گھور ڪري نھاريندي رھي، جو رت سان ڀريو پيو ھو.
اھو بھ ڪين ڏٺائين تھ سندس ڀرسان ٻيا ڪير بيٺا
ھئا. ھن جو ٻين سان ڪھڙو تعلق؟ ھن جو ڪم ھو پنھنجي
ڀتار بخشڻ سان، جو اڄ بي زبان در جي چانئٺ وٽ پيو
ھو. ڄڻ تھ کيس پنھنجي گھر ۾ گھڙڻ لاءِ رخصت جي
درڪار ھئي. سچل بخشڻ جي بي جان جسم مٿان ڪري، اچي
اوڇنگارن ۾ پيئي. ھھڙي سانتيڪي وقت روئڻ جو آواز
ٻڌي پاڙي مان زالون ۽ مرد ڊوڙندا آيا. غريبن وٽ
دلداري ۽ قرب شاھوڪارن کان وڌيڪ ٿو ٿئي. زالون سچل
کي پرڀائڻ ۾ لڳي ويون. مرد وري، جيڪي ماڻھو لاش
کڻي آيا ھئا، تن کان بخشڻ جي اوچتي موت جو ڪارڻ
پڇڻ لڳا. مغز مان جو رت پئي وھيو؛ ان مان صفا ظاھر
ھو تھ بخشڻ ڪنھن خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيو ھو.
حاضرينن مان ھڪڙي چيو، ”شايد شراب جي نشي سبب
بيھوشيءَ جي حالت ۾ رستي ۾ ڪريو پيو ھو ۽ مٿان
گاڏي لنگھي ويئي ٿي ڏسجيس، اونداھيءَ رات ۾ گاڏيءَ
واري جي ھن تي نظر نھ پيئي آھي. مغز ڌارو زخم رسيو
اٿس. مان خانواھڻ مان اٺ تي پيئي آيس تھ رستي ۾
ڪنھن ماڻھوءَ جي چيچلائڻ جو آواز منھنجي ۽ اوٺيءَ
جي ڪنن تي پيو. اٺ تان لھي ڏٺوسين تھ بخشڻ مرڻينگ
حالت ۾ پيو آھي. پويان پساھھ ھئس.“
ٻئي ڏينھن صبح جو بخشڻ کي دفن ڪيو ويو. سچل ڏاڍي
وياڪل ٿي پيئي. دادن جي غير حاضريءَ تي ھيڪاري
ويڳاڻو ڪري رکيس. در ۾ اکيون وجھيو ويٺي ھوندي ھئي
تھ اجھو ٿو دادن اچي. جڏھن ھوءَ دادن جي انتظار ۾
وقت ڪاٽي رھي ھئي، تڏھن سندس سڪيلڌي دنيا کي
الوداع ڪري اڪيلي سر زندگي بسر ڪرڻ جا خيال پئي
پچايا. جنھن رات بخشڻ جو قضيو ٿيو، تنھن ئي رات
دادن محبت ۾ نااميد ٿي ڪنھن نامعلوم ھنڌ لاءِ
گھانگھرا ڇڏيا. دادن کي ڪھڙي خبر تھ پڻس چالاڻو
ڪري چڪو ھو ۽ ماڻس بيوھھ ھئي. قدرت جا قھر بھ
ڏھڪائيندڙ آھن! سچل جي اکين اڳيان ھينئر اوندھھ
ھئي. ان اوندھھ ۾ اجالو ڪندڙ دادن ماءُ ڪڙڪيلن
مصيبتن کان غير واقف ھو. ڪير کيس چئي تھ وڃي سورن
جي ستايل سچل جو ساٿ ڏي، ھن جي دکن ۾ ڀائيوار
ٿيءُ؟
قدرت مصيبتون موڪلي تھ ھڪ ٻئي پٺيان. بخشڻ جي
جدائيءَ وارو ڦٽ اڃا تازو ئي ھو تھ سچل کي حميد
وٽان دادن يج گم ٿي وڃڻ جو احوال آيو. جيئن ڪنھن
انڌي ماڻھوءَ کان رستي ۾ ڪو لٺ، جنھن جي آڌار تي
ھو ھلندو ھجي، کسي وٺي، تيئن سچل جي زندگيءَ جو
باقي رھيل وسيلو بھ ويندو رھيو. انسان ويچارو ڇا
ٿو ڪري سگھي! قدرت ماڻھوءَ کي ڪھڙو نھ بيوس بڻايو
آھي!!
