سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :12

 شيخ اياز 

”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي...“

(شاعر جا دوست ڏانهن خط)

 

ڪئينس روڊ، سکر: 5- آگسٽ،  1960ع . - ادا، سکر ۾ ڏاڍي گرمي ۽ ٻُٽ آهي. شام ٿيندي ئي هيانءُ منجهڻ ٿو لڳي . هاڻي ٻارهين بجي براج تان موٽيو آهيان. منهنجون اونهاري جون راتڙيون زياده تر اتي بسر ٿينديون آهن. اتان جي هوا ۾ منهنجيءَ جوانيءَ جون سرگوشيون آهن، پن پن ۾ ڪنهن پرينءَ جو پڙلاءُ آهي. اتان جي لهر لهر، ستاري ستاري، درخت درخت ۾ منهنجا بيت ۽ گيت پکڙيا پيا آهن. براج جي کاٻيءَ ڀر تي ٻن واهن جي وچ ۾ رستو آهي، جنهن تي ٻنهي پاسن گدامڙيءَ ۽ ٽالهيءَ جا درخت آهن. جڏهن چنڊ واهن جي پاڻيءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي ته لهريون تيزيءَ سان اهي ٽڪرا کڻي ڀڃنديون وينديون آهن. مون کي هميشه ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”بيڪس“ جو اُداس روح، ساڌ ٻيلي کان ڦري، اتي اچي بيهندو آهي ۽ پنهنجي پياري ڪافي جهونگاريندو آهي:

ڪاڪ ڪُماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا-

وري موٽي آءُ راڻا!

ڪڏهن سکر آءُ ته توکي پنهنجن بيتن جو پس منظر ڏيکاريان. اچي ڏس ستارن جي سونهن جي ڇاٽ ڪيئن ٿي ڇڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻن منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن، چنڊ جو گهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چڪڻ لڳي، ۽ ڪيئن صدين جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.

تو لکيو آهي ته توکي ڪجهه نئون ڪلام موڪليان. سچ پچ ته وڪالت جي بي انتها مصروفيتن رت ست ڪڍي ورتو آهي. گهڻو ئي چاهيان ٿو ته لکان، پر ڪجهه لکي نٿو سگهان، شايد ڏات، اُها بيوفا سُريت، مون کي هميشه لاءِ ڇڏي ويئي آهي، ائين محسوس ٿو ڪريان ته پکيئڙن وانگر شعر چوڌاري پرڙا ڦڙڪائي، ڳُٽُ ڳُٽُ ڪري رهيا آهن، پر لفظن جي ڪوڙڪيءَ ۾ نٿا ڦاسن. جيڪڏهن ڪجهه لکيم ته توکي ضرور موڪليندس. پهرين تاريخ کان ڪجهه عدالتون بند آهن، ۽ مون ڪجهه ڏينهن سيرَ سفر لاءِ ڪڍيا آهن، سڀاڻي رات پنڊيءَ ويندس، ۽ اُتان ڪوهه مريءَ ۽ سوات وغيره وڃڻ جو ارادو آهي. تو شڪايت ڪئي آهي ته مون ڊاڪا ۽ چاٽگام مان توکي ڪوئي خط نه لکيو هو. شڪايت بجا آهي، ۽ خطا لاءِ معافي طلب آهيان. هاڻي جتي جتي ويس، اُتان توکي ضرور لکندس. - تنهنجو تنهنجو...

ريسٽ هائوس، ٽيڪسلا: 8- آگسٽ. - ادا، ڪالهه پنديءَ پهتس. ڏينهن جو پنڊي ڪافي گرم هئي. رات ڪجهه وقت برسات پيئي هئي. جنهن هوٽل ۾ مان لٿو آهيان، ان ۾ سروَ جا لمبا درخت آهن. جڏهن برسات بيهجي ٿي ويئي، ته منهنجي ڪمري جي سامهون ناسپاتيءَ جي وڻ مان چنڊ ليئو پائي ڇپي ٿي ويو. چنڊ جي ان ادا م ڄڻ هڪ نو خيز پرده نشين جي شرارت هئي. جيستائين ننڊ آئي، تيستائين اها لڪ-ڇپ ڏسندو رهيس.

