سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

رڪن ٽيون

صفحو :10

تڪبر

 

اي منهنجا دوست، توکي ڄاڻڻ جڳائي ته تڪبر ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجهڻ هڪ نهايت بري عادت آهي، ۽ سچ پچ  الله تعاليٰ سان دشمني ڪرڻي آهي. وڏائي ۽ ڪبريائي اُنهيءَ کي ئي سونهي ٿي. حضور جن فرمايو آهي ته ”جنهن شخص جي دل ۾ ذرو به تڪبر هوندو، اهو بهشت ۾ داخل نه ٿيندو.“

هاڻي اها شيءِ جا سعادت ۽ بهشت جي رستي کي بند ڪري ٿي، ان جو علاج ڪرڻ فرض عين آهي، ڇا لاءِ جو ڪوبه شخص هن بيماريءَ کان آجو نه آهي. ان جو علمي علاج ته هيءَ آهي ته هو حق تعاليٰ کي سڃاڻي ته جيئن هن حقيقت کان آگاهه ٿي وڃي ته تڪبر ۽ عظمت، اُنهيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ زيبا نه آهن، ۽ خود پنهنجي حقيقت کان به واقف ٿئي ته جيئن کيس معلوم ٿي وڃي ته کانئس وڌيڪ خسيس حقير ۽ ناڪس ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. کيس مٽيءَ ۽ ڪني پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن کان زياده ذليل ۽ پليد ٻي ڪابه شيءِ ڪانه آهي. حق تعاليٰ کيس ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوت بخشي، هٿ پير ۽ ٻيا عضوا عطا ڪيائينس ۽ منجهس ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب شيون پيدا ڪيائين، ته هو ان جي معرفت الله تعاليٰ جي بزرگيءَ کي سڃاڻي، ۽ تڪبر ڪرڻ کان باز رهي، ڇاڪاڻ ته اِهي سڀ شيون ان پنهنجي ڪوشش سان حاصل ڪونه ڪيون آهن. انسان جو پهريون ڪم هيءُ آهي ته غور ڪري ڏسي ته هيءَ جاءِ (دنيا) سندس لاءِ تڪبر جي نه، پر شرمساريءَ جي آهي. ان وچ ۾ قدرت، جو ڪم پورو ڪيو آهي، اهو هيءُ آهي ته ان، کيس جهان ۾ آندو ۽ هڪ عرصي تائين ان ۾ رکيائين، ۽ هيءُ قوتون ۽ نعمتون کيس عنايت ڪيائين. الله تعاليٰ جيڪڏهن انسان جا ڪم سندس اختيار ۾ ڏئي ها، ۽ کيس بي نياز ڪري ها، ته ممڪن هو ته هو غلطيءَ ۾ ڦاسي چوي ها ته ”مان ڪا شيءِ آهيان،“ تنهنڪري ان کي بک، اڃ، بيماري، سردي، گرمي، درد، رنج ۽ ٻين ڪيترين مختلف مصيبتن ۾ جڪڙي رکيائين، ته جيئن هو هڪ گهڙي به پاڻ کي سلامت نه سمجهي. ٿي سگهي ٿو ته مري وڃي انڌو ٿي پوي، بيماري اچي ورائيس يا بک ۽ اڃ کان هلاڪ ٿي وڃي. ان کان پوءِ هن جو علاج ۽ ڀلائي ڪڙين دوائن ۾ رکيائين، ان لاءِ ته جيڪڏهن هو فائدو وٺڻ گهري ته ڪجهه تڪليف برداشت ڪري، ۽ سندس نقصان چڱين شين ۾ مقرر ڪيائين ته جيڪڏهن هو في الحال لذت ۽ مزو ماڻي، ته ان بعد ڪجهه ايذاءَ به سهي. سندس ڪمن مان ڪوبه ڪم ان جي قبضي ۽ اختيار ۾ نه ڏنائين، حتيٰ ڪه جو ڪجهه هو ڄاڻن گهري تنهن کي ڄاڻي نه سگهي، ۽ جنهن کي وسارڻ چاهي تنهن کي وساري نه سگهي، ۽ (برعڪس اُن جي) جنهن شيءِ جو خيال هو چاهي ٿو ته نه ڪري، اهو اٽلو سندس دل تي غالب اچي ٿو ۽ وري جنهن شيءِ کي دل ۾ آڻڻ گهري ٿو ته اها سندس خيال کان ئي گهڻو پري نڪريو وڃي ٿي. هن عجيب ڪاريگريءَ ۽ جمال جي باوجود جنهن سان هُن کيس پيدا ڪيو آهي، کيس اهڙو عاجز بنايو اٿس، جو کانئس وڌيڪ بدبخت، ڪمتر ۽ هيڻو ٻيو ڪو آهي ئي ڪونه. سندس آخري ڪم مرڻ آهي- نه منجهس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي قوت رهندي، ۽ نه هيءُ بدن ۽ عضوا ۽ نه هيءَ سونهن ۽ سوڀيا. ۽ پوءِ به جيڪڏهن هو هميشه لاءِ خاڪ ٿي وڃي ها ته به سندس فائدو هو، جو چوپاين جي برابر ته رهي ها، مگر افسوس، ان کي هيءَ دولت به نصيب نه ٿيندي- کيس وري جياريو ويندو ۽ سندس ڪيي جو کانئس ذري پرزي حساب ورتو ويندو.