ڌڻي دک موڪلي ٿو تھ انھن دکن جي سھڻ لاءِ طاقت بھ
ڏئي ٿو. ماڻھوءَ ۾ ان وقت ازغيبي اھڙي طاقت اچيو
پيدا ٿيندي آھي، جو ھو اوچتيءَ آيل آفت کي منھن
ڏيئي سگھندو آھي.
(14)
دادن محبت ۾ دلشڪستو ٿي، گھانگھرن جي ڳوٺ کان
ڪنڊياري طرف ويندڙ رستي تان پئي ويو. ڪپڙن جي ھڙ
ساڄي ڪلھي ۾ پئي لٽڪيس. سندس منھن جي اڀياس مان
ظاھر ٿي ٿيو تھ، پاڻ ان خلاصيءَ جيان ھو، جو سخت
طوفان سبب وچ سمنڊ ۾ طرف ڀلجي پيو ھجي ۽ چؤطرف
سواءِ انڌاري جي، ڪي بھ نظر نھ ايندو ھجيس. دادن
جي منجھيل من جي شاھدي سندس چھري مان پئي ملي، ۽
پاڻ ان منجھيل خلاصيءَ جيان آسپاس روشنيءَ ۾ مدد
لاءِ نھارڻ لڳو. دادن تھ دل ڏاڍي ڪري جنت کي ڇڏي
ھليو آيو، پر جنت جا خيال ڪٿان ٿا کيس ڇڏين! اھي
دادن جي پٺيان سندس پاڇي جيان پئي ڦريا. اڌ رات جو
دادن گھانگھرا ڇڏيا ھئا ۽ سج کڙڻ سان اچي ڪنڊياري
۾ پھتو. پڇائيندو پڇائيندو وڃي مسافر خانو ڳولي
ڪڍيائين. ٻھراڙيءَ جي مسافرخانن جيان اھا جاءِ بھ
پراڻي ھئي. مسافرن جي ڳالھائڻ مان معلوم ٿيس تھ
ماڻھن گھڻائي دفعا پڪاريو ھو تھ مسافرخاني جي مرمت
ٿيڻ کپي پر اختياريءَ وارن ان تي ڪوبھ ڌيان ڪونھ
ڏنو ھو. دادن ڏٺو تھ کانئس اڳ بھ ڪيترائي اجھي يا
آرام جي خيال کان اتي لٿا پيا ھئا. پاڻ ورانڊي ۾
ھڪ خالي کٽ تي ڪپڙن جي ھڙ مٿي کان رکي، سمھي پيو.
ٻيا ننڊ مان اٿيا ٿي تھ ھن سمھڻ جي تياري پئي ڪئي.
رات جو اوجاڳي سبب ۽ ساندھھ پنڌ ڪرڻ ڪري اوڏيءَ
مھل اک لڳي ويس. ٻيا مسافر تھ ڪم سان آيا ھئا ۽
کين ڪم لاھي واپس ورڻو ھو؛ مگر دادن جي تھ حالت ئي
ٻي ھئي. پنھنجي آئيندي جو ھن کي ڪوبھ خيال ڪونھ
ھو. دادن لاءِ ڏينھن ۽ رات ھڪ ھئا. ھو پاڻ سان
زخميل دل کڻي آيو ھو ۽ ماٺ ئي ماٺ ۾ سور پيئڻ
چاھيائين ٿي. دادن جي دل ان حالت ۾ ھئي جنھن جو،
ٻين سان ڳالھائڻ ۾ چاھھ نھ لڳندو آھي.
