي هڪڙو ڦڏو پارڪ ۽ ٻئي هنڌ تي اوچي گول بلڊنگ بيٺي هئي. سول لائينس جي رستن تان ڊوڊينا جون سايون سايون قطارون، بينچن سان گڏ ڪنهن ٻئي جهان ۾ وڃي پهتيون هيون ۽ سڀ کان سهڻيون پريم پاڪ ۾ فليٽ ۽ هٽ اڏجي رهيا هئا!) اهائي سول لائينس هئي، اهائي حيدرآباد، پر الائي ڇو سڀ ڪجهه عجيب عجيب لڳي رهيو هو، سندس بنگلي ۾ گهڙيس ته هر طرف کان ماٺ ئي ماٺ لڳي پئي هئي. در وٽ آپا مهناز جي ماءُ منهن ۾ گڏجي ويئي. نِوڙي سندس پيرن تي هٿ رکي نالو ٻڌايم ته ڀاڪر پائي منهنجي مٿي کي مِٺي ڏيئي اچي سُڏڪن ۾ پئي- منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ مان پنهنجي ننڍي هوندي جي انهيءَ آدرش کي ڏسڻ پئي ويس. جنهن منهنجي ذهن جي ڪئنواس تي عجيب عجيب رنگ رتا انيڪ سپنا چِٽي ڇڏيا هئا، جنهن جي لاءِ مون من ئي من ۾ الائي ڪيترا واريءَ جا محل ٺاهي ۽ پوءِ ڀوري ڇڏيا هئا. مان ڪنڌ هيٺ ڪيو، آپيءَ جي ماءُ جي ڪڍ لڳو ويس. هوءَ مون کي پنهنجي صفي ۾ وٺي هلي، جتي آپا مهناز ترسيل هئي، صفي جي ٻاهران اهوئي ساڳيو ڪاٺ جو صندل پيو هو، جنهن تي سندس ماءُ ويهي نماز پڙهندي هئي. انهيءَ ساڳئي صندل تي آپا مهناز جو مڙس ويٺو هو. سندس ڪنڌ هيٺ هو، پر هو ڪنهن ويچار ۾ گُم هو. هن مون ڏانهن نهاريو ئي ڪونه ۽ مان سندس پاسي کان لنگهندو اندر گهڙيس.

اندر صفي ۾ آپا مهناز هالن جي جنڊيءَ جي پاون واري کٽ تي ليٽيل هئي. سندس مٿان اجرڪ پيل هو، ٻئي هٿ مٿي هيٺان ڏيو هن لڳاتار مٿي ڇت ۾ پئي نهاريو.

”مهناز، ڏس ڪير آيو آ؟“ سندس ماءُ جو آواز صفي ۾ گونجيو ته هو ڇِرڪي مون ڏانهن نهارڻ لڳي. (خوبصورت چهرو، سرو قد، گهرا ۽ ڪارا نيڻ، سهڻا ۽  کير جهڙا اڇا هٿ، ڊگهيون آڱريون ۽ پدم جهڙا پير). مون کي سڃاڻڻ جي ڪيائين ته مون نِوڙي سندس پير ڇُهيا.

”مڌو آهين نه؟“ هن اٿڻ جي ڪئي.

”ها، آپي!“ مون روئڻهارڪو ٿيندي چيو.

سندس زرد مُک تي مُرڪ ۽ خوشي وري آئي هڪدم منهنجي وارن تي هٿ ڦيريندي منهنجي لِلاٽ تي مٺي ڏيندي، ماءُ کي چوڻ لڳي، ”امان، ڏس مَڌو ڪيڏو نه وڏو ٿي ويو آهي!“

مون ڪنڌ کڻي ڏانهس نهاريو ڄڻ چوڏهينءَ جو چند گرهجي ويو هو. سندس گهِرن ۽ نيرن نيڻن هيٺان ڪارا نشان هئا. نه اهو اڳيون مُک، نه اها مُرڪ، نه اهو رنگ نه اهو روپ. مان آلين اکين سان ننڍڙي هوندي جي ڏٺل آپا مهناز کي ڳولڻ لڳس. (ڄڻ حيدرآباد شهر سان گڏ آپا مهناز کي به ڪائي پراسرار سائي وڪوڙي ويئي هئي).

هن هڪ ڀيرو مون کي چتائي ڏٺو ۽ پوءِ پڇڻ لڳي، ”مڌو، پڙهين ته پيو نه؟“

”ها آپي!“ مون سندس کٽ تي ويٺي ويٺي نگاهه کڻي هيٺ ڪئي.

