طالب کي کائڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي، پر جي پاڻ کي
بکيو محسوس ڪري ته فقر يعني گدائي ڪري. فقر وقت
سندس روش شهباز وانگر هجي يعني جيڪڏهن هڪ دفعي
ارادي ڪرڻ سان کيس ڪا شيءَ ملي وڃي ته وٺي کائي نه
ته باز رهي. طالب کي کپي ته جڏهن سون قسمن جا طعام
سندس آڏو اچن تڏهن پيٽ جو فقط ويهون حصو ڀري کائي.
طالب کي گهرجي ته ايتري بک ڪڍي جو سندس قضا حاجت
ٻليءَ برابر هجي. ان کان پوءِ بک ۾ اڃا وڌيڪ اضافو
ڪري تان جو سندس قضا حاجت ڪُئي جي اخراج برابر
هجي.
چيائون ته فقر يا گدائي وارو طعام پاڪ آهي ۽ جڏهن
اهو کڻي فقير اندر داخل ٿئي ٿو ته خدا تعاليٰ
جبرئيل عليہ السلام کي حڪم ڪري ٿو ته اتي پهچي ۽
پنهنجا پک کولي انهيءَ طعام کي هر شڪ شبهي کان
محفوظ ڪري. جيڪو شخص فقر جي لاءِ گدائي ڪري ٿو، پر
پاڻ ان منجهان نٿو کائي، تڏهن به ان کي برڪت حاصل
ٿيندي. خدا جي راهه ۾ گدائي ڪرڻ فقيرن جو طريقو
آهي.(64) مقولو آهي ته ”الجوع طعام الله في الارض“
يعني ”بک الله جي طرفان طعام آهي هن ڌرتيءَ تي“
مثال ڏيندي چيائون ته جيڪر توهين پاڻ ڪجهه به نه
ڪريو. ڇو ته توهان کي پڪ آهي ته اڄ توهان جي ٻي
هنڌ دعوت آهي. پوءِ جڏهن الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾
رزق جي ضمانت کنئي آهي ۽ ان جو هر وعدو سچو آهي ته
اوهان کي يقين ڇو نه ٿو اچي ۽ رزق جي طلب ۾ حيران
پريشان ڇو ٿا ٿيو يا رڳو پنهنجي ڪمائي ۽ ڪسب تي
اعتماد ڇو ٿا ڪريو.
طالب کي گهرجي ته ماڻهن سان شروع کان وٺي جيڪا
آشنائي ۽ گهرائپ رکي ٿو، ان کي ختم ڪري ۽ ٻيهر
اهڙي گهرائِپ کان پاسو ڪري. بلڪ طالب کي خلق کان
ائين ڀڄڻ گهرجي، جيئن ڪانءَ ڪمان کان ۽ ماڻهو
شينهن کان ! طالب کي گهرجي ته هميشه هيڪلو رهي ۽
پنهنجي نظر پنهنجي سيني تائين محدود رکي.
جيڪڏهن ڪو طالب زبان سان ياد الهيٰ ۾ مشغول آهي،
پر دل ۾ خدا کي وساري ويهي ٿو. ان جو مثال انهيءَ
هرڻ جهڙو آهي جنهن کي شڪاريءَ جو تير لڳو آهي ۽
انهيءَ حالت ۾ شڪاريءَ کان ڀڄي نڪتو آهي. هاڻي
سندس زخم پچي پيو آهي ۽ ان ۾ ِڪيئان پئجي ويا آهن
۽ ڏاڍي سور ۾ مبتلا آهي. پر جيڪڏهن پهرين تير لڳڻ
سان ئي زمين تي ڪري ها ته جيڪر حلال ٿي پوي ها،
سڀني کي فائدو به پهچي ها ۽ انهيءَ سور يا مصيبت
کان به ڇٽي پوي ها.(65) طالب کي ڪمند جي ڇڙيءَ
وانگر ٿيڻ کپي. جنهن جي پاڙ ۽ پڇڙي ٻئي بيڪار آهن.
باقي وچ سٺو ۽ بهتر آهي ۽ اهو ئي لذيذ ۽ مٺو آهي.
اهڙيءَ طرح ٻڍاپڻ ۽ ٻالڪپڻ ٻئي بيڪار آهن. ان ڪري
عبادت ۽ توبہ جو وقت جوانيءَ ۾ آهي. ان ۾ ئي عبادت
جو مزو وٺجي ۽ حق جي يادگيريءَ ۾ مشغول رهجي، ته
جيئن جوانيءَ واري عبادت جي برڪت سببان ننڍپڻ جون
خطائون معاف ٿين ۽ پيريءَ ۾ سرخرو ٿئي. جيئن قول
آهي ته ان الحسنات يذهبن السيات (114:11) يعني
بيشڪ نيڪيون براين کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون.
طالب کي گهرجي ته ٺڪر جي ڪُني وانگر ٿئي، جنهن کي
پاڻيءَ سان ڀري باهه تي رکندا آهن، جيڪڏهن باهه جي
تو تي منجهس ڏار يا هلڪو سوراخ ٿي پيو ته پوءِ
هميشه پيو عذاب سهندو.
[28]
جي مون سڏ ڪِئا، ڀنڀوران ٻاهر ٿي،
سي جي پرين سُئا، ته هوند نه وئا نڪري.
]ڀنڀور
کان ٻاهر نڪري جيڪي مون سڏ ۽ واڪا ڪيا، سي جيڪڏهن
منهنجو پرين ٻڌي ها ته جيڪر ائين هليو نه وڃي ها[
طالب کي گهرجي ته جڏهن سفر ۾ هجي ته ڪنهن جو مهمان
نه ٿئي. جڏهن رات پويس ته انتظار ڪري ته جيئن ڳوٺ
وارا سمهي پون ۽ ڳوٺ ۾ داخل ٿئي. فقير کي گهرجي ته
اڪيلو رهي ۽ ماڻهن سان نه ملي. بيابان ۾ يا اهڙي
جاءِ ۾ رهي جتي کيس ڪو ڏسي نه سگهي.(66)
صلح ۽ امن سڃ ۽ ويرانيءَ ۾ آهي. خزانو به ويرانيءَ
۾ ملندو. اهڙيءَ طرح محبوب پڻ اڪيلائي ۾ ملندو!
[29]
وَرُ سا سڃي ويڙِ، جتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳئي ڦيرِ، جّتي ڪوڙ ڪُماڙ
هئين.
]اها
سڃ گهڻو بهتر آهي جتي محبوب اڪيلو ملي وڃي. اهو
ماڳ ئي مٽي ڇڏجي، جتي خراب ماڻهن جي گهڻائي هجي.[
فرمايائون ته جن ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا شيطان جي
صورت ۾ ته ٻيا انسان جي روپ ۾. شيطاني جن لاحول
پڙهڻ سان ڀڄي وڃن، پر انساني جن ڪڏهن به نه ٽرن.
هڪڙو انساني جن هزار شيطاني جنن کان وڌيڪ خراب
آهي.
جڏهن کان خبر پيم ته نماز جي پهرين صف ۾ بيهڻ سان
تمام گهڻو ثواب ملي ٿو، تڏهن کان پهرين صف ۾ بيهڻ
ڇڏي ڏنم ته جيئن ٻيا ثواب ڪمائي وٺن.
هڪ مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن مون نماز جي
امامت ٿي ڪرائي جو حضرت جن به اچي پٺيان نماز ۾
شامل ٿيا. دعا گهرڻ وقت به ڏٺم ته پاڻ ويٺا هئا.
ان کان پوءِ جڏهن اٿي گهر ڏانهن هلڻ لڳا ته آءٌ به
سندن پٺيان اٿي هليس. مون کي ڏسي چوڻ لڳا ته دعا
ڏاڍي پرجوش انداز سان گهري اٿئي ۽ اسان کي اها
ڏاڍي سٺي لڳي. تاهم افضل اهو آهي ته پنهنجي حال کي
ظاهر نه ڪجي. جيتوڻيڪ حال لڪائڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه
آهي، خاص طور جڏهن اهو ڪنهن تي ظاهر ٿي پوي. ان
کان پوءِ هي نقل ٻڌايائون.
هڪ عورت ۽ سندس سهرو گڏ ڪنهن جهنگل مان وڃي رهيا
هئا.(67) جڏهن وچ رستي تي هئا ته عورت کي اچي ويم
جا سور ٿيا ۽ ڏاڍو پريشان ٿي. هاڻي جيڪڏهن آواز ٿي
ڪري ته سهري کي ٿي خبر پوي، پر جي لڪائي ٿي تڏهن
به سور ۽ ايذا کيس صبر ڪرڻ ڪو نه ڏيندا ۽ آخر
لاعلاج ٿي دانهون ڪرڻ لڳندي.
چيائون ته جيڪڏهن پهرين تير سان شڪار هيٺ پٽ تي
ڪريو ته حلال به ٿيندو، پر جي نه ڪريو ۽ ٿورو اثر
ٿيس، ته اهو ڪم کان ڇٽو ۽ هميشه لاءِ مصيبت ۾ پيو.
طالب کي ننڊ نه ڪرڻ گهرجي، بلڪ ويٺو رهي پوءِ
جيڪڏهن ننڊ مٿس غلبو ڪري ۽ بيوس ٿي ڪنهن طرف ليٽي
پوي، ته اهو ئي سندس قبلو آهي. طالب کي ڏينهن توڙي
رات جو پير ڊگها ڪري سمهڻ نه گهرجي. جيڪڏهن فقير
کي ننڊ ۾ سار ٿي پوي ته اٿي ويهي رهي، تان جو وري
اچي کيس جڏهن ننڊ ورائي ته پوءِ سمهي پوي.
هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪو فقير ڄنگهون
ڊگهيري ويٺو هو جو پاڻ ان کي هٿ سان اشارو ڪري
چيائون ته گودڙي کي پنهنجي ڪلهن تي رکي آرام سان
ويهه. فقير چيو ته حضرت جن جو اهو سخن منهنجي دل
تي اهڙو نقش ٿي ويو جو ان کان پوءِ ڪڏهن به پير
ڦهلائي نه ويٺس.
جيڪي به خدا جا طالب ٿيا آهن، انهن دنيا کان سرد
مهري اختيار ڪئي آهي ۽ ان کي خوار خراب سمجهيو
اٿائون، پر جيڪي دنيا جا طالب ٿيا، اهي وري خدا
کان محروم رهجي ويا.
هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت پير جن ڪنهن
ڳوٺ ڏانهن ٿي ويا، آءٌ ۽ هڪ ٻيو فقير سندن خدمت ۾
هئاسون. واٽ تي ان فقير جو پيءُ اچي ساڻن مليو ۽
عرض ڪيائين.(68) ته هن خادم يعني سندس پٽ کي دعا
ڪريو ته ڪپڙي لٽي پائڻ جو خيال رکي ۽ منهنجي حقن
جو به ڌيان ڪري. اهو ٻڌي حضرت پير جن مسڪرائڻ لڳا
۽ چيائون ته اها دعا هرگز نه ڪبي بلڪ اها دعا
گهربي ته شل خدا جي طلب ۾ مشغول رهي ۽ ان واٽ کي
ڪڏهن به نه ڇڏي.
فقير کي گهرجي ته سڀ لاڳاپا ختم ڪري ۽ هيڪلائي
يعني تجرد اختيار ڪري.
[30]
جي تَجرِيدان نڱئا، پيٺا ۾ َتفريد،
ڪن ڪڏهين ٿئي، هن ڏهاڙي عيد.
”جيڪي تجريد جي حالت مان نڪري تفريد ۾ داخل ٿين
ٿا، پوءِ انهن جي ڪڏهن ڪڏهن نه، بلڪ هر روز عيد
ٿئي ٿي.“
فقير کي گهرجي ته پهريائين
”تجريد“ جي تڪميل ڪري، پوءِ ”تفريد“ جي پڇا ڪري،
جيڪڏهن ڪو چوي ته آءٌ فقير آهيان، پر خلق سان ملڻ
جلڻ ۾ فائدو آهي، ته اهو فقير ناهي.