ننڊ ڪري اٿيو تھ ٿوري بک محسوس ڪيائين. گھانگھرن
مان ڪجھھ پئسا بچائي آيو ھو؛ بازار ۾ ويو ۽ ٻھ ٽي
آنا خرچي پيٽ ڀريائين. بازار ۾ کيس ھڪ ماڻھو گڏيو،
جنھن کي ھٿ ۾ ڇپيل پنن جو بنڊل ھو ۽ اھي پنا جيڪي
گڏيس ٿي، تن کي ڏيندو پئي ويو. دادن کي بھ ھڪ پنو
مليو جنھن ۾ ھيٺينءَ ريت لکيل ھو:
”ڪنڊياري نواسين لاءِ سونو موقعو!“
”جادوءَ جي استاد جا تجربا ڏسو ۽ پنھنجي نصيب کان
واقف ٿيو!“
”ٻن ڏينھن لاءِ ڪنڊياري ۾ مشھور جادوگر ۽ نجومي
آيو آھي- ھن جا ڪارناما حيرت انگيز آھن. ھو لفافي
۾ بند ٿيل سوالن جا جواب بنا لفافي کولڻ جي ڏئي
ٿو. عام ماڻھن کي ھن جي علم جو فائدو وٺڻ کپي.
ھرھڪ سوالن جي جواب لاءِ چار آنا ورتا ويندا. شام
جو ڇھين بجي سنڌي اسڪول جي ٻاھران ميدان ۾ لڳل
تنبوءَ ۾ نجومي پنھنجين ڪرامتن کان ماڻھن کي واقف
ڪندو.“
اشتھار ساري ڳوٺ ۾ ورھايا ويا ھئا. ماڻھن پنجين
بجي کان اڳ اچڻ شروع ڪيو ۽ جادوگر جي اچڻ تائين
منو تنبو تھ ڀرجي ويو. حاضرينن ۾ دادن بھ ھو.
نجومي، جو جادوءَ ۾ بھ قابل ھو، ماڻھن کي خوب
وندرايو. ھر ھر تاڙين جو ڦھڪو پئي پيو.
پڇاڙيءَ ۾ ماڻھن سوال پڇڻ شروع ڪيا. سڀيئي لفافا
بند ڪري نجوميءَ جي اڳيان پيل ميز تي رکي آيا. ھر
ڪنھن کي چيو ويو تھ، لفافي تي يا تھ پنھنجو نالو
لکي يا ڪا نشاني ڪري. نجومي ھڪ ھڪ لفافو ھٿ ۾ کڻي،
بنا کولڻ جي، اندر لکيل سوال جو جواب ڏيڻ لڳو.
دادن جو وارو بھ آيو. سوال ھو ”مون محبت ۾ شڪست
کاڌي آھي، منھنجو آئيندو ڇا ٿو ڏيکاري؟“ نجوميءَ
جواب ۾ چيو، ”تون ساري عمر ڇڙو ڇانڊ رھندين. جيڪي
ھينئر تنھنجي دل گھري ٿي سو ڪجھھ وقت بعد ملندءِ.