تڪبر جون حالتون اڪيچار آهن، مثال طور، متڪبر ماڻهو اڪيلو وڃڻ پسند نه ڪندو آهي، جيستائين ڪو ٻيو آدمي ان سان ساڻ نه هجي. هن ڳالهه کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. متڪبر چاهيندو آهي ته ماڻهو سندس اڳيان گهڻي تعظيم ۽ عزت سان بيهي رهن، ۽ تڪبر سبب هو ڪنهن ڏانهن هلي وڃي ساڻس ملاقات نه ڪندو آهي، ۽ نه وري هيءُ به چاهيندو آهي ته ڪو فقير ۽ غريب سندس ويجهو اچي ويهي. هو پنهنجي گهر جو ڪم ڪرڻ عيب سمجهندو آهي، ۽ بازار مان سودي سلٽ آڻڻ ۾ به کيس عار لڳندو آهي، ۽ جيستائين سٺا ڪپڙا نه هجن، ٻاهر نه نڪرندو آهي (صاف سٺا ڪپڙا پائڻ هروڀرو تڪبر جي نشاني نه آهي، ڇا لاءِ جو آدمي هر شيءِ ۾ صفائي پسند ڪندو آهي، مگر شرط هيءُ آهي ته هو اڪيلائيءَ ۾ به سٺي پوشاڪ کي پسند ڪندو هجي.)

ماڻهو وقتاً بوقتاً پنهنجي نسب سبب به تڪبر ڪندو آهي، ليڪن کيس گهرجي ته پنهنجي اصل کي ڌيان ۾ آڻي. جنهن کي خاڪ مان پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ موٽي خاڪ ٿي ويندو. حسن ۽ جمال کان به تڪبر پيدا ٿيندو آهي، پر انسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر تي غور ڪري ته جيئن کيس پنهنجون برائيون معلوم ٿين، ۽ ڏسي ته ”اهو ڪيئن نه ڪيترين نجاستن سان ڀريو پيو آهي.

جيڪڏهن سندس تڪبر ڪنهن طاقت جي سبب آهي. ته پوءِ هي سمجهي وٺي ته هڪ رڳ جو درد ان کي اهڙو پريشان ڪري وجهي ٿو، جو کانئس زياده هيڻو ڪو ڳوليو لڀي. هڪ مک جي ستائڻ کان تنگ اچي وڃي ٿو، ۽ پير ۾ هڪ ڪنڊي لڳڻ سبب هلڻ کان لاچار آهي. جيڪڏهن مال جي ڪثرت حڪومت ۽ سرداريءَ تي هن کي تڪبر آهي، ته اهي شيون ته سندس ذات کان ٻاهر آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مال کي چور کڻي وڃن، ۽ حڪومت ۽ سرداريءَ کان بادشاهه هٽائي ڇڏي، ته پوءِ سندس قبضي ۾ ڇا رهندو؟ پر جيڪڏهن مال سلامت به رهي ته گهڻائي يهودي مال ۾ کانئس زياده آهن، پر جي حڪومت تي فائز به رهي، ته ٻيون ڪيتريون قومون آهن، جن وٽ هن کان ڏهه دفعا وڌيڪ حڪومت آهي. مطلب ته جا شيءِ ماڻهوءِ جي پنهنجي وس ۾ نه ۽ سندس ذاتي ملڪيت ئي نه آهي، تنهن تي تڪبر ۽ فخر ڪرڻ بلڪل اجايو ۽ فضول آهي.

ظاهري علم ۽ عبادت به تڪبر جو ڪارڻ بڻجن ٿا، جنهن جو علاج ڏکيو آهي، ڇا لاءِ جو هيءُ (علم ۽ عبادت) انسان جو ڪمال آهي. الله تعاليٰ وٽ علم نهايت پيارو اهي ۽ سندس صفتن مان هيءَ هڪ صفت آهي، ۽ عالم لاءِ پنهنجي طرف ڌيان نه ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جو آسان علاج هيءَ آهي ته عالم کي جڳائي ته هيءَ سمجهي ڇڏي ته علم جي ڪري کيس سخت پڪڙ ٿيندي، ۽ هو سدائين هڪ وڏي خطري ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته جاهل جي گهڻن ئي ڪمن کي فراموش ڪيو ويندو، ليڪن عالم جي تفصير کي نهايت اهم سمجهيو ويندو، ۽ ان کي بنان حساب هرگز ڇڏيو نه ويندو. ان کان سواءِ، هو انهن حديثن تي سوچ ۽ ويچار ڪري، جي عالمن جي باري ۾ آيل آهن. الله تعاليٰ خود پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ عالم کي گڏهه قرار ڏنو آهي، جنهن جا ڪم سندس علم مطابق نه آهن. جنهن جي دل ۾ آخرت جو خوف ڄمي وڃي ٿو. اهو تڪبر ڪڏهن به نه ٿو ڪري ۽ ٻيو ته کڻي ڇڏيو پر جي هو ڪنهن ڪافر کي ڏسي ٿو، ته به تڪبر کان باز رهي ٿو، ۽ خيال ڪري ٿو ته شايد هيءَ مسلمان ٿي وڃي ۽ سندس پڇاڙي موچاري ٿئي ۽ مبادا منهنجو خاتمو ڪفر تي ٿئي ۽ جڏن آخرت ۾ ڇوٽڪاري ماڻڻ جو دارومدار ئي انسان جي پنهنجي خاتمي تي آهي، تڏهن پوءِ تڪبر ڇا جو؟ ڇاڪاڻ ته خاتمو خير سان ٿيندو يا شر سان، تنهن جو علم ڪنهن کي به ڪونه آهي. عالم کي جڳائي ته هن حقيقت کي به سمجهي ڇڏي ته تڪبر (تڪبر) صرف الله تعاليٰ جي لاءِ زيبا آهي، ۽ جو آدمي هُن معاملي ۾ هُن سان مقابلو ڪري ٿو، ان کي هو پنهنجو دشمن سمجهي ٿو، ۽ الله تعاليٰ ته هرهڪ کي اهو حڪم ڏنو آهي ته ”منهنجي نزديڪ توکي ان وقت عزت ٿيندي، جڏهن (اي ٻانها) تون پنهنجو پاڻ کي ڪجهه به نه سمجهندين.“