[31]
ڀنڀورا ٻه ٿوڪ، ڪنهن نه ِنيا پاڻ سين،
سِڪڻ سپرين کي، لاڳاپاسين لوڪ.
]ڀنڀور
مان ڪو به ٻه شيون پاڻ سان کڻي نه سگهيو آهي، هڪ
سپرين جي سڪ ۽ ٻيو خلق سان واسطا ۽ لاڳاپا.[
فرمايائون ته دل جو سڪون اسبابن جي ترڪ ڪرڻ ۾ آهي
۽ نه انهن کي گڏ ڪرڻ يا جمع ڪرڻ ۾! انهيءَ ڪري
جيڪڏهن ڪو فقير ڀلي سچيءَ دل سان نه سهي، پر ڪوڙي
دل سان ئي هڪ سال ڪنهن حجري اندر هيڪڙائي ۾
گذاريندو ته خدا تعاليٰ انهيءَ جي دل مان اهو ڪوڙ
ڪڍي کيس سچ سان نوازيندو. ”الشهرةِ آفةِ ولکن
الناس يحبونها والوحدةِ راحةِ و لکن الناس لايرضون
بها“. يعني ”مشهوري مصيبت آهي پر ماڻهو ان کي پسند
ڪن ٿا، ۽ هيڪڙائي راحت آهي پر ماڻهو ان ۾ خوش
ناهن.“
[32]
ونگا ور پاڳن، گهور ابتي گهوٽن،
سيڱڙيين ڀُرُ ڏئو، وئا ڪڇ چرن.
”انهن جي پڳن جا ور ڏنگا آهن ۽ اهي گهوٽ نظر به
ٻئي طرف رکن ٿا، هو پنهنجي سينڱ يعني ڪمان جي زور
تي، ڪڇ جي ملڪ ۾ چرندا ۽ گهمندا وتن ٿا.“
وڌيڪ چيائون ته اهي ”ڪمال همت“ وارا آهن،
فرمايائون ته روئڻ جا ويهه قسم آهن. انهن مان فقط
هڪڙو خدا ڪارڻ آهي ۽ باقي اڻويهه خدا کان سواءِ
غير جي واسطي آهن.
[33]
نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هُون،
ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون.
]نينهن
نياپي سان نٿو ٿئي ۽ نه وري رڳو سڌن ڪرڻ سان محبوب
ملي ٿو، بلڪ جيستائين اونداهين راتين ۾ اکيون رت
جا ڦڙا نٿيون روئن.[
چيائون ته ان طالب کي ڇا حاصل ٿيندو جنهن جي دل
حرص و هوس سان ڀريل آهي. ائين چئي قاضي قادن رحمةِ
الله عليہ جو هي بيت پڙهيائون:
[34]
سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءَ ٿيا،
هيڏان هوڏان هٿڙا، هيئن جاڙ وڌام،
]سڄڻ
منهنجي اندر ۾ هئا، ۽ مون ويٺي ئي غائب ٿي ويا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون اجايون پئي ڏنم.[
طالب کي گهرجي ته پنهنجو وجود وڃائي، ته پوءِ اهو
راز معلوم ٿيندس جيڪو ”فصوص“ ۽ ”لمعات“(70) جيڪي
تصوف جا اعليٰ ڪتاب آهن، انهن مان به هٿ نه ايندس.
فارسي شعر
رونفي وجود کن که يا بي،
سري که نيابي در فصوص و لمعات.
]وڃ
۽ پنهنجي وجود جي نفي ڪر ته توکي اهو راز معلوم
ٿيندو، جيڪو ”فصوص“ ۽ ”لمعات“ ۾ به نه ملندو.[
ايستائين خدا جي معرفت حاصل نه ٿيندي جيستائين
پنهنجو سر نه ڏبو.
[35]
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لَهُه،
توهان ڌار نه سپرين، منهن منجهين پاءِ.
]پهرين
پاڻ کي فنا ڪر ۽ پاڻ کي فنا ڪري هن کي حاصل ڪر،
سپرين توکان ڌار نه آهي، رڳو پنهنجي اندر ۾ منهن
وجهه.[
جيڪو اُجوري خاطر عبادت ڪري ٿو، اهو ٻانهو نه آهي،
بلڪ اُجوري تي بيٺل پورهيت آهي. ان جو مثال هينئن
آهي جيئن ڪو ماڻهو ڪجهه مزور ۽ هڪ غلام ڪنهن ڪم
لاءِ وٺي وڃي. فارغ ٿيڻ کان پوءِ غلام پنهنجي گهر
هليو وڃي، پر ٻيا مزور پنهنجي اُجرت وٺڻ لاءِ
انتظار ڪن.
طالب کي گهرجي ته عجز اختيار ڪري ۽ ٻانهپ قبول
ڪري. اهي ٻه اصلي ڳالهيون آهن. بادشاهه جيڪي ڪري
يا ان جو خيال هجي، ٻانهي جو ڪم آهي ته ان تي راضي
رهي. ائين نه چوي ته هي ڪيئن يا ڇا لاءِ ڪيائين.
[36]
اي ڪچائي منجهه تو، جوتو ڀانيو ڪچ،
جيڪي سندو سڄڻين، سڀوئي سچ.
]اها
تنهنجي خامي آهي جو توکي ڪچ ٿو نظر اچي، سڄڻن جي
هر ڳالهه ته سڀ سچ آهي.[
هڪ مريد مجازي عشق ۾ ورتل هو،(71) ان کي هدايت
طور هي بيت ٻڌايائون.
[37]
مجازي م مٽ ڪر، اکيون اي م هير،
هاري حقيقتن حي، پڇي ٿين نه پير.
]مجازي
پنهنجا مائٽ نه ڪر ۽ پنهنجون اکيون ائين نه
هيراءِ. اي هاريل انسان، پڇا ڪري حقيقت وارن جي ڪڍ
ڇو نه ٿو لڳين.[
[38]
اِي مجازي ماءَ، جي تو ڀانئيا سپرين،
هاري حقيقي پرين، ڪچو ڪوه ٿئاءِ،
]اي،
امڙ، جن کي تو پنهنجو محبوب سمجهيو آهي، اهي ته
مجازي آهن، اي هاريل انسان، تون پاڻ کي حقيقي
محبوب جي آڏو ڪچو ڇو ٿو ڪرين ![
طالب کي گهرجي ته جڏهن ڪنهن بزرگ کان ڪو الاهي سخن
سڻي ته دل جي ڪنن سان ان کي هنڊائي، ۽ ائين نه چوي
ته مون اڳ ۾ به اهو ٻڌو آهي، پوءِ ڀلي کڻي ٻڌو ڇو
نه هجيس. پر جيڪڏهن ائين چئي ويٺو ته اها سخت
دليءَ جي نشاني آهي. آخر اهڙي سخن ٻڌڻ جو ڪهڙو
فائدو جنهن تي عمل نه ڪجي.
[39]
ڪرها ڪاميا، جرُ الئو ڇو نه پئو،
مون آن گهڻو سيڪارئو، سڀا لڌو نه هُڙو،
]اي
اُٺو، ڪاميا درياه جو پاڻي ڇو نه ٿا پئو، مون ته
توهان کي گهڻو آماده ڪيو، پر شايد نصيب ۾ نه هيو.[
[40]
هي ڪن گڏ هڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
سندي پريان ڳالهڙي، تنين سين سڻيج
]هي
گڏهه جهڙا ڪن وڪڻي، ڪي ٻيا ڪن خريد ڪر. پرين جي
ڳالهه انهن ڪنن سان سڻج.[(72)
طالب کي گهرجي ته خلق سان ملڻ جي گهڻي رغبت نه رکي
۽ اهڙيءَ طرح گذاري جو سندس حال جو ٻئي ڪنهن کي
پتو نه پوي جهڙي طرح برسات جي موسم ۾ سپ کاري
پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري وات کولي بيهندي آهي، ته
جيئن برسات جو قطرو سندس پيٽ ۾ داخل ٿئي، پوءِ
جيڪڏهن اهو قطرو کاري پاڻيءَ جي ملاوت کان پاڪ
هوندو آهي ته اتان منجهس بي بها موتي جنم وٺندو
آهي. پر جيڪڏهن انهيءَ قطري ۾ ٻي ڪا ملاوت ٿي ته
اهو هرگز موتي ڪو نه بڻجندو بلڪ ناقص ۽ اڻپورو
رهجي ويندو.
طالب کي هڪ اهڙي شخص وانگر ٿيڻ کپي جيڪو ماکيءَ
لاهڻ جي تمنا رکندو آهي، جيئن هو هر وڻ ۾ ماکيءَ
جي ماناري لاءِ نهاريندو وتندو آهي ۽ ان جي ڳولا ۾
ڦرندو آهي، تان جو اهڙي وڻ مان ماکي ملندي اٿس
جنهن ۾ ڪنهن جو گمان ئي نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح
هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو آهي.
[41]
منڌ م منهه ويهه، اُڀي اُوسڙ اُس ۾،
تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جنين جو ڏيهه.
]اي
عورت، ڇانو ۾ ويهي نه رهه، بلڪ اٿي اس ۾ انتظار
ڪر. تو اهي مائٽ ڪيا آهن، جن جو ملڪ ڏورانهون آهي.[
طالب کي گهرجي ته جڏهن ڪو سخن ٻڌي، ته سخن کي ڇڏي
اصل ذوق حاصل ڪري. طالب کي گهرجي ته جيڪو چڱو سخن
ڪنهن کان به ٻڌي، پوءِ اهو ڪافر هجي يا مسلمان،
مجذوب هجي يا هوشمند، ان تي عمل ڪري ۽ ان کي هٿان
نه ڇڏي. طالب کي گهرجي ته خلق سان نه گڏجي، پر
اڪيلائي يعني خلوت اختيار ڪري، تان جو اهو ڏسي
سگهي، جيڪي ڏسڻو اٿس. ان جو مثال ڏيندي چيائون ته
جيڪڏهن تيز وهندڙ پاڻيءَ ۾ نظر ڪبي ته پنهنجي صورت
هرگز ڏسڻ ۾ نه ايندي.(73) پر جيڪڏهن ان پاڻي مان
ڪو ٿانءُ ڀري ٿوري دير لاءِ رکي ڇڏجي ته جيئن
آٺرجي، پوءِ ان ۾ نظر وجهبي ته صورت صاف نظر
ايندي.
[42]
جي لياڪ لوڪ ڏانهن، جان جان سي نه لتاءِ،
تان تان ٿيي نه ماءِ، پورو پسڻ پرينءَ جو.
]خلق
جي طرف جيڪي سوراخ کليل آهن، اهي جيستائين بند نه
ٿيا آهن، تيستائين، اي امڙ، پرينءَ جو پورو ديدار
حاصل نه ٿيندو[
جيستائين طالب حرص و هوس جي ڦندي ۾ گرفتار آهي ۽
انهيءَ ۾ پاڻ کي خوش سمجهي ٿو، تيستائين خدا کان
دور ۽ وڇڙيل رهندو. ان جو مثال هن ريت آهي. ڪو
ڏاند رڳو کيڙيءَ جي ڪم تي هريل آهي ۽ ان جو مالڪ
چاهي ٿو ته هاڻي اهو ڏاند کيڙي بجاءِ ٻئي ڪم ۾
لڳايان، ته جيستائين ان کي ڪجهه ڏينهن اڃو ۽ بکيو
نه رکندو، ۽ کيڙيءَ وارو ڪم ان کان نه وٺندو،
تيستائين اهو ڏاند ٻئي ڪم جهڙو نه ٿيندو.
[43]
امڙ کوءِ، گهروءِ، مونهان ساٿڙو وڃي نڪرئو،
هينئڙو ڏيئي وٽ جيئن، مون جيئن تان نه ٻرئوءِ.