صبح جو بس تي ٽيڪسلا لاءِ روانو ٿيس. بس ۾ سڀئي مزدور طبقي جا ماڻهو هئا، جي پنهنجيءَ مِل ڏانهن وڃي رهيا هئا. پنجابي عوام نهايت پرخلوص ۽ ان جي ٻولي نهايت پياري آهي. بس ۾ پنجابي ڳالهائي رهيا هئا، سواءِ هڪ بنا مڇ ڏاڙهيءَ واري جناب جي، جو لکنوي لهجي ۾ اردو ڳالهائي رهيو هو. هن جي منهن تي ڏاڙهي بلڪل نٿي ٺهي- شايد فقط سنت جي ادائگيءَ لاءِ رکي هئائين.

ڏاڙهيءَ واري شايد منهنجيءَ شڪل صورت مان اندازو ڪيو ته مان پنجابي نه آهيان، سو مون سان اردوءَ ۾ مخاطب ٿيو:

”اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“

”ٽيڪسلا. “

”ڪهڙي ڪم سان؟“

”ٽيڪسلا جا کنڊر، ۽ عجائب گهر ڏسڻو اٿم. “

”تعجب آهي ته اوهين مسلمان ٿي ٻڌ ڌرم جا بت ڏسڻ ٿا وڃو!“

”حڪومت ته اهڙا سفر همٿائي رهي آهي. “

”حڪومت کي پنهنجي مصلحت هوندي، پر اوهان کي ته مسلمان ٿي ائين نه ڪرڻ گهرجي. “

”خوبصورت مجسما بت ڏسڻ گناهه آهي ڇا؟“

”تعجب آهي، اوهان کي اها خبر نه آهي! اسلام ۾ بت تراشي ، تصوير ڪشي، ۽ ڪنهن حد تائين شاعريءَ جهڙيون لغويات، معتوب قرار ڏنيون ويون آهن!“

”ڇو؟“

”ڇو جو ڪوئي سوال نٿو اٿي. بس، قرار ڏنيون ويون آهن. “

اوچتو هن کي ڪوئي خيال آيو ۽ مون کي چتائي ڏسي پڇيائين، ”اوهان سنڌي آهيو ڇا؟“ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي، ته هن چيو، ”پر اردو ته لکنويءَ يا ته دهلويءَ جهڙي ٿا ڳالهايو.“

”هر لکنويءَ يا دهلويءَ جهڙي نه.“ مون جواب ڏنو.

هن منهنجي جواب ۾ طنز محسوس نه ڪئي، ۽ اخبار ”جنگ“ پڙهڻ ۾ محو ٿي ويو. ادا، ان انسان جي دل۽ دماغ جو اندازو ته لڳاءِ، جنهن ۾ يوناني بت، جاپاني ۽ چينائي تصويرون ۽ غالب جو ڪلام فقط نفرت جو جذبو اڀاريندو هجي: جنهن کي هر حسن جي تخليق کان نفرت آهي ، ان جو خدا جو تصور ڇا هوندو؟

بس هڪ گهنٽي ۾ ٽيڪسلا پهتي، بس تان لهي ٽانگي تي چڙهڻو پيو، عجائب گهر اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. رستي تي ٻنهي پاسي مَڪئيءَ جي پوک هئي. ٽانگي وارو پٺاڻ هو. مون هن کان پڇيو ته ’ شاعر خوشحال خان خٽڪ جو نالو ٻڌو اٿئي‘، ته وائڙو ٿي مون کان پڇيائين ته ’ ڪٿي رهندوآهي!‘ مون کي تعجب آيو ته تعليم يافته پٺاڻ چوندا آهن ته خوشحال خان اسان جو قومي شاعر آهي، پر هڪ عام پٺاڻ کي، جو مالا ڪنڊ جو رهاڪو آهي، ان جي نالي جي خبر به نه آهي!ان جو سبب اهو آهي ته خوشحال خان جي شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي نه آهي، جا هن کي عوام ۾ مقبول ڪري سگهي. ان لحاظ کان اسان جي سنڌڙيءَ جي سائينءَ لطيف جو مثال پاڪستان ڀر ۾ نه آهي. سنڌ ۾ ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن لطيف سائينءَ جو نانءُ نه ٻڌو آهي، ۽ ان جي ڪلام مان پنهنجيءَ صلاحيت موجب لطف نه ورتو آهي. ”مون پشتو ائڪيڊميءَ“ جو شايع ڪيل، ’خوشحال خان خٽڪ جو ڪلام‘ پڙهيو آهي، ۽ معنوي ۽ غنائي لحاظ کان هن جي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ايترو فرق آهي جيترو هڪ اڻگهڙيل پٿر ۽ گوتم ٻڌ جي خوبصورت مجسمي ۾. باقي هن جي ڪلام ۾ جيڪو ان سنگدل بادشاهه اورنگزيب لاءِ نفرت جو شايد اظهار آهي، سو واقعي قابل داد آهي. انهيءَ بيذوق ته چيو هو ته’راڳ کي اُتي پوريو، جتان وري نه نڪري سگهي!‘