عابد کي به گهرجي ته عالم کان پاڻ کي وڏو نه سمجهي، پوءِ هو (عالم) کڻي عابد نه آهي ۽ چوي ٿو ته ”آخرت ۾ شايد علم ئي منهنجي شفاعت ڪندو ۽ منهنجين برائين کي ميٽيندو.“ حضور جن جو ارشاد آهي ته ”عالم کي عابد تي اهڙي فضيلت آهي، جهڙي مون کي پنهنجي اصحابن تي.“ جيڪڏهن اهو عابد کڻي ڪنهن جاهل کي ڏسي، جنهن جو حال کانئس لڪل هجي، ته پنهنجي اندر ۾ هيءُ خيال ڪري ته شايد هيءُ جاهل مون کان به زياده، عابد (عبادت ڪندڙ) هجي، ۽ ان پاڻ کي مشهور نه ڪيو هجي.“ جيڪڏهن ڪنهن فاسق گنهگار کي ڏسي ته هيءُ خيال آڻي ته ”دل ۾ ڪيترا وسوسا ۽ خيال اچن ٿا جي خود وڏو گناهه آهن، ۽ دل جو گناهه ظاهري گناهه کان گهڻو وڏو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته منهنجي اندر ۾ اهڙا گناهه هجن، جن کان مان غافل هجان ۽ انهن جي سبب منهنجا ظاهري عمل به برباد ٿي وڃن، ممڪن آهي ان ٻئي جي اندر ۾ ڪو اهڙو نيڪ خلق هجي جنهن سبب ان جي مڙيئي ظاهري گناهه معاف ڪيا وڃن، ۽ شايد هو مرڻ کان اڳ توبهه ڪري، ۽ سندس خاتمو خير سان ٿئي، ۽ ممڪن آهي مون کان ڪو اهڙو گناهه ٿئي جنهن جو سبب مرڻ وقت منهنجو ايمان خطري ۾ پئجي وڃي.“ هاڻي جڏهن هيءُ ممڪن آهي ته الله تعاليٰ وٽ ان جو نالو بدبخت (الاشقياء) لوڪن ۾ لکيو وڃي (ڪنهن به شخص جو نالو بدبخت لوڪن جي زمري ۾ آڻڻ الله تعاليٰ لاءِ ممڪن ضرور آهي)، ته پوءِ تڪبر ڪرڻ سراسر حماقت آهي، ۽ اهوئي ته سبب آهي جو مڙيئي عالم ۽ بزرگ هميشه نماڻا ۽ حليم رهيا آهن.

 

خوش فهمي ۽ خود پسندي

اڪثري لوڪ اهڙا آهن جي پنهنجي ۽ پنهنجي عملن متعلق سٺو گمان رکندا آهن، حالانڪه هو سراسري دوکي ۾ آهن، جن کان هو غافل رهن ٿا. کري ۽ کوٽي کي پرکڻ جي تميز نٿا رکن. خوش فهميءَ ۾ ڦاٿلن مان پهريون ٽولو عالمن جو آهي. انهن ۾ ڪيترا اهڙا آهن، جي پنهنجي ساري عمر علم پرائڻ ۾ صرف ڪن ٿا، مگر عمل ۽ معاملي ۾ قاصر ۽ ناقص رهن ٿا ۽ هيءُ خيال رکن ٿا ته ”اسان علم ۾ هڪ اهڙي مرتبي کي پهچي ويا آهيون، جو اسان کي عذاب هرگز نه ٿيندو، ۽ ٻيءَ ساريءَ مخلوق جي شفاعت به اسان جي هٿان ٿيندي.“ الله تعاليٰ ته فرمايو آهي ته ”ڇوٽڪارو ان لاءِ آهي، جنهن پاڻ کي پاڪ صاف رکيو، ۽ نه ان لاءِ جو پاڪائيءَ صفائيءَ جو فقط علم سکي.“[1] جيڪڏهن هو کڻي پنهنجي بري اخلاق کان واقف به ٿين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ان کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ دل جي صفائي ضروري آهي، مگر اتي وري هيءُ به خيال ڪن ٿا ته ”اسان جي دل انهيءَ خراب اخلاق کان پاڪ آهي.“