”اي امڙ، ٻن پوي تنهنجو گهر! مون کان ساٿي نڪتا ٿا
وڃن. لڳي ٿو تنهنجي دل ڏيئي جي وٽ وانگر مون جيان
نه سڙي آهي.“
جڏهن ڀاڳيو گهرندو آهي ته سندس مينهن کير جهجهو
ڏئي ته ان جو پنهنجو ڦر ڪهي ڇڏيندو آهي. البت ٻيو
ڦر اچي ڏيکاريندس ته کير زياده ڏيندي. انهيءَ
مينهن کي پڪ پئجي ويندي آهي ته سندس ڦر ڪٺو ويو
آهي ۽ هي ڦر ڌاريو آهي، پر ضرورت سمجهي ان کي پئي
چٽيندي آهي ۽ لاچار کڻي ان کي قبول ڪندي آهي ۽
ڪجهه به نه ڪڇندي آهي.(74) عام ماڻهن جون ٻيڙيون
انهيءَ طرف ٿيون هلن جيڏانهن موجن جو رخ آهي، پر
خدا جي طالبن جون پيڙيون ابتڙ رخ ۾ ٿيون هلن.
[44]
چوريءَ پاهت ڳجهه سين، پڌر ناهه ارٿ،
پهرين پاڻ لڪائين، تهان پوءِ وٿ.
]چوريءَ
جي مصلحت ڳجهه ڳوهه ۾ آهي، ان جي اصليت ظاهر
ڪونهي. چور هميشہ پهريائين پاڻ کي لڪائيندو ۽ پوءِ
چورايل شيءِ کي![
فرمايائون ته ”من مدحڪ فقد ذبحڪ“ يعني ”جنهن
تنهنجي تعريف ڪئي تنهن گويا توکي ڪُٺو. چيائون ته
جيڪو هن حديث تي عمل ڪندو اها سڄي ڄمار هن لاءِ
ڪافي آهي. اها حديث آهي ته ”ڪن في الدنيا ڪانڪ
غريب او عابر سبيل وعُد نفسک من اصحاب القبور“
يعني ”هن دنيا ۾ پاڻ کي غريب مسافر ڪري ڄاڻ ۽
پنهنجي نفس کي قبر ۾ داخل يعني اصحاب القبور وارن
۾ شامل سمجهه“. چيائون ته فقيرن کانسواءِ ٻين سان
صحبت نه ڪريو، جيئري توڙي مئي انهن سان گڏ هجو.
ڏينهن رات ۾ چوويهه گهڙيون آهن. انهن مان هڪ گهڙي
ديني ڀائرن وٽ ويندا ڪريو. اهي اهڙا آهن جو توکي
تنهنجا عيب ٻڌائيندا.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏهاڙي ڪو مريد حضرت جن جي خدمت
۾ آيو. کيس ويهڻ کان پوءِ نصيحت ڪيائون ته جيڪو
ماڻهو پاڻي به نه پئي ۽ اڪيلو به رهي ته اهو جلد
خدا رسيدو ٿيندو. چون ٿا ته ان شخص تي ايترو اثر
ٿيو جو هن ماڻهن سان ملڻ جلڻ ته ڇڏي ڏنو.(75) پر
پاڻي پيئڻ به بند ڪيائين. آخر ايترو ضعيف ۽ نٻل ٿي
ويو جو پاڻ کڻائي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پهچڻ کان
پوءِ افسوس ڪرڻ لڳو ته ڪاش پنڌ ڪري خدمت ۾ اچان
ها. پاڻ فرمايائون ته جڏهن نفس مئل هجي ته سواري
جائز آهي، ورنه سواري ڪرڻ غلط آهي.
[45]
سڪان جي نه سڻين، پارانڀا پرينءَ جا،
سي ساٿي نه ٻُجهڻا، جي تنين کي ڏين.
]جيڪي
سڪ منجهان پرين جا نياپا نه ٿا ٻڌن، اهي انهن
ساٿين کي نه سڃاڻندا، جيڪي انهن کي نياپا ڏين ٿا.[
چيائون جيڪو تنهنجي منهن تي تنهنجي تعريف ڪري، اهو
تنهنجو دشمن آهي. خلوت ان کي جڳائي، جيڪو پهريائين
پاڻ کي ڪڍي ٻاهر ڪري، ۽ پوءِ حجري ۾ وهي.
[46]
ڳالهه اها ئي هڪڙي، جا مون ڪالهه ڪئي،
ڀينر ڪيم ڀڪٽئو، ٿيندي تا نه ٻئي.
]ڳالهه
اها ئي هڪڙي آهي، جيڪا مون ڪالهه اوهان سان ڪئي.
اي ڀينر، اوهين اجايو مٿو نه ماريو، ٻي ڳالهه ڪا
نه ٿيندي.[
فرمايائون ته عزت جو بکيو طالب هر روز ڪيترا ڀيرا
قتلام ٿئي ٿو ڇو ته جڏهن هو ٻين وٽ وڃي ٿو، جيڪي
کيس عزت نٿا ڏين ته ڄڻ قتل ٿئي ٿو. انهيءَ ڏينهن
کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن سڀني جا راز ۽ ڳجهه ظاهر ۽
پڌرا ٿيندا. فرمايائون ته فقير وٽ ڪنهن دنيا واري
شخص جو اچڻ ستر جنن ۽ شيطانن (76) کان وڌيڪ خراب
آهي، ڇو ته شيطان لاحول پڙهڻ سان ڀڄيو وڃن، پر
انسان انهن لفظن چوڻ سان به پري ڪو نه ٿا وڃن.
فرمايائون ته اهي بزرگ جيڪي پاڻ تجريد ۾ آهن ۽ پڻ
خلق کي خدا جي راه طرف سڏڻ جي تڪليف نٿا ڪن، سي
انهن ماڻهن تي کلن ٿا جيڪي ٻين جي اهو سمجهي مدد
ڪن ٿا ته هنن خدا کي صحيح سڃاتو آهي، جو ٻين کي
خدا جي واٽ ڏيکارين ٿا.
چيائون ته پير پاڻ خلق کي خدا جي طرف سڏڻ جو ڪم
هرگز اختيار ڪري نٿا سگهن، البت جڏهن خدا ۽ رسول
صَلي الله عليہ وآلہ وسلم جو حڪم ٿئين ٿو، تڏهن
اها ذميواري قبول ڪن ٿا.
فرمايائون ته جنهن شخص مرتبي جي لالچ نه رکي، ته
اهو پاڻ پير آهي.
طالب کي گهرجي ته حجري جو دروازو سوڙهو ۽ ننڍو
بنائي ته جيئن هر دفعي جڏهن هو اندر داخل ٿئي ته
سندس پٺي ٻيڻي ٿئي. انهيءَ ڪري هو هر وقت خبردار
رهندو. پر جيڪڏهن دروازو ڪشادو هوندو ۽ سولائي سان
پيو اندر ٻاهر ويندو ته غافل ۽ آرام طلب ٿي پوندو.
فرمايائون ته طالب جيڪڏهن پير وٽ ويٺو هجي ۽ ان
وقت ڪو اهل دنيا اچي نڪري ته طالب کي گهرجي ته
اتان اٿي وڃي ۽ اتي نه ويهي. ڇاڪاڻ ته هو عالم
حڪمت جو آهي، ۽ هي عالم قدرت جو آهي. ضرورت اهو
شخص دنيا جي حڪمت جون ڳالهيون ڪندو، جيڪي فقيرن کي
ٻڌڻ روا ناهن. البت پير ٻڌي ته کيس روا آهن.
سمجهاڻي ڏيندي چيائون ته ڪي دريائي جانور آهن جيڪي
خشڪيءَ تي پهچڻ شرط مري ٿا وڃن. اهڙيءَ طرح خشڪيءَ
جا جانور آهن، جيڪي درياءَ ۾ گهڙڻ سان مري ويندا.
ٻيا وري اهڙا آهن جي درياءَ ۾ هجن ته به هلاڪ نه
ٿين ۽ جي سڪيءَ تي اچن ته به صحيح سلامت.(77)
مطلب ته جتي به وڃن مختار آهن. پير انهن وانگر
آهن، مريد کي نه جڳائي ته پير وانگر اهل دنيا سان
ميل جول رکي.
چيائون ته فقير جڏهن سفر تي وڃي ته ٽي منزلون ڪرين
پهريون جڏهن ڪنهن دريا جي ڀرسان سندس گذر ٿئي ته
اتي منزل ڪري ۽ ان کان پوءِ اڳتي وڌي. ٻيو جڏهن
ڪنهن قبرستان وٽان لنگهي ته اتي به ڪجهه دير سڪونت
اختيار ڪري. ٽيون جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ پهچي ته مسجد ۾
منزل انداز ٿئي.
هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن اسان حضرت جن
سان ٻيڙيءَ ۾ ويٺا هئاسون، جڏهن ٻيڙي ڪناري تي
پهتي ته پاڻ پنهنجي لٺ سوڌو جلدي هيٺ لهي آيا. ٻيا
سڀئي پنهنجي پنهنجي بار لاهڻ ۾ لڳي ويا، جنهن ۾
هنن کي ڪافي پريشاني پئي ٿي. انهيءَ تي حضرت جن
اهو قول دهرايو ”نجاالمخفون وهلڪ المثقلون“ يعني
هلڪي بار وارا ڇٽي ويا ۽ ڳري بار وارا هلاڪيءَ ۾
پئجي ويا.
جڏهن ڪو شخص ڪنهن بزرگ وٽ ويٺل هجي ۽ اهو بزرگ
تقرير شروع ڪي ڏئي ۽ ٻڌندڙ ان جو اهل نه هجي ته
پوءِ خدا طرفان ٽي مانع صورتون ظاهر ٿين ٿيون.
پهريون ته هن کي ننڊ اچي وڪوڙيندي. ٻيو تڏهن ڪو
شخص اچي کيس سڏيندو ۽ هو اتان کسڪي ڪنهن ٻي ڪم ۾
وڃي مشغول ٿيندو. ٽيون ته اتي ويٺي ئي سندس دل تي
اهڙا هول ۽ ويچار اچي چڙهندا جو هو انهن ۾ ٻڏي
ويندو.
فرمايائون ته اهڙو گهر جنهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏمر آهي، اتي
معرفت نه هوندي، مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪاوڙ
ماري ٿو ۽ غصي کي کائي وڃي ٿو. (78) سڀني حلال
لقمن منجهان وڌيڪ حلال ڪاوڙ کائڻ آهي. هيٺانهين
هلڻ واري کي ٻيڻ تي ملي ٿو.
نهٺي ماڻهوءَ جو مثال گدري جي ول وانگر آهي، جيڪا
ميوو به ڏئي ته ڇانو به، ۽ هيٺلو ماڻهو ان کجيءَ
جي وڻ وانگر آهي جيڪو سڀني ۾ گهڻو بنلد آهي، پر
ايترو نه ميوو اٿس ۽ نڪي ڇانو!
نقل آهي ته هڪ ڏينهن پري کان ڪو فقير سندن خدمت ۾
آيو ۽ اچڻ سان ٻن ٽن فقيرن جي جاءِ کي اورانگهي
مٿي چڙهي ويٺو. پاڻ ڪرڙي نظر سان نهاري چپ ٿي ويا.
چيائون ته فقير کي جڳائي ته جڏهن مجلس ۾ حاضر ٿئي
ته جتي جوتا لاهي اتي ويهي رهي ۽ مٿي ويهڻ جي ڪوشش
نه ڪري ڇو ته اهو شاهاڻو طريقو آهي.
جيڪڏهن ڪو اوهان کي نالي سان سڏي ته ٻه ڀيرا کيس
نرميءَ سان جواب ڏيو. پر جڏهن اوهين ڪنهن کي سڏيو
ته پهرين ”ميان“ چئي سندس نالو وٺو.
[47]
تُنڌُ مَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏ چوني ته جيءُ چو،
جي ڀانئين پرين مڙان، ته ڏُوهنون ڳڻُ پاءِ.