ساڍي يارهين بجي عجائب گهر پهتس. مون موهن جي دڙي جو عجائب گهر به ڏٺو آهي، پر ٽيڪسلا جو عجائب گهر پنهنجو مثال پاڻ آهي. گوتم ٻڌ جا نهايت حسين مجسما جابجا رکيا هئا. جيترو اطمينان ۽ سڪون گوتم جي منهن مان نڪري انساني روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو، ايترو شايد ئي ٻئي ڪنهن انسان جي منهن ۾ هجي. ڪيترو نه رحم، نرمي، خلوص ۽ اطمينان آهي هن جي چهري ۾!مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي چانڊوڪيءَ جي چادر ۾ ويڙهي، ڪو ئي لولي ڏيئي رهيو هو. هن جي اکين ۾ مقناطيس جي ڪشش هئي، جا ڇڪي چئي رهي هئي ته ’آءٌ، هيءَ دنيا مايا آهي، هِن جي هر شي اچڻي وڃڻي آهي، هيءَ دک جي رچنا آهي، هِن جي ابتدا به دک آهي انتها به دک، هِن جيوَن جي چار پهر جي ڇايا تي نه ڀل، اها لهندي ويرم نه ڪندي: آءٌ ته توکي آءٌ مُڪتي ڏيان، انهن خواهشن کان، جن جي مهاڄار توکي هڪ مَک وانگر ڦاسائي ڇڏيو آهي، جي زندگيءَ جي اونداهيءَ رات ۾ هڪ ببر شينهن وانگر گجنديون ٿيون رهن، جي زندگيءَ جي ٿڌيءَ ڇَرَ ۾ هڪ واڳونءَ وانگر ڇپ ماري ٿيون ويهن: آءٌ، مان تنهنجي نرواڻ آهيان، مان ئي تنهنجي ابدي نجات آهيان- اها نجات، جنهن ۾ نه ڏک آهي نه سک، نه خواهش آهي نه تمنا، جنهن ۾ هڪ مطمئن شعور جو سمندر موجون ماري رهيو آهي:آءٌ ته مان توکي جنم جنم جي ڦيري کان ڇڏايان!‘

ڪا گهڙي ته مان هن کي حيرت ۽ خاموشيءَ سان تڪيندو رهيس، ۽ پوءِ هن جي مٿي تي هٿ گهمائي چيم ته ’ڀڳوان!تون واقعي بيحد حسين آهين، پر جنهن بت تراش توکي گهڙيو آهي، تنهن جو روح تو کان به زياده حسين هو:ان جي هٿن ۾ اُها نرواڻ هئي، جا هن تنهنجي چهري کي بخشي آهي:تون ڀُلي ٿو وڃين ته تون پٿر هئين ۽ منهنجي فنڪار ڀاءُ کي اهو وجود، اهو حسن ۽ اها ڪشش بخشي آهي. ڀڳوان! مان آد-جڳاد جو پاپي آهيان. مون کي ڌرتيءَ ۽ انهيءَ جي دک سان محبت آهي!. . . . . . مان جنم جنم ڀٽڪي، وري وري انهيءَ ڌرتيءَ تي موٽي ايندس. اها منهنجي ازلي ماءُ آهي، مون کي انهيءَ جي گود کان سواءِ ڪٿي به سک نه ملندو. مون کي تنهنجي مڪتي نه کپي، تنهنجي نرواڻ نه کپي: منهنجي نرواڻ ان ۾ آهي ته هنن هٿن سان پٿر کي جان بخشيان، ۽ تو جهڙا نوان نوان ڀڳوان گهڙيان.

