سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 196

 

صفحو :9

ڪرشن چندر

سنڌيڪار:نظيري ٿيٻه

چيني پنکو

 

مون شادي نه ڪئي آهي، زندگيءَ ۾ مون عورت سان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي. صرف هڪ دفعو، ڇوڪري ٿورڙو پسند آئي.

مون ان کي پهريون دفعو ’پطراش‘ ريسٽارنٽ ۾ ڏٺو هو. هوءَ اتي ويٽريس جو ڪم ڪندي هئي، پطراش ريسٽارنٽ بمبئيءَ ۾ پهريون ريسٽارنٽ هو، جنهن ۾ بيري جي ڪم لاءِ عورتون ملازم هيون، هلڪي گلابي رنگ جي فراڪن ۾، نازڪ ۽ نفيس ڇوڪريون، گلن وانگر ٻهڪنديون، هڪ ٽيبل کان ٻيءَ ٽيبل تائين لچڪنديون ڦرنديون وتنديون هيون، انهن جا خوبصورت مشڪندڙ چهرا، رنگين ننهن، ۽ جڳمڳائيندڙ لباس، ريسٽارنٽ کي روز بروز زياده قبول بڻائيندا ٿي ويا، مان به اتي پهتس، جتي هر بوالهوس پهچندو آهي، اتي مون پهريون دفعو ”سريتا“ کي ڏٺو. هن جا وار خشڪ ۽ منتشر هئا. هن انهن کي پٺتي ڇڪي ”پوني ٽيل“ بڻائي ڇڏيو هو. هن جي چپن تي لپ اِسٽڪ نه هئي. سرخي نه هئي ته ڇا، مسڪراهٽ به ته نه هئي! رنگ اهڙو ته نکريل هوس، ڄڻ ته کيس نربدا جي سنگ مرمر جي پهاڙن مان تراشيو ويو هو. هن جو گلابي فراڪ سندس جسم تي بلڪل ڦڪو معلوم ٿيندو هو. پر منهنجو خيال آهي ته ماڻهو سندس رنگ ڏسڻ نه ايندا هئا، هن جي چال ۽ رفتار ڏسڻ ايندا هئا، هن جي رفتار ۾ شاعرانه تمڪنت سان گڏ اهڙي ته دلربا آوارگي هئي جوکيس ڏسي هڪدم قلوپطرا ۽ مارلن مونرو جوخيال ايندو هو. جڏهن آرڊر وٺي هلندي هئي ته مرد کيس اهڙي حسرت ڀريءَ نگاهه سان ڏسندا هئا، ڄڻ تاج محل ٿا ڏسن. جڏهن هوءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مون کان آرڊر وٺي چڪي ته کيس مون چيو ”تون مسڪرائيندينءَ نه؟“

”ڇا اهو به آرڊر ۾ شامل آهي؟“ هن جي تيز نگاهه منهنجي مٿان اڏامندي هلي ويئي.

هن جا چپ پنهنجيءَ جڳهه تي ٿورو چريا _ غصي سان پر، خمدار، سنهڙا چپ هئا اهي پاڳل بنائي ڇڏڻ وارا. ”انهن چپن جي کل ڪيتري ته موتمار هوندي!“ مون پنهنجي دل ۾ سوچيو . ۽ هن کي چيو، ”هن وقت تنهنجا چپ همليٽ وانگر سوچي رهيا آهن ته مسڪرايان يا نه مسڪرايان!“

”افسوس جو اوهين همليٽ نه آهيو.“ هن نخوت سان چيو.

”تون ڪهڙي روفيليا آهين!“ مان به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو.

هن منهنجي اکين ۾ گهوري ڏٺو. اتي هن ڪجهه ڳوليو. ٻئي لمحي هوءَ پٺي ڏئي واپس هلي وئي. ڪهڙي خبر، هن کي منهنجن اکين ۾ ڪجھه مليو يا نه، ليڪن مون کي سندس مستانه چال ۾ گهڻو ڪجهه مليو، اوهان کي تعجب نه کائڻ کپي، مان شريف ماڻهو نه آهيان. مون اڄ تائين شادي نه ڪئي آهي، ڪنهن عورت سان محبت به نه ڪئي آهي، ان ڪري سٺي اخلاق تي توهان جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان.

جڏهن هن ”ٿري ان ون “ آئيس ڪريم جي پليٽ منهنجي سامهون رکي ته چيائين”منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، هن ريسٽارنٽ ۾ جيترا به مرد ٿا اچن اهي آئسڪريم کائيندا آهن، ۽ جيتريون به عورتون اينديون آهن اهي ڪافيِ جو آرڊر ڪنديون آهن!“

مون چيو ”ان ڪري جو مرد ڪافي هوندا آهن ۽ عورتون آئس ڪريم!“ هن برجسته جواب ڏنو، ”منهنجي خيال ۾ مرد ناڪافي هوندا آهن.“

آءُ خار وچان کيس ڪجهه چوڻ وارو هوس، ليڪن هوءَ مشڪي هلي وئي. ڏاڍي تلخ ۽ زهريلي مشڪ هئي اها. اها ئي مسڪراهٽ ته مون به ڏسڻ ٿي چاهي! ”انهن چپن جو زهر اگر پيئڻ لاءِ ملي وڃي ته......... مون هڪ گهڙي لاءِ دل ۾ سوچيو پوءِ ان خيال کي دل تان لاهي ڇڏيم. هونهه! ڪهڙو نه بيهودو خيال آهي! عورت کان آئيس ڪريم بهتر آهي؛ ڇو ته آئسڪريم ختم ٿي سگهي ٿي، ليڪن عورت ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي، مون پنهنجي کوپريءَ کي ڏاڍيءَ شفقت سان ٺپيو. شاباس! تون وڏو عقلمند دماغ آهين، ڏاڍو سٺو مغز ٿو رکين، تنهنجي هوندي مون تي ڪا به عورت قبضو نٿي ڪري سگهي!‘

مان آئيس ڪريم کائي پطراش ريسٽارنٽ مان هليو آيس ، ۽ وري ڪڏهن اوڏانهن نه ويس.