ليڪن تنھنجا خيال تنھن مھل ھينئر کان گھڻو ڦريل
ھوندا. اھو ڦيرو ھينئر اچڻ شروع ٿيندءِ.“
نجوميءَ جي لفظن دادن جي ڀٽڪندڙ دل کي ڪافي ڏڍ تھ
ڏنو، پر ساڳئي وقت خيال ۾ پڻ وڌو. ھو دل ۾ چوڻ
لڳو، ”جنت مون کي ملندي!“
مسافرخاني ۾ موٽي دادن اھا ئي کٽ اچي وسائي. بتين
ٻرڻ مھل ٺارو شاھھ(16)
مان ھڪ ڄڃ اچي اتي لٿي، جنھن سان گڏ دھلاري ۽
شرناني وارا پڻ ھئا. مڱڻھارن جي راڳن ۽ سازن مسافر
خاني ۾ موج ڪري ڏني. دادن جي دل بھ وندري پيئي
ھئي. رات جو جڏھن ھرڪو وڃي آرامي ٿيو، تڏھن دادن
ڀرسان سمھيل ھڪ نوجوان سان، جو مڱڻھارن جي ٽوليءَ
مان ھو، پئي گفتگو ڪئي. شام جو دادن ھن جوان جو رس
ڀريو راڳ ٻڌو ھو. ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي کان حال احوال
وٺڻ لڳا. ڳالھين ڪندي دادن کيس پنھنجيءَ حياتيءَ
کان واقف ڪيو ۽ اھو بھ ٻڌايائينس تھ پاڻ ڪيئن دنيا
مان کٽو ٿي، گھر ڇڏي نڪري پيو ھو. ھنن جي گفتگوءَ
جو آواز نزديڪ پيل کٽ تي سمھيل ھڪ مولويءَ جي ڪنن
تي پيو، جو سڀڪجھھ خيال سان ٻڌڻ لڳو دادن ھن
نوجوان سان نجوميءَ جي ڪيل اڳڪٿيءَ جو ذڪر پڻ
چوريو.
مولوي جنھن جي عمر پنجاھھ کان مٿي ھئي بلڪل نيڪ
نيت شخص ھو. ھن پنھنجيءَ حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي ڀليلن
کي راھھ راست ڏيکاري ھئي. دادن کي ھن انھن گمراھھ
ٿيل انسانن مان سمجھيو، جن کي سنئين دڳ تي آڻڻ
ھروڀرو مشڪل نٿو ٿئي. مولوي صاحب پنھنجي حياتيءَ
جا ڏينھن مذھب جي بھتريءَ ۾ صرف ڪيا ھئا. ھن ننڍي
ھوندي ئي شاديءَ جو خيال لاٿو ھو، ڇاڪاڻ تھ
سمجھيائين ٿي تھ ائين اسلام ۽ قوم جي وڌيڪ خدمت
ڪري سگھندس. مولوي صاحب حڪمت ۾ بھ ھوشيار ھو ۽
آسپاس جا ماڻھو کيس صلاح مصلحت لاءِ گھرائيندا
ھئا.
صبح ٿيو. مولوي دادن کي پاڻ ڏانھن سڏيو ۽ کيس
ٻڌايائين تھ پاڻ ڪيئن سندس گذريل رات واري گفتگو
ٻڌي ھئائين. ”جيڪي جوانيءَ ۾ دنيا مان نااميد ۽
بيزار ٿين ٿا سي گھڻو ڪري عشق ۾ ھار کائڻ ڪري ائين
ٿا ٿين،“ مولويءَ دادن کي مخاطب ٿي چيو ۽ دلداريءَ
وچان سندس ڪلھي تي پنھنجو ھٿ رکي چيائينس، ”محبت
انسان کي محبت کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نٿي ڏيئي.“
پر محبت انسان مان محبت بنا ٻيءَ ڪنھن چيز جي اميد
بھ نٿي رکي! دادن ظاھر ڪيو ۽ جواب لاءِ مولويءَ ڏي
انتظاريءَ وچان نھارڻ لڳو.
”مگر محبت تي قبضو ڪري نٿو سگھجي.“ مولويءَ
وراڻيو، ۽ گفتگوءَ جو سلسلو جاري رکندي چيائين،
”تو محبت تي قبضو ڪرڻ چاھيو ٿي ۽ ھار کائڻي پيئي.