ان کان پوءِ، مان عجائب گهر ۾ ڦرندو رهيس ۽ گنڌارا دور جون ڳولي لڌل شيون ڏسندو رهيس. ڦرندو ڦرندو مان هڪ ڀت وٽ آيس، جتي ٻوڌي سنياسين جا بت هئا، جن مان ويراڳ وسي رهيو هو، گويا هنن جون اکيون هن دنيا جي هر رنگينيءَ کان مڙي ويون هيون. انهن جي ڀرسان هڪ نهايت حسين بت هو، جنهن جي هيٺيان لکيل هو، ”ننڊاکڙيون نچڻيون.“ ان ۾ ڪجهه ننگيون رقاصائون، رقص ڪري ٿڪجي، اڌ ٻوٽيل ننڊاکڙا نيڻ کڻي، ليٽيون پيون هيون. بت تراش جو مقصد هيءُ ڏيکارڻ هو ته گوتم ٻڌ جي گيان حاصل ڪرڻ کان اڳ انسان عياشيءَ ۾ غرق هئا. مان ڪيتريءَ دير تائين اهو بت ڏسندو رهيس، جيستائين منهنجي گهُورَ انهن جي انگ انگ ۾ گهڙي ويئي... پٿر ۾ جان پوندي ويئي، ۽ هو منهنجي اکين اڳيان ڪر موڙي اٿيون. ’نچو!‘مون هنن کي چيو. ’نچو، هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي. هيءَ زندگي ماڪ جو ڦڙو آهي، جو ڪنول جي پن تي لڏي لمي رهيو آهي ۽ هيٺان موت جو اٿاهه پاڻي موجون ماري رهيو آهي، جنهن جو ڪوئي پاتار نه آهي:نچو، هيءَ زندگي وري نه ملندي، اهو ڌيان گيان سڀ دوکو آهي، هن جسم جو جادو ئي فقط امر آهي، -اي سلوڻا، سانورا جسم، نچو!‘

اوچتو منهنجو ڌيان ان موهن جي دڙي جي هڪ ٽَنگ تي نچندڙ رقاصه ڏانهن ويو، ادا، رقص جسم جي شاعري آهي. جڏهين آٺي جي هوا ۾ مور نچندو آهي ته ’حافظ‘ جي غزل کان زياده وڻندو آهي. عورتن کي رقص ۽ راڳ کان بي بهره رکي، انسان ڪيترو نه انهن تي ۽ پاڻ تي ظلم ٿا ڪن. ڪن ته رقص کي فقط قحبه خاني جي زينت بڻايو آهي. مان ته سمجهان ٿو ته انهيءَ قوم جو روح هڪ وڏو قحبه خانو آهي، جا عورت کي رقص ۽ موسيقيءَ کان محروم ٿي رکي.

هنيئر شام جاڇهه لڳا آهن. مان چئين بجي ريسٽ-هائوس مان چانهه جي پيالي پي، اچي صنوبر جي درخت جي هيٺان ويٺو هوس، ۽ توڏانهن هيءُ خط لکڻ شروع ڪيو هوم. هينئر شفق پنهنجن مينديءَ رتن هٿڙن ۾ سج جو سونو ٿالهه کڻي آئي آهي. اوچتوٿر –ٿرڪندو، سج ائين سنهي ڪڪريءَ هيٺان هليو ويو آهي، جيئن ڪا حسين عورت، وهنجندي وهنجندي، اوچتو ڪنهن ڌارئي مرد کي تڪيندو ڏسي، ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجا انگ ململ جي پوتيءَ سان ڍڪڻ لڳي. مون جڏهن ريسٽ-هائوس ۾ چانهه ٿي پيتي ته مون کي هڪ ايراني سياح جو هيٺيون شعر ياد آيو، جو هن موهن جي دڙي جي وزيٽرس بُڪ ۾ لکيو آهي:

”مان جتي به ويو آهيان، اتي چانهه مٽيءَ جي پياليءَ ۾ پيتي اٿم-اهو مٽيءَ جو پيالو شايد اسان جي وڏن جي مٽيءَ مان جڙيو آهي. “