* * *

شايد چئن مهينن کان پوءِ وري سريتا سان ملاقات ٿي .’ڪف پريڊ پوائنٽ‘ جي ڀرسان، سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو ڪشتي نما ريسٽارنٽ کليو هو، جنهن ۾ نوجوان ڇوڪريون جهازين جهڙي لباس ۾ بيرن جو ڪم ڪنديون هيون.

”هاءِ سيلر!“ مان سريتا کي ڏسي بلند آواز ۾ چيو ”بير جو هڪ گلاس!“

آسپاس سڀ ماڻهو کلڻ لڳا، ڇو ته سڀني کي معلوم هو ته هتي بير جي منع آهي، ليڪن مان ته سريتا جي کل ڏسڻ ٿي چاهي، ورنه معلوم ته مون کي به هو.

پر سريتا منهنجو جملو ٻڌي بلڪل نه کلي. هوءَ منهنجي ٽيبل تي نه رڪي، پر ٻيءَ ٽيبل تان آرڊر وٺڻ هلي وئي. منهنجي ٽيبل تي هڪ ڇوڪري آئي. وڏي دلنواز ڇوڪري هئي هوءَ، بيحد مترنم ۽ پياري : چال به سٺي، ادا به سٺي، مسڪراهٽ به پياري، هر لحاظ کان سئنيما جي اشتهار وانگر مڪمل، ايئر هوسٽيس جيان مادرانه شفقت سان لبريز. هوءَ پنهنجي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي جلد ۾ ملفوف مينو سميت منهنجي ٽيبل تي جهڪي. مون کيس چيو ”مان آرڊر ڏيئي چڪو آهيان.“

”ڪنهن کي؟“

اها ئي، جيڪا توهان جي هوٽل ۾ سڀ کان وڌيڪ بد دماغ ڇوڪري آهي، ان کي آرڊر ڏئي چڪو آهيان .“

هن هڪ گهڙيءَ لاءِ پٺيري سريتا کي ڏٺو، ۽ پوءِ مون ڏانهن وڏيءَ ادا سان هڪ جڳمڳائيندڙ روشن مسڪراهٽ اهڙيءَ طرح اڇلائي، جيئن ڏياريءَ رات ٻار هڪٻئي تي چڻنگائي تيلي اڇليندا آهن. اها مسڪراهٽ چئي رهي هئي، ’هون، مان سڀ ڄاڻان ٿي!‘

هر عورت اهو ئي سمجهندي آهي ته هو مردن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي، پر اهو اسين ڄاڻون ٿا ته هوءَ ڇا ٿي ڄاڻي. ڀلا مڇي سمنڊ جي باري ۾ ڇا ٿي ڄاڻي سگهي؟

ٿوريءَ دير بعد سريتا منهنجي ٽيبل تي آئي. چيائين، ”ڊالي ٿي چوي ته تو مون کي آرڊر ڏنو آهي، پر مون نه ورتو آهي!“

”ڪهڙي ڳالهه آهي، مان هاڻي ٿو عرض ڪريان .“

”فرمايو!“هوءَ پيشيور ويٽريس وانگر مؤدب انداز ۾ منهنجي ٽيبل تي جهڪي. هن جي کليل پيشانيءَ تي سئو گهنج هئا.

مون چيو،” مون کي هڪ فراءِ مسڪراهٽ کپي، غصي ۾ تريل!“

هوءِ گهٻرائجي سڌي ٿي اٿي بيٺي. هن جي شفاف جبين تي جي گهنج هئا، سي غائب ٿي ويا. هاڻي هن جي چپن تي زهريلي کل اچي وئي، جا مون کي ڏاڍي پسند هئي.

مون هن کان پڇيو،” هن ريسٽارنٽ جي گراهڪن کي تنهنجي ڪهڙي ادا پسند آهي؟“

”اها ئي، منهنجي آواره رفتار! ڪهڙين نه گندين نظرن سان منهنجي پٺيءَ کي ڏسندا آهن.“ سريتا خفا ٿي چيو،”حالانڪ نٽشي عورت جي بي هنگم ڌڙ جي باري ۾ ايترو ڪجهه چئي ويو آهي!“

مون کانئس پڇيو،” تون نٽشي ۽ شيڪسپيئر جي مطالعي ڪرڻ جي باوجود هن ريسٽارنٽ ۾ نوڪري ٿي ڪرين!“