”مڌو، مون کي اتي ياد ڪندو هُئين؟“

مون لڄي ٿي وراڻي نه ڏني، ته مُرڪي چوڻ لڳي، ”اسان جو مڌو هيڏو وڏو ٿي ويو آهي، پر ڇوڪرين جيان اڃا پيو لڄي ٿئي!“

ائين چئي هوءَ وهاڻن تي ڪنڌ رکي ليٽي پئي. صفي ۾ هڪ عجيب ماٺ ڇانئجي ويئي. ٻاهر رات جي اونداهيءَ ۾ هوا جا سوسٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. سامهون دري کليل هئي، جنهن مان جولاءِ جي مهيني جو اونداهو آڪاس ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن ۾ ڏکڻ جي پاسي کان ستارا ٽِم ٽِم ڪيو پئي ٽِمڪيا. دور ڪٿان ڪنهن ڪُتي جي اونائين جو آواز پئي آيو.

پوءِ مان روزانو صبح جو کيس ڏسڻ ويندو هوس. چنبيليءَ جي گلن جو پنهنجي هٿ سان ٺاهيل گلدستو روز سندس هٿن ۾ وڃي ڏيندو هوس. جنهن کي هوءَ پنهنجي سيرانديءَ رکي مُرڪي پوندي هئي.

پڇاڙيءَ ڀيرو کيس ڏسڻ ويس ته اها جولاءِ جي ئي هڪ اُداس ۽ سنسان شام هئي. سندس حالت اڳي کان وڌيڪ خراب ٿي ويئي هئي. هوءَ ائين ساڳي ئي کٽ تي ليٽيل هئي. سندس سيرانديءَ کان ماڻس ويٺي وار سنواريا، جنهن جا نيڻ ڀِنل هئا. پويان کان ڪرسيءَ تي سندس مڙس ويٺو هو. آپا مهناز جي ڪٽنب جا سڀ ڀاتي صفي ۾ آيا ۽ ويا پئي.

مون ڀِنل نيڻن سان چتائي آپا مهناز کي ڏٺو، جيڪا نيڻ ٻوٽيو سُتي پئي هئي. منهنجي اچڻ تي پيرن جو کڙڪو ٿيو ته ٻوٽيل نيڻ کولي مون ڏانهن نهاريائين. گهِرن ۽ نيرن نيڻن ۾ ٻرندڙ ڏياٽيون، جيڪي ڪڏهن انهن ئي نيڻن ۾ پيون ٻرنديون هيون، انهن ۾ ساڳي جوت نه رهي هئي. اوچتو هن مُرڪي مون ڏانهن نهاريو. اها مُرڪ هڪ عجيب مُرڪ هئي، ڄڻ پوهه جي سياري ۾ اُس جو تجلو.

مون ڀِنل نيڻن جي نِهار مان کيس ڏٺو: هوءَ منهنجي ننڍڙي هوندي جو اهو املهه سپنو هئي، جنهن سپني جي ساڀيا، مون سدائين سپني ۾ ئي ڏٺي هئي. هوءَ منهنجي ننڍڙي لاڪي جو هڪ سهڻو آدرش، ڪنهن رانديڪي جيان هئي. مون سوچيو هو: وڏو ٿي کيس انهيءَ بند مان آجو ڪرائيندس. (ها، سموريون شهزاديون ائين ئي هونديون آهن. گل ڦل راڻي، مومل… مون کي ننڍي هوندي ٻڌل آکاڻيون ياد اچي ويون). هن مون کي پڙهايو هو. A.B.C.D سيکاري هئائين. هٿ کان وٺي اوچي سوسائٽي هلي ڏيکاري هئائين.

اوچتو هوءَ وري اکيون ٻوٽي سمهي پئي، ته مون نِوڙي سندس پيرن کي هٿ لاتو، چوندا آهن ته استاد ماءُ- پيءَ جي برابر هوندو آهي. هوءَ به مون کي حياتيءَ جا رنگ رتا انيڪ رنگ ڏيکاري سُونهين ٿي هئي. مان سندس پيرن تي هٿ رکي، آلين اَکين سان ننڍيون ننڍيون وِکون کڻندو ورانڊا لتاڙي لوهي گيٽ اُڪري بنگلي کان ٻاهر نڪري آيس.

ٻاهر سول لائينس جي رستن مٿان  آرهڙ جي سُرمئي شام پنهنجا رنگ پکيڙي رهي هئي. اسٽريٽ لائيٽس جي جهيڻين بتين ۾ سمورو رستو سُنسان ۽ اُداسيءَ ۾ ويڙهيل هو، جنهن ۾ شام جي هوا سوسٽ ڪندي سَرنهن جا سُڪل ۽ ڇڻيل پن اُڏائي رهي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org