هاڻي، جڏهن انهن ۾ هيءُ تڪبر پيدا ٿئي ٿو، ته ان وقت شيطان موقعي جو فائدو وٺي، کين چوي ٿو ته ”هيءُ تڪبر نه آهي. دين جي عظمت ۽ عزت انهيءَ ۾ آهي، جيڪڏهن تنهنجي عزت نه ٿيندي، ته اسلام پوءِ ڪهڙيءَ طرح عزت حاصل ڪندو!“ اهڙو عالم جڏهن ڪو سٺو لباس پهري ٿو، گهوڙا، ساز سامان ۽ تجمل رکي ٿو، ته شيطان ان کي چوي ٿو ته ”هي سرڪشي نه آهي، پر ان مان مقصود دين جي دشمن جي شڪست آهي. جيڪڏهن منجهن (اهڙن عالمن ۾) حسد پيدا ٿيندو آهي. ته چوندا آهن ته ”هي دين ۾ اڏول رهڻ جي نشاني آهي. وري جيڪڏهن کانئن رياء ۽ ڏيکاءَ ظاهر ٿيندو آهي ته جواب ڏيندا آهن ته ”هن ۾ مخلوق جي مصلحت آهي، جيئن هو اسان جي عبادت کان واقف ٿي، اسان جي پيروي ڪن، جڏهن بادشاهن جي درٻار ۾ ويندا آهن تڏهن چوندا آهن ته ”هن مان (مقصود) ڪو ظالمن سان نرمائي ۽ هيٺانهين ڪرڻ نه آهي، جا واقعي حرام آهي، پر اهو ان لاءِ آهي ته اسين مسلمانن جي ڪا سفارش ڪريون، ۽ انهن جي ڀلي جو ڪم ڪريون.“ جيڪڏهن ڪنهن وقت حرام جو مال هٿ اچين ٿو ته جواب ڏين ٿا ته ”هيءُ حرام نه آهي، هن مال جو ڪو مالڪئي ڪونهي، اسين ان کي دين جي ڪمن ۾ خرچ ڪنداسين، ڇا لاءِ جو دين اسلام جي مصلحت اسان سان وابسته آهي.“

عالمن ۾ ڪي وري اهڙا آهن، جن صحيح علم جي سمجهڻ ۾ ئي غلطي ڪئي آهي، ۽ اهي علم جي زياده اهميت رکندڙ آهن، تن کي ڇڏي ڏنو اٿن: جيئن ته علم تفسير، حديث، فقہ، تصوف، علم اخلاق ۽ طريق رياضت، جي سڀئي فرض عين آهن، ۽ اهڙن علمن ۾ پنهنجي عمر ڳاري اٿن،جي کين دنيا کان هٽائي آخرت جي راهه نٿا ڏيکارين: جهڙوڪ جدل(1)، مناظرو ۽ خصومات خلق متعلق فتوائون. رات ڏينهن انهيءَ علم ۾ همه تن مشغول آهن، ۽ سمجهن ٿا ته علم هيءُ ئي آهي ۽ بس، جيڪڏهن ڪو شخص سندن انهيءَ علم کان منهن ڦيرائي ٿو ته چون ٿا ته ”هو حقيقي راهه کان هٽي ويو آهي ۽ صحيح علم کي وساري ويٺو آهي.“

بعض عالم وري پاڻ کي وعظ جي علم ۾ رنڀائين ٿا ۽ انهن جي ساري گفتگو محض سجع، نازڪ کان نازڪ نڪتن ۽ غير مفهوم مضمونن سان ڀرپور هوندي آهي، ۽ اهڙين عبارتن جي تلاش ۾ رهندا آهن، جن کي ماڻهو ٻڌي نعرا هڻي سندن تعريف ڪن. هو هيءُ نٿا سمجهن ته اصل نصيحت ته هيءُ آهي ته دل ۾ سزا ۽ جزا جو اهڙو احساس لڳايو وڃي، جنهن سان آخرت جا خوف خطرا ياد اچن، ۽ پوءِ انهن خوف خطرن کي ياد ڪري گريه زاري ۾ لڳي وڃجي، وعظ ۽ نصيحت به هن (آخرت جي) عذاب تي روئڻ پٽڻ هئڻ گهرجي، باقي اهو لُڙڪ وهائيندو جو هن احساس جو حامل ۽ ترجمان نه آهي، اهو، جا به ڳالهه ڪندو سا ڄڻڪه اڌاري آهي، ۽ ڪنهن جي به دل ۾ اثر نه ڪندي.

عالمن ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به آهي جو پنهنجو سارو وقت ظاهري فقه ۾ خرچ ڪري ٿو، ۽ هن حقيقت کي نٿو سڃاڻي ته فقه جي تعريف هن کان وڌيڪ ٻي ڪانه آهي ته ”اهو هڪ قانون آهي، جنهن جي ذريعي بادشاهه خلق تي پنهنجي سياست قائم رکي ٿو.“ ليڪن جا ڳالهه آخرت سان واسطو رکي ٿي، تنهن جو علم ئي ڪجهه ٻيو آهي. فقه ۾ درست آهي، اها آخرت ۾ فائديمند ٿيندي. ان جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪو شخص زڪوات جو سال جي آخر ۾ پنهنجي زال کي وڪڻي ڏئي ۽ ان جو مال پاڻ خريد ڪري وٺي. هن حالت ۾ ظاهري فتويٰ ته هيءَ آهي ته زڪوات ڏيڻ هاڻي ان جي ذمي نه رهندي (ڇو ته اها ساقط ٿي ويئي)، ٻين لفظن ۾ جو شخص بادشاهه جي پاران زڪوات اڳاڙي ٿو، ان کي هيءُ اختيار نه آهي ته هو اهڙي ماڻهوءَ کان زڪوات جي گهر ڪري، ڇا لاءِ جو ان جي نظر ظاهر مال تي هوندي آهي ( جو زڪوات ڏيندڙ جي قبضي ۾ هجي)، ۽ هيءَ ظاهر ملڪيت ته سال ختم ٿيڻ کان اڳيئي ويندي رهي- شايد فقيعه به ان جي منقطع ٿي وڃڻ تي فتويٰ ڏئي، ۽ ايترو به نه سمجهي سوچي ته جو شخص زڪوات ڏيڻ کان بچڻ جي خاطر ائين ڪري ٿو، اهو الله تعاليٰ جو ناراضپو ۽ ڪاوڙ خريدي ٿو. يا مثال طور ڪو شخص پنهنجي زال سان ترشيءَ سان هلي ٿو، ان کي رنج پهچائي ٿو، تان ته، هوءَ خلع (زال جي طرفان طلاق) ڪري کيس ”مهر“ موٽائي ڏئي. هاڻي ظاهر فتويٰ موجب ته هيءُ خلع درست آهي، ڇا لاءِ جو هن دنيا جي قاضيءَ کي فقط زبان سان ڪم آهي، دل جي راز کان هو غير واقف آهي، ليڪن اهڙو شخص آخرت ۾ پڪڙيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اهڙو خلع، ”اڪراه“ (زبردستيءَ) ۾ داخل آهي.

خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿيندڙن ۾ ٻيو گروه عابد لوڪن جو آهي، جي اهڙا ٺڳيل آهن، جو فضائل خاطر فرائض وڃايو ويهن- مثلاً،  جيڪڏهن ڪنهن کي طهارت ۾ اجايو شڪ آهي ته نماز بي وقت پڙهي ٿو، نرم دل ۽ مهربان پيءَ- ماءَ سان تکو ۽ سخت پيش اچي ٿو، ۽ پاڻيءَ ۾ پليديءَ جو بعيد گمان وٽس قريب جو درجو رکي ٿو. ۽ جڏهن کائڻ ويهي ٿو تڏهن سمجهي ٿو ته سڀ چيز حلال آهي، ۽ ممڪن آهي جو هو حرام محض کان به پرهيز نه ڪندو هجي. ڪوڙا ۽ نقلي عابد ۽ زاهد لقمي ۾ احتياط ڪرڻ جي بجاءِ، طهارت ۾ احتياط ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڌوٻيءَ جا ڌوتل ڪپڙا پهريل ڏسندا آهن ته چوندا آهن ته ”ان وڏو گناهه ڪيو آهي.“ حالانڪه هيءُ نادان نٿا ڄاڻن ته حضور صلعم جن کي ڪافر جيڪو ڪپڙو تحفي طور موڪليندا هئا، پاڻ اهو پائيندا هئا، ۽ جو ڪپڙو غنيمت جي مال مان حاصل ٿيندو هو، ان کي به بلا تڪليف استعمال ڪندا هئا.

انهن ۾ بعض اهڙا آهن، جي جڏهن نماز جي نيت ڪن ٿا ته ان وقت وسوسا انهن تي غالب پئجي وڃن ٿا، تان جو نيت ڪرڻ وقت آواز ڪرڻ ۽ هٿن کي ڪنن طرف ڦهلائڻ سبب پهرين رڪعت وڃائي ويهن ٿا. هو اهو نٿا سمجهن ته جيئن فرض ادا ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جي نيت ٿيندي آهي، نماز ۾ به تيئن نيت ٿيندي آهي (اجايو وقت نه وڃائبو آهي). نيت ۾ وسوسن سبب نه ته هو ٻيو دفعو فرض ئي ادا ڪن ٿا، ۽ نه زڪوات ئي ڏين ٿا. ڪي وري فاتحه سورت جي حرفن کي ادا ڪرڻ وقت وسوسن جو شڪار ٿين ٿا، تان جو حرفن کي مخرجن مان ٻاهر ڪڍن ٿا ۽ نماز جي حالت ۾ انهن جي دل انهيءَ طرف رهي ٿي ته حرف برابر مخرجن مان نڪرن. نمازيءَ کي ته گهرجي ته دل کي قرآن شريف جي معنيٰ ۾ لڳائي، ۽ ”الحمد“ چوڻ وقت سراپا شُڪر بڻجي وڃي ۽ ”اياڪ نعبد اياڪ نستعين“ پڙهڻ مهل توحيد ۽ عجز جو مجسمو ٿي پوي.

عابدن ۽ زاهدن ۾ اهڙا به آهن جي هرروز قرآن شريف ختم ڪن ٿا. پڙهڻ ۾ گهڻيءَ تڪڙ ۽ تيزيءَ جي ڪري انهن جي دل غافل رهي ٿي. انهن جي ساري ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته قرآن شريف جو هڪ ختمو سندن شمار ۾ اچي ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائين ته اسان هيترا دور ڪڍيا آهن، ۽ ستن منزلن مان هيتريون منزلون تلاوت ڪيون آهن، ۽ هو هيءُ نٿا ڄاڻن ته قرآن ڪريم جي هرهڪ آيت هڪ صحيفو آهي، جنهن ۾ ساري گهربل هدايت موجود آهي، انهن کي انهيءَ تي غور ڪري سبق حآصل ڪرڻ گهرجي. اهڙن جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن کي بادشاهه ڪو خط لکي ٿو جنهن ۾ سندس فرمان درج ٿيل آهي. هو ان خط کي وٺي، سندس فرمان کي اٿلائي پٿلائي پڙهڻ لڳي ٿو، ليڪن ان جي معنيٰ ۽ مطلب تي ڪو ڌيان ئي نٿو ڏئي.