جواب ۾ هن چيو ته ”توهان جو مغز فرائي ڪري اچان، ڏاڍو بڪبڪيو معلوم ٿو ٿئي.“

مون مربيانه انداز ۾ چيو،” منهنجو خيال آهي ته مان توسان دلچسپي وٺي سگهان ٿو. تون مون کي اهڙي عورت معلوم ٿئين ٿي، جنهن سان ماڻهو بور ٿيڻ بنا ڏهه منٽ ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ڪرسيءَ کي اورتي سير ۽ منهنجي قريب ٿي ويهه. مان توسان آئنسٽائين جي فلسفہ اوقات تي بحث نه ڪندس، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته اگر اسان زمين کان مريخ تائين روشنيءَ جي رفتار سان اڏرون ته وقت اڌ رهجي ويندو، ۽ اسان جي دل جي ڌڙڪن به اڌ ٿي ويندي.“

”۽ جيڪڏهن مان توهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهيون ڪندي رهيس ته مئنيجر جي دل جي ڌڙڪن بلڪل ختم ٿي ويندي.“ هن طنزيه چيو،”هاڻي توهان مون کي هڪ ڊگهو آرڊر ڏيو.“ هن پينسل جي نوڪ پئڊ تي رکي.

* * *

تقريبا اٺين بجي مان پنهنجي گاڏي ڪاهي’پريڊ پوائنٽ‘ تي پهچي ويس، مون کان اڳ ۾ چار ٻيون ڪارون به بيٺيون هيون، ۽ هن جو انتظار ڪري رهيو هيون. ڪجهه وقت بعد سريتا ۽ ان ٻيڙيءَ نما هوٽل کان ٻاهر نڪتي. هاڻي هن جي ڊيوٽي ختم ٿي چڪي هئي. هن کي سرمائي رنگ جي هڪ نفيس ساڙهي پيل هئي. هٿ ۾ هڪ خوبصورت هئنڊ بيگ، چپن تي لپ اسٽڪ جو جڳمڳائيندڙ رنگ، ۽ هڪ مٺي، مهربان ۽ معصوم مسڪراهٽ!

هن ٻاهر نڪري چند گهڙين لاءِ پنهنجو هئنڊ بيگ لوڏيو، پنجن ئي گاڏين کي نهاريو، ۽ آخر شرمائيندي لڄائيندي، ساڙهيءَ جو پلئه ٺاهيندي، منهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان آئي، ۽ سوئجي موئجي منهنجي ڀرسان ويهي، مسڪين لهجي ۾ چيائين، ”هلو!“

ڪهڙو نه نرم ۽ ملائم لهجو هو، بلڪل پلاسٽڪ جو بنيل معلوم ٿي ٿيو!’هيءَ ڪهڙي سريتا آهي؟‘مان سوچڻ لڳس.

سريتا شرمائجي آهستگيءَ سان منهنجي ڪوٽ جي ڪالر کي هٿ لاتو، ۽ نرميءَ سان چيائين، ”هاڻي هلو نه!مون کي هنن مردن کان ڊپ ٿيندو آهي. ڏسو نه، ڪيئن چار ئي گاڏين وارا مون کي گهوري رهيا آهن. جلدي هلو،پران ناٿ!“

’پران ناٿ‘ تي مون کي کل اچي وئي.

”ڪمبخت، ڏاڍي سٺي ايڪٽنگ ٿي ڪري!“ اسان ٻئي زور زور سان کلڻ لڳاسين. مون ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو.

ڪار شهر کان ٻاهر روڊ تي هلي رهي هئي. جيتوڻيڪ سمنڊ جي ڪناري سان ٿي هلي، تاهم به آڪٽوبر جي ٻوسٽ کان جان جلي پئي. بمبئيءَ ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ جيل جهڙي گرمي ٿيندي آهي.

”اسين ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟“

سريتا بيپرواهيءَ سان اهڙي انداز سان پڇيو، ڄڻ چئي رهي هئي ته اسين کڻي جهنم ۾ به هليا وڃون ته کيس ڪو ئي عذر يا انڪار نه آهي.

مون چيو،” ڌار ڍنڍ تي هلندينءَ؟“

هن ڇرڪ ڀريو-”ڌار ڍنڍ تي ڇا آهي؟“

”ڪنهن به هنڌ ڇا آهي،“مون جواب ڏنو،” ۽ هر هنڌ سڀڪجهه آهي.“

”ڪنهن به هنڌ ڪجهه نه آهي.“هن بيزاريءَ سان چيو، ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي. مون چيو،؟ اتي هڪ ڍنڍ آهي، ڍنڍ ۾ پاڻي آهي، پاڻيءَ ۾ ٻيڙي آهه، ٻيڙيءَ ۾ ٻه دليون آهن، ٻن دلين ۾ خاڪ آهي، خاڪ ۾ چڻنگ آهي-“

هن منهنجي ڳالهه کي مڪمل ڪندي چيو،” چڻنگ ۾ باهه آهي،۽ باهه دل کي جلائيندي آهي!“

 مون چيو،”ڍنڍ جي ڀرسان هڪ ڊاڪ بنگلو آهي. سڀاڻي آچر آهي.“

هن چيو، مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڊاڪ بنگلي ۾ نه رهي آهيان. ڊاڪ بنگلو؟ ڊاڪ بنگلو! ڇي ڇي! ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ پوسٽ آفيس جو ننڍو ڀاءُ آهي.“

”ڪهڙي ڳالهه آهي، ان جي ڀرسان پهاڙ تي منهنجي هڪ دوست آنند جو بنگلو آهي.“ هوءَ ڄڻ گهٻرائجي وئي، ڄڻ پنهنجي دل کان ٿي پڇيائين،’هاڻي ڪهڙو بهانو ڪجي؟‘