محبت قبضو ڪري ٿي، ليڪن پاڻ تي قبضو ٿيڻ نٿي
ڏئي... اھو ويچار ڪڏھن بھ دل ۾ نھ آڻ تھ تون محبت
جي پرخار واديءَ ۾ رھنمائي ڪري سگھندين. محبت توکي
راھھ ڏيکاريندي، بشرطيڪ محبت توکي ان جي قابل
سمجھي.“
”ھمراھھ جي گھرج تھ ھرڪو محسوس ڪري ٿو.“
”دنيا ۾ انسان آيو بھ اڪيلو آھي ۽ کيس آخر رھڻو بھ
اڪيلو ئي آھي. نجوميءَ بھ تھ چوين ٿو تھ ائين ئي
ٻڌايو اٿيئي، جيتوڻيڪ منھنجو نجومت ۾ ايمان ڪونھي.
دنيوي ھمراھھ مڙيئي عارضي آھن. منھنجو ھمراھھ تھ
خدا آھي. ان کان بھتر ھمراھي ٻيو ڪھڙو ٿي ٿو سگھي؟
تون بھ ان جي ھمراھي چاھھ“ دادن کي ماٺ ڏسي، ھن
وڌيڪ چيو، ”محبت قيد کان پاڻ کي آزاد رک. تو پاڻ
کي ان جو باندي بڻايو ٿو ڏسجين.“
”مان ان بنديخاني کان آزاد ٿيڻ جي ئي تھ ڪوشش ۾
آھيان.“
”ماڻھو جنھن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، تنھن ۾ ھروڀرو
فتحياب نٿو ٿئي. فتحيابي ڏيڻ تھ ڌڻيءَ جي ھٿ آھي.“
”انسان جي دل سچي آھي تھ قدرت ھن جي ضرور مددگار
ٿئي ٿي.“
”قدرت مون کي تنھنجي مدد لاءِ موڪليو آھي.“
”تھ مان توھان جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان،“
دادن بنا اٽڪ جي چئي ڏنو.
”مون سان گڏجي ھلندين؟“ مولويءَ خوش ٿي پڇيس ”ھا“.
”ڪيڏانھن؟“
”جيڏانھن وٺي ھلندا تيڏانھن.
شاديءَ پوري ٿيڻ بعد مولوي دادن کي ساڻ ڪري ٺارو
شاھھ موٽيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ مسجد ۾ رھايائين.
ماڻھوءَ جي چؤگرد جو وايومنڊل ٿئي ٿو، تنھن جو مٿس
جھجھو ئي اثر ٿو ٿئي.
(15)
انتظار جي ھڪڙي کن بھ ڪلاڪن جي برابر آھي. جنت
حميد جي اوسيئڙي ۾ واجھايو پئي. مقرر وقت تي ساجن
نھ اچي تھ دل ۾ انيڪ نمونن جا انومان ۽ ڦرڻا اچيو
پيدا ٿين. جدائيءَ جو وقت وڌيو پوي. ويچاريءَ جنت
سان بھ اھائي ڪار ھئي. حميد اڳ ڪڏھن بھ اچڻ ۾ دير
نھ ڪئي ھئي. اھڙو ڇا ٿيو ھوندو جنھن کيس روڪي
ويھاريو آھي: اھو سوال جنت پاڻ کان پڇڻ لڳي.
آخر حميد کي پري کان ايندو ڏٺائين. انتظار ويندو
رھيو. ھينئر جنت جي منھن تي مرڪ نظر اچڻ لڳي. غم ۽
خوشي ڪيئن نھ انسان کي کلائين ٿا! جنت جي دل ٽپا
ڏيڻ شروع ڪيا. ھوءَ راڳ ڳائڻ لڳي:
”دل جون ڳالھيون ميان، آءٌ تھ توسان اوريان،
ڳجھيون ڳالھيون ڪريان ڪن سان تڪ ويٺي ٿي توريان،
سڳو تنھنجي سڪ جو، ساھھ اندر ٿي سوريان.“
اتي حميد اچي جنت جي سامھون بيٺو. جنت ڀرسان ھڪ وڻ
جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي راڳ ڳائيندي رھي:
راتو ڏينھان ڪاڻ اوھان جي، چت ۾ چرخو چوريان،
اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ گھڻو ئي گھوريان.