ادا، تعجب آهي ته ڪنهن به سنڌيءَ تڪليف وٺي موهن جي دڙي جو وزيٽرس بُڪ چڱيءَ طرح نه پڙهيو آهي. ان ۾ ڪيترن ئي مغربي سياحن جون گذارشون آهن، جن اسان جي سنڌڙيءَ جي قديم تهذيب تي گلن جي ورکا ڪئي آهي. مون کي اها جنوريءَ جي رات ياد اچي رهي آهي، جڏهن مان ۽ منهنجو هڪ پنجاپي دوست، موهن جي دڙي جي ريسٽ-هائوس ۾ ويٺا هئاسين. ٻاهر پارو پئجي رهيو هو ۽ آسمان ۾ ستارا ائين ٿي لڳا، گويا سيءَ ۾ ڄمي ويا هئا. ڪمري جي بخاري ۾ ڪاٺين جو مچ ٻري رهيو هو، ۽ اسين هٿ به سيڪي رهيا هئاسين ۽ اهو وزيٽرس بڪ به پڙهي رهيا هئاسين. جڏهن ان ۾ مشهور انگريز تاريخ نويس’ٽوئن بيءَ‘ جي تاثرات تي پهتاسين، ته اسان جو من اڇلون ڏيڻ لڳو. هن لکيو هو ته” منهنجي دنيا جي سفر جي هيءَ چوٽي آهي. تهذيبن متعلق ڪتابن ۾ پڙهڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ انهن کي اکين سان ڏسڻ ٻي ڳالهه آهي. مون دنيا جون ٻيون تهذيبون به اکين سان ڏٺيون آهن، پر موهن جي دڙي جي تهذيب جو مثال ڪٿي به نه آهي. “ منهنجي دوست، ڪتاب بند ڪري مون کي چيو ته”چيسٽر پاءِ ته ٻاهر هلون.“ ان وقت رات جا ٻه وڳا هئا ۽ سيءَ ۾ لڱ لڱ ڪنبي رهيو هو. سرديءَ جي احساس مٽائڻ لاءِ اسان اتان دڙي تائين ڊوڙ پاتي. ڊوڙندي، سهڪي رهيا هئاسين، ۽ چانڊوڪيءَ ۾ مليل دز اُڏامي اسان جي ساهه ۾ هلي ويئي هئي. مون پنهنجي دوست کي چيو ته ”اڃا زور سان ڊوڙ ته هيءَ مٽي، هيءَ اسان جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي مٽي، انهيءَ نچندڙ رقاصه جي هڏن ۽ ماس جي خاڪ، اسان جي ڦڦڙن جي پورَ پورَ ۾ ڀرجي وڃي. “اسين ڊڪندا ڊڪندا ان ڪوٺيءَ وٽ پهتاسين، جتان مردن جا سالم هڏن جا پڃرا لڌا ويا هئا، جن کي شايد ويڙهه ۾ قتل ڪيو ويو هو، ۽ اتي ويهي ٿڪ پٽيوسين. مون کي موهن جي دڙي جي سنسان فضا ۾، اهو چنڊ جو منظر ڪڏهين به نه وسرندو. مان مڪليءَ تي چنڊ جي پٺيان چارا رليو آهيان، پر هن منظر جو ڪوئي مثال نه آهي. چاهيان ٿو ته ان جي ڪا تشبيهه ڏيان، . . . پر هڪ بيمثال شي جي ڪهڙي تشبيهه ٿي سگهندي!

سانت، ڀَوَ جي بيوهه ڀاڄائي آهي. جڏهن به ڪو ان جي ويجهو ايندو آهي، ته هوءَ ڀَوَ کي سڏيندي آهي. اسان کي اتان جي چپ چپاپ ۾ چوڌاري ڪجهه چُرندو محسوس ٿيو:ائين ٿي لڳو، ڄڻ انهن مئن جا پنج هزار سال پراڻا روح چوڌاري ڀٽڪي رهيا هئا؛ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ اسين اُتي رهيا هئاسين، اهي اسين هئاسين جي ان ڪمري ۾ قتل ڪيا ويا هئاسين، ۽ اهي هڏا اسان جا هئا. منهنجي هٿ مان سگريٽ-ڪيس ڪِري پيو ته کڙڪي تي ٻه 1ڳيرا گهگهُو گهُو ڪندا اُڏاڻا، ۽ ٿورو پريان هڪ سنهڙو نانگ مٽيءَ ۾ وٽ کائيندو وڃي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اسين پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آياسين ۽ باهه تي هٿ پير سيڪڻ لڳاسين. ان وقت باهه ايترو ته وڻِي ٿي جو منهنجي دوست اچانڪ چيو، ”ادا، جي مان سياري ۾ مران ته منهنجي لاش کي باهه ۾ جلائجانءِ. “

