سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :8

فصل ٻيو

ورد وظيفا ۽ نفل نمازون وغيره

فرمايائون ته مون ڪيترن ورد وظيفن بابت ٻڌو، پوءِ جڏهن انهن تي عمل ڪري ڏٺم ته منهنجا ڪيترائي مقصد پورا ٿيا. چيائون ته فقير کي گهرجي ته هر نماز کان پوءِ ٿورو ورد ڪري، ورد کان سواءِ نماز ائين آهي جيئن سڻڀ کان سواءِ طعام.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي فڪر ٿي رڳو هڪ ڀيرو الله جو نالو وٺي ته الله تعاليٰ ان کي هزارين ورهين جي عبادت جو اجر ڏئي ٿو، ۽ جي دل سان چوي ته ٽن ڪروڙ ورهين جو، پر جي ان وقت سندس دل ۾ جنبش پيدا ٿئي ته پوءِ روايت ڪن ٿا ته ان ٻانهي کي ايترو ثواب ٿئي جو جيڪڏهن سڀ وڻ قلم ۽ سڀ درياه مس ٿي پون ۽ زمين آسمان ڪاغذ هجن، ۽ ملائڪ توڙي انسان سڀ ويهي لکن ته جيڪر لکي نه سگهن.(102)

چيائون ته رات ۽ ڏينهن ۾ چوويهه گهڙيون آهن، هر گهڙيءَ ۾ هزار دم کڻجن ٿا. ان ڪري خدا جي ياد کان سواءِ جنهن هڪ دم به کنيو تنهن ڄڻ ته پنهنجو وڏو نقصان ڪيو. جيڪڏهن ڪو شخص صبح ۽ مغرب جي نماز کان پوءِ هر دم سان گڏ سئو ڀيرا ”لا الہٰ الا الله“ چوي ته ڄڻ سندس سڄي ڏينهن ۽ رات جا سڀئي دم حق تعاليٰ جي ذڪر ۾ گذريا.

چيائون ته جيڪو نمازي سلام ڦيرڻ وقت کٻي طرف”لا الہٰ الا الله“ چوي ۽ وري پوءِ سڄي طرف ڦري ”محمد رسول الله“ چوي ته لکڻ وارا سندس ثواب لکڻ کان عاجز ٿي پوندا. جيڪو نمازي فرض کان پوءِ پنهنجا ٻئي هٿ سجي واري جڳهه تي رکي پوءِ مٿي کڻي پنهنجي منهن تي گهمائي ۽ ٽي ڀيرا ڪلمو پڙهي ته الله تعاليٰ ان جي نماز کي نه موٽائيندو. جيڪو فرض نماز کان پوءِ چار ڀيرا آڱرين تي لاحول ولا قوهِ الا بالله پڙهي بند ڪري ۽ پنجون ڀيرو پنجين آڱر تي پڙهي ۽ درود پڙهي هٿ منهن تي ڦيرائي ۽ چوي ”من الازل الي الابد“ ۽ پنهنجي آڱرين سان منهن تي هڪڙو دائرو ٺاهي پورو گهمائي اچي ته اهڙي ماڻهوءَ کي خدا تعاليٰ هن دنيا ۾ ضرور ديدار ڪرائيندو ته به مرڻ وقت اهو ضرور نصيب ٿيندس. ڪي چون ٿا ته حضرت جن آڱرين ڦيرائڻ وقت الي الابد جي بجاءِ الي الخيال پڻ چوندا هئا.

چيائون ته هر ڀيري جڏهن گهر ۾ داخل ٿيو ته ”قل يا اَيُهالکافرون“ پڙهو.(103) ته جيئن ان گهر ۾ برڪت پوي. مان جنهن گهر ۾ ۽ ڳوٺ ۾ ويندو آهيان ته اها سورة پڙهندو آهيان، ته جيئن اهي برڪت کان خالي نه رهن.

چيائون ته فقير کي گهرجي ته کاڌي کائڻ وقت هر گرهه تي بسم الله چوي، ۽ جڏهن ان کي چٻاڙي ته يا قيوم يا قيوم چوي ۽ جڏهن ڳيت ڏئي ته الحمدلله چوي، پوءِ جيڪڏهن اهو شخص چوي ته مون طعام نه کاڌو آهي بلڪ نور خدا جو واپرايو اٿم ته اهو صحيح ٿو چوي ۽ ان لاءِ ڪوڙ نه لکندا.

چيائون ته جڏهن چار ڄڻا گڏ ويهي کاڌو کائين ته ساڻن پنجون هٿ نبي ڪريم عليہ الصلواة والسلام جو هوندو آهي، پر جيڪڏهن ڏهه ڄڻا گڏ ويهي کائيندا ته يارهون هٿ خداوند تعاليٰ جو هوندو آهي.

چيائون ته جيڪو نماز جي ٻانگ کان پوءِ پنهنجا هٿ منهن تي نٿو گهمائي، قيامت ڏينهن ان شخص جا هٿ ڀڃي ڇڏيندا.

چيائون ته جيڪو ڇڪ اچڻ کان پوءِ ٽي ڀيرا الحمد ۽ ٽي ڀيرا اذاجاءِ نصر الله سورة پڙهي ٿو،خدا تعاليٰ ان کي تيستائين نه ماريندو جيستائين کيس پنهنجي معرفت نصيب نٿو ڪري.

چيائون ته جيڪو سج لهڻ کان پوءِ سج اڀرڻ کان اڳ ۾ سجدي اندر پنجويهه دفعا هيءَ دعا پڙهندو:”اللهم اغفرلي ِولوالدي والمؤمنين والمؤمنات والمسلمين والمسلمات برحمتڪ يا ارحم الراحمين“ تنهن کي الله تعاليٰ محتاجيءَ کان محفوظ رکندو ۽ کيس پنهنجي معرفت نصيب ڪندو. چون ٿا ته حضرت جن اللهم اغفرلي ولامة محمد عليہ الصلاةِ والسلام پڙهندا هئا.

چيائون ته جيڪڏهن ٻانگ ڏيڻ ۽ پهرين صف ۾ بيهڻ جي ثواب جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته جيڪر هڪ ٻئي سان جنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏين.

چيائون ته شهر توڙي جهنگل ۾ ٻانگ وڏي آواز سان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڀلي وڻ ٽڻ، پکي پکڻ وغيره سڀ ٻڌن ۽ ٻانگ ڏيندڙ(104) جي موجود هجڻ جي گواهي ڏين.

چيائون ته جڏهن مؤمن وضو ڪري ٿو ته ملائڪ نور جا طبق ڀري سندس مٿان بيهن ٿا، ۽ ان ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته جڏهن هو پنهنجو مٿو اگهاڙو ڪري مسح ڪندو ته اهي طبق نور جا هن جي مٿي تي اوتيندا. پر جي ائين نه ڪيائين ته واپس موٽي ويندا.

 چيائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمهڻ ويل پنهنجو سڄو هٿ دل تي رکي سئو ڀيرا ياحَي ُ پڙهي ۽ پوءِ ننڊ ڪري ته خدا تعاليٰ ان جي دل کي يادگيريءَ کان هرگز غافل نه ڪندو.

چيائون ته گهوڙي وغيره تي سوار ٿيڻ وقت هيءَ دعا پڙهڻ گهرجي الحمد للهِ الذي سخرلنا هذا وما کنا لہ مقرنين يعني سڀ تعريف الله پاڪ جي جنهن مطيع ڪيو اسان لاءِ هنن (جانورن کي) ۽ اسان کي ڪا طاقت نه هئي.“

چيائون ته ننڊ ڪرڻ وقت هيءَ دعا پڙهي: ”وقل رب انزلني مبارڪا وانت خيرالمنزلين.“

چيائون ته ننڊ مان جاڳڻ ويل هيءَ دعا پڙهي :الحمد لله الذي احياني بعد ما اماتني واليہ النشور.

چيائون ته اهڙي وڏي هاج يا ڪم جيڪو هونئن نه ٿي سگهي ته هيءَ دعا پڙهي:اللهم اني اَسئلُڪَ مالا استحق واعوذبڪ مما استحق يعني اي الله، مان اها شيءِ گهران ٿو، جنهن جو استحقاق ڪونهي ۽ تنهنجي پناهه گهران ٿو جنهن جو مان مستحق آهيان.“

چيائون ته ماني کائڻ لاءِ ٻئي هٿ ڌوئڻ کپن باقي ٻئي کاڌي کائڻ لاءِ هڪ هٿ ڪافي آهي ڇو ته مانيءَ کي هڪ هٿ سان ڀڃڻ مڪروه آهي.

چيائون ته جيڪڏهن ڪنهن چلي ۾ يا ڪي ٻيا نفلي روزا رکيا آهن پر ڪٿي ماڻهن جي وچ ۾ اچي ويٺو آهي ۽ اتي طعام آندو ويو آهي ته پوءِ هو ان ۾ شريڪ ٿئي ۽ ان ۾ عذر نه ڪري ۽ ائين نه چوي ته مون کي روزو آهي. پر جيڪڏهن چيائين ته مون کي روزو آهي ته هن ڄڻ ڪنهن شيءِ جي خبر نه رکي ۽ اجايو پنهنجو زيان ڪيائين.(105)

چيائون ته جڏهن ڪو ماڻهو پرائي ٻنيءَ وٽان لنگهي ۽ مان ڪو سلو پٽي وٺي ۽ پوءِ ان کي زمين تي اڇلائي ڇڏي ۽ ان جي ڪري اڳلي جي فصل کي نقصان پهچي ته اهڙي صورت ۾ ان ڀيل ڪندڙ جون سڀ نيڪيون ان ٻنيءَ جي مالڪ جي کاتي ۾ لکيون وينديون.

چيائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمهڻ وقت هيٺين لفظن واري دعا پڙهندو ته ان جا اهڙا ڪبيرا گناهه جيڪي ڪنهن سبب هن کان اڳ نه بخشيا ويا هوندا، سي به بخش ٿي ويندا. ”سبحان المقدر لما يشاءَ بقدرت وفعال لما يريد بعزت برحمتڪ يا ارحم الراحمين.“

چيائون ته نبين ۽ ولين جو اهو معمول هوندو هو ته عصر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ خاموشي اختيار ڪندا هئا ۽ دنيا جي گفتگو نه ڪندا هئا. اهڙي طرح عشاءَ جي نماز ۽ تنهن کان پوءِ عصر جو اٿي اشراق تائين ماٺ ۾ رهندا هئا. ۽ ڪجهه به نه ڪڇندا هئا. جيڪو ماڻهو اهو معمول رکندو ته خدا تعاليٰ ان کي هن دنيا ۾ شيطان جي ڦندي کان پناهه ۾ رکندو. ڇو ته اهو ئي وقت آهي جڏهن شيطان پنهنجو ڄار ڦهلائي ٿو ته من ڪو ان ۾ ڦاسي. ان ڪري، جيڪو اهو معمول اختيار ڪندو ته اهو آخرت ۾ نبين ۽ ولين سان گڏ هوندو.

چيائون ته جيڪو شخص نماز کان پوءِ ٽيٽيهه  دفعا سبحان الله ۽ ٽيٽيهه ڀيرا الحمد الله ۽ وري ٽيٽيهه دفعا الله اڪبر جو ورد ڪري ٿو ته ان شخص لاءِ نبي ۽ ولي جي برابر عبادت لکن ٿا ۽ ان کي ”ورد اڪبر“ ڪوٺين ٿا.

چيائون ته جيڪڏهن ڪنهن طالب هٿان ڪو گناهه واقع ٿي پوي ته پوءِ ان تي غم ۽ افسوس ڪرڻ اجايو آهي ۽ نه وري خدا مان نا اميد ٿئي، بلڪ ياغافر يا غفار يا غفور جي ورد ۾ مشغول ٿئي ته جيئن سندس بخشش ٿي پوي.

چيائون ته وضو ڪرڻ دوران ۽ پيرن ڌوئڻ وقت يا قادر يا قادر جو ورد ڪري. هر روز صبح جي نماز بعد ڏهه ڀيرا ڪلمه لا الہٰ الا الله محمد رسول الله جو ورد ڪري.(106)

چيائون ته ٻپهريءَ جي نماز وقت ويهه دفعا، ٽپهريءَ جي وقت ٽيهه دفعا، سانجهيءَ وقت چاليهه دفعا ۽ سمهڻيءَ جي نماز وقت پنجاهه دفعا ۽ وتر جي نماز کان پوءِ سٺ دفعا پڙهڻ افضل آهي. بلڪ هي ورد ٻين سڀني کان وڌيڪ آهي.

چيائون ته جيڪو درياهه مان وهنجي نڪري ٿو اهو گناهه کان ائين پاڪ ٿي پوي ٿو جيئن آسمان آيل برسات جو قطرو هجي، جيڪو جمعي ڏينهن غسل ڪري ٿو ته ٻي جمعي تائين خدا تعاليٰ ان جا گناهه ميساري ڇڏي ٿو.

چيائون ته مسجد ۾ ويهي ڪک هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي ڇو ته اها شيطان جي تسبيح آهي.

چيائون ته جڏهن ڪنهن قبر جي مٿان بيهي نيت ڪري هي الفاظ پڙهبا ته ميت جي روح کي اهڙن لک ختمن جو ثواب ملندو جيڪي قبوليت وارا هوندا ۽ اهو ثواب ان ميت جي کاتي ۾ لکندا. اهي الفاظ هي آهي: حسبي الله شهد الله سمع الله سبحان الله ماشاءَ الله تبارڪ الله قل هو الله لا الہٰ الا الله محمد رسول الله.

چيائون ته جيڪو مٿي هٿ کڻي ٽي ڀيرا اول ۽ آخر صلواة پڙهي ۽ ٻن صلواتن جي وچ ۾ هڪ ڀيرو سوره فاتحه پڙهي ۽ پنج ڀيرا ربنا ۽ پنج ڀيرا يا رب چئي جيڪا شيءِ گهرندو ته خداتعاليٰ کيس ميسر ڪندو ۽ هن جا هٿ خالي نه موٽائيندو. دعا وقت هٿ سيني برابر يا ان کان مٿي کڻڻ گهرجن. چيائون ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جا جوتا سڌا ڪري رکيا ته خدا تعاليٰ ان جي دل کي به سڌائي بخشيندو.

چيائون ته جڏهن ڪو ماڻهو فقط خدا واسطي ڪنهن ٻئي جي ڪم خاطر (107) نڪري ٿو تڏهن خدا تعاليٰ زمين تي ٻه فرشتا موڪلي ٿو، هڪڙي جي هٿ ۾ نور جا ٻه طبق ته ٻئي جون ٻئي مٺيون خاڪ ۾ ڀريل هونديون آهن. جيڪڏهن اهو شخص جنهن وٽ ڪم سانگي هو وڃي ٿو ۽ هو اهو ڪم ڪري ٿو ته اهو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ نور جا ٻه طبق آهن هڪ طبق انهيءَ ڪم ڪندڙ شخص جي مٿان ته ٻيو ان شخص جي مٿان جيڪو خدا ڪارڻ هلي آيو، ان تي نڇاور ڪري ٿو. پر جيڪڏهن اهو شخص ڪم نٿو ڪري ۽ اڳلي کي نا اميد موٽائي ٿو ته اهڙي شخص مٿان ٻيو فرشتو خاڪ جون ٻئي مٺيون اڇلائي ٿو.

چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص سياري ۾ ٿڌ جي سبب کان گرم پاڻيءَ سان وضو ڪري ته ان جا اڌ گناهه معاف ٿين ٿا. پر جيڪڏهن ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪندو ته سڀئي گناهه معاف ٿي وڃن ٿا.

چيائون ته جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي کان پنهنجي لاءِ دعا گهرائي ته هن کي کپي ته ڏهه دفعا آمين چوي ته خدا تعاليٰ سندس سڀئي مقصد پورا ڪندو.

چيائون ته جيڪو ماڻهو سمهڻ وقت ڪلمو يعني لا الہٰ الا الله محمد رسول الله پڙهي ۽ وري اٿڻ وقت به پڙهي ته هن جيڪو وقت غفلت يعني ننڊ ۾ گذاريو ته سندس اهو سمورو وقت ملائڪ عبادت ۾ شمار ڪندا.

چيائون ته مٿو ڪوڙائڻ، ڪاري چادر پهرڻ ۽ بيابان ۽ ريتي ۾ پيشاب ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ليڪن اهي ٽئي ڳالهيون عام کي نه ٻڌائڻ کپن، سواءِ دوستن جي !

چيائون ته جيڪڏهن ڪو سمهڻيءَ جي نماز کان اڳ ۾ اڌ کارڪ(108) جي برابر خوراڪ کائيندو ته کانئس حساب ورتو ويندو، پر جيڪڏهن نماز کان پوءِ طبق طعام جو کائيندو تڏهن به کانئس ڪا پڇا نه ٿيندي.

چيائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا واسطي ڪنهن ٻئي جي ڪم خاطر ڪنهن وٽ هلي آيو ۽ جيڪڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته اهڙي هلي ويندڙ کي ثواب ملندو، پر جيڪڏهن اهو ڪم نه ٿيو ته پاڻ هن جي کاتي ۾ ٻه ثواب لکيا ويندا.

چيائون ته پاڪ زمين تي نماز پڙهڻ ۾ ڪکن واري جڳهه يا مصلي تي نماز پڙهڻ کان وڌيڪ ثواب آهي.

چيائون ته ڪلمي کان پوءِ ٽي دفعا صلوات پڙهڻ گهرجي.

چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص گهري ته مري ويل کان کيس جلدي جواب عنايت ٿئي ته پوءِ ان جي قبر تي وڃي ۽ پيرانديءَ کان ويهي ٻئي هٿ ان قبر مٿي رکي ۽ پوءِ جڏهن اٿي ته هٿ ٻڌي بيهي ۽ سورة ياسين هڪ ڀيرو پڙهي پوري ڪري. سورة پوري ٿيڻ کان پوءِ ويهي وري ٻئي هٿ قبر مٿان رکي ۽ وري اٿي بيهي سورة ياسين پڙهي. ۽ ساڳيءَ ريت ٽيون ڀيرو به سورة ياسين پڙهي پوري ڪري. ائين ڪندو ته جلدي کيس جواب ملي ويندو. پر جيڪڏهن هڪ ڏينهن اندر کيس ڪو جواب نه ملي ته ٽي ڏينهن سانده ائين ڪري ته ضرور پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندو.

چيائون، وضو ڪرڻ وقت ڪؤنري جي منهن کي ڌوئڻ ائين آهي جيئن پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جو منهن مبارڪ ڌورائيندا هجو. جيڪو ماڻهو مرشد جي زيارت لاءِ گهران نڪري ٿو ته هر وک (109) کڻڻ تي سندس لک گناهن جا معاف ٿين ٿا.

چيائون ته جڏهن قضا حاجت لاءِ ويهو ته پهريائين سڄي پير تي زور ڏيو ۽ تنهن کان پوءِ کٻي تي ۽ آخر ۾ ٻنهي پيرن تي جيئن تڪليف نه ٿئي. فراغت وقت وسوسن ۾ نه پئو.