]جتي
ڪٿي تکو نه پوء، پر جيڪڏهن هو ”ٻوڏ“ (ڦوٽ) چونئي
تڏهن به تون کين ”جيءُ“ چؤ جيڪڏهن پرين سان ملڻ
چاهين ٿو ته پنهنجي ڏوهن کي ڳُڻن ۾ بدلاءِ.[
جيڪڏهن ڪو پاڻ کي پهتل يعني خدا رسيده سمجهي ٿو ته
اهو هرگز پهتل ڪونهي. فرمايائون ته خدا تعاليٰ
جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو، ليڪن پنهنجي ٻانهن کان
سندن ڪمن جي باري ۾ پڇا ڪري ٿو. خدا تعاليٰ کان
سندس ڪمن بابت ڪوئي پڇي نٿو سگهي.(79) جيئن قرآن
پاڪ ۾ ارشاد آهي لايسئل عما يفعل وهم
يسئلون(23:21) يعني ”ان کان ڪوئي پڇي نٿو سگهي،
جيڪي ڪجهه هو ڪري ٿو، البت هُنن کان پڇا ڪئي
ويندي“ وري اهو پڻ ارشاد آهي ته ”ما آتاکم الرسول
فخذوه وما نهڪم عنہ فانتهوا(7:59)“ يعني ”رسول
جيڪي توهان کي ڏئي سو وٺو ۽ جنهن کان منع ڪري تنهن
کان رڪجي پئو.“
چيائون ته اسان جتي به ٻه شخص اهل دنيا جا ويٺل
ڏٺا، تن وٽ ڪڏهن نه ويٺاسون. پر جيڪڏهن اسان ڪٿي
ويٺا هئاسون ۽ اهي آيا ۽ اچي ويٺا، ته ان جي خبر
خدا کي هوندي. طالب کي گهرجي ته عبادت واري جڳهه
مان سواءِ نيت جي ٻاهر نه نڪري.
جڏهن ڪو طالب لڳاتار ٽي ڏينهن ذڪر الاهي نه ٻڌندو
ته سندس دل تي ڪارنهن جو ٽڪو پيدا ٿي پوندو. پوءِ
جيڪڏهن چوٿون ڏينهن به گذريو ته اهو اڳي کان وڏو
ٿي پوندو. اهڙيءَ طرح جيئن ڏينهن گذرندا ويندا ته
اهو ڪارنهن جو ٽڪو به وڌيڪ ڦهلبو ويندو.
فقير کي گهرجي ته مجلس ۾ ايستائين ويهي جيستائين
ذڪر الاهي ٿئي ٿو. پر جڏهن دنيا جو ذڪر شروع ٿئي
ته مٿس لازم آهي ته اتان اٿي هليو وڃي ۽ اتي نه
ويهي. فقير کي حجري مان نڪرڻ لاءِ ٻه سبب ٿي سگهن
ٿا يا ته بلڪل بيڪار ٿي ويهي رهندو يا ڪنهن حاجت
سان لڳي ويندو.
چيائون ته فقيرن جو حجرو هيءَ زمين آهي، ۽ آسمان
ان جي ڇت آهي. فرمايائون ته ڪرامات خرابات يعني
شرابخاني برابر آهن، بلڪ سڌو سنئون ڪفر آهي.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪو ماڻهو حضرت جن کي سفارش
طور ڪنهن شخص وٽ وٺي ويو. پر هن اها ڳالهه نه مڃي.
پاڻ موٽي آيا. واٽ تي کين هڪ درويش گڏيو جيڪو چوڻ
لڳو ته ولي شخص کي موٽايو اٿي، هاڻي تون به کين
تير هڻ. ان تي کيس هي واقعو ٻڌايائون ته آءٌ (80)
اڪثر مخدوم نوح ۽ ٻين ڪيترن بزرگن جي مجلس ۾ ويندو
هوس، پر اتي ڪڏهن به مون ڪرامت واري ڳالهه نه ٻڌي.
اتي هميشه ذڪر الاهي جي ڳالهه ٿيندي هئي. چيائون
ته گهڻا پير پنهنجي ان حالت تي روئيندا ته جيڪڏهن
دنيا ۾ سندن نالو مخفي رهي ها ته بهتر هو.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن حجري کان ٻاهر هڪ سيد ٻي شخص
سان بحث ڪري رهيو هو ته آءٌ سيد آهيان ۽ ان ڪري
توکان وڌيڪ فضيلت وارو آهيان. تڏهن پاڻ ان سيد کي
سڏائي کيس چوڻ لڳا ته توکي ڇا ٿيو آهي جو پاڻ کي
فقير نٿو چوائين، ڇو ته اهو مرتبو پڻ ان ۾ داخل
آهي. ان ڪري ته پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام
فرمايو هو الفقر فخري يعني فقر منهنجو فخر آهي.
فقير جڏهن ڪنهن کان موڪلائيندو ته کيس ڪو غرض يا
طمع رکڻ نه گهرجي.
فرمايائون ته ڪرامتن سان ڪافر به مسلمان ٿيو پون،
ليڪن مريد اهو آهي جيڪو بغير ڪرامت جي اخلاص حاصل
ڪري. چيائون ته جيڪي تو وٽ آهي، اهو خرچ ڪر. لالچ
ڇڏ ته اصل غرض ۽ مقصد حاصل ٿيئي.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن دعا جي ثواب بابت
گفتگو ڪري رهيا هئا، هڪ مريد اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو
هو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ثواب واري ڳالهه سندس
ذهن تان لهي وئي. سو ٻيهر حضرت جن کي چوڻ لڳو ته
ثواب واري ڳالهه تي روشني وجهجو. اهو ٻڌي حضرت جن
کي مٺيان لڳي ۽ کيس گهڻي دير تائين نصيحت ڪندا
رهيا ته سڀڪو اجر ۽ ثواب سان رغبت رکي ٿو، پر اصل
ته ڪو وڃي ئي ڪو نه ٿو. ان کان پوءِ انهيءَ مريد
وري اهڙو سوال ڪڏهن ڪو نه ڪيو.
چيائون ته مرد خدا جي هڪ نظر چاليهه چاليهن کان
وڌيڪ بهتر آهي.(81) ”ان تکلم العارف فقد هلک وان
سکت المحب فقد هلک“ يعني:جيڪڏهن عارف ڪجهه ڪڇي ٿو
تڏهن به هلاڪ ٿئي ٿو، پر جي محب ماٺ ٿو ڪري، تڏهن
به هلاڪ ٿئي ٿو.
چيائون ته ڪمال حاصل ڪرڻ وارا شريعت جي لحاظ کان
جَوَ جي داڻي جيترو حساب پڻ رکن ٿا. جيئن هي شعر
آهي:
همان مردي تمام است در تمامي،
ڪند با خواجگي ڪار – غلامي.
]اهو
مرد هر لحاظ کان ڪامل آهي جيڪو سردار هوندي غلامي
ڪري ٿو.
[
فرمايائون ته عالمن اڳيان زبان قابوءَ ۾ رکجي،
ولين اڳيان دل سڀنالجي ۽ بادشاهن اڳيان نظر کي
روڪجي.
چيائون ته مريد کي گهرجي ته پير کي سج ڪري ڄاڻي،
يعني جتي هجي، اتي پير کي حاضر سمجهي. بلڪ پير جي
مرتبو سج کان به مٿي آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سج جي
آڏو ڪو تڏي ٽڪر يا ڪا ٻي شيءِ آڻبي تڏهن به ڍڪجي
ويندو. ليڪن پير مريد جي دل کان واقف آهي، پوءِ
کڻي ڪٿي به هجي.
فقير ٽن قسمن جا آهن. هڪڙا اهي آهن، جيڪي ان فڪر ۾
آهن ته خدا تعاليٰ ساڻن ڪهڙو سلوڪ ڪندو. ٻيا اهي
آهن جيڪي ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته خدا تعاليٰ
الائجي سندن تقدير ۾ ڇا لکيو آهي، نيڪ آهيون يا
بد! ٽيان پنهنجي حال ۾ مشغول آهن ۽ هر فڪر کان
فارغ آهن. چيائون ته دل اها جنهن ۾ دنيا توڙي آخرت
جو خيال داخل نه ٿئي. خدا جي طلب ۽ واٽ ان کي
ملندي جنهن کي دل به اهڙي هوندي.
فرمايائون ته اهڙو طالب جيڪو ٻنهي جهانن جي اميد
رکي ٿو، سو ڪوڙو آهي. نقل آهي ته حضرت جن کي گوڏي
۾ اڪثر سور هوندو هو. هڪ ڏينهن گوڏي چورڻ وقت جڏهن
کين ڏاڍو سُور ٿيو ته رڙ ڪيائيون ”الله“ ان کان
پوءِ فوراً پاڻ چوڻ لڳا ته اهو نالو مون خدا واسطي
ڪو نه کنيئو بلڪ گوڏي ۾ سور اُڀرڻ ڪري ائين
ڪيوسون.فرمايائون:
نماز عابدان رکوع وسجود است(82)
نماز عارفان ترک وجود است.
]عابدن
جي نماز رکوع ۽ سجدا آهي. عارفن جي نماز وجود کي
ترڪ ڪرڻ آهي.[
چيائون ته اسان حاجت کان سواءِ ڪو هڪڙو قدم نه
کنيو آهي. جڏهن فقير کي ڪا درپيش اچي ته پهريائين
دل ۾ سوچي، اميد آهي ته اتان مطلب پورو ٿيندس. پر
جي ائين نه ٿئي ته پوءِ ڪنهن ٻئي سان صلاح مصلحت
ڪري. فرمايائون ته خدا جي واٽ ۾ هٿن، پيرن ۽ زبان
سان نه هلجي، مگر دل سان هلجي. پر جيڪڏهن دل ۾ ڪو
گمان گذري ته پوءِ ٻين کان پڇڻ بنا ڪو چارو ڪونهي.
[48]
جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير،
جو لکڻ ۾ ماڙهوئين، سو ڪلکڻ ۾ کير.
]جيڪي
پڇن سي ڪڏهن به نه منجهندا، ۽ جيڪي پڇن ٿا سي
عقلمند آهن. اها ڳالهه جيڪا ماڻهن ۾ گڻ آهي، سا
کير ۾ اوگڻ برابر آهي.[
جيڪڏهن ڪو خداتعالي کان ڪا شيءِ گهري ٿو ته کيس
خبر نه پوندي، ڇو ته هو پنهنجي عقل آهر گهرندو. پر
جيڪڏهن نه گهرندو ته ڌڻي تعاليٰ کيس اها شيءِ
ڏيندو جنهن جو هو پاڻ لائق آهي.
فرمايائون ته بهشت ۾ انسان جي سڀني عضون جهڙوڪ:
هٿن، پيرن ۽ اکين کي ڏسڻ جي قوت عطا ٿيندي، جهڙي
هتي اکين کي آهي. ليڪن اهو ساڳيو مرتبو هن دنيا ۾
خدا جي خاص بندن کي حاصل آهي، جو هنن جا اهي سڀ
عضوا ٻين جي اکين وانگر هي به ڏسن ٿا.
چيائون ته دل جي ساڄي طرف رحماني ملائڪ ويٺو آهي ۽
کٻي طرف شيطان جيڪو وسوسو وجهندڙ آهي ۽ انهن ٻنهي
جي وچ ّتي دل آهي. جڏهن دل سڄي يعني رحماني ملائڪ
طرف منهن ڪري ٿي ته نيڪي ۽ چڱائي جا ڪم ٿين ٿا. پر
جڏهن وري کٻي طرف منهن ڪري ٿي ته شيطاني وسوسا کيس
گمراهه ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. ان ڪري مرد خدا کي گهرجي
ته ٻنهي کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ته جيئن فريب ۾ نه
اچي.(83) ۽ شيطان مٿس غلبو نه ڪري.
فرمايائون ته ماڻهن جنهن شيءِ کي معرفت سمجهيو
آهي، اها معرفت نه آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو تپ يا
مرض جي ڪري بيهوش ٿي پوندو آهي ته ان وقت اجايو
سجايو پيو وڦلندو آهي، پر جڏهن هوش ۾ ايندو آهي ته
پنهنجي ڪيل ڳالهين کي بلڪل ڀلجي ويندو آهي. انهن
ماڻهن جي معرفت جو مثال به اهڙوئي آهي.