صبح جو اسين دير سان اُٿيا هئاسين ۽ ڏهين بجي تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين، ته ٻاهر هڪ نئين شور ليٽ ڪار جي ڀرسان هڪ مرد ۽ عورت بيٺا هئا. هو صبح جو سويري ڪار تي ڪراچي کان آيا هئا. مرد آمريڪن هو، ۽ عورت، جنهن ٻڌايو ته هو پيڪنگ جي چينائڻ هئي ۽ چين جي اشتراڪي انقلاب کان اڳ ئي آمريڪا ۾ پڙهندي هئي، سا هن جي زال هئي. آمريڪن ڳڀرو ٿي لڳو، ۽ لوندڙيءَ تائين ڪوڙيل ڏاڙهيءَ سبب هن جا ڳاڙها ڳٽا زياده ڳاڙها ٿي لڳا. چينائڻ جو رنگ زيتوني هو۽ هن جي اڻڍڪيل ٻانهن جي ماس ۾ اهو گداز ۽ نرمي هئي، جا فقط چينائي عورت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي، ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسني خيز ناول لکندڙ آڳاٿا ڪرسٽي ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا، ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا، ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينن سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ، اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئاسين، ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ-هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو، ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته

”ڪڏهن آيو آهين؟“

”اڄ صبح جو. “

 ”ڇا تي؟“

”جيپ تي. “

”ڪنهن کان ورتي اٿئي جيپ؟“

”پنهنجي آهي. “

”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي!مان ته اُڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ –هائوس وٽ ڪار روڪي، ۽ هنن کي اُتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها، ته لٽا ڪپڙا سڀ ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“

”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم. “

”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا. “اهو چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو، ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو-۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ، پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:

منهنجي من کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ

تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ!

سو، اها هئي هڪ تعليم يافتي سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت-اها تهذيب، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي!اسين اگاٿا ڪرسٽيءَ سان هن جي همعصر ناول نويسن-هيمنگ وي، فلڪنر، سٽيبڪ ۽ نبوڪوف وغيره متعلق ڳالهائي رهيا هئاسون، ته ميوزم جو ڪيوريٽر اچي نڪتو، ۽ هن چينائڻ ۽ ان جي مڙس کان پڇيو ته ”ڍنڍ ڏسڻ هلون؟“ هنن هائو ڪئي، ته اسان کي چيائين، ”هتان هڪ ميل جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي حسن واهڻ چوندا آهن. اتي هڪ ڏسڻ جهڙي ڍنڍ آهي. اسين اوڏانهن وڃي رهيا آهيون، اوهين به هلو ته چڱو. “ پوءِ مان، منهنجو دوست ۽ ڪيوريٽر ڪار جي پٺينءَ سيٽ تي ويٺاسين ۽ چينائڻ ۽ هن جو مڙس اڳينءَ سيٽ تي ويٺا، چينائڻ ڪار هلائي رهي هئي ۽ اسٽيئرنگ ويل تي هن جون ٻانهون هڪ عجيب دلبريءَ ۽ بيساختگيءَ سان ڦري رهيون هيون. جڏهن ڍنڍ تي پهتاسين، ته اسان کي اتي ڪائي خاص ڳالهه نظر نه آئي، ۽ چينائڻ پنهنجيءَ بيڪار تڪليف تي خفي نظر اچڻ لڳي. ڪيوريٽر اهو محسوس ڪيو ۽ اسان کي هڪ کوهه تي وٺي آيو. کوهه جو ڍينگو، نار ۽ چڪر ۾ ڏاند ڏسي، ٻيئي زال-مڙس کڳيون هڻڻ لڳا. ڏاند جي اکين تي کوپا چڙهيل هئا ۽ ان کي هڪ هاري لڪڻ سان هڪلي رهيو هو. جڏهن چينائڻ ٿورو جهُڪي اک تي ڪئميرا رکي، ته هن جون ٻئي ڪڇون ظاهر ٿي پيون ۽ هن جي ڇاتيءَ وٽان فراڪ جي ڳچي ڪجهه هيٺ لڙڪي پيئي، جنهن مان هن جون ٻانهن ۽ ڇاتيءَ کي گهوري ڏسڻ لڳو، کوهه تي هاريءَ ڏاند کي هڪلڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن جي ٻانهن ۽ ڇاتيءَ کي گهوري ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ منهنجي دوست هن جي ويجهو وڃي ڏاند جي کوپن ۾ هٿ وڌو، ته هو ڇرڪي ويو. هن مرڪي هاريءَ کي چيو ته”هن غريب جا کوپا لاهه ته هي به ڏسي!هي تنهنجو صدين جو يار آهي، تو وانگر هن کي به اڳ ڪڏهين به اهڙو موقعو نه مليو آهي. “هاري اول گهٻرائجي ويو، ۽ پوءِ هن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏسي ٽهه-ٽهه ڪري کلڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com