ڪي وري آهن، جي جڏهن حج تي ويندا آهن تڏهن اتي مجاور ٿي ويهندا آهن، ۽ گهڻو ڪري روزي ۾ رهندا آهن، ليڪن دل ۽ زبان جي پوري نگهداريءَ نه ڪرڻ ڪري روزي جو حق نٿا ادا ڪن، ۽ حرمت جو پورو لحاظ نه رکي مڪي معظمه جو حق بجا نٿا آڻين، ۽ نه وري حلال جو توشو طلب ڪري حج جي رستي جو حق ئي پورو ڪن ٿا. انهن جي دل هميشه مخلوق سان لڳل رهي ٿي، ته جيئن لوڪ انهن کي ڪعبي جو مجاور خيال ڪن، ۽ پنهنجي زبان سان علي الا اعلان چوندا آهن ته ”اسان هيترا دفعا عرفات ۾ ويا آهيون ۽ هيترا سال بيت الله جا مجاور ٿي رهيا آهيون.“ هو هيءُ نٿا سمجهن ته پنهنجي گهر ۾ رهي ڪعبي شريف جي ياد ۾ رهڻ ان کان گهڻو بهتر آهي، جو ڪعبي ۾ رهي گهر کي ياد ڪجي، ۽ ان ڳالهه جي آرزو رکجي ته ماڻهو اسان کي مجاور سمجهن، ۽ ڪجهه صدقو خيرات ڏين. اهڙي قسم جا ماڻهو جڏهن ڪو لقمو کڻن ٿا تڏهن منجهن ڪنجوسائي ۽ غير يقيني پيدا ٿئي ٿي، جو کين هي خوف رهي ٿو ته متان ڪو کانئن اُهو لقمو ڦري وٺي.

انهن ۾ هڪڙو گروه اهڙو آهي جو زهد جو رستو اختيار ڪري، سادو لباس پائي ۽ ٿورو کائي ٿو اُهي مال ۾ ته اِهو زهد جو مظاهرو ڪن ٿا، ليڪن جاه ۽ قبول کي ترڪ نٿا ڪن. ماڻهو انهن کان برڪت طلب ڪندا آهن ته هو انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن، ۽ ماڻهن جي نظرن اڳيان پنهنجي تقدس کي خوب درست رکندا آهن. هو اها سوچ نٿا ڪن ته مال کان زياده نقصانڪار جاه آهي جنهن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ۽ جنهن جي آسري ۽ اميد ۾ هرڪنهن قسم جون تڪليفون برداشت ڪرڻ آسان آهن. سچو زاهد اهو آهي، جو جاه کي ترڪ ڪري سگهي. ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ان زاهد کي ڪو شخص ڪا شيءِ ڏيندو آهي ته هو ان جي وٺڻ کان انڪار ڪندو آهي، ته منان ماڻهو ائين سمجهن ته هو زاهد نه آهي. پر وري جيڪڏهن کيس چوندا آهن ته ”ڀلا ظاهر ۾ هيءَ شيءِ وٺ، ۽ پوءِ پوشيده طور تون ڪنهن مستحق فقير کي کڻي ڏجانءِ،“ ته اها ڳالهه به ان کي موت کان زياده سخت لڳندي آهي، پوءِ اها شيءِ حلال ئي ڇو نه هجي، ليڪن درحقيقت هو هن خطري کان ان کي قبول نٿو ڪري ته متان ماڻهو کيس زاهد نه سڏين. ان ڪري اهڙو زاهد غريبن جي ڀيٽ ۾ اميرن جو زياده لحاظ ۽ قدر ڪري ٿو. هيءَ ساري دوکيبازي آهي.

ڪي زاهد اهڙا به آهن جي سڀيئي نيڪ عمل بجا آڻين ٿا، هر روز هڪ هزار نمازون ۽ ڪيترا هزار تسبيخ جا پڙهن ٿا، رات جو بيدار رهن ٿا، ۽ ڏينهن جو روزا رکن ٿا. ليڪن باوجود ان سڀ جي هو دل جي سنڀال نٿا ڪن، ته جيئن اها خراب اخلاق کان صاف ۽ پاڪ رهي. سندن اندر حسد، ريا، ۽ تڪبر سان ڀريو رهي ٿو. هو عام طور تي بدمزاج ۽ ترش روءِ ٿيندا آهن، ۽ خدا تعاليٰ جي مخلوق سان شوخيءَ ۽ ڪاوڙ سان پيش ايندا آهن، ڄڻڪ هرهڪ کان رٺل آهن. هو ايترو به خيال نٿا ڪن ته بدخوئي سڀني نيڪن کي برباد ڪري ٿي، ۽ نيڪ خلقي مڙن ئي عملن جي سردار آهي. هي ڪمبخت عبادت ڪن ته ڄڻڪ ماڻهن تي احسان ٿا ڪن. سڀ ڪنهن ڏانهن حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا، ۽ پاڻ کي ماڻهن کان الڳ رکن ٿا جيئن ڪو هٿ به نه لائين، ۽ ايترو خيال نٿا ڪن ته حضور صلعم سڀني عابدن ۽ زاهدن جي سردار هئڻ جي باوجود سڀ مخلوق سان گهڻو خوش خلقيءَ سان کلمک ٿي ملندا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ۽ اهو ماڻهو، جو نهايت گدلو سدلو هوندو هو، جنهن کي نفرت کان ڪوبه پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ نه ڏيندو هو، تنهن کي، پاڻ سڳورا ساڻس هٿ ملائي گلي لڳائيندا هئا. سڀ کان ويجهي جڳهه ڏيندا هئا، اهڙا خوش فهم، نبي سائينءَ جن جي شريعت جا سچا پيرو هئڻ جي دعويٰ به ڪن ٿا، ليڪن عمل سندن طريقي جي بلڪل خلاف ڪن ٿا. خوش خياليءَ ۾ گرفتار ٿيلن ۾ ٽيون طبقو صوفين جو آهي. جيترو تڪبر ۽ پنهنجي نسبت سٺو گمان اِنهن ۾ آهي، ايترو ٻئي ڪنهن به فرقي ۾ نه آهي. ڇاڪاڻ ته جيتريقدر رستو باريڪ ۽ مقصود عزيز هوندو آهي، تيتريقدر دوکا، شڪ ۽ شبها زياده هوندا اهن. ليڪن ڪن جاءِ نماز (مصلي) ۽ گودڙيءَ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه ڏٺو ئي ڪونه، ۽ انهيءَ صوفياني وضع پوشاڪ ۽ نشست برخاست کي اختيار ڪري صوفي بنجي ويٺا آهن، ۽ خالص صوفين وانگر جاءِ نماز تي ويهي ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺا آهن، ۽ ان ڪري وسوسن ۾ ڦاسي ڪنڌ لوڏڻ ۾ لڳي ويا ۽ انهيءَ کي ئي کڻي صحيح تصوف سمجهيائون. انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جي صوفين جي ظاهري لباس کي لحاظ ۾ رکڻ کان به عاجز آهن، جو کڻي انهن جيان ڦاٽل ڪپڙو پائين، ۽ اُهي باريڪ نيليون لونگيون، ۽ سٺيون گودڙيون زيب تن ڪن ٿا، ۽ سمجهن ٿا ته بس، ڪپڙن کي آسماني پيلو يا گيڙو رنگ ڏيڻ سان ڪم پورو ٿيو. انهن کي اها خبر نه آهي ته وڏا صوفي رنگين لباس ان لاءِ پهريندا هئا، ته جيئن جلدي ميرو نه ٿئي، ۽ ڌوئڻ جي ضرورت نه پوي، ۽ نيرو رنگ انهيءَ لاءِ اختيار ڪندا هئا، جو هو سمجهندا هئا ته دين ۾ وڏيون آزمائشون آهن، ۽ هيءُ رنگ انهن جي حال سان بلڪل ٺهڪي آيو ٿي. هيءُ ڪمبخت انهن جيان (تصوف ۾) غرق نه آهن، جو ڪپڙا نه ڌوئي سگهن، يا اهڙيءَ مصيبت هيٺ نه آيا آهن، جو ماتمي لباس پائين، ۽ نه وري اهڙا عاجز ئي آهن، جو جنهن هنڌ ڪپڙو ڦاٽي پوي تنهن هنڌ ٽوپو يا چتي هڻن ته جيئن گودڙي بنجي وڃي.