”جنت، اھو راڳ تھ تو مون کي اڳ ۾ ڪونھ ٻڌايو آھي.“
حميد سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي چيو.
”اڄ جھڙو انتظار وري اڳ ۾ ڪڍيو اٿيئي ڇا؟“
”انتظار کان پوءِ ئي تھ ملڻ ۾ سچو مزو ايندو آھي.
جنت! پوئين مصرع تھ وري چئھ!“ حميد جنت کي پنھنجين
ٻانھن ۾ جھلي چيو.
جنت اکيون حميد جي اکين سان ملائي، جھيڻي پر سريلي
آواز سان چيو، ”اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ
گھڻو ئي گھوريان.“
”تو مون کي ياد ڪيو تھ مان آيس.“
مان تھ توکي ڏينھن رات ياد ڪندي آھيان؛ پوءِ تون
ڪين ايندو آھين؟“
”تو ڪين چيو تھ خوابن ۾ مون کي ڏسندي آھين؟ مان تھ
تو وٽ ننڊ ۾ ٿو اچان.“
”جاڳندي تھ انتظار ڪڍائين ويٺو؛ تنھنجي مرضي آھي
تھ ننڊ ۾ بھ انتظار ڪڍان ڇا؟ ننڊ ۾ تھ منھنجي قبضي
۾ آھين.“
”ننڊ ۾ جي مان تو وٽ آھيان، تھ تون بھ مون وٽ
آھين.“
”جيڪي ڏينھن نھ ڏئي، سو رات ڏئي. رات آھي ڪاري پر
دل ڪھڙي نھ نرم اٿس! وڇڙيلن جو ميلاپ رات ئي ٿي
ڪرائي. ڪيترن جون دعائون کٽندي ھوندي! عاشقن لاءِ
ڏينھن تھ جيڪر ٿئي ئي نھ. ھنن لاءِ رات جي اونداھھ
۾ ئي روشني آھي.“
”جنت، اڄ تون ڪھڙي نھ قرب ڀريون ڳالھيون پيئي
ڪرين! اڄ تون مون کي ھونئن کان زيادھ وڻندڙ پيئي
لڳين.“
”ڇو؟ مون لاءِ تھ تون ساڳيو ئي آھين.“
”مون کي ڪجھھ معلوم آھي، جنھن جي اڃا توکي ڄاڻ نھ
آھي.“
”اھو ڇا آھي؟“
”ھيءَ اسان جي آخري ملاقات آھي!“
”آخري!“ جنت، حميد جي ڀاڪر مان ٻاھر اچي، عجب مان
پڇيو.
”يعني ھيءَ اھا ملاقات آھي، جنھن بعد خبر نھ آھي
تھ گھڻيءَ مدت تائين وڇوڙو پسڻو پوي.“
”تون مون کي ڇڏي ٿو وڃين؟“ ڀريل دل سان جنت حميد
کان پڇيو.
”جنت، مان لاچار آھيان.“
”اھڙي ڪھڙي لاچاري آھي.“
”منھنجي بدلي ٿي آھي.“
”بدلي!“
”انھن ئي خيالن ۾ ئي تھ ويٺو ھوس، جو تو وٽ اچڻ ۾
دير ٿي. پاڻ کي پئي چيم تھ توکي ڇا اچي ٻڌايان.
سمجھيم تھ توکي صدمو رسندو، مگر توکان لڪائڻ بھ تھ
ٺيڪ نھ ھو.“
جنت ماٺ ۾ ھئي. حميد سندس ساڄي ڪلھي تي ھٿ رکي
چيو، ”مگر، جنت مان توکي وساريندس نھ. اسان جي وچ
۾ مفاصلو برابر ٿيندو؛ اسان ٻنھي جا جسم پاڻ ۾ نھ
ملندا ليڪن مفاصلو دلين جي ميلاپ کي روڪي نٿو
سگھي.“
”تون وڃين ٿو؟“ جنت منھن ۾ نھاري چيس، ڄڻ تھ ھن کي
ٻيو ڪجھھ سمجھھ ۾ ئي نھ ٿي آيو.