چون ٿا ته هرڪو ماڻهو خدا کي ٽي دفعا پسي ٿو. هڪ
دفعو هن دنيا ۾ اچڻ يعني ڄمڻ وقت، ٻيو ”اَلَستُ
ِبربڪمُ“ جي وقت ۽ ٽيون مرڻ ويل. اهڙيءَ طرح هر
انسان کي ٽي جسم آهن پر ٽيئي هڪڙي شڪل جا آهن. هڪ
اهو جيڪو بلڪل ظاهر يا پڌرو آهي، ٻيو بلڪل هن جسم
جهڙو آهي ۽ ٽيون عرش هيٺان رکيل آهي. جڏهن هن
ظاهري جسم کان ڪو گناهه سرزد ٿئي ٿو ته عرش هيٺان
بيٺل جسم کان پڻ ساڳيو ڏوهه واقع ٿئي ٿو، جنهن تي
اهو في الفور اتان غائب ٿي وڃي ٿو. ان تي ملائڪ
عرض ڪن ٿا ته خداوندا، هي بندو جيڪو هتي بيٺل هو
سو ڪاڏي غائب ٿي ويو. خدا فرمائيندو ته اهو منهنجو
راز هو ۽ هينئر به منهنجي راز ۾ آهي ۽ توهان کي
خبر ڪونهي. مراد اها آهي ته خدا تعاليٰ پنهنجي
ٻانهي جو راز انهن ملائڪن تي نٿو کولي ٻڌائي ۽ ان
جي گناهن کي ٻين تي ظاهر نٿو ڪري. ليڪن هن جسم کان
جيڪي ڪجهه ظاهر ٿئي ٿو، ان کي نگاهه
۾
رکڻ وارا ملائڪ لکندا وڃن ٿا. ان ريت هن جسم کان
جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، اهو عرش هيٺ جسم کان پڻ ظاهر
ٿئي ٿو.
فرمايائون ته محبوب جي راز کي فاش ڪرڻ پاڻ کي
سوريءَ تي چاڙهڻ برابر آهي، جيئن منصور ڪيو ۽ ان
جو نتيجو ڏٺائين. چيائون ته طالب جي دل درياءَ
وانگر آهي.(84) جنهن ۾ ڪيترا ماڻڪ موتي آهن، پوءِ
جيڪڏهن ان ۾ منهن وجهندو ته اهي موتي ملندس، ورنه
ائين ٺلهو رهجي ويندو. ان وقت پاڻ هي بيت
پڙهيائون.
دريا دليم ديده ما معدن دُر است،
گردست من تهي ست ولي چشم من پر است.
]اسان
جي دل دريا آهي ۽ اسان جون اکيون موتين جي کاڻ،
جيتوڻيڪ منهنجا هٿ خالي آهن، پر منهنجون اکيون پُر
آهن.[
فرمايائون ته محبوب کي انتها نه آهي ۽ نڪي طالب کي
ڪا انتها آهي. پر جيڪڏهن محبوب کي انتها هجي ها ته
طالب کي پڻ هجي ها. طالب جي پڻ هڪ منزل آهي جنهن
کي ”انتها“ ڪوٺين ٿا، پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته
ان کان مٿي ڪا منزل يا مقام ڪونهي.
[49]
ڇاڇر ڇڳيرن، گهور نه اچي گهاتوئين،
اکيون انهن سنديون، کڏا ڪرون پڇن.
]گهاتو
پهلوانن کي ننڍو پاڻي نظر ئي نٿو اچي، هنن جون
اکيون ته اونهي پاڻيءَ جون خبرون پڇن ٿيون.[
[50]
هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
]هنج
پکي اتي هوندو آهي جتي تمام اونهي ڪن جو پاڻي
هوندو آهي. البت هي ڪانئرو آهي جيڪو ننڍي پاڻي ۾
پيو رانديون ڪري.[
چيائون ته وڻ آخر ۾ ان طرف ڪرندو آهي، جيڏانهن
ورکائيندو آهي، متبدي ۽ منتهي ۾ ڪو فرق ناهي،
جيڪڏهن کين اصليت جي آگاهي حاصل نه ٿي آهي.
فرمايائون ته نمازيءَ کي گهرجي ته تڪبير اوليٰ
يعني الله اڪبر چوڻ وقت دل ۾ سمورو ڌيان الله جي
وڏائي تي ڏئي. وري سبحان ربي العظيم ۽ سبحان ربي
الاعليٰ چوڻ وقت دل ۾ استقامت پيدا ڪري ۽ اهو فڪر
ڪري ته (85) هرڪا وڏائي ۽ شان جنهنجو اسان
خداتعاليٰ جي باري ۾ تصور ڪري سگهون ٿا، هو انهن
سڀني کان مٿانهون آهي.
فرمايائون ته پنهنجي حسب نسب تي فخر نه ڪرڻ گهرجي،
ڇو ته اها به دنيا جي هڪ شيءِ آهي. بلڪ پنهنجو
پيءُ ڏاڏو پاڻ ٿيڻ گهرجي. چيائون ته هينئر اهڙو
وقت اچي ويو آهي جو پٽ پنهنجي پيءُ جي ڪرامتن تي
ناز ڪن ٿا، جيڪي ڪڏهن جو گذر ڪري ويا.
[51]
جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا
ري پنهنجي کٽئي، سُڀر ٻري نه باهه.
]معنيٰ:
اتر توڙي ڏکڻ، سڀني دوستن سڄڻن کي آزمائي ڏٺوسون
ليڪن پنهنجي ڪمائي کان سواءِ سٺي باهه نٿي ٻري.[
فرمايائون ته ڪيترا نبي سڳورا ڪافرن جو اولاد هئا
۽ ڪيترا ڪافر وري نبين جو اولاد هئا.
چيائون ته شريعت ۾ حقيقت ائين آهي جيئن کير ۾ مکڻ.
سلامتيءَ جي واٽ اها آهي ته ظاهر ۾ شريعت جي پيروي
ڪرين جهڙوڪ: روزا رکين، نمازون پڙهين، نفل ادا
ڪرين ۽ دل خدا سان ڳنڍيل رکين.
فرمايائون ته حقيقت جي ڄاڻ رک پر ڪنهن کي ڪين
ٻڌاءِ. چيائون ته جيڪو رڳو شريعت سکيو. پر حقيقت
جي ڪا خبر نه رکيائين ته اهو ان پکيءَ وانگر آهي
جنهن جي هڪ کنڀڙاٽي ڀڳل آهي، پوءِ ان سان کڻي هو
ڪيتري به ڪوشش ڪري پر اڏامي نه سگهندو. ساڳي حالت
ان شخص جي آهي، جيڪو حقيقت ڄاڻي ٿو، پر شريعت کان
بي خبر آهي. طالب لاءِ اهي ٻئي نهايت ضروري
آهن.(86)
چيائون ته طالب کي گهرجي ته ٻڌڻ وقت پنهنجا ڪن
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڪنن وانگر ۽ پنهنجي
زبان کي ان درخت جيان سمجهي جنهن تي تجلي پئي ۽
پنهنجي دل ۾ حق تعاليٰ جي اميد رکي ته پوءِ اهي سڀ
ڪجهه ٻڌندو جيڪي حضرت موسيٰ کي نصيب ٿيو.
فرمايائون ته دنيا جو ترڪ ڪرڻ دين جو ترڪ ڪرڻ آهي،
۽ پاڻ کي ترڪ ڪرڻ خدا کي ترڪ ڪرڻ آهي.
فقير کي گهرجي ته خدا تعاليٰ جي نالن جا اسباب
معلوم ڪري، ۽ سمجهي ته هن دنيا ۾ چڱائي ۽ برائي،
هدايت ۽ گمراهي، جيڪي ظهور پذير ٿئي ٿو، اهو سندس
ذات جي انهيءَ نالن سبب آهي. انهيءَ ڪري جتي هدايت
ڏسي ته سمجهي ته اهو ان هاديءَ جي ڪري آهي، اهڙيءَ
طرح جي ڏمر ۽ قهر ڏسي ته اهو ان جي قهاريت جي ڪري
آهي. ليڪن فقير کي گهرجي ته جتي گمراهي ۽ قهر ڏسي،
اتان ڀڄي هدايت جي طرف اچي. بهر صورت نيڪي ۽ بديءَ
کي ذات خداونديءَ جي نالي کي سمجهي ۽ ان ۾ ٻي ڪنهن
جو دخل نه سمجهي.
هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ حضرت جن جي
خدمت ۾ ويٺو هوس جو فرمايائون ته جيستائين اوهان
پنهنجي نفس کي نه سڃاڻندا تيستائين خدا تعاليٰ کي
نه سڃاڻي سگهندا. ڪافي وقت ان ڳالهه تي غور ڪندو
رهيس پر ان جي معنيٰ نه سمجهي سگهيس. آخر گهڻي سوچ
کان پوءِ معلوم ٿيو ته واقعي نفس جي معرفت روح جي
معرفت آهي ۽ روح جي معرفت سواءِ عجز عاجزيءَ جي
حاصل نه ٿي ٿئي. هڪ ڏينهن آءٌ وري حضرت جن جي خدمت
۾ ويس ۽ اها حقيقت عرض ڪيم. پاڻ چيائون ته بلڪل
ٺيڪ سمجهيو اٿئي. ڇو ته خدا تعاليٰ پاڻ فرمايو
آهي:ولا ترڪنوا الي الذين ظلموا(87) فتمسکم
النار.(13:11)ظالمن جو پاسو نه وٺو، ورنه
توهان کي به باه وڪوڙي ويندي.
چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص سياري ۾ ٻي ڪنهن ماڻهوءَ
مٿان اهڙيءَ طرح ڇانو وجهي يا ڇانو ڪري جو ان جي
مٿان سج جي گرمي نه پهچي ته اهو پڻ ظلم آهي ۽ جيڪو
ڪري ٿو اهو ظالم.
چيائون ته پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام جي فرمودي
”يعرف الرجل بالمعاملة“ جون ٻه معنائون آهن يعني
ته ڪنهن به شخص جي سڃاڻپ ان لحاظ کان ڪجي ته دم يا
ساهه کڻڻ وقت الله کي ياد ڪري ٿو يا غير جي ياد ۾
مشغول آهي.
فرمايائون ته ارشاد خداوندي ”اني ربڪ فاخلع
نعليک انک بالوادالمقدس طويٰ“ (12:20)يعني
”آءٌ تنهنجو رب آهيان پوءِ پنهنجا جوتا لاهه. بيشڪ
تون مقدس وادي طويٰ ۾ آهين“. اتي جوتا يعني نعلين
مان مراد دنيا، آخرت، فرزند ۽ عيال آهي.
صوفي اهو آهي جو ڪنهن کي سوال نه ڪري ۽ نه ڪنهن
کي ڪم چوي.
فرمايائون ته مرشد اهو آهي جيڪو سڀ کان پهريائين
مريد جا هن دنيا سان تعلقات ختم ڪري ۽ ان کان پوءِ
کيس ڪا شيءِ عنايت ڪري. وري چيائون ته مرشد اهو
جيڪو مريد کي سندس صحبت ۾ ٿيل هر ڳالهه ۾ خدا جو
جلوو پسائي.
چيائون ته پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام جو قول
آهي ته، ”الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب“ يعني
موت هڪ پل آهي جنهن ذريعي هڪ دوست ئي دوست سان ملي
ٿو. ان ڪري جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ جنهن شيءِ کي
عزيز رکي ٿو، مرڻ کان پوءِ کيس اها حاصل ٿئي ٿي يا
هو وڃي ان سان ملي ٿو.
پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام اهو پڻ فرمايو ته
”من زارحي ولم يرزقہ شيءٌ فکا نما زار ميتاً“
يعني جنهن ڪنهن اهڙي جيئري ماڻهوءَ سان ملاقات ڪئي
پر ان وٽ ڪجهه نه کاڌائين ته ڄڻ ڪنهن مئل سان
ملاقات ڪيائين.
چيائون ته جڏهن ڪو فقير ڪنهن بزرگ جي زيارت لاءِ
وڃي ۽ ان بزرگ(88) کان ڪي الاهي سخن ٻڌائين ته ڄڻ
کيس رزق جي بخشش ملي.