چيائون ته جڏهن ڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان تعظيم سان پيش اچي ٿو ۽ هيٺاهين سان هلي ٿو ته خدا تعاليٰ سندن گناهه بخشي ڇڏيندو. پر جيڪڏهن ان جي تڪريم خاطر اٿي بيهي ٿو، ته الله تعاليٰ ان جي ماءُ پيءُ جا به گناهه بخش ڪري ڇڏيندو.

چيائون ته فضيلت ۽ ثواب ان کي حاصل ٿيندو جيڪو ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي ڪم لاءِ ڪنهن ڏانهن هلي وڃي ٿو ۽ نه ان کي جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو.

چيائون ته جنهن ٿانؤ يا برتن ۾ کاڌو کائو، ان ۾ هٿ نه ڌئو، پوءِ ڀلي ان ۾ جَونَ جهڙو گهٽ کاڌو تيار ٿيو هجي.

 چيائون ته جيڪڏهن صبح کان وٺي شام تائين ورد پڙهندا رهو ته اصل ۾ صبح وارا ورد به ختم نه ٿيندا. اهڙيءَ طرح وري شام کان وٺي صبح تائين شام وارا ورد پڙهو ته اهي به ختم ٿيڻ وارا نه آهن. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو صبح ۽ شام جي نماز کان پوءِ هيءَ آيت پڙهندو رهي ته جيڪر هن صبح ۽ شام وارا سڀ ورد پورا ڪيا آهن اها آيت هيءَ آهي: فسبحان الله حين تمسون وحين تصبحون ولہ الحمد في السموات والارض و عشيا و حين تظهرون يخرج الحي من الميت ويخرج الميت من الحي ويحي الارض بعد موتها وکذالڪ تخرحون.(17:20)

چيائون ته جيڪو شخص هر نماز کان پوءِ هي يارنهن ڪلما پڙهندو ته ان کي هميشہ ايمان جي سلامتي(110) نصيب رهندي: اشهد ان لا الہٰ الا الله وحده لاشريڪ واشهد ان محمدا عبده و رسولہ و حبيب و قريبہ و شفيعہ و شفاعت وامامت وامام المؤمنين وامام المتقين وشفيع المذنِبين ورحمةِ للعالمين وخاتم النبين و حبيب رب العالمين.

چيائون ته پيغمبر عليہ الصلواة والسلام فرمايو ته جيڪو هر نماز کان پوءِ هي استغفار پڙهندو. تنهن ڄڻ ته هن دنيا ۾ مون جهڙي نماز پڙهي: استغرالله ربي من کل ذنب اذنبتہ عمدًا وخطاً ِسرا وعلانيہ واتوب اليہ من الذنب الذي اعلم و من ذنب الذي لا اعلم و انت علام الغيوب ولا حول ولا قوهِ الا بالله العلي العظيم.

چيائون ته نفل نمازن ۾ تسبيح نماز ائين آهي جيئن تارن ۾ چنڊ، ملائڪن ۾ جبرئيل ۽ نبين ۾ محمد عليہ الصلواة والسلام.

چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص وضو ڪري ٻه رڪعتون نفل تحيت والوضؤ جون ادا ڪري ۽ پهرين رڪعت ۾ سورة فاتحه ۽ قل يا ايهاالڪافرون ڏهه ڀيرا پڙهي ۽ ٻي رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ ڏهه ڀيرا قل هو الله پڙهي سلام ڦيري، تنهن کان پوءِ لفظ يا لطيف جو سئو ڀيرا پڙهي ۽ سجدي ۾ وڃي ڏهه ڀيرا اهي الفاظ پڙهي: سبحان الله والحمد لله ولا الہٰ الا لله والله اڪبر ولاحول ولا قوهِ الا بالله العلي العظيم. ان بعد ڏهه ڀيرا صلواة ۽ درود پڙهي ۽ ڏهه ڀيرا ربنا آتنا في الدنيا حسنةٗ في الاخرة حسنةٗ وقنا عذاب النار پڙهي ۽ ان کانپوءِ سجدي مان منهن مٿي ڪري.(111) ته رب تعاليٰ ان جا هن دنيا ۾ مڙئي مقصد پورا ڪندو. ان کان سواءِ آخرت ۾ جيڪي ملندس، ان جو حساب ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ۽ هن کي خضر عليہ الصلواة والسلام جي نماز ڪوٺين ٿا.

چيائون ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ تهجد نماز پڙهڻ مشڪل ٿي پوي يا سستيءَ جي ڪري، نه پڙهي سگهندو هجي ته سنت عشاءَ کان پوءِ چار رڪعتون نماز حاجات نفل ادا ڪري، جنهن جي هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ پنجويهه دفعا قل هو الله پڙهي. انهيءَ نفل نماز سان هن جو تهجد ادا ٿي ويندو ۽ قبوليت کي رسندو.

چيائون ته جيڪو اڳئين نماز کان پوءِ چار رڪعتون نفل پڙهي ٿو ۽ سوره فاتحه سان گڏ ٻيو جيڪو کيس ياد آهي، اهو پڙهي ٿو ته کيس ايترو ثواب ٿيندو جو لکڻ کان ٻاهر آهي.

چيائون ته فقير کي ٽي تهجد ادا ڪرڻ گهرجن. هڪڙو سمهڻيءَ جي نماز دوران. ٻيو اڌ رات ۽ ٽيون عصر جي وقت، ائين ڪندو ته پيغمبرن سان برابريءَ جو ثواب ملندس. پر جيڪڏهن انهن ٽنهي جي ادائگي نٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ضرور ادا ڪري.

چيائون ته نماز ۾ بيهڻ وقت ايترا ويجها ٿي بيهو جو ڪلها ڪلهن سان گسڻ لڳن. ڇو ته چون ٿا ته حضرت رسالت پناهه صلي الله عليہ وسلم جا يار هڪٻئي سان ايترو لڳي بيهندا هئا هو سندن ڪپڙا پهرين ڪلهن وٽان ڦاٽي پوندا هئا.

چيائون ته جيڪو ڇنڇر جي رات عشاءَ جي نماز کان هميشہ هڪ نفل صلواة الغنا جو هن ترتيب سان پڙهي ته هر رڪعت ۾ فاتحه کان پوءِ آية الڪرسي هڪ ڀيرو ۽ سورة انا اعطينا ست ڀيرا ۽ قل هو الله(112) يارنهن دفعا پڙهي ته رب تعاليٰ کيس ٻنهي جهانن ۾ غني ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو.

چيائون ته اشراق جي نماز ۾ پنج نفل آهن. پر جيڪڏهن رڳو ٻه نفل به هن ترتيب سان پڙهندو ته کيس پنجن جو ئي ثواب ملندو. پهريون نفل ٻه رڪعتون شڪرانه آهي، جنهن جي پهرين رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ سورة آيِة الڪرسي خالدون تائين پڙهي ۽ ٻي رڪعت ۾ ومن يتق الله يجعل ولہ مخرجا کان قدرا تائين پڙهي. ٻيو نفل شڪر النهار جو آهي، جنهن جي هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ پنج دفعا سورة اخلاص ملائي پڙهجي.

چيائون ته سنت مؤڪدہ جي ٻن رڪعتن منجهه پهرين رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ سورة ڪافرون پڙهي ۽ ٻي رڪعت ۾ سورة اخلاص پڙهي. حضرت ابن عباس رضي الله عنہ جي باري ۾ روايت آهي ته پاڻ قسم کائي ڳالهه ڪيائون ته مون پاڻ رسول خدا کان اها ترتيب ائين ٻڌي.

چيائون ته جيڪو مؤمن جي اوبر کائيندو الله تعاليٰ ان جي دل جي مٿان چاليهن ڏينهن جي ڄميل ڪارنهن کي ختم ڪري ڇڏيندو.

چيائون ته جيڪو وهندڙ پاڻيءَ سان وضو ڪري نفل ادا ڪندو ته ان کي ستر رڪعتن جو ثواب ملندو. پر جي ٻي عام پاڻيءَ سان وضو ڪندو ته ساڳيو ٻن رڪعتن وارو ثواب ملندس.(113)

باب ٻيو

سوال ۽ جواب

اهي سوال جواب جيڪي، حضرت عارف حقائق رباني، سلطان ملت محمدي، اوليائن جي دل جي ميوي، جگر گوش رسول خدا، حجت اهل معاملہ برهان ارباب مشاهده، امامن جي امام، عالمن جي عزت،(114)سنڌ هند جي بزرگن جي شرف ۽ شان، طريقت جي سالڪ، رهبر راهه خدا، معرفت جي تاج، محبت جي ملڪ جي آسمان، ذات صمد جي پسنديده يعني حضرت سيد عبدالڪريم سنڌي رضي الله عنہ فقيرن ۽ ٻين ڀائرن لاءِ ارشاد فرمايا.