”ڀلا ٻڌائينم تھ ڇا ڪريان؟“
”جي نھ وڃين تھ؟“
”نوڪريءَ کان جواب ملندم.“
”پوءِ محبت ڇو ٿي ڪيئھ؟“
”ڇا، غريبي ماڻھوءَ کي پيار ڪرڻ کان بھ روڪي ٿي؟
غريب محبت ڪري نٿا سگھن؟ جنت، تون چئي ڇا رھي
آھين؟“
”حميد، تون مون سان مسخري تھ نٿو ڪرين؟ تون منھنجي
محبت کي آزمائڻ تھ نھ ٿو چاھين؟“
”نھ، جنت، منھنجي بدلي ٿي آھي.“
”حميد، تو منھنجا خواب ئي خواب ڪري ٿو وڃين.
تنھنجيءَ محبت مون کي اڏامڻ سيکاريو. ائين سمجھندي
آھيان تھ ھوا تي ٿي ھلان. تو مون کي خوشي ڏيکاري؛
پر غم بھ وري تون ئي ٿو ڏيکارين! تو مان غم جي تھ
مون کي اميد ئي ڪانھ ھئي. تنھنجي پيار منھنجي لاءِ
ساري دنيا ھڪ روشن گھر ڪري ڇڏيو. پر تون مون کان
سڀ کسي ٿو وٺين. جيڪي ڏنئھ تنھن کان بھ وڌيڪ کسي
ٿو وٺين. اڳ تھ خبر ئي ڪانھ ھيم تھ پيار ڇا ٿيندو
آھي. تون اھا ڄاڻ ڏيئي وري اڪيلائيءَ ۾ ڦٽو ٿو
ڪرينم! تو برابر ان ڏينھن چيو تھ ماڻھوءَ جي خوشي
عارضي آھي.“ حميد جي ھٿن ۾ جيڪو بدليءَ وارو حڪم
ھو، ان ڏانھن اشارو ڪري، جنت چيو، ”ڪاغذ تي لکيلن
ٿورن اکرن ۾ ايتري طاقت آھي، جو اھي منھنجيءَ قسمت
۾ ڦيرو آڻي سگھن ٿا!“
”جنت، تون اجايو وھلور ٿي وڃين. تو لاءِ اندر ۾ جا
محبت اٿم، سا تھ قائم ئي رھندي.“
”مطلب تھ سرڪاري نوڪرن سان نينھن نھ رکجي. ھو
پنھنجي وس ڪونھن. ھنن کي حڪم جي تعميل ڪرڻي پوي
ٿي. اڄ ھڪ ھنڌ ھوندا، تھ سڀاڻي ٻئي ھنڌ. ھنن جي
آزادي ٻين جي ھٿن ۾ آھي.“
ائين چئي، جنت ٻيئي ٻانھون حميد جي ڳچيءَ ۾ وجھي،
آلين اکين سان ڏانھس نھارڻ لڳي. ٻيئي ڄڻا ڪجھھ وقت
تائين بنا ڳالھائڻ جي ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھيا؛ چؤطرف
ماٺ ھئي. جنت چيو، ”حميد، مون کي ڇڏي نھ وڃ! مان
تنھنجي پيار جي بکي آھيان. اھو مون کي ڏيندو رھھ.
روبرو ھجيم؛ مون کان پري نھ وڃ. اسان جي محبت اڃا
شروع ئي مس ٿي آھي، تھ تون وڃڻ جا سانباھا بھ ٿو
ڪرين! توھين مرد دل جا ڪھڙا نھ سخت ٿا ٿيو!“ |