چيائين،”ڪهڙو آنند؟“

مون چيو ڌرم پال آنند. تون ان کي نٿي سڃاڻين. هن هڪ فلم ايڪٽريس سان شادي ڪئي آهي. جنهن وٽ بليڪ جا سٺ لک رپيا آهن، ۽ عمر صرف 50 ورهيه اٿس. ليڪن ڌرم آنند پنهنجيءَ زال کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. تون کيس ڏسندينءَ ته حيرت ۾ پئجي ويندينءَ، بلڪل چينيءَ جو بنيل خوبصورت ڇوڪرو آهي. هن کي ڏسندي ئي انسان چوندو’ڇا ڪو ئي مرد ايترو خوبصورت ٿي ٿو سگهي‘!“

”واقعي؟“ هوءَ ڄڻ خوابن جي وادي ۾ گم ٿي وئي.

”ڇا ٿي سوچين؟“مون کيس گهڻيءَ دير تائين خاموش ٿي ڏسي پڇيو.

”ڪجهه نه.“ هوءَ پنهنجن خيالن کان سجاڳ ٿي، ۽ يڪايڪ هن جو چهرو بشاشت سان چمڪڻ لڳو. هوءَ مون کي تکين ۽ شرير نظرن سان ڏسي چوڻ لڳي،”چڱو، ٻڌاءِ تنهنجو نالو ڇا آهي- ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“

”منهنجو نالو جيوَن آهي. مان پهريائين هڪ اخبار ۾ رپورٽر هوس، ۽ بک مرندو هوس... هاڻي مون وٽ هڪ ڪار آهي، ۽ مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان.“

سريتا چيو،”ائين چئه ته هاڻي مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان، ۽ مون وٽ هڪ گاڏي آهي.“

مون ڪاوڙ مان چيو،” مگر منهنجو ڌنڌو بلڪل صاف آهي ۽ ايمانداريءَ جو ڌنڌو آهي. مان ٻاهران جو سون آڻيندو آهيان، اهو مون کي هت سٺ رپئين تولو پوندو آهي، ۽ نوي رپئين مان اُهو وڪڻندو آهيان. سڌو ۽ صاف ڌندو آهي، نه ڪا کٽ پٽ نه پرمٽ، ۽ نه ڪنهن کي رشوت ئي ڏيان. پنهنجو ڪم خود ڪندو آهيان. جڏهن جيل ويندو آهيان، خود ويندو آهيان، ڪنهن ٻئي کي جيل نه اُماڻيندو آهيان.“

”ڪيترا دفعا جيل وڃي چڪو آهين؟“

”ٻه دفعا.“

”ويري گڊ! ڏاڍو دلچسپ ماڻهو ٿو ڏسجين“

مون پڇيو ”هو چار گاڏين وارا ڪير هئا؟“

سريتا چيو ”نه پڇ، زندگي ڏاڍي پيچيده آهي.“

مان چپ رهيس. منهنجي پڇڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي. مون چئني کي شهه ڏني هئي. سريتا منهنجي ڪار ۾ هئي. مون کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟ ڪمبخت ڪهڙيءَ نه سولائيءَ سان منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلي آئي. ايتري آسان فتح مون کي سٺي نٿي لڳي. ٻه چار ڏينهن مون کي ساڙي ها، چڪر ڏياري ها، هزار ٻه هزار خرچ ڪرائي ها، ته مزو به اچي ها. ڪيتري نه احمق ڇوڪري هئي، ٻيءَ ملاقات ۾ گاڏيءَ ۾ ويهي گڏ هلي آئي! هيءَ ويچاري به آخر عورت نڪتي. مون کي سريتا تي رحم اچڻ لڳو. مون پنهنجو بازو سندس پٺيءَ طرف ورايو. سريتا هڪدم تڙپي ٿورو اڳتي ٿي ويئي. پوءِ هن پنهنجي بيگ کولي.ان مان هڪ هٿ جو پنکو نڪتو. هوءَ ان کي کولي هڻڻ لڳي.

”افوه، ڪيتري نه گرمي آهي!“

اهو هڪ نفيس، خوشنما، هٿ جو چيني پنکو هو، صندل جي ڪاٺيءَ جو بنيل. سوڙهو ٿي ٻن آڱرين ۾ اچي ٿي ويو، ۽ ويڪرو ٿي سارو چهرو ڍڪي ٿي سگهيو. يڪدم سريتا هڪ ادا سان پنهنجو منهن چيني پنکي جي اوٽ ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جي شرير نگاهن منهنجي دل ۽ جگر ۾ عجيب قسم جي هلچل مچائي ڇڏي. مون پنهنجو هٿ وڌايو. سريتا فوراً اهو پنکو کولي منهنجي سامهون ڪيو. چيائين،

”ڏس،هن تي ڇا لکيل آهي؟“

مون چيني پنکو پنهنجي هٿن ۾ ڪيو. ان کي سنگهيو، صندل جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ ان جي ذري ذري مان اچي رهي هئي. آخري ٻن پتن تي ٻه تصويرون اڪريل هيون. هڪ طرف هڪ پهاڙ جي هيٺان هڪ چيني مرد بيٺو هو، ۽ ٻئي طرف هڪ عورت ’تنگ‘ جي وڻ هيٺان بيٺي هئي؛ وچ وارن نازڪ ۽ نفيس پتن تي چيني زبان ۾ هڪ عبارت اُڪريل هئي.