پڇيائون ته نماز کان پوءِ ڪهڙو ورد پڙهڻ گهرجي؟ چيائون ته الله جو نالو وٺڻ گهرجي. وري پڇيائون ته ورد ڪيئن پڙهڻ گهرجي؟ چيائون ته سڀئي ورد ترڪ ڪريو رڳو ورد الورد ۾ مشغول ٿيو. پڇيائون ته اهو ڇا آهي؟ جواب ڏنائون ته ”اسم الله“ جو. پڇيائون ته فقير کي ڪيئن هجڻ کپي؟ وراڻيائون ته: ان ٻلي وانگر جيڪو هر وقت ڪئي کي شڪار ڪرڻ خاطر جُوهه هڻي ويهندو آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن هڪ پلڪ لاءِ به سوراخ تي نظر رکڻ کان غفلت ڪندو آهي، ته شڪار وڃائي ويهندو آهي. پڇيائون ته فقير خدا کي ڪيئن ياد ڪري؟ چيائون ته هڪ حجرو ٺاهي ۽ ان جي اندر ٻي تمام ننڍي جڳهه هجي، ان ۾ ويهي خدا کي ياد ڪري، پر اها جڳهه اهڙي اونداهي ۽ سوڙهي هجي جو ان ۾ پنهنجو ڏندڻ به ڳولهي نه سگهي، نڪو ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز ٻڌي سگهي، بلڪ مک جو آواز به نه ٻڌي سگهي. پڇيائون ته طالب، خدا کي ڇا لاءِ يا ڪري؟ جواب ڏنائون ته ڪشف ڪرامت واسطي نه، نڪي غوثيت ۽ شيخي لاءِ، بلڪ خدا کي خدا واسطي ياد ڪجي ته جيئن خدا تعاليٰ پڻ کيس ياد ڪري. جيئن ارشاد آهي: ”فاذڪُرواني اَذڪُرُ ڪم“ پڇيائون: ذڪر ڪيئن ڪجي؟ فرمايائون: ذڪر فڪر ساڻ ڪجي. پڇيائون ته فڪر ڇا آهي؟(115) چيائون ته خدا تعاليٰ کي سميع ۽ بصير ڄاڻي. پڇيائون ته ذڪر جي ڪهڙي واٽ ڀلي آهي؟ فرمايائون ته ڪي بزرگ لا الہٰ الا الله کي نفي ۽ اثبات سان گڏ ڀلو سمجهن ٿا. پر ڪي رڳو الله جو اسم وٺن ٿا ۽ ان ۾ ٻئي نفي ۽ ثبات سمجهن ٿا. شيخ شبلي رحمةِ الله عليہ ان کي ئي بهترين ۽ افضل ترين ذڪر ڪوٺي ٿو يعني جڏهن ساه اندر کڻجي ته الله جو نالو وٺي، پر جڏهن ٻاهر ڪڍي ته ”هو“ چئي ۽ اهوئي طريقو بهتر آهي. اهو طالب لاءِ لا الہٰ الا الله کان ان ڪري صحيح آهي جو چون ٿا ته ممڪن آهي ته لا الہٰ چوڻ وقت سندس دم پرواز ڪري وڃي ۽ ائين نفي ۾ رهجي ۽ الا الله چوڻ يعني اثبات ۾ نه پهچي سگهي. انهي ڪري رڳو الله الله چوڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ نفي ۽ اثبات ٻئي آهن. شخص شبليءَ رحه جو چوڻ آهي، ته هتي الف مان مراد حق جو اثبات آهي ۽ لام غير جي نفي آهي، ۽ ان جو مطلب آهي ته جيڪي ڪجهه آهي، اهو منجهس موجود آهي ۽ جيڪو الف ۽ هه جي وچ تي آهي، اهو سڀ فاني ۽ نفي آهي.

پڇيائون ته سفر ڪرڻ گهرجي يا نه؟ چيائون ته سفر ان کي ڪرڻ گهرجي جيڪو دل ۽ زبان، اکين  ۽ ڪنن ۽ پيرن سوڌو پاڻ کي مشغول رکي. پڇيائون ته ڪنن ۽ هٿن، پيرن ۽ اکين جو ڪهڙو ذڪر آهي؟ جواب ڏنائون ته ڪنن جو ذڪر اهو آهي ته جيڪي ٻڌي، اهو حق تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪنهن کان نه سمجهي، اکين جو ذڪر اهو آهي ته جيڪي ڏسي، ان کي غير نه سمجهي، اهڙيءَ طرح هٿن ۽ پيرن ۽ ٻين عضون جو ذڪر اهو آهي ته انهن عضون جي هر حرڪت، حق تعاليٰ کان سمجهي ۽ ان ۾ پنهنجي عضون جو دخل نه ڏئي. پڇيائون (116) ته خدا تعاليٰ کي جڏهن توفيق سمجهجي ته ياد ڪجي يا بغير توفيق؟ چيائون ته توفيق سان ته سڀڪو ياد ڪري ٿو، پر مريد اهو جو  بغير توفيق چاهيندي نه چاهيندي پيو رب کي ياد ڪري. پڇيائون ته هن بيت جو ڇا مطلب آهي:؟

[58]

ڪارين ڪَنين ڪَڪڙين، ڪَره ِولاڙ وڃن،

ويلو ڪن نه وچ تي، نڪي اوڳار ڀڃن.

]ڪارن ڪنن وارا ڳاڙهسرا اُٺ تکا پيا وڃن. اهي وچ تي نڪي ويساهي ٿا وٺن، ۽ نڪي اوڳارڻ ڪري بيهن ٿا.[

چيائون ته ان جون ٻه معنائون آهن. هڪڙي ته ان مان مراد ڏينهن ۽ رات آهن، جيڪي ائين گذرن پيا ۽ بيهن هرگز نٿا. ٻي حياتيءَ جا پساهه يا پل جيڪي نهايت تيزيءَ سان توهان جي هٿن مان گذرندا وڃن ٿا. پڇيائون ته خدا تعاليٰ کان ڪهڙي شيءَ گهرجي.؟ چيائون ته ڪا به نه! وري پڇيائون ته خدا تعاليٰ کان ڪا شيءَ گهرڻ کپي؟ چيائون ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ۾ شامل آهي. سوال ڪيائون ته غلام ڪنهن کي چئجي.؟ جواب ڏنائون ته غلام اهو آهي جيڪو صاحب جي حضور ۾ هر وقت حاضر هجي. پڇيائون ته ٻانهو ڪنهن کي چئجي؟ وراڻيائون ته ان کي جنهن کي مالڪ هڪ نه ٻئي ڪم لاءِ ڪيڏهن موڪلي، گويا پاڻ وٽ رکيس بلڪ ٻئي هنڌ ڪٿي موڪليس. سوال ڪيائون ته يقين جي ڇا معنيٰ آهي؟ چيائون ته يقين جون ٽي معنائون آهن (1) علم اليقين(2) عين اليقين(3) حق اليقين. ان جي سمجهاڻي اها آهي ته جڏهن ڪنهن کي خبر پوي ته واٽ تي درياءَ آهي ته اهو علم اليقين آهي. پر جڏهن درياءَ جي ڪناري تي پهچي ۽ پنهنجي اکين سان درياءَ ڏسي ته اهو عين اليقين آهي. پر جڏهن ان ۾ مستغرق ٿئي ته اهو حق اليقين آهي. پڇيائون ته مومن(117) ڪنهن کي ٿا چون؟ توهان الائجي ڪهڙي مؤمن بابت پڇو ٿا. پڇيائون ته عرش ڪيئن آهي؟ جواب ڏنائون ته اهو هديه يا تحفي جيان آهي. پڇيائون ته درويشي ڇا کي ٿو چئجي؟ وراڻيائون  نه ڪشف نه ڪرامت نه يقين نه مرفت! سوال ڪيائون ته مسلمان ڪير آهي؟ ۽ مؤمن ڪير آهي؟ چيائون ته مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻي ڪنهن کي تڪليف نه پهچي. وري پڇيائون ته هٿن ۽ زبان جي وسيلي رنجائڻ ته ظاهر آهي ۽ سمجهه ۾ اچي ٿو پر دل سان رنجائڻ ٿي سگهي ٿو ڇا؟ چيائون ته خدا تبارڪ و تعاليٰ جيئن هٿن ۽ زبان ۾ اُها قدرت رکي آهي تهڙيءَ طرح دل کي به اها قوت عطا ڪئي آهي. انهيءَ ڪري نه رڳو هٿن ۽ زبان تي نگاهه رکي بلڪ دل تي به نظر رکو. مؤمن اهو آهي جيڪو ظاهر توڙي باطن ۾ ٻي ڪنهن کي ڪڏهن به رنج نه ڏئي.

پڇيائون ته جيڪڏهن عبادت ۾ ريا يعني ڏيک ويک شامل ٿي وڃي ته عبادت ڇڏي ڏيڻ گهرجي يا نه.؟ جواب ڏنائون نه، بلڪ اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته اهو ريا ڪهڙي سبب ٿيو آهي ۽ ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي. پڇيائون ته فقير جي دل ۾ بي اختيار ڪي وسوسا اچي پون ٿا، انهن کي ڪيئن دفع ڪجي.؟ چيائون ته اهو ڪارڻ معلوم ڪرڻ گهرجي ته اهو وسوسو، ڪيئن ۽ ڇاجي ڪري ٿيو آهي. پوءِ ان تي عمل ڪجي. بهرحال اهي خطرا به خدائي حڪم موجب اچن ٿا.

پڇيائون ته فقير کي ڪيئن هجڻ گهرجي؟ جواب ڏنائون ته رڳو اهي سوال پڇن ٿا، پر جڏهن جواب ملين ٿو ته وري ان تي عمل نٿا ڪن ۽ پوءِ وري چون ٿا ته اسان کي ان جواب جو ڪو فائدو نه ٿيو. چيائون ته چئن شين جو خاص خيال رکو. فقير انهن ئي ڳالهن تي عمل نٿا ڪن ۽ پوءِ رڳو ويٺا هر ڪنهن کي ٻڌائن ته ڪو فائدو نه ٿيو. حالانڪ (118) انهن چئن شين منجهان هر هڪ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پوُرو سال عمل ڪجي ۽ جيڪڏهن فائدو نه ٿئي ته پوءِ ڀلي اعتراض ڪجي. مطلب ته جيستائين انهن چئن تي پورو عمل نه ٿيو آهي ته فائدي جي اميد نه رکجي. اهي چار ڳالهيون هي آهن:(1) گهٽ کائڻ (2) گهٽ سمهڻ (3) گهٽ ملڻ (4) خدا جو گهڻو ذڪر ڪرڻ.