چون ٿا ته هڪ ڏينهن حضرت جن وقت جي عالم ۽ فاضل
شخص ميان حامد ڏاڏوُڻائي واري کان رسول پاڪ صلي
الله عليہ وسلم جي هن فرمودي جو مطلب پڇيو:”الانسان
عبيد الاحسان“ يعني انسان احسان جو ٻانهو يا
غلام آهي. ان تي هن وراڻيو معنيٰ بلڪل ظاهر آهي -
ان تي حضرت جن چيو ته ڇا سبب آهي جو ڳئون، مينهون
۽ ٻڪريون جيڪي صبح جو مالڪ جي گهران نڪري جهنگ چرڻ
وڃن ٿيون. سي شام جو انهيءَ احسان سببان موٽي
پنهنجي گهر اچن ٿيون ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ نٿيون وڃن.
اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ماڻهو ان جا داڻا کڻي پاڻ اڳ ۾
ٿي هلڻ لڳندو آهي ته ولر سندس پويان ايندو آهي.
ظاهر ٿيو ته نه رڳو انسان پر چوپايا ۽ جانور پڻ
احسان جا ٻانها آهن. اهو ٻڌي مولانا حامد چوڻ لڳو
ته بيشڪ حضرت جن کي گهڻي خبر آهي.
وڌيڪ چيائيون ته احسان خدا جو نالو آهي. ان ڪري سڀ
انسان ۽ سڀ شيون ان ذات جون مطيع آهن - پوءِ ان ۾
حيوان. انسان، پکي پکڻ، جن پريون پڻ اچي وڃن ٿا.
ليڪن هن حديث ۾ پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام
انسان جو ذڪر صرف ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته انسان اشرف
المخلوقات آهي ۽ ٻين سڀني شين جي مقابلي ۾ عقل ۽
شرف وارو آهي. ان ڪري هتي انسان مان مراد هر قسم
جي مخلوق آهي، پوءِ جنهن کي عقل آهي ته اهو ان ذات
جي اطاعت ڪندو ۽ ٻيا وري (89) هن جي فرمانبرداري
ڪندا.
مولانا حامد جڏهن اها سمجهاڻي ٻڌي ته آفرين جا
الفاظ چيائين. بلڪ اها معنيٰ سندس دل ۾ گهر ڪري
وئي ۽ کيس ڏاڍي سٺي لڳي.
فرمايائون دنيا جو لفظ ”دنو“ مان نڪتو آهي جنهن جي
معنيٰ ويجهڙائي يا نزديڪي آهي. ان ڪري خدا جي
ويجهڙائي يا قرب خداوندي پڻ هن دنيا ۾ حاصل ٿئي
ٿو.
چيائون ته بصير يعني ڏسندڙ اهو آهي جيڪو ظاهري
اکين سان ڏسي پر بصارت دل جي روشنيءَ کي چون ٿا.
”تجريد“ جو مطلب آهي، دنيا کي ڇڏڻ ۽ خلق خدا جي
سان لاڳاپا ٽوڙڻ.”تفريد“ آهي فنا في الله ٿيڻ ۽
پنهنجو وهم وسارڻ.
چيائون ته اهلِ ظاهر چون ٿا:اقتلوا الموذي قبل
الايذاءَ يعني: دشمن کي ايذاءَ پهچائڻ کان اڳ
ختم ڪريو. اهل طريقت چون ٿا: اقتلو الموذي بعد
الايذاءَ يعني: دشمن کي ايذاءَ پهچائڻ کان
پوءِ ختم ڪريو. ليڪن اهل حقيقت چون ٿا:اترڪ
الموذي بعد الايذاءَ يعني:موذي يا دشمن کي
ايذاءَ بعد ڇڏي ڏيو. پر اهل معرفت چون ٿا ته
احسن الموذيات بعد الايذاءَ يعني ايذاءَ
پهچائيندڙ سان پاڻ نيڪي ڪريو.
فرمايائون ته تارڪ الورد معلونُ وصاحب الورد
ملعون. ان قول جي سمجهاڻي ڏيندي چيائون ته جيڪڏهن
ڪو شخص ورد ڪرڻ ۾ مشغول هجي پر ٻي خلق جو ساڻس ڪم
هجي، جيڪو ٻي ڪنهن وٽان نه ٿيندو هجي ۽ انتظار
ڪندا هجن، ته ان صورت ۾ اهڙي شخص کي ورد نه ڪرڻ
گهرجي ۽ جي ڪندو ته لعنتي آهي.
پر ٻيو شخص جيڪو واندو آهي ۽ مسجد کان فارغ ٿي
ٻاهر نڪتو آهي وڃي ڪنهن راند روندو جهڙي شغل ۾ لڳي
ٿو، ليڪن پاڻ کي ورد سان نٿو لڳائي ته اهو پڻ
لعنتي آهي. چيائون ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن
۾ ڪم پوي ۽ هو هلي وٽس اچي ۽ اڳلو ورد ۾ مشغول هجي
۽ ڪم وارو شخص بيهي ان کي سڏڻ لڳي ته ٻاهر نڪري
اچ(90) ته صاحب ورد ان غرض واري کي چوي ته بيهه.
ليڪن ان کي اهو ضروري چوي ته هو بنا ورد جي آيو
آهي. البت ان جو ڪم ڪري.
چيائون ته اهو پکي پنهنجي ٻين ساٿي پکين سان گڏ
اڏامندو جنهن جون کنڀڙاٽيون صحيح سلامت آهن. پر
جنهن جا کنڀ ڀڳل آهن يا زخمي آهي، اهو اڏامي نه
سگهندو.
چيائون ته جڏهن ڪنهن جي گهر وڃو ته خاموشيءَ سان
ويهي رهو ۽ هر طرف نظر ڊوڙائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
فرمايائون ته اهڙو وڻ جيڪو خشڪيءَ تي آهي ۽ سڪي
وڃي، ته ان جو علاج ٿي سگهي ٿو. پر جيڪو وڻ پاڻي ۾
هوندي سڪي وڃي ته لاعلاج آهي.
چيائون ته فقير کي ٽن جڳهن تي منزل ڪرڻ گهرجي. هڪ
جبل ۾ ٻيو ويراني يا بيابان ۾ ٽيون درياهه جي
ڪناري.
نقل آهي ته حضرت جن کان جيڪو به ڪعبي جي زيارت
يعني حج جي اجازت گهرندو هو ته ان کي نه ڏيندا
هئا. بلڪ چوندا ته فقيرن لاءِ ڪعبي جي زيارت نفل
آهي. پر جيڪڏهن اتي وڃي پهچن ٿا ته کانئن گهڻا فرض
ڇڏائجي وڃن ٿا.
طالب کي گهرجي ته قبرستان ۾ نه ٽڪي، ان سان دل سخت
ٿئي ٿي، ڇو ته مردا ڪجهه کائين پيئن ڪو نه ٿا ۽
جيئرا کائڻ جا محتاج آهن. ها، ان لاءِ مقام ۾ ترسڻ
جائز آهي،
جنهن جيئري پاڻ کي ماري ڇڏيو هجي. چيائون ته اڳئين
وقت ۾ درويش پنهنجي درويشيءَ جو اظهار نه ڪندا
هئا. پر زماني ۾ جڏهن ڪنهن کي مردن کان جواب ملي
ٿو ته ان تي وڏو نازڪن ٿا.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪو مريد پاڻيءَ جو ڪؤنرو ڀري
حضرت صاحب کي ڏنو. پاڻ جڏهن هن ڏانهن نظر ڪيائون
ته اهو مريد کين ڏاڍو خوش ۽ سرهو نظر آيو. فوري
طور کيس چيائون(91) ته ڪونري ڀرڻ تي ايڏو خوش ٿيڻ
نه کپي، يا ائين سوچڻ نه کپي ته بس هاڻي ٻين جا
ڪؤنرا ڪين ڀريندس. بلڪ خدمت خاطر اهو ڪم مرڻ
گهڙيءَ تائين جاري رکڻ گهرجي.
چيائون ته طالب کي گهرجي ته هميشہ جتي پير ۾ پائي
نه هلي. ڪڏهن اگهاڙين پيرين به هلي. ان ڪري جڏهن
سفر ۾ هلي ته ڪڏهن پائي ته وري ڪڏهن هٿ ۾ کڻي هلي.
مطلب ته پاڻ کي اهڙو نه هيرائي جو جڏهن جتي ميسر
نه هجيس ته هلڻ کان لاچار ٿي وهي رهي ۽ چري نه
سگهي.
فرمايائون ته بڇڙي ڪم ڪرڻ سان ذات بڇڙي ڪو نه ٿي
ٿئي، بلڪ گناهه بذات خود بڇڙو آهي.
جيڪڏهن ڪو شخص اهو ارادو ڪري ته هر ٽي ڏينهن مردي
سان گڏ سمهندو يعني اهو جيڪو کائيندو سو هي
کائيندو، جيڪي هو پهريندو، سو هي پهريندو ۽ آءٌ پڻ
خلق خدا جي سان ايترو ميل جول رکندس جيترو هي
رکندو، ته پوءِ جلد ئي اهو الله جو پهتل ٻانهو
بنجي ويندو.
فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو شخص جن لڳڻ ڪري ئي ديوانو
ٿي پوي، ته اهو پڻ بهتر ڇو ته اها گهڙي ته پنهنجي
خوديءَ کان آجو رهندو.
[52]
قرب ڪبرياءَ، ماءُ ملاقي نه ٿيئي،
صوفيءَ جي صلاح ۾، پورو اي پرياءُ.
]اي
امڙ! قرب ۽ تڪبر جو هڪ هنڌ گڏجڻ ٺهي ئي ڪو نه.
صوفين جي مشرب ۾ انهيءَ ڳالهه تي پورو اتفاق آهي.[
طالب کي گهرجي ته جيڪڏهن ڪير کيس تڪليف پهچائي ته
غمگين نه ٿئي. بلڪ ائين سمجهي ته اها تڪليف خدا جي
طرفان آهي ۽ انهيءَ تڪليف پهچائيندڙ کي ڪجهه نه
چوي.(92)
ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لٺ سان
ماريندو هجي ته اهو ماڻهو جيڪڏهن اها لٺ ڀڃي ڇڏي
ڇاڪاڻ ته کيس ان لٺ سان ماريو ٿي ويو، ته اها
بيوقوفي چئبي. لٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو. اصلي ذميوار لٺ
هڻندڙ آهي.
[53]
چندن چُور ڪريندي، رَتو منهن ڪُهاڙ،
سڄ ڏڄڻ نه ٿئي، جي رسي سئو وار،
پروڙئو پراڙ، تِه ڪرهيندي قرب ٿئي.
]چندن
جي ڪاٺ کي ڪپيندي ڪهاڙي جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو
آهي. دوست دشمن هرگز نه ٿيندو، توڻي سئو ڀيرا
ڪاوڙجي. پراڙ کي خبر پئي آهي ته جهيڙي منجهان قرب
پيدا ٿئي ٿو.[
چيائون ته فقيرن جي نظر ۾ اهل دنيا وارا پن جي هڪ
اهڙي انبار مثل آهن، جنهن ۾ جيڪڏهن هڪڙي چڻگ اڏامي
پوي ته پوري ڍڳ کي ساڙڻ لاءِ ڪافي آهي.
فرمايائون ته اولياء ٽن قسمن جا آهن. هڪڙا اهي جو
جڏهن لوح محفوظ تي نظر پوين ۽ پنهنجي عمر ٿوري ڏسن
ته ان کي وڌائن، ٻيا اهي جيڪي ڊگهي عمر ڏسن ته ان
کي گهٽائي ٿوري ڪن ته جيئن هن دنيا ۾ ٿورو ترسن،
ٽيان اهي جيڪي لوح محفوظ ۾ سڀ ڪجهه ڏسن، پر ڪجهه
ڪين ڪن، بلڪ خدا جي رضا تي راضي رهن ۽ ان تي شڪر
ڪن.