”ڇا، تون هن کي پڙهي سگهين ٿو؟“سريتا مون کان پڇيو.”هن پنکي تي ڪهڙي عبارت لکيل آهي؟“

مون چيو،” جان من! مان هن کي پڙهي ته نٿو سگهان البت سنگهي سگهان ٿو.“ مون چيني پنکي کي زور زور سان سنگهيو- ”هاءِ، مون کي ته هيءَ محبت جي ڪهاڻي ٿي معلوم ٿئي!“

سريتا چيو،” جيستائين ڌار ڍنڍ تي تنهنجي ڌر پال آنند جي گهر تائين پهچون، تيسين اچ ته هن محبت جي ڪهاڻي کي پڙهون... مان عورت ٿي بنجان،تون مرد بنج.“

”بنجڻ جو مطلب؟مان ته مرد آهيان،جيئن تون عورت!“

سريتا ڪاٺيءَ جي خوشنما پتن تي آڱر رکندي پڇيو، ”هيءَ عبارت کاٻي کان ساڄي پڙهبي يا ساڄي کان کاٻي؟“

”مٿان کان هيٺ.“ مون نرميءَ سان چيو.” هيءَ محبت جي ڪهاڻي آهي نه!“

سريتا کلي. کلندي، هن پنهنجي سنهڙي آڱر عورت جي تصوير هيٺان لکيل عبارت تي رکي، ۽ چيائين:

”مان،... مي ماؤ

فاؤ چانگ علائقي جي عورت،

تنگ جي وڻ جي هيٺان،

ڍنڍ جي ڪناري، تنهنجو انتظار ٿي ڪريان.“

مون مرد جي تصوير جي هيٺان آڱر گهمائيندي چيو:

”مان، ڪواتنگ پهاڙن جو مرد،

برفاني چوٽين تان لهي،

جبل جي جهنگلن کان گذرندو،

روان دوان ندين سان کيڏندو،

ڍنڍ جي ان ڪناري تي پهچان ٿو،

جتي تون بيٺي آهين.“

”تون هتي ڇو آيو آهين، مرد؟“

”تون هتي ڇو بيٺي آهين.عورت؟“

”مان ڍنڍ ۾ پنهنجي لرزندڙ جسم جو عڪس ٿي ڏسان.“

”۽ مان پاڻيءَ ۾ ترندڙ تنهنجي خوبصورت چهري جو عڪس ٿو ڏسان.“

سريتا چيو” فاؤچانگ ۾ اکروٽ ماکيءَ جهڙا مٺا ٿيندا آهن.“

”۽ چانورن جا داڻا عورت جي سنهڙين آڱرين جي پورن جهڙا نازڪ ۽ حسين ٿيندا آهن.“

”فاؤچنگ جي ڍنڍ جا جيترا نغما آهن،

اُهي بهار جي موسم ۾ ’تنگ‘ جي درختن تي سرخ گل بنجي کڙندا آهن.“

”فاؤچنگ جي علائقي جي عورت پنهنجي گهر ۾ مطمئن هوندي آهي.“

”اجنبي، هن ڍنڍ ۾ ترندڙ عڪس نه ڏس!“

مون چيو،”منهنجي ڪواتنگ جي پهاڙن تي هميشه برف هوندي آهي؛

اتي سرد پهاڙ آهن،۽ اگهاڙا نوڪدار پٿر:

مون وٽ ڪجهه به نه آهي-

نه اکروٽ، نه چانور، نه ڍنڍ، نه نغما-

پوءِ به مي ماؤ ۾ تنهنجو عڪس ڏسان ٿو،

 ڇو ته مون کي تو سان محبت آهي.“

 سريتا چيو،

مان تنهنجي لاءِ ڪواتنگ جي پهاڙن تي وينديس،

نوڪدار ۽ برف سان ڍڪيل اگهاڙن پهاڙن تي ننگن پيرن سان گهمنديس،

طوفاني زوردار هوائن سان مقابلو ڪنديس،

 سرد پهاڙن تي رهنديس،

۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا خوبصورت ٻار پنهنجيءَ ڪُک مان پيدا ڪنديس، ڇو ته مان عورت آهيان،“

 اوچتو سريتا دستي پنکو بند ڪري پنهنجيءَ هنج ۾ رکيو، ۽ ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو منهن ڇپائي روئڻ لڳي.

 روئندي روئندي سريتا زياده دلڪش نظر اچڻ لڳي. هن جا رخسار جذباتي هيجان سبب سرخ ٿي ويا. وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ شفق جي لالائي ڇانئجي ويئي، ۽ ڀنل ڇپرن تي ڳوڙهن جا شفاف شبنم جهڙا موتي جهلمل ڪرڻ لڳا، مون کيس سهارو ڏيئي پنهنجي ڪنڌ تي ليٽايو، ۽ هن جو چهرو پنهنجن هٿن ۾ جهلي سندس اکڙين ۾ گهوريم. ڳوڙهن ڳاڙڻ بعد عورت ڪيتري نه ملائم ۽ نرم ٿي پوندي آهي- جيئن بارش کان پوءِ ڌرتي آلي ۽ نرم ٿي پوندي آهي. اُن وقت عورت جي ڪمزوريءَ جي هڪ عجيب ۽ خطرناڪ ڪيفيت ٿي پوندي ، جنهن کان بچاءُ مشڪل ٿي پوندو آهي. مان ته عورت کي روئڻ وقت ۽ ٻار کي کلڻ وقت پيار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهيان. اهڙو احمق آهيان!“

مون سريتا کان پڇيو ”ڇا ياد آيئه؟“

 ” راهگذر ياد آئي!“ هن ڪنڌ هيٺ نمائي وراڻيو.