بعض صوفي وري هن قسم جا آهن، جو جهڙيءَ طرح هو لُنڊو ۽ ڦاٽل ڪپڙو پائي نٿا سگهن، تهڙيءَ طرح فرض ادا ڪرڻ ۽ گناهن کي ترڪ ڪرڻ تي پڻ قدرت نٿا رکن. عجب ته هيءُ آهي ته ان هوندي به هو پنهنجي عجز ۽ قصور جو اعتراف نٿا ڪن، ڇا لاءِ جو هو شيطان ۽ نفساني خواهشن جي هٿ ۾ گرفتار آهن. اٽلو انهن جي هيءُ چوڻ آهي ته ”ڪم دل سان آهي، ظاهري صورت کي ڏسڻ اجايو آهي،“ ۽ چوندا آهن ته ”اسان جي دل هميشه نماز ۾ لڳل آهي ۽ خدا تعاليٰ هروقت عجز ۽ نياز سان ساڻ آهي. اسان کي انهن ظاهري عملن جي ڪا حاجت ئي ڪانه آهي، انهن مشقتن ۽ تڪليفن جو حڪم فقط انهن لاءِ آهي، جي پنهنجي نفس جا قيدي آهن، اسان جو نفس مري چڪو آهي، ۽ اسان جو دين بلڪل سلامت آهي.“ جڏهن عابد لوڪن کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته ”هيءُ بيگاري آهن،“ ۽ جڏهن علمائن کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته ”هيءءُ ڳالهين ۾ اڙيل آهن ۽ حقيقت کان پري پئجي ويا آهن.“ هن قسم جا صوفي سچ پچ واجب القتل آهن ۽ انهن جو خون وهائڻ بالاجتماع مباح آهي.

ٻيا وري اهڙا آهن جي صوفين جي خدمت لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آهن، ليڪن خدمت جي حقيقت ته هيءَ آهي ته ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال انهن تي قربان ڪري ۽ پاڻ کي انهن جي عشق ۾ بلڪل وساري ڇڏي پر جيڪڏهن انهن مان ڪو شخص اهڙو ڌنڌو قائم ڪري جيئن انهن (صوفين) جي سبب، مال هٿ ڪري ۽ انهن کي به پنهنجي طبع موافق بنائي، تان ته خادم مشهور ٿي پنهنجو نالو ڪڍي ۽ ماڻهو سندس عزت ۽ احترام ڪن، ۽ حلال ۽ حرام جو مال جتان کيس دستياب ٿئي، کڻي اچي انهن کي ڏئي، ته جيئن سندس گرم بازاري سرد پئجي ختم نه ٿي وڃي، ته هو ٺڳيل ۽ فريب زده آهي.