فرمايائون ته روحن جي خلقت ۾ حضرت محمد عليہ
الصلواةِ والسلام سڀ کان اڳ ۾ آهن، ليڪن جسماني
خلقت ۾ آدم عليہ السلام سڀني کان اول آهي.
چيائون ته پير مريدن کي ٻيو ڪجهه نٿا ڏين، بلڪ
جيڪي، مريدن وٽ آهي، اهو کيس چمڪائي ڏيکارين ٿا،
ته جيئن ڏسي سگهي. ان جو مثال اجهو ائين آهي جيئن
آئيني ٺاهڻ وارو اصل تان(93)ڪٽ لاهي ان کي صفا ڪري
چمڪائيندو آهي، ايتريقدر جو ان ۾ ٻي ڪا شيءِ نه
وجهندو آهي، تان جو اصل چمڪندڙ مٿاڇرو صاف ظاهر ٿي
پوندو آهي ۽ اهو روشني ڏيڻ لڳندو آهي.
چيائون ته ڪشف ۽ ڪرامتون دنيا جون ڳالهيون آهن.
اصل ڳالهه آهي ته انهن سڀني کي ڇڏي ٻي دنيا هٿ
ڪجي.
فرمايائون ڪل ما خطر ببالڪ والله بخلاف ذالڪ
يعني:تنهنجي سوچ ۾ جيڪي ڪجهه اچي ٿو الله ان کان
ٻيءَ طرح آهي.
چيائون ته جنهن ٽي دفعا ڪوڙ ڳالهايو، تنهن ڄڻ ته
هڪ ڀيرو زنا ڪئي. پر جيڪڏهن ڪنهن ٽي دفعا زنا ڪئي
تنهن گويا هڪ ڀيرو غيبت ڪئي. وري جنهن ٽي دفعا
غيبت ڪئي تنهن گويا سمعا جي حلقي ۾ هڪ ڀيرو بي
معنيٰ ضرب هنئي تنهن گويا سماع ۾ بي معنيٰ رقص
ڪيو.
فرمايائون ته موسيٰ عليہ السلام جي اها سنت آهي ته
جڏهن فقير گهران نڪري ته اها نيت ڪري ته من ڪنهن
طالب خدا سان ملاقات ٿئي ۽ ڪو درويش گڏجي وڃي،
جيڪو خدا جي راهه ڏيکاري. عيسيٰ عليہ السلام جي
اها سنت آهي ته جڏهن طالب گهر کان ٻاهر نڪري ته
اها نيت ڪري ته من منهنجو پير اهڙي هنڌ تي پوي جتي
اڳي ڪنهن طالب ۽ دوست خدا جي پنهنجو پير رکيو هجي.
فرمايائون ته بي نمازي کي ڪُهڻ گهرجي.
چيائون ته جڏهن ڪو طالب خدا جو اهل دنيا سان تواضع
اختيار ڪري ٿو ۽ انهن وٽ ٿورو يا گهڻو ويهي ٿو يا
صحبت ڪري ٿو ته خدا تعاليٰ سندس دين کي چٽ ڪري ٿو
۽ هن جي سموري عبادت کي ضايع ڪري کيس خوار ڪري ٿو.
چيائين ته خدا تعاليٰ شينهن جي ڪنن ۾ ظهور ڪري ٿو،
پوءِ جيڪي طالب شينهن کان ڊڄن ٿا، سي خدا جي طلب
يا تمنا ڪيئن ٿا ڪن.(94)
فرمايائون ته خلق جي پيدا ٿيڻ جو سبب اولياءَ آهن.
جيڪڏهن اولياءَ عدم ۾ هجن ها ته ٻي مخلوق به پيدا
نه ٿئي ها. ان جو مثال ائين آهي جيئن باغائي وڻن
کي پاڻي ڏيندو آهي ته ان لاءِ واهيون ٺاهيندو آهي،
پوءِ انهيءَ پاڻيءَ جي ڪري بنا ڪنهن ٻج ڇٽڻ جي ٻيو
ڪيترو گاهه ۽ اوڀڙ پاڻهي ڄمي پوندا آهن.
چيائون ته پيرن کي ڪا به قدرت ناهي جو مريدن کي
پنهنجي پاران شيءِ عنايت ڪن. ڇو ته جيڪڏهن ائين
هجي ها ته پهريائين پنهنجن پٽن تي شفقت ڪن ها ۽ ان
کان پوءِ ڪن ٻين تي !
فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو چڱو خواب ڏسي ۽ ٻي ڪنهن
سان بيان ڪري ۽ اهو کيس چڱي تعبير ڪري ٻڌائي ته
پوءِ ان جو اثر به چڱو ٿيندو.
چيائون ته جيڪو ماڻهو جمعي ڏينهن غسل نه ڪري ته ان
کان ڏنڊ طور ڪا شيءِ اوڳاڙي ڪجي ته جيئن ٻي دفعي
غفلت نه ڪري ۽ خبردار ٿئي.
فرمايائون ته جڏهن ڪو شخص خدا جو طالب ٿئي ٿو ته
ان جو پيءَ ماءُ، ڏاڏو بلڪ انهن جا پيءُ ماءُ جيڪي
اڳي مري چڪا آهن. ويندي آدم عليہ السلام تائين سڀ
الله تعاليٰ جو شڪرانو بجا آڻين ٿا ته الحمدالله
اسانجي اولاد منجهان ڪو طالب خدا پيدا ٿيو آهي.
چيائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا واسطي ڪنهن ٻئي وٽ
ڪم لاءِ وڃي ۽ سندس اهو ڪم ٿي پوي ته ڄڻ سندس نفس
جيئرو ٿي پيو، پر جيڪڏهن اهو ڪم نه ٿيو ۽ خالي
موٽيو ته ڄڻ سندس نفس مري ويو. ان ڪري انهيءَ
ماڻهوءَ جي حق ۾ اها بهتر ڳالهه آهي ته سندس ڪم نه
ٿئي. چيائون ته جڏهن ڪنهن وٽ دعا ڪرائڻ وڃو ته سنت
پوري ڪريو، ڇو ته بنا سنت جي مقصد حاصل نه ٿيندو.
چيائون ته جيڪو مجلس ۾ ويهي ڪوڙ هڻي ته خدا تعاليٰ
ان کان سچائي (95) کي پري ڪري ڇڏيندو، پر جيڪو سچ
چوندو ته خدا تعاليٰ ان جي دل کان وري ڪوڙ کي پري
ڪري ڇڏيندو.
فرمايائون ته هر پير جيڪو بهتري چاهي ٿو ته اها
حاصل ڪري سگهي ٿو، تان جو حضرت محمد صلي الله عليہ
وسلم تائين پهچي سگهي ٿو. ليڪن ان کان مٿي وڃي نٿو
سگهي. چيائون ته آءٌ فقيرن کي پير ڪري سمجهندو
آهيان. ڇو ته پير ان کي چئجي جنهن کي ڏسڻ سان خدا
ياد اچي. مون کي پڻ فقيرن کي ڏسڻ سان خدا ياد
ايندو آهي.
هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن سان
رستي ۾ گڏيا ٿي وياسون جو پاڻ نصيحت ڪندي هي بيت
پڙهيائون:
[54]
سَڄڻ جان سَهُو، ته ڪر روحَ رُچنديون،
سندو ڪاٺُ ڪَهُو، ڀُتو ئي ڀَرُ سَهي.
]سڄڻ
جيستائين برداشت ڪري، تيستائين ڀلي جيڪي دل چاهي
سو ڪر. ڪهوءَ جي ڪاٺي ڪيتري به پراڻي هوندي، تڏهن
به بار کڻي ويندي.[
چيائون ته جڏهن ڪو خدا وارو زمين تان گذر ڪري ٿو
ته زمين جو اهو حصو ٻي زمين جي مقابلي ۾ پاڻي کي
خوش نصيب سمجهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو اتي ڪجهه دير
لاءِ ترسي ٿو ته اها زمين پاڻ کي اڃان وڌيڪ خوش
نصيب سمجهي ٿي. ليڪن جڏهن هو اتي نفل ادا ڪري ٿو
ته زمين جو اهو حصو پاڻ کي وڏي ڀاڳ وارو سمجهي ٿو.
فرمايائون ته جڏهن نماز جي نيت ڪريو ته ائين هرگز
نه چئو ته ڪو منهن ڪعبةِ الله جي طرف ڪيان ٿو. بلڪ
چئو ته منهن ڪيم مڪان ڪعبي ڏانهن، ڇو ته ڪعبو ڪڏهن
ڪڏهن خدا وارن جي طواف تي وڃي ٿو ۽ پنهنجي جاءِ تي
ٽڪيل ڪو نه ٿو رهي.
چيائون ته طالب لاءِ هن دنيا ۾ ئي خدا جو عرفان
ضروري آهي. ڇو ته قيامت جي ڏينهن جڏهن رب تعاليٰ
پنهنجي تجلي ڏيکاريندو ته انهيءَ ڏينهن کيس اهي ئي
سڃاڻندا جن کيس هتي ڄاتو هوندو ۽ اهي ئي سجدو
ڪندا. ٻي مخلوق جيڪا هن دنيا ۾ کانئس غافل آهي،
اتي پڻ بيخبر ۽ غافل رهندي.(96)
چيائون ته الله تعاليٰ جي لطف منجهان ڪن انسانن جي
بخشش ان ڪري ٿئي ٿي جو هو اولياءَ الله وارن سان
لاڳاپي ۾ آهن، يعني انهن جي گفتگو ٻڌن يا انهن جي
هٿ ۾ هٿ ڏين ٿا، يا ايترو ويجهو اچن ٿا، جو انهن
جي چادر سان لڳي ويهن ٿا.
فرمايائون ته ڪي ماڻهون چون ٿا ته خدا تعاليٰ جيڪي
چاهي ٿو اهو اوس ٿئي ٿو، ان ڪري اسين ڪجهه به نه
ڪنداسين. حالانڪ جڏهن کين بک لڳي ٿي ته طعام جي
گهر ڪن ٿا، ٿانو صاف ڪن ٿا، پاڻي ڀرين ٿا ۽ باهه
ٻارين ٿا. اهڙيءَ طرح جڏهن سندن چادر ميري ٿئي ٿي
ته ڏوڪڙ ڏيئي صابڻ خريد ڪن ٿا ته جيئن ان کي ڌوئي
اجرو ڪن. مطلب ته انهن سڀني وقتن تي ائين ڇو نه ٿا
چون ته جيڪي ڪجهه خدا کي ڪرڻو آهي، سو ضرور ٿيندو.
چيائون ته مٿي تي وار رکڻ چڱو ناهي.
فرمايائون ته عارف ڪوڙو هجي سچي زاهد کان بهتر
آهي.
چيائون ته ظالم ۽ ڏاڍ سان هٿ ڪيل هڪڙو قيراط، حق
سچ جي ستر قيراطن کي ضايع ڪري ڇڏي ٿو.
چيائون ته جڏهن مهمان اچي ته هروڀرو تڪلف نه ڪجي،
جيڪي گهر ۾ حاضر هجي، اهو آڻي سندن آڏو رکجي.
چيائون ته چرين سان صحبت اختيار نه ڪريو، ڇو ته
توهان کي اهو ئي حاصل ٿيندو جيڪي وٽن آهي.
قيامت جي ڏينهن ڪيترن فقيرن منجهان جن تي وڏا قبا
ٺهيل آهن، باهه جا شعلا نڪرندا. ليڪن ڪيترن مساڻن
منجهان نور جون لاٽون نڪرنديون. چيائون ته جيڪو
ماڻهو مجلس ۾ پوئتي اچي ويهي ٿو، ان جو غرض اهو
هوندو آهي ته جيئن ٻيا اٿي وڃن ته آءٌ اڳتي اچي
ويهان. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ گهڻن شخصن کان
اهو پڇندو ته توهان دنيا ۾ جيڪا عبادت ڪئي، ان جو
توهان کي اتي اجورو مليو؟ هو منجهي پوندا ۽ چوندا
ته ڪيئن! خدا تعاليٰ فرمائيندو ته اتي(97) جن
ماڻهن توهان کي سلام ڪيو، عزت ڏني ۽ اهڙيءَ طرح
ٻيا ماڻهو يا جيڪي توهان جي غلاميءَ ۾ رهيا! اهو
ٻڌي هو شرمسار ٿيندا ۽ پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهندا.