”اوهان عورتن ۾ بس اها ئي خامي آهي.“ مون ٿورو ڪاوڙ منجهان چيو، ”اهڙي موقعي تي روئي ڏينديون آهيو جو ماڻهو بيوس ٿي پوي. مون کي ڏس، چڱو ڀلو پنهنجيءَ جاءِ ويٺو آهيان، ڪنهن به طرح توکي پريشان نٿي ڪيم، ليڪن تو پنهنجيءَ ان حرڪت جي ڪري منهنجي موڊ آف ڪري ڇڏي. بس انهيءَ ڪري ته مون کي اوهان عورتن کان نفرت هوندي آهي!“

مان هن کان جدا ٿي ويٺس، سچ پچ ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.

سريتا مشڪي پنهنجا ڳوڙها اگهيا.

مون پڇيومانس، ”تو بي. اي ڪئي آهي؟“

 هن وراڻيو، ”بي.اي به ڪئي اٿم ۽ ان کان پوءِ ”لا“ به.“

”لا ڪيو اٿئي ته پوءِ وڪيل ڇو نه بڻينءَ؟“

”هن دنيا ۾ انصاف ڪٿي آهي!“ جواب ۾ سريتا چيو.

”انصاف نه سهي، وڪالت ۾ تو کي عزت ته ملي ها نه.“

هن دنيا ۾ اها عورت وڏي خوشنصيب آهي، جنهن کي عزت ٿي ملي.“

 ”چڱو، ڇڏ عزت کي دولت ته ملئي ها، هن بيري گيريءَ کان ته زياده ملئي ها.“

 ”ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! تو کي خبر آهي.“ سريتا غصي ۾ چيو، ”هن بيري گيريءَ ۾ هڪ معمولي طالب علم به ڪافي پيئڻ ايندو آهي، مون کي هڪ رپئي کان گهٽ ٽِپ نه ڏيندو آهي. هڪڙو شخص آهي جو پنج رپيا ٽِپ ۾ ڏيندو آهي، پوءِ ڇو نه اٺين آنين جو بل هجيس. هڪ واپاري آهي، اهو گذريل پندرنهن ڏينهن کان رات جو ڊنر کائڻ ايندو آهي، ۽ سئو رپين جي نوٽ منهنجي هٿ تي رکندو آهي، هر روز شام جو ان جي گاڏي منهنجو انتظار جدا ڪندي آهي. اڄ ان کي پندرنهن ڏينهن ائين ڪندي ٿيا آهن.“

”پوءِ؟“ مون پڇيو”اڃا ٻه- چار مهينا وڌيڪ انتظار ڪندو.“ سريتا انداز سان چيو. ” مان انهن مردن کان هڪ-هڪ ڪري انتقام وٺنديس!“

 ”هن وقت تائين گهڻا انتقام ڳڻي چڪي آهين؟“ مون کانئس پڇيو. جملو سخت تيز هو، ان ڪري زوم مان هڪ مڪ وهائي ڪڍيائين... وري هڪ ٻي- وري هڪ ٻي- ۽ مون پنهنجي بچاءَ ۾ سندس ٻئي هٿ پڪڙيا، تڏهن وڃي بس ڪيائين. ان وچ ۾ هن مون کي بي ضرور گاريون پئي ڏنيون. جي مان ٻڌندو رهيس ۽ کلندو رهيس.

 ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين، ”ڇا، سون کانسواءِ عورتون به سمگل ڪندو آهين؟“

 مون چيو، ” هر قيمتي شيءِ سمگل ٿيندي آهي. چئين ته مان توکي به هن ڪار مان غائب ڪري ڇڏيان، جيئن جادوءَ جي زور سان تاس جو پتو: ۽ جڏهن صبح جو تنهنجي اک کلي ته تون پاڻ کي بغداد جي ڪنهن ڪنڊ ۾ يا روم جي ڪنهن بازار ۾ ڏسين!“

 ”هيئن!“ مون چپٽي وڄائي.

”نه بابا!“ سريتا جي جسم ۾ ڊپ جي لهر ڊوڙي ويئي. ” مان اِتي ئي ٺيڪ آهيان.“ گاڏي هاڻي پهاڙ جي چاڙهيءَ تي چڙهندي اوڏانهن وڃي رهي هئي. جتي منهنجي دوست آنند جو گهر هو. مون سئچ دٻائي ڪار جي اندر روشنائي ڪئي ۽ سريتا کي چيو، پف پائوڊر جي الم غلم سان پنهنجي چهري جي مرمت ڪر، آنند جو گهر ويجهو آهي.“

سريتا ڪمپئڪٽ کوليو.

* * * *

بنگلي ۾ اسان کي آنند جو بيرو مليو، جنهن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته آنند جي زال گهر ۾ موجود نه آهي؛ اها لکپتڻ فلم فلم ايڪٽريس، تاج هوٽل ۾ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ وئي آهي، شام کان غائب آهي.

”۽ هو نکٽو ڪٿي آهي!“مون بيري کان پڇيو.

”ڪو به نکٽو صاحب هيڏي ڪو نه آيو آهي.“ بيري حيران ٿي چيو.