پڇيائون ته فقير کي ڪهڙيءَ طرح ٿيڻ گهرجي؟ چيائون ته ٻيڙي هلائيندڙ مهاڻي وانگر، جو جيڪڏهن هڪڙي ساعت به غافل ٿيو ته ٻيڙي ٻي واٽ هلي ويندي. پڇيائون ته سماع ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي حالت اندر شرڪت ڪجي؟ فرمايائون ته جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ته خدا جو ذڪر نه وساري ۽ اها نيت رکي ته اميد ته اهڙن شخصن سان ملاقات ٿيندي، جيڪي خدا سان واصل آهن. اهڙيءَ طرح سماع ٻڌڻ وقت جيڪڏهن سماع جو ذوق غالب ٿئين ته ڀلي ان ۾ حصو وٺي، ورنه خدا پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رهي. از انسواءِ جيڪي سماع ڪن ٿا. ان باري ۾ فڪر ڪري، ته چوندڙ ڪير آهي،؟ ٻڌندڙ ڪير آهي.؟ جيڪڏهن ائين ڪري سگهي ته ڀلي سماع  جو ارادو ڪري. باقي جيڪڏهن گهر مان نڪرڻ وقت جي ذڪر کي گهر ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ سماع ۾ اچي رڳو ماڻهن کي ڏسي ٿو ته اهو سماع ٻڌڻ ناهي، بلڪ اهو سڀ ڪجهه اجايو آهي.

پڇيائون ته هي جو چون ٿا ته ماءُ پيءُ جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن کي راضي رکڻ فرض عين آهي. پر فقير جيڪڏهن خدا جي طلب ۾ مشغول ٿين ٿا ته والدين کي راضي رکي نٿا سگهن، يا جيڪڏهن ماءُ پيءُ جا حق ادا ڪن ٿا ته وري خدا جي طلب ۾ پٺتي پئجي وڃن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ طالب کي ڇا ڪرڻ گهرجي.؟ چيائون ته اهڙو طالب تعزير جي لائق آهي جيڪو پنهنجي پير کان ڪو سخن ٻڌي ٿو، پر وري ٻين ڏانهن به رجوع ڪري ٿو(119). ۽ پنهنجي پير جي قول يا سخن کي وساري ويهي ٿو. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو شخص پاڻ رمضان جي پهرين تاريخ جو چنڊ ڏسي ۽ پوءِ ڪيترا به ماڻهو کڻي ان کي ڇو نه چون ته اڄ روزو ناهي ته هن لاءِ ڳالهه وقعت نٿي رکي، ڇو ته هن تي روزو رکڻ فرض آهي. اهڙيءَ طرح جيڪي خدا جي طلب ۾ سچا آهن، اهي هن دنيا کي پٺي ڏين ٿا، پر جيڪي دنيا جا طالب آهن ته اهي خدا عزوجل کان ڌڪجي گهڻو دور ٿي وڃن ٿا.

پڇيائون ته ڪيتري مدت ٿي آهي جو آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي سندن درميان آهن، اهو هر روز ائين ڏسندا اچون ٿا. چيائون ته اهو خدا جو جهان آهي، جنهن کي ڏسو ٿا، ليڪن خدا جي راهه بلڪل ٻي آهي. چيائون ته فقير کي ڪنهن ساعت خدا جي يادگيريءَ ۾ تمام گهڻو خوش و خورم ٿيڻ کپي ته وري ڪنهن مهل سڀ شيون وساري ويهي ۽ ڪنهن ڳالهه جو فڪر يا اونو کيس نه هجي.

فرمايائون ته خدا تعاليٰ ان کي خوش رکي ٿو جيڪو سڀ شيون وساري ويهي ٿو. سمجهاڻي جيستائين هڪڙي بادشاهه ٻي بادشاهه کي نه ڏٺو آهي ته ان کي ڏسڻ خاطر رستي جون تڪليفون برداشت ڪري ٿو، پر جڏهن ملاقي ٿئي ٿو ته پوءِ يڪدم آرام ۾ اچي وڃي ٿو.

پڇيائون ته نفس ۽ شيطان ٻئي فقير جا دشمن آهن. پوءِ ڇاڪجي؟ جواب ڏنائو ته ڪنهن کي به گهٽ سمجهڻ نه گهرجي. وري پڇيائون ته جنگي گهوڙي جي ايتري خدمت ڇا لاءِ ٿا ڪن ۽ ايترو گاهه ڇو ٿا کارائنس.؟ چيائون ته اصل ۾ ان جي جنگي خصلت جي خدمت ٿا ڪيون.

پڇيائون ته ٻڌو اٿئون ته خدا تعاليٰ جنهن کي گهڻي شهرت ڏني آهي سا محبت جي علامت آهي؟ جواب ڏنائون ته اها علت آهي(120) محبت ناهي.

پڇيائون ته عشق مجازي فقير لاءِ ڪيئن آهي؟ چيائون ته ان ۾ ڪا چڱائي ۽ ڀلائي ڪانهي، سواءِ ان جي ته انهيءَ دوران پنهنجي عشق جي حفاظت ڪري سگهي. وري پڇيائون ته مجاز جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟ چيائون ته اهڙيءَ طرح جو معشوق کي عاشق جي عشق جي خبر نه پوي.

پڇيائون ته فقير ڪهڙيءَ طرح خدا کي ياد ڪري؟ ڇو ته خدا جو مڪان معلوم ناهي ۽ نه وري ڪو اهڙو هنڌ يا جڳهه آهي جتي ڪو وڃي کيس ڳولهي، ۽ نه وري، اهڙي شيءِ آهي جو ان کي دل ۾ رکي ياد ڪري. جواب ڏنائون ته خدا تعاليٰ کي شيءِ چوڻ درست آهي ڇو ته سڀڪو سندس ائين طلبّ ڪري ٿو ۽ ڳولهي ٿو. بلڪ خدا تعاليٰ اهڙي شيءِ آهي جو ٻيون شيون به کانئس ظهور ۾ اچن ٿيون.

چيائون ته جيڪو ماڻهو مڪو شريف يا ٻي ڪنهن جاءِ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪري نڪري ٿو، ته اهو آخر اتي وڃي پهچي ٿو. پر جيڪو ماڻهو خدا جو ارادو ڪري نڪري، ته اهو ڪهڙي واٽ وٺي هلي.؟ جواب ڏنائون ته ٿورو کائڻ، ٿورو سمهڻ، سادو لباس پائڻ، اڪيلو رهڻ ۽ گهڻو ذڪر ڪرڻ. اها خدا جي واٽ آهي. چيائون ته پر اسان کي ڪو فائدو نٿو ٿئي؟ وراڻيائون ته ايئن نه چئو. بلڪ ٿورو ڳالهايو، اکيون بند رکو ۽ گهٽ کائو، انهيءَ طريقي تي عمل ڪريو، پوءِ جيڪڏهن فائدو نه ٿئي ته ڀلي شڪايت ڪريو.

چيائون ته فقير خدا تعاليٰ جي قرب ۽ مشاهدي جي طلب ڪن ٿا؟ جواب ۾ چيائون ته گهڻن ئي قسمن جا مراقبا، مشاهدا ۽ قرب آهن. اوهين ڪهڙو ٿا طلبيو؟ شايد اوهين اهڙو مشاهدو ٿا طلب ڪريو، جنهن ۾ ڪو، مڪر رکيل هجي، جيئن خدا تعاليٰ فرمايو آهي، ”ومکروا ومکرالله والله خيرالماکرين“.(54:3) ]انهن مڪر ڪيو ۽ خدا سان مڪر ڪيو. پوءِ الله سڀني کان وڌيڪ مڪر ڪندڙ آهي.[

[59]

سوئي صلح سڄڻين، سوئي ڦوڙائون، (121)

والله خيرالماکرين: ايهي ميڙائون.

]اهو ئي سڄڻن جو صلح آهي ۽ اهو ئي سندس فراق آهي. الله تعاليٰ بهترين تجويز ڪندڙ آهي ۽ اهو ئي سندس وصال آهي.[

پڇيائون ته جيڪڏهن ڪو ذڪر جي غلبي سبب نماز چڱيءَ ريت پڙهي نه سگهي ته اها نماز ڪيئن آهي؟ چيائون ته اها درست آهي.

چيائون ته مخدوم ساهڙ پنهنجي مريدن کي چوندو هو ته جڏهن ساهه اندر کڻو ته الله جو پورو نالو وٺو ۽ وري جڏهن ساهه ٻاهر ڪڍو ته تڏهن به پورو نالو وٺو، ان جو ڇا مطلب هو؟ چيائون ته ان جو مطلب آهي ته هر دم يا ساهه جو جداگانه ثواب آهي.

پڇيائون ته مخدوم بلال، ٽلٽيءَ وارو پنهنجي مريدن کي چوندو هو ته جڏهن ساهه اندر نيو ته ”هُو“ چئو پر جڏهن ٻاهر ڪڍو ته ”الا“ چئو. ان جو ڇا مطلب آهي؟ جواب ڏنائون ته ان جو مقصد آهي ته ”نفي“ کي ٻاهر ڪڍو ۽ اثابت کي اندر نيو ته جيئن دل کي قرار اچي.