نقل آهي ته حضرت جن اهل دنيا وارن سان سخن الاهي
ڪو نه ڪندا هئا. پر جيڪڏهن ڪي اهڙا اهل دنيا جا
سخن الاهي سڻڻ واسطي ايندا به هئا ته انهن سان
گهڻو ڪري دنيا جون ڳالهيون ڪندا هئا.
چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص مجلس ۾ ويهي خدائي سخن
ٻڌائي ٿو، پر سندس نيت اها آهي ته جيئن ماڻهن جون
دليون هن جي دام ۾ ڦاسن ۽ هو ڏانهس متوجهه ٿين ۽
معتقد بنجن. وري ان کان پوءِ انهن ماڻهن کان ڪا
شيءِ وٺي ٿو يا انهن جو کاڌو کائي ٿو، ته انهيءَ
شخص ۽ ٻئي اهڙي ماڻهوءَ جي وچ ۾، جيڪو زور
زبردستيءَ سان سندن مال ڦري ٿو، ڪو به فرق نه آهي.
فرمايائون ته صوفي ڏينهن تتي جو ٻاهر نڪرن ٿا ۽
پنهنجو ڪم ڪار ڪري واپس ٿين ٿا. ان جو ڪارڻ هي آهي
ته صبح ۽ شام جو هوا ٿڌي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي ۽ ان وقت
ڪوليون ماڪوڙا ۽ ٻي مخلوق ٻرن کان نڪري ٻاهر گهمڻ
لڳن ٿا، جنهن ڪري امڪان آهي ته اهي سندن پيرن
هيٺان اچي مري نه پون.
چيائون ته جڏهن ڪا مسجد ويجهي هجي، پر پوءِ به
ماڻهو فرض نماز جو وڃي اتي ادا نه ڪري ته اها مسجد
ان لاءِ بددعا جو سبب ٿيندي ۽ کانئس نفرت ڪندي. بي
نمازي اهو آهي جيڪو سنت جماعت کي ڪڏهن به نٿو
پهچي.
[55]
پَر ۾ پَچي پرينءَ کي، پسجي پرڏيهه،
جتي ساجن سپجي، ساهه کي سو ساڻيهه.
]پرين
لاءِ پنهنجي پر ۾ پچي پرديس پسجي، جتي ساجن ملي،
ساهه لاءِ اهو ئي ساڻيهه آهي.[
چيائون ته جيڪو ماڻهو پير جي حاضريءَ ۾ هجي، پر
پوءِ وڃڻ جو خيال ڪري(98) تڏهن پير کان اجازت نه
گهري، پر اهڙيءَ طرح غائب ٿئي جو پير کي ڪا خبر نه
پوي، بلڪ سڀاڻي ٻيا ائين چون ته فلاڻو ماڻهو جيڪو
هتي هو الائجي ڪيڏانهن ويو.
چيائون ته ڪم اهڙي ماڻهو کي چئجي جيڪو ڳالهه پوري
ٻڌڻ کان اڳ ئي ٽپ ڏئي وڃي ان سان لڳي. ياري اهڙي
شخص سان رکڻ گهرجي جيڪو ڏهاڙي سو گناهه بخش ڪري.
فرمايائون ته پيرن کي سڀ ڪم ڪرڻ گهرجن. زمين کي
کيڙي آباد به ڪن ته خلق خدا جي سان به واسطو رکن.
ليڪن مريدن کي پيرن سان ريس نه ڪرڻ گهرجي.
نقل آهي ته هڪڙو مريد حجري اندر ڪنڌ مٿي کنيو
دروازي طرف نگاهه ڪيو ويٺو هو، جڏهن حضرت جن جي
مٿس نظر پئي ته ڇينڀ ڪندي کيس چيائون ته ڪيڏانهن
ڏسي رهيو آهين. فقير کي اهو نٿو جڳائي ته ڪنڌ مٿي
ڪري ائين ويهي، بلڪ ڪنڌ جهڪائي ويهجي ۽ پنهنجي پٺي
حجري جي دروازي طرف ڪري ۽ منهن حجري طرف ڪري.
چيائون ته خدا تعاليٰ جو فرمان آهي: ان تعدوا
نعمةِ الله لاتحصوها.(18:16) يعني جيڪڏهن توهان
خدا جون نعمتون شمار ڪرڻ لڳندا ته ڳڻي نه سگهندا.
فرمايائون ته پيش امام کي التحيات کان بعد گهڻيون
دعائون نه پڙهڻ کپن، ڇو ته ان وقت نمازي جيڪي
دعائون نٿا ڄاڻن، خاموش رهن ٿا ۽ نماز ۾ خاموشي
حرام آهي. تڪبير جي وقت مٿو سڌو هجڻ گهرجي يعني
هيٺ ۽ جهڪيل نه هجي، ڇو ته قيام درست نه ٿيندو.
چيائون ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بزرگ يا وليءَ جو
نقل ٻڌي ته ٻڌندڙ کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ڄڻ هو
پاڻ ِاهو نقل ان بزرگ کان ٻڌي رهيو آهي جنهن جو
اهو قول آهي. انهيءَ وقت ٻي ڪا به شيءِ هٿ ۾ نه
رکي ويندي. پٽ تان ڪک به نه کڻي. ڇو ته جيڪڏهن
ائين ڪيائين ته کيس ڪو فائدو نه رسندو.(99)
فرمايائون ته رڪوع ۽ سجدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا
تسبيح پڙهڻ گهرجي. وڌيڪ چيائون ته ”الله“ چوڻ فرض
آهي ۽ ”اڪبر“ چوڻ واجب آهي.
چيائون ته فرمان خداوندي آهي:لَن تنالو البر حتيٰ
تنفقو مما تحبون (92:3)يعني توهان هرگز نيڪي
کي نه رسندا جيستائين توهان پنهنجي پسند وارين شين
مان خرچ نٿا ڪريو. حضرت جن جو هن آيت مان مطلب هو
ته خدا جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ اهڙين شين جي پچر
ڇڏيو جيڪي دوستيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن.
]بيت[
هرچه داري، صرف کن در راه او،
لن تنالوا البر حقيٰ تنفقوا.
حضرت جن هن آيت ۾ لفظ ”بِر“ کي ”بر“ ڪري پڙهندا
هئا، جنهن مان مراد خدا جي ذات وٺندا هئا. يعني
توهان ”خدا جي ذات“ کي هرگز رسي نه سگهندا،
جيستائين پنهنجي پسنديده مال مان خرچ نه ڪندا.
چيائون ته فرمان خداوندي آهي:ڪل حزب بما لديهم
فرحون (32:30) يعني سڀڪو ٽولو پنهنجي پنهنجي راه
تي خوش آهي. جهڙي طرح ڪا مينهن جڏهن پنهنجي وڳ کان
ڇڄي پري هلي ويندي آهي ته تيستائين کيس آرام نه
ايندو آهي،جيستائين موٽي اچي وري ساڳي وڳ ۾ شامل
نه ٿيندي آهي.
چيائون ته پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جو قول
آهي:الدنيا جيفةِ وطالبها کلاب يعني هيءَ دنيا
ڍونڍ آهي، ۽ ان جو طالب ڪتو آهي. هتي ”جاه“ ئي
ڍونڍ آهي ۽ ان جا طالب ڪتا آهن.
فقير کي گهرجي ته نيم بسمل يعني اڌ ڪٺل پکيءَ
وانگر هجي، نه مئل نه جيئرو. خدا تعاليٰ کي اهڙا
فقير گهڻا پسند آهن.
چيائون ته جڏهن ڪو خدا کان ڪا شيءِ گهري، ته ان جي
سڃاڻپ ڪري طلب نه ڪري، ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ طرح هو ان
شيءَ کي سڃاڻي ٿو، اهڙيءَ طرح ڪوئي نٿو سڃاڻي. هن
کي کپي ته پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري، ته
جيئن ان شيءِ جي سڃاڻپ حاصل ٿيس جيڪا کيس سڃاڻڻ
گهرجي.
[56]
سڏ نه سلامي ٿئا، وهي نه ورئا جي،
هاڻي تَني کي، ناهي ماڳ ملير ۾.
]جيڪي
سڏ ڪرڻ تي سلامي نه ٿئا ۽ مند تي موٽي نه آيا. تن
لاءِ هاڻي ملير ۾ ڪا جاءِ يا هنڌ ڪونهي.[(100)
نقل آهي ته هڪڙو وسواسي فقير ڪنهن ڏينهن اچي حضرت
جن جي ڳوٺ وٽان لنگهيو، سو حضرت جن کي چورائي
موڪليائين ته ڀلائي ڪري هڪ ڪُوزو ڏياري موڪليو.
حضرت جن ڏانهس پنهنجو ڪوزو ڏياري موڪليو. هن اهو
ڪوزو واپس موڪليو ۽ چورائي موڪليائين ته هي ڪوزو
استعمال ٿيل آهي، نئون ڏياري موڪليو. حضرت جن هڪ
نئون ڪوزو وٺي پنهنجي خادم هٿان ڏياري موڪليو ۽
نياپو ڏنائونس ته فقير کي چئجان. اي وسوسن ۾ ورتل.
رڳو ڪوزن کي نه پوڄ ! بلڪ وڃي ڪنهن مرد خدا جي ڪي
ڏينهن خدمت چاڪري ڪر.
[57]
پاڻيءَ اتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،
دانهون ڪن مُٺن جيئن ، دم نه سڃاڻن.
]پاڻيءَ
جي ڪنڌيءَ تي سندن گهر آهن، پر تڏهن به مورک انسان
پيا اُڃ مرن. مجبور انسانن وانگر پيا رڳو دانهون
ڪن، باقي وقت کي سڃاڻن نٿا.[
چيائون ته پيغمبر خدا جو فرمان آهي:المؤمن
مراةِ المؤمن يعني مؤمن ٻئي مؤمن جو آئينو
آهي. مطلب ته جڏهن هڪ مؤمن ٻئي ۾ ڪا برائي ڏسي ته
ان کان پاسو ڪري ۽ جيڪا چڱي عادت ان ۾ ڏسي ته ان
کي اختيار ڪري.
فرمايائون ته اسان جي واسطي وارن منجهان جڏهن ڪنهن
شخص جو ڪو ڪم يا مراد پوري نه ٿئي ته اهڙي وقت ۾
حضرت غوث الثقلين شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني
قدس الله سره کي ياد ڪري ۽ ان جي مدد طلب ڪري ته
اهو ڪم يا مراد حاصل ٿيندس.(101) ڇو ته حضرت غوث
پاڪ اسان جي يارن جا گهڻگهرا آهن ۽ تڪليف يا ڏکئي
وقت ۾ کين اڪيلو نه ڇڏيندا.
فرمايائون ته دنيا چار ڏينهن ۽ چار راتيون آهي.
پهريون ڏينهن ۽ رات اُهي آهن جيڪي گذرن ٿا، ٻي رات
۽ ڏينهن هي جهان آهي، ٽين رات اها آهي جڏهن ساهه
اندر وڃي ٿو ته ۽ ماسويٰ الله کان نفي اختيار ڪري
ٿو، پر جڏهن ٻاهر نڪري ٿو ته سندس ڏينهن آهي.
چوٿين رات اها آهي جڏهن پنهنجو پاڻ ۾ فنا ٿجي ۽
چوٿون ڏينهن اهو آهي جڏهن باقي بالله ٿجي.
چيائون ته سبحان الله جو مطلب آهي ته سڀ پاڪائي
انهيءَ خدا جي لاءِ جيڪو پاڪائيءَ جي لائق آهي،
جيڪو پاڪائيءَ جو بخشيندڙ آهي، بلڪ جيڪا پاڪائي
اسين هن ڏانهن منسوب ڪريون ٿا، ان کان به پاڪ آهي.
والله اعلم بالصواب. |