”اڙي، هن ڳاڙهي جهنڊيءَ، آنند لاءِ ٿو پڇان.“

”آنند صاحب ته پنهنجي بيڊ-روم ۾ آهي.“

”ڇا ٿو ڪري؟“

”وسڪي ٿو پيئي.“ بيري وراڻيو.

مون سريتا کي ٻانهن کان پڪڙي گهليندي چيو،” جلدي هل، سريتا، ورنه هو ڪمبخت ساري بوتل ختم ڪري ڇڏيندو.!“

 خوش رو، خوش اخلاق، خوش نصيب آنند، پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو وسڪي پي رهيو هو. جڏهن اسين اطلاع ڏيڻ بنا سندس ڪمري ۾ پهتاسين ته هو پئگ بنائي ان کي چپن تائين آڻڻ وارو هو. اسان کي ڏسي هراسجي ويو. پاڻ سنڀاليائين، ليڪن يڪايڪ سندس هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ۽ فرش تي ڪري چڪنا چور ٿي ويو.

”اهڙين ڦوٽاريل اکين سان ڇو ٿو ڏسين، مان تنهنجو دوست آهيان- جيون! ڪو ڀوت جن نه آهيان.“مون کلي چيو.

هن آهستگيءَ سان چيو،” هڪ منٽ لاءِ ته مون به ائين سمجهيو ته ڪنهن ڀوت يا جن کي ڏسي رهيو آهيان.“

مون تعارف ڪرايو،” هيءَ سريتا آهي- هي آنند آهي.“

آنند هٻڪ سان رڪي رڪي پڇيو.“ هيءَ-هيءَ- تنهنجي زال آهي؟“

سريتا تيزيءَ سان چيو،” نه سائين، مان هن جي محبوبه آهيان- هڪ رات جي محبوبه!“

ان کان پوءِ هوءَ اطمينان سان ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ چيائين،” هڪ پئگ بنايو.“

رات، لطيف ۽ ملائم، ائين هوريان هوريان گذري رهي هئي، جيئن وسڪي نڙيءَ کان لنگهندي آهي.ان رات ۾ پراڻن گلن جي خوشبو هئي،۽ هڪ افسرده نشو هو. اسين ٽِئي خاموش هئاسين- پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم- پنهنجن پنهنجن پيالن ۾ وڃايل _ پنهنجن پنهنجن سپنن ۾ ستل. اچانڪ سريتا ڄڻ جاڳي چيو ”وسڪي ختم ٿي وئي!“

آنند اٿي ٻي بوتل ڪڍي.

سريتا چيو”هن بيڊ –روم ۾ ڏاڍي ٻوسٺ آهي، ٻاهر ڇو نه هلون؟“

اسين سڀ وسڪي کڻي ٻاهر آياسين، ۽ بنگلي مغربي ڏاڪڻ تي ويهي رهياسين. مان ۽ سريتا گڏ ويٺا هئاسين. آنند پٿر جي هڪ ڏاڪي تي ائين ويٺو هو، جتان اسان کي ڏسي ٿي سگهيو. سامهون سبز نوڪداربانس جو جهنڊ هو، جو چيني پنکي جيان ٽڙيو بيٺو هو. بانس جي جهنڊ جي پريان باغ هو، جنهن جي نظر نه ايندڙ گلن جي مهڪ ۽ خوشبو اسان جي ساهه ۾ سمائجي رهي هئي.

”هاڻي ٿوريءَ دير کان پوءِ چنڊ اڀرندو!“ آنند آهستي چيو ۽ چپ ٿي ويو.کيس ڪنهن به جواب نه ڏنو.

گهڻي وقفي بعد سريتا پڇيو ، توهان جي اهليه محترمه اڃا نه آئي آهي؟“

”اها دير سان ايندي آهي.“

”۽ ڪڏهن ڪڏهن نه به ايندي آهي“ سريتا پڇيو.

”ڇو نه ايندي آهي؟“ سريتا وري پڇيو”فلمي لائين کان ته عرصي ڪناره ڪش ٿي چڪي آهي. هاڻي ڪاڏي ويندي آهي؟“

”خبر نه آهي ڪيڏانهن ويندي آهي. ليڪن مون کي هيءَ وسڪي، بنگلو، ڪار- سڀڪجهه ڏئي ويندي آهي.“

”تون پنهنجي زندگيءَ مان خوش آهين؟“

آنند وسڪيءَ جو وڏو ڍڪ ڀري چيو،”ڪافي وقت ٿيو ان ڳالهه کي جو هڪ سوال منهنجي آڏو آيو خوشي يا دولت؟ مون دولت کي چونڊيو. مون کي شڪايت ڪرڻ جو حق ئي ڪونه آهي.“

”تون انسان آهين يا سوئر؟“ هڪدم سريتا رڙ ڪري چيو.

آنند وسڪي ءَ سان ڀريل گلاس هن جي منهن تي هڻڻ وارو هو ته مون سندس هٿ پڪڙيو. اڌ کان وڌيڪ وسڪي منهنجي هٿن تي هارجي پئي. آنند پوئتي هٽي ويو ۽ اسان کي پٺي ڏئي ويٺو.