پڇيائون ته توهان جي ذڪر جي ترتيب جو ڇا مقصد آهي جڏهن توهين چئون ته ساهه اندر نيڻ وقت”الا“ چئو، پر ٻاهر ڪڍڻ وقت ”هُو“ چئو؟ جواب ڏنائون ته سڀئي نبي ۽ بزرگ انهيءَ ڪري اڪثر روئندا هئا ته جڏهن آخري پساهه پورو ٿئي ته ان جو خاتمو اثبات ٿئي يعني“هُو” چوڻ  سان روح قبض ٿئي. پڇيائون ته ڪو ماڻهو دل سان خوب ذڪر ڪري ٿو، پر جڏهن ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان گفتگو ڪري ٿو يا ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مشغول ٿئي ٿو ته ذڪر وساري ويهي ٿو، ليڪن وري جڏهن خبردار ٿئي ٿو ته ذڪر شروع ڪري ڇڏي ٿو. ان باري ۾ ڇا ٿا چئو؟(122)

چيائون ته ڪي ذڪر ڪندڙ دائمي آهن ته ڪي وري واهمي يعني وهمي، ۽ انهن جو ذڪر اهڙي قسم جو آهي. پڇيائون لا الہٰ الا الله جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ وراڻيائون ته ان جي معنيٰ ان کي ايندي جيڪو خريد ڪندڙ، وڪڻندڙ ۽ خريد ٿيندڙ شيءَ ٽنهي کي هڪ ڪري ڄاڻي.

پڇيائون ته جڏهن ڪو ماڻهو سور يا تڪليف ۾ هوندو آهي ته ان کي ڪا ٻي شيءِ ياد ايندي آهي؟ جواب ۾ چيائون ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪڙو تير گهائل ڪري وجهندو آهي ته ان کي پوءِ ٻيو ياد ڪو نه ايندو آهي.

پڇيائون ته عشق ۽ محبت ٻئي هڪڙي شيءِ آهن؟ چيائون، نه! پڇيائون ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جواب ڏنائون ته عشق جو مثال اهڙو ٻرندڙ مچ آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا به شيءِ پوي، ته سڙي ختم ٿي وڃي. پر محبت جو مثال هيئن آهي ته جيئن ڪو ماڻهو ڪک ڪانا، ڇيڻا وغيره گڏ ڪري انهن کي چڻنگ ڏيکاري ته جيئن آهستي آهستي دونهون نڪري، ۽ ٻيا سمجهن ته انهن ڪانن ۽ ڪکن جي باهه ۾ ڪهڙي گرمي هوندي. پر جڏهن ويجهو وڃي انهن کي هيٺ مٿي ڪري ته اندران ٻرندڙ باهه جو شعلو ڏسي.

پڇيائون ته عاشق ۽ عارف ٻنهي مان ڪنهن جو درجو مٿي آهي؟ جواب ڏنائون ته عاشق جو مرتبو عارف کان بلند آهي.

چيائون ته ڪهڙو سبب آهي جو شيخ پٺي تي تمام گهڻا ماڻهو اچن ٿا؟ جواب ڏنائون ته شيخ پٺو پاڻ نه هوندو، اها ذات هوندي.

پڇيائون ته ڪو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي هميشہ ياد ڪري ٿو، اهو ڪيئن آهي؟ جواب ڏنائون ته اهو ماڻهو اڳلي سان هروقت وابسته آهي، يعني ان جي حضور ۾ آهي.

پڇيائون ته اسان ڪجهه ڪو نه پڙهيو، هاڻي ڇا ڪريون؟ جواب ڏنائون ته توڙي جو توهان ايترا ڪتاب پڙهيا هجن، جيڪي جڏهن گڏ ڪجن ته هوند پورو گهر ڀرجي وڃي،تڏهن به ان کان وڌيڪ بهتر معرفت جي بوءِ آهي.(123)

پڇيائون ته فقير جي ڇا معنيٰ آهي؟ فرمايائون ته فقير ۾ چار حرف آهن. ’ف‘ مان مراد آهي ته هو هميشہ فڪر ۾ غرق آهي، ’قاف‘ مان مراد آهي ته هو ڪڏهن به قرار ۾ نه آهي. ’ي‘ جو مطلب آهي ته هو خدا جي ياريءَ جو خواهشمند آهي ۽ ٻئي سان مشغول نٿو ٿئي. ’ر‘ مان مراد رياضت آهي، جنهن تي هو پاڻ کي هيرائي ٿو.

پڇيائون ته اسان جي دل چوي ٿي ته فقيرن جي واٽ اختيار ڪيون پر ايتري توفيق نٿي ٿئي. البت فقيرن سان دوستي رکون ٿا؟ چيائون فقيرن جي دوستي پڻ ڀلي ڳالهه آهي ڇو ته حضور عليہ الصلواة والسلام جن پاڻ خدا کان دعا گهري آهي ته مون کي انهن جي دوستي حاصل ڪر جيڪي تنهنجا دوست آهن.

پڇيائون ته ڪي طالب خدا جا جهنگ ۾ وڃي خدا کي ياد ڪن ٿا. پر نماز جي وقت انهن جي دل ۾ خيال ٿو اچي ته غلط ڪم ڪيو اٿئون جو سنت جماعت کي ڇڏي آيا آهيون. اهڙي وقت هو ڇا ڪن؟ جوان ڏنائون ته فوراً ٻانگ چئي تڪبير چوي ۽ نماز ۾ بيهجي وڃي، ته ڪيترا سارا ملائڪ اچي سندس پويان بيهندا. ايترا ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن جن پنهنجا گهر ٻار ڇڏي اچي جهنگ وسايا. پر پوءِ سنت جماعت ڇڏجي وڃڻ ڪري اتي ئي ٻانگ ڏيندا هئا ۽ نماز پڙهندا هئا. ايتري قدر جو اهي وفات به اتي ڪندا هئا ۽ کين ڪو دفن وارو به ڪو نه هوندو هو.

پڇيائون ته طالب ڪڏهن بک ۾ آهي ته ڪڏهن ڍايل، ڪڏهن وري مشغول آهي ته ڪڏهن غفلت ۾. اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي.؟ جواب ڏنائون ته اهي سڀ خدا جي طرفان خيال آهن جيڪي اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، ۽ اهو پاڻ جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.

پڇيائون ته ذڪر ڪندڙ جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي.؟ جواب ڏنائون ته اها هيءَ آهي ته جڏهن واٽ ويندي سندس (124) چادر ڪنڊن واري وڻ ۾ ڦاسي پوي ته کيس خبر نه پوي، ۽ پٺتي موٽڻ ۽ اها چادر ڇڏائڻ جو فڪر نه ٿئيس.

پڇيائون ته علم جا طالبو چون ٿا ته توهان ڇو نه ٿا پڙهو؟ چيائون ته انهن کي اهو جواب ڏيڻ کپي ته اسان جي حق ۾ دعا ڪريو ته پڙهڻ نصيب ٿئي. ليڪن پنهنجي پير جي طريقي يا واٽ کي هرگز ڇڏڻ نه گهرجي. بلڪ ان تي استقامت رکڻ گهرجي.

پڇيائون ته درويش حسين گاڏر جيڪو ٻهارا شهر جو رهندڙ آهي ڪيئن آهي؟ چيائون ته اهو ماڻهن کي جئياري ٿو ۽ ماري ٿو. پر مسلمانن جي ڪلمي جي خبر ڪا نه اٿس !

پڇيائون ته ميران محمد رحمةِ الله عليہ جيڪو سنڌ ۾ آيو، تنهن لاءِ ملان چون ٿا ته هو مهدي ڪو نه هو. ان جي ڳالهه تي اعتبار ڪو نه ٿا ڪن. حالانڪ هو پاڻ کي مهدي ڪوٺائي ٿو، ان جي حقيقت ڇا آهي؟

جواب ڏنائون ته خدا تعاليٰ بزرگن کي مرتبا بخشي ٿو، جيڪي هو ڪنهن طريقي سان لڪائن ٿا ته جيئن ٻين کي خبر نه پوي. اهڙي طرح ميران محمد کي پڻ مرتبو مليل هو، جنهن کي هو ڪنهن نموني سان لڪائي نه سگهيو. ان ڪري هن پاڻ تي اهو لقب رکرايو، ته جيئن ماڻهو سندس منڪر ٿين ۽ کيس سڃاڻي نه سگهن.

پڇيائون ته ولين ۽ نبين کان گناه ٿئي ٿو يا نه؟ چيائون ته ٿئي ٿو. ليڪن انهن جو گناهه سندن مرتبي جي بلنديءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڇو ته هو پنهنجي گناهه کي ٿيندي ڏسن ٿا ۽ ان جي ڪري گهڻي آه و زاري ۽ استغفار ڪن ٿا، جنهن ڪري سندن درجا بلند ٿين ٿا.

پڇيائون ته خدا تعاليٰ کان وصال جي طلب ڪجي؟ چيائون ته اها پڻ نفس جي خواهش آهي. پڇيائون، ته خدا تعاليٰ جي يادگيري ڪيئن آهي؟ جواب ڏنائون پاڻ کان پاسي ٿيڻ ! پڇيائون ته تنهائي ۾ فائدو آهي يا خدمت ۾؟ چيائون ته تنهائي ۾ وصال آهي ۽ خدمت بزرگن جو عمل آهي. پڇيائون ته حضرت جن باهه ڪيئن ۽ ڇالاءِ ٻاريندا هئا؟ (125)

چيائون ته جيڪڏهن سنهيءَ ڪاٺيءَ کي باهه ڏبي ته گناهه به هلڪا انهيءَ نسبت سان ڌوپجي صاف ٿي ويندا. پر جيڪڏهن ٿلهي ڪاٺيءَ کي باهه ڏبي ته گناهه به انهيءَ حساب سان محو ڪيا ويندا.

 پڇيائون ته وجود جي نفي ڪيئن ڪجي؟ چيائون ته ان جا ٻه طريقا آهن، هڪڙو سڀ لڳ لاڳاپا ٽوڙي ۽ ان جو مثال هينئن آهي ته جڏهن نفس چويس ته کاءُ تڏهن سمجهي ته مردار کائڻ لاءِ چوي ٿو. اهڙيءَ ريت پنهنجي وجود کي ماري مُڃ ڪري. پڇيائون ته تجلي ڇا آهي؟ جواب ڏنائون ته زبان سان ان کي بيان ڪري نٿو سگهجي. البت دل کي ان جي خبر پوي ٿي.

[60]

مُورک مُور نه ٻُجهڻا، هيڏان هوڏانهن ڪن،

ڪَٽر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

]نادان اصل ڳالهه کي ته سمجهن ڪو نه ٿا، اجايو پيا هيڏانهن هوڏانهن ڏسن. جن جي اکين ۾ ڪک پيل آهن، سي پرينءَ کي ڪيئن ڏسي سگهندا[.

پڇيائون ته ڪو ماڻهو بي مطلب سماع ڪندو وتي، ان جو ڪهڙو فائدو؟ جواب ڏنائون ته ڪرڻ ڏيوس. اهو ايئن آهي، جيئن هڪڙو اولانبو اڏامي اچي انبار ۾ پوي، ته انبار پوري کي ساڙي ڇڏيندو.

پڇيائون ته خدا تعاليٰ فرمايو آهي ته مون کان گهرو ته آءٌ اوهان کي ڏيان. ليڪن حضرت جن چون ٿا ته خدا تعاليٰ کان ڪجهه نه گهرو، اهو ڪيئن؟ جواب ڏنائون ته خدا تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي: ڪل حزب بما لديهم فرحون (قرآن:32:30) ترجمو: هرگروهه کي جيڪي ڪجهه ملي ٿو، اهي ان تي خوش آهن.

مطلب ته اها جماعت يا ماڻهو ئي ٻيا آهن جيڪي نٿا گهرن. پڇيائون ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ ٻيا ڪيترا ولي سڳورا ڏينهن رات ورد وظيفن ۾ گذاريندا هئا. اوهان هن سلسلي ۾ ڇا ٿا چئو؟ جواب ڏنائون ته اهي سڀ ڪرڻ گهرجن پر جيڪڏهن دل جي ارادي سان ادا ڪندا ته ٻيڻو فائدو ٿيندو. پڇيائون ته جڏهن ڪو دعا ڪرڻ لاءِ سوال ڪري ته دعا ڪجي يا نه؟ فرمايائون ته ان جي رضا خاطر دعا ڪرڻ گهرجي. باقي ٻيو ڪو خيال نه ڪري ته جيئن اهو جيڪي گهري ٿو سو حاصل ٿئي. پڇيائون ته ذڪر  هر هر ڪرڻ گهرجي؟ جواب ۾ چيائون ته نه، وري چيائون ته هائو. چيائون ته نه، ان ڪري جو جيڪڏهن (126) ڪو ماڻهو بادشاهه سلامت جو رڳو نالو هر هر پيو وٺندو ته اهو بي ادبي ۾ شمار ٿيندو. هائو جي وضاحت اها آهي ته جڏهن ڪو ڌنار ڏينهن رات مال چاريندو آهي ته سندس زبان تي”حدي حدي“ جو لفظ پڪو ٿي ويندو آهي. ايتري قدر جو جڏهن رات جو سمهي پوندو آهي ته، ننڊ ۾ به اهو آواز پيو ڪڍندو آهي.

پڇيائون ته تڪبير اوليٰ جي باري ۾ ٻڌايو.؟ فرمايائون ته تڪبير اوليٰ اها آهي، جڏهن امام ”الله اڪبر“ چئي، آخري، حرف ”ر“ تي پهچي ته مقتدي پڻ تڪبير چئي. پڇيائون ته جيڪڏهن فقير جي دل ۾ بغير ڪسب ڪرڻ جي خيال خطرا پيدا ٿين ته ڇا ڪري؟ چيائون ته ان تي ڪسب ڪرڻ حرام آهي.

پڇيائون ته خدا تعاليٰ جي معرفت يعني سڃاڻپ ڪيئن حاصل ڪجي؟ فرمايائون ته اها ڏاڍي مشڪل آهي ۽ ان جو هٿ اچڻ سولو ناهي. سڀ کان پهرين خدا تعاليٰ پنهنجي طالب کي دنيا سان نوازي ٿو. پر جي اهو طالب دنيا ڏانهن التفات نٿو ڪري ته پوءِ سندس دل ۾ بهشت جي آرزو وجهي ٿو. پر اهو طالب ان نور کي خدا تعاليٰ جو نور سمجهي ٿو، پر جڏهن اهو طالب ان نور کي قبول نٿو ڪري، ته باري تعاليٰ ان کان وڌيڪ روشن ٻي نور جي تجلي مٿس موڪلي ٿو. اهڙيءَ طرح ان کان پوءِ سوين دفعا ٻيو نئون نور جيڪو اڳيئن کان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو، اهو ڏانهس موڪلي ٿو. ليڪن اهو طالب انهن سڀني کي ڌيان ۾ نٿو آڻي ۽ ان فريب ۾ نٿو اچي. آخر ۾ انهن سڀني نورن کان وڌيڪ نور جي مٿس بارش ٿئي ٿي، پر هو ان کي به پنهنجو مقصد نٿو سمجهي، ۽ ان کان به اڳتي وڌي وڃي ٿو. ان کان پوءِ خدا جي راهه ۾ هڪ پل سندس آڏو اچي ٿي، پوءِ جڏهن هو ان کي به ٽپي پار پوي ٿو ته اهڙي مرحلي تي پهچڻ کان پوءِ چون ٿا ته طالب کي خدا جي ڪجهه شناسائي يا آگهي حاصل ٿي.

[61]

ڪاڪ وڻن ساڻ، اوٺين نه اورگهي،

جي گڻ هؤن گهڻا، ته راڻا روئندا وئا.

]اوٺي ڪاڪ جي وڻن کي اورانگهي  پار پئجي نه سگهيا. توڻي، جو منجهن ڪيترائي گڻ هئا، ته به راڻا روئندا ويا.[(127)

[62]

جاڳي جاڳي سسئي، جا هيجا هٿ وڌاءِ،

تا سڃي سيج پرينءَ ري، پنهون پٿر ناهه،

نڪرندي چياءِ، گهوڙا گهر نه سپرين!

]سسئي جڏهن جاڳي جاڳي سڪ مان هٿوراڙيون ڏنيون ته خبر پيس سيج پرينءَ کان سواءِ سڃي پيئي آهي، ۽ پنهون پٿرڻيءَ تي ڪونهي. ٻاهر نڪرندي چيائين ته هاءِ گهوڙا ، سپرين ته گهر ۾ آهي ئي (آهن ئي) ڪونه![

پڇيائون ته علم جو راز ڇا ۾ آهي؟ جواب ڏنائون ته سڀ ڪنهن سان نئڙت سان هلڻ، ٻين کي پاڻ کان ڀلو ڀانئڻ ۽ عاقبت جو خيال رکڻ. پڇيائون ته درود ڪهڙو پڙهڻ گهرجي؟ چيائون ته: اللهم صل على محمد صلواة انت لها اهل وهو لها اهل.

پڇيائون ته ڪي بزرگ هڪ ساهي چون ٿا ته اسان خدا کي ڏٺو، ٻي ساهي چون ٿا ته نه ڏٺو، ان جو ڇا مطلب آهي.؟ چيائون ته درست ٿا چون. ان جو مثال هي آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪناري تي بيهي نظر ڪري ۽ پڪاري چوي ته مون کاري پاڻيءَ جو سمنڊ ڏٺو ته صحيح ٿو چوي، پوءِ ڀلي ان ڳالهه جو قسم کائي وڃي، تڏهن به چئبو ته ڳالهه غلط ڪو نه ٿو ڪري. باقي نه ڏسڻ جو جيستائين تعلق آهي ته ان جو مطلب آهي ته سمنڊ جي پاڻيءَ جو ڪو انت ڪونهي ۽ ان جي حقيقت کي هو پروڙي نٿو سمجهي، ان لحاظ کان هن جو اهو چوڻ ته مان سمنڊ کي ڏسي نه سگهيس پڻ درست آهي.

پڇيائون ته چلي ۾ ويهڻ جي اجازت ڏيو؟ جواب ڏنائون ته مون کي چلي ۾ ويهڻ جي پوري ترتيب جي خبر ناهي ۽ مون پنهنجي پوري عمر ۾ چلو نه ڪڍيو آهي ۽ نه اهي روزا رکيا اٿم. وري پڇيائون ته ڀلا ڪو ماڻهو خلوت يعني چاليهي ۾ وڃي ويهي، پر سندس خيال گهر ٻار ۽ بازار ۾ پيا گهمن ۽ انهيءَ سوچ ۾ غرق هجي (128) ته اهڙي ماڻهوءَ کي چلي ۾ ويهڻ گهرجي يا نه؟ جواب ڏنائون ته ويهڻ گهرجي، ڇو ته ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ جهنگلي پکيءَ کي ڦاسائي پڃري ۾ بند ڪبو ته پهريان ڪافي ڏينهن ان پڃري ۾ کيس ڪو آرام نه ايندو.

پڇيائون ته خدا جي راهه ۾ هن دنيا ۽ آخرت کان سواءِ ڪي ٻيا حجاب به آهن يا نه؟ جواب ڏنائون ته خدا جي راهه ۾ گهڻيون دنيائون ۽ ڪيتريون آخرتون آهن، تون ان منجهان ڪهڙي ڪهڙي کي ترڪ ڪندين. ان ڪري تون هينئن ڪر جو پنهنجا پير پنهنجي مٿي تي رک ته پوءِ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪندين.

پڇيائون ته ڪيترا بزرگ ڪرامتن کي دوست رکن ٿا ۽ کانئن ڪرامتون ظاهر به ٿين ٿيون. اهو ڪيئن؟ جواب ڏنائون ته هنن وٽ ڪرامتن جي ڪا حيثيت ڪونهي. اهي ڪرامتون هنن لاءِ عام شيءِ وانگر آهن جيڪي ظاهر ٿين ٿيون. هو پاڻ درياءَ وانگر آهن ۽ ڪرامتون ڪکن ڪانن وانگر، اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪک ڪنڊا درياءَ جي مٿاڇري تي پيا ترندا آهن.