مون سريتا کي چيو ”هيءَ تنهنجي انتها بدتميزي آهي. شراب جي نشي ۾ تون پنهنجو پاڻ وساريندي ٿي وڃين!“

”وسارڻ چاهيان ٿي، مگر وساري نٿي سگهان.“

”آنند کان معافي وٺ!“

هڪدم آنند اٿي کڙو ٿيو ۽ سختيءَ سان چيائين، ”نه نه، معافي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ، مان وڃان ٿو. اڄ رات هي گهر توهان جي حوالي آهي!“

هن گلاس کي بانس جي جهنڊ ۾ اڇلايو، ۽ جلدي اتان هليو ويو. مون کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن هو نه رُڪيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سندس ڪار اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

سريتا آهستي آهستي کلڻ لڳي. مون سندس هٿن مان گلاس کسڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،”وڌيڪ نه پيءُ، تون هوش ۾ نه آهين.“

آنند جي ڪار لاهي لهي هيٺ رستو اختيار ڪيو. ڪار جي پٺيان ڳاڙهيون بتيون ڪڏهن وڻن ۾ غائب ٿي ٿي ويون ٿه ڪڏهن دور سڙڪ تي ٽم ٽم پئي ڪيائون. آهستي آهستي اهي به گم ٿي ويون.

سريتا گوڏن ۾ منهن لڪائي دٻيل سڏڪا ڀرڻ لڳي.

اچانڪ چنڊ بانس جي جهنڊ مان اڀريو، ۽ بانس جي هڪ شاخ جو سهارو وٺي حيران ۽ پريشان سريتا کي گهورڻ لڳو.

سريتا منهن مٿي ڪيو ۽ چنڊ کي تيز نظرن سان گهوريندي چيائين، ”منهنجي طرف ڇاٿو ڏسين؟ مون تي کلين ٿو! ڌوڪيباز، ڪو ڙا، فريبي چنڊ!“

سريتا گلاس ڇڪي چنڊ جي چهري تي اڇليو. گلاس بانس جي جهنڊ ۾ وڃي ڪريو، ۽ ان جي ٽٽڻ جو آواز آيو، شاخون پنهنجي جڳهه تي ڌڏيون ۽ وري ساڪت ٿي ويون.

سريتا سڏڪا ڀريندي چيو، ”ڪٿي ڪجهه ڀڄي ٿو، پوءِ به ڪجهه نٿو ٿئي. ٽاريون لڏن ٿيون، وري هڪ هنڌ ٿيون رهن.“ هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي.

مون هن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو. نشي ۾ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ سندس جسم بانس جي ٽاريءَ وانگر پئي ڏڪيو. بيڊ- روم جي ڀرسان پهتاسين ته هوءَ پاڻ ڇڏائي اٿي بيٺي، ۽ منهنجي طرف آڱر جواشارو ڪري چيائين، ”مان هن بيڊ- روم ۾ سمهنديس، تون هن بيڊ-روم ۾ وڃي سمهه!“

”ڇو؟“

”مان اڄ رات غم سان گڏ گذارڻ ٿي چاهيان.“

”تنهنجو ڪهڙو غم آهي؟“

”توکي ڇو ٻڌايان، تون منهنجو ڪير آهين؟“

مون چيو،”مان هنِ بيڊ-روم ۾ سمهندس.“

سريتا ڪرڙين نگاهن سان گهوريندي چيو،”جيڪڏهن تون انسان آهين ته هن بيڊ-روم ۾ وڃي سمهه، ۽ جيڪڏهن سوئر آهين ته منهنجي ڪمري ۾ ايندين!“ ايترو چئي سريتا جلدي دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو، ۽ مان آهستي آهستي ٻئي بيڊ-روم ۾ وڃڻ لڳس.

صبح ٿيو ته سريتا وڃي چڪي هئي. ٽيبل تي هڪ خط پيو هو. خط تي چيني پکو پيو هو. مون خط کنيو . لکيل هو:

”مون سمجهيو هو ته آءُ سڀ ڪجهه وساري چڪي آهيان، ليڪن عورت وسارڻ چاهيندي به نٿي وساري سگهي. هر زخم هن جي روح ۾ هميشه تازو ٿو رهي؛ ڪڏهن نٿو ڀرجي، سدائين سڙندو ٿو رهي. آنند منهنجو مڙس آهي ! هن محبت کي ٺڪرايو، ۽ دولت سان شادي ڪيائين. اڄ مان کانئس انتقام وٺڻ آئي هيس، پر عين وقت تي منهنجي اندر واريءَ عورت منهنجو ساٿ نه ڏنو منهنجا خريدار، مان توکان معافي ٿي گهران. مان بمبئيءَ کان گهڻو پري ٿي وڃان. هڪ ننڍڙي دور افتاده شهر ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ٻار پلجي رهيو آهي--- منهنجو ۽ آنند جو ٻار---مان ان وٽ ٿي وڃان.“

* * *

ڪيترائي سال گذري ويا. اهو چيني پنکو اڄ مون وٽ موجود آهي. ان کي کوليان ٿو ته ان مان هڪ اهڙي خوشبو ايندي آهي، جا تيز ٿي وري سرد ٿي ويندي آهي: وري طوفان جهڙيون هوائون شروع ٿينديون آهن ، ۽ ڪوئي ڏاڍي ڏکويل ۽ دلدوز سنجيده آواز ۾ چوندو اٿم:

”اي اجنبي!

مان تنهنجي خاطر برفيلن پهاڙن تي وينديس،

طوفاني جهڙپن سان مقابلوڪنديس،

سرد پهاڙن تي رهنديس،

نوڪدار پٿرن تي اگهاڙن پيرن سان گهمنديس، ۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا ٻار پنهنجيءَ ڪُک مان پيدا ڪنديس، ڇو ته عورت آهيان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com