پڇيائون ته فقير ڪشف ۽ ڪرامت جي طلب ڪري يا نه؟ اهي مرتبي کي بلند ڪن ٿا يا نه؟ جواب ۾ چيائون ته انهن سڀني کان فقيريءَ جو مرتبو بلند آهي ۽ اهي سڀ ان کان گهٽ آهن. ان جو مثال ائين آهي ته جڏهن ڏينهن ٿيندو آهي ته جيتوڻيڪ ستارا آسمان ۾ ئي هوندا آهن، پر سج جي نڪرڻ تي پنهنجي روشني ڇڏي  ويندا آهن.

پڇيائون ته ٻڌو اٿئون ته حديث ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو دريا جي مٿان فلاڻي آيت يا حديث پڙهندو ته دريا خشڪ ٿي ويندو، يا جيڪڏهن اها ڀتر تي پڙهندو ته اهو سونو ٿي پوندو. ليڪن موجوده زماني ۾ ڪو ائين ڪري ٿو ته ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي. ان جو ڪهڙو سبب آهي.؟ جواب ڏنائون ته اهو هر ڪنهن جو ڪم ناهي. اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن.(129)

پڇيائون ته ڪهڙو ماڻهو خدا واسطي ٻي ڪنهن ماڻهو جي ڪم خاطر پاڻ تي ذميواري عائد ڪري سگهي ٿو؟ جواب ڏنائون ته اهڙو ماڻهو جيڪو انهيءَ ڪم ڪرڻ سان خوش نه ٿئي، پر جيڪڏهن اهو ڪم سندس هٿان نه ٿئي ته وري دلگير به نه ٿئي.

چيائون ته طالب جڏهن وقت جي حاڪمن ڏانهن وڃن ٿا ته پنهنجو زيان ڪن ٿا، حضرت جن جو هن باري ۾ ڪهڙو خيال آهي.؟ جواب ڏنائون ته بلڪل صحيح چيو اٿن. ليڪن اسين ٻين جي نفعي خاطر پنهنجو نقصان برداشت ڪريون ٿا، ان ڪري وڃون ٿا.

چيائون ته خدا تعاليٰ جڏهن حضرت قطب رباني غوث الثقلين شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني رحه  تي پنهنجي خاص عنايت ڪئي ۽ کيس چيو ته ڪشف و ڪرامت، ۽ غوثي ۽ شيخي وغيره قبول ڪر، ته هن معذرت ڪئي. خدا تعاليٰ کيس وري فرمايو ته منهنجي مشاهدي ۽ جمال جو درجو قبول ڪر ته  اهو به قبول نه ڪيائين. آخر جڏهن کيس فقير جي مرتبي جي آڇ ڪئي وئي ته اهو قبول ڪيائين. پڇيائون ته انهيءَ ڳالهه جو ڪهڙو مقصد آهي.؟ جواب ڏنائون ته فقر جو مطلب ترڪ ڪرڻ آهي. فقر بذات خود مرتبو ناهي بلڪ هر مرتبي کي ڇڏي ڏيڻ فقر آهي. انهيءَ ڪري چيو اٿن، ”اذا تم الفقر فهوالله“ جڏهن فقر تمام يعني پورو ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ جي ذات ظاهر ٿئي ٿي.

پڇيائون ته فقير پاڻ وٽ مال جمع ڪن ٿا، اهو ڪيئن؟ جواب ڏنائون ته جيڪڏهن پاڻ پير آهي نه ته جائز ناهي. سندس مرضي.

پڇيائون ته حضرت جن جڏهن اسان لاءِ دعا ڪن ٿا، ته اسان جي دل روشن ٿئي ٿي ۽ رب پاڪ جي ساڃهه حاصل ٿئي ٿي؟ فرمايائون ته اهو سڀڪجهه عطاءِ خداوندي آهي، جنهن کي گهري تنهن کي ڏئي ٿو. ڪيترا بزرگ پنهنجي دل جي نور سببان عرش جو سير ڪن ٿا، ۽ اهو نور اهڙو آهي، جنهن جو هزارين سج ۽ چنڊ گڏجن، تڏهن به ان جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. وري عرش کي خدا تعاليٰ اهڙي روشني ڏني آهي جو خدا تعاليٰ هن جهان ۾ جيڪو نور پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ تارا سڀ اچي وڃن ٿا. اهي مڙئي ان جي مقابلي ۾ ڪجهه ناهن. اهڙيءَ طرح عرش کي جيڪي ڪنگرا آهن انهن جي وچ وارو فاصلو طي ڪرڻ ۾ ڪيئي سال گهرجن.(130) اهو فاصلو ايترو آهي جو انهن ڪنگرن تي ويٺل ملائڪ جڏهن هڪ هنڌان اٿي ٻي ڏانهن اڏامڻ شروع ڪن ٿا ته اتي پهچي نٿا سگهن ۽ وچ تي ئي سڙي وڃن ٿا. ليڪن اوليا الله جا دل جي نور سببان گهڻو مٿي وڃن ٿا ايتري قدر جو عرش انهن کي سج وانگر نظر اچي ٿو. پر هو ان کان به اڳتي نڪري وڃن ٿا ۽ تان جو عرش هن کي هڪ ڏيئي وانگر ڏيک ڏئي ٿو. پر اهو سڀ ڪجهه عنايت خداوندي سبب ممڪن آهي. جنهن کي هو لائق سمجهي ٿو ته ان کي ڏئي ٿو. تنهن هوندي توهان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ چاهيو ته اوهان کي آساني نصيب ٿيندي.

پڇيائون ته اوهين ڇا لاءِ فقيرن سان گهڻو وقت گڏ گذاريو ٿا؟ چيائون ته انهن جي صحبت مان اسان کي فيض مليو آهي، ۽ اسان جيڪو وقت انهن سان گڏ رهون ٿا ته دل ۾ اهڙو قرار پيدا ٿئي ٿو، جو پنهنجو هجڻ ۽ نه هجڻ برابر لڳي ٿو.

پڇيائون ته جماع وقت خدا کي ياد ڪرڻ گهرجي يا نه؟ چيائون ته ان وقت پاڻ گهڻو ياد ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها خوشي ۽ عيش عشرت جي گهڙي  آهي.

[63]

سا ڪئو سائي ڪن، سپريان جي ڳالهڙي،

هيڪڙيائي سکيا، ٻي نه اُجهي تن،

]هو پنهنجي پرين بابت اها ساڳي ڳالهه هر هر پيا ڪن. هو اها هڪڙي ڳالهه سکيا آهن، ٻي انهن کي اچيئي ڪو نه! [

پڇيائون ته مخدوم شيخ بهاؤ الدين ڪامل پير طريقت هو، پر پاڻ وٽ گهڻي دولت ۽ مال رکندو هو، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ جواب ڏنائون ته انهن لاءِ مال جمع ڪرڻ جي نسبت نه ڪجي. خدا کي خبر آهي ته هو ڪهڙي نيت سان ائين ڪندا هئا، توهان کي انهيءَ جاچ ۾ نه پوڻ گهرجي.

پڇيائون ته ڪي اهل الله اهڙا آهن، جو توڪل نٿا رکن ۽ ظاهري اسباب ترڪ نٿا ڪن، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟(131)

جواب ڏنائون ته جيڪڏهن توڪل ڪندا ته خدا تعاليٰ انهن کي ڇڏي ڪو نه ڏيندو ۽ کين رزق رسائيندو. پر خدا تعاليٰ حڪمت ۽ قدرت ٻئي پيدا ڪيون آهن. ليڪن حڪمت جو رستو اختيار ڪرڻ بهتر آهي يعني پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ گهرجي. پر جيڪڏهن هو ائين نه ڪندا ته ماڻهو انهن وٽ جمع ٿيڻ لڳندا ۽ انهن جي توجه جو مرڪز بنجي ويندا. انهيءَ ڪري پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول رهڻ بهتر آهي.

پڇيائون ته ميت کي زمين ۾ پوري پوءِ ان جي تربت کي ڇا لاءِ ٿا سينگارين؟ جواب ڏنائون ته ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو شخص ڏاڍو بيمار هجي پر ان جي آڏو تمام سهڻا ۽ قيمتي لباس آڻي رکجن ته ڇا ان بيمار شخص کي اهڙيءَ حالت ۾ اهڙي قيمتي لباس جي سڌ ٿي سگهي ٿي. چيائون نه. مردي جي تربت جو مثال به ائين آهي.

چيائون ته جڏهن ڪنهن جي دل ۾ خدا جي محبت داخل ٿئي ٿي ته هو اچي پير وٽ حاضر ٿئي ٿو ۽ تڏهن اهو خيال سندس دل تان هٽي وڃي ٿو ان جاءِ تي پير جي محبت ۽ اخلاق سندس دل ۾ گهر ڪرڻ لڳن ٿا؟ جواب ڏنائون ته جيڪڏهن مريد انهيءَ طريقي سان هلندو ته بهتر آهي. ڇو ته جڏهن هو پير جي حضور ۾ آهي ۽ ان جي محبت ۾ کيس فرحت اچي ٿي ته اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن پير کيس طلب خداوندي جي نصيحت ڪندو ته اها سندس دل ۾ گهر ڪري ويندي ۽ ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندي ۽ ان تي عمل به شروع ڪري ڏيندو. پر جيڪڏهن اهو نه ڄاتائين تڏهن به پير جي محبت ۾ پيو هلندو تان جو پنهنجو پاڻ وڃائي خدا جي ذات سان مشغول ٿي ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com