صوفين ۾ ڪي اهڙا به آهن جي رياضت جا مڙيئي رستا طئه ڪن ٿا، ۽ پنهنجي نفساني خواهش کي به ماري مات ڪن ٿا، ۽ پاڻ کي سارو ئي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪري، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سندس ذڪر ۾ مشغول رهن ٿا. ائين ڪرڻ سان کين ڪشف ٿئي ٿو، ۽ جنهن چيز کي هو چاهين ٿا، ان جي خبر لهن ٿا. جيڪڏهن ڪا تقصير ڪن ٿا ته الله تعاليٰ جي طرفان کين تنبيه ٿئي ٿي (جنهن جو خود مشاهدو ڪن ٿا)، ۽ غالبا ڪنهن وقت هو پيغمبرن ۽ فرشتن کي سهڻيءَ شڪل ۾ ڏسن ٿا، ۽ وقتا خود پنهنجي صورت کين آسمان تي نظر اچي ٿي. ان جي حقيقت جيڪڏهن صحيح هجي، ته اها هڪ سچي خواب مثل آهي، ليڪن خواب ته ستلن کي ٿيندو آهي، ۽ هيءَ مشاهدو ته بيداريءَ ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ته هو ٺڳجي چوڻ لڳي ٿو ته جو ڪجهه زمين ۽ آسمان درميان آهي، اهو ڪيترا دفعا منهنجي اڳيان پيش ڪيو ويو آهي!“ ۽ هيءُ گمان ڪري ٿو ته ”ولين جي آخري منزل اجها هيءَ آهي، حالانڪ الله تعاليٰ مخلوق ۾ جي صفتون ۽ ڪاريگريون رکيون آهن، انهن مان هيءَ اڃا هڪ کان به واقف نه ٿيو آهي، ۽ سمجهي ٿو ته جو ڪجهه موجود آهي اهو هيءَ ئي آهي جو مون ڏٺو ۽ بس.

جڏهن هيءَ حالت پيدا ٿئي ٿي تڏهن ان وقت هو پاڻ کي ڪامل تصور ڪري ٿو، ۽ ان سبب خوشيءَ ۾ اچي ڪري، طلب کان ئي قاصر رهجيو وڃي ٿو. ممڪن آهي ته سندس نفس، جو ڪنهن وقت مغلوب ٿي چڪو هو، سو وري آهستي آهستي زور پڪڙڻ شروع ڪري ڏئي، ۽ هو انهيءَ ئي خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهي ته مان اهڙيون ڪي اهڙيون شيون ڏسي چڪو آهيان، ۽ پوءِ پاڻ کي پنهنجي نفس کان سلامت وڏو سمجهي ۽ ڪمال تي رسيل خيال ڪري. هيءُ نهايت وڏو ڌوڪو آهي، ۽ اُن تي ڪوبه ڀروسو نه آهي.

ڀروسو ان شيءِ تي ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ڪنهن جي طبيعت بدلجي وڃي، ۽ هو شريعت جو خوشيءَ سان تابعدار ٿي وڃي، ۽ ان ۾ ڪابه چون چران نه ڪري. شيخ ابوالقاسم گرگاني رحمة الله عليہ فرمائين ٿا ته ”پاڻي تي هلڻ، هوا ۾ اڏامڻ ۽ غيب جون خبرون ڏيڻ ڪا ڪرامت ڪانه آهي. ڪرامت ته هيءَ آهي ته آدمي بلڪل اَمر الاهي بنجي وڃي، ۽ شريعت جي خلاف کانئس ڪوبه ڪم صادر نه ٿئي.“ ممڪن آهي ته پاڻيءَ تي هلڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ شيطان جي طرف کان هجي، ڇا لاءِ جو شيطان به غيب جون  ڪجهه ڳالهيون ڄاڻي ٿو، ۽ ڪيترا ڪاهن به غيب جون خبرون ڏيندا آهن ۽ کانئن عجيب ۽ غريب ڪم سر زد ٿين ٿا. ڀروسو فقط ان حالت ۾ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن تنهنجي هستي ۽ خواهش گم ٿي وڃي، ۽ انهن جي جاءِ شريعت جي فرمانبرداري اچي والاري. پوءِ جيڪڏهن تون شينهن تي سوار ٿي نه سگهئين ته ڪو حرج ڪونهي، ڇا لاءِ جو جڏهن تو ڪاوڙ ۾ غصي جي ڪتي کي مغلوب ۽ مقهور ڪيو، ته پوءِ ڄڻڪ تون گهڻن ئي شينهن جي پٺيءَ تي سوار ٿي وئين.

چوٿون ٽولو مالدارن ۽ اميرن جو آهي، جي پڻ هن خوشفهميءَ جا مريض آهن ۽ انهن مان اڪثر دوکو ۽ فريب کاڌل آهن، ڇاڪاڻ ته ڪي مالدار لوڪ اهڙي مال مان مسجد، مسافرخانو ۽ پل وغيره بنائين ٿا، جو حرام طريقي سان حاصل ڪيل آهي: هو سمجهن ائين ٿا ته ڪو وڏو ثواب جو ڪم ڪيو اٿن، ليڪن ان فعل سبب سندن گناهه پاڻ وڌي ٿو وڃي. ڪي وري مال ته حلال جو خرچ ڪندا آهن، ليڪن انهن جو مقصد محض ڏيکاءَ هوندو آهي، ۽ ٿوري خرچ ڪرڻ ۾ به هي چاهيندا آهن ته سندن نالو پڪيءَ سر تي اڪرايو وڃي. انهن کي جيڪڏهن چيو وڃي ته ”الله تعاليٰ غيب جو ڄاڻندڙ آهي ۽ اصل آدميءَ کان بخوبي واقف آهي،“ تڏهن به اهي هن ڳالهه کي قبول نٿا ڪن. انهن جي رياڪاريءَ جي هيءَ نشاني ڪافي آهي ته سندن پاڙي ۾ اهڙا به غريب مسڪين رهن ٿا، جي ويلي جا به محتاج آهن، ليڪن هو انهن کي نٿا ڏين، حالانڪ انهن کي ڏيڻ ۾ وڌيڪ فضيلت ۽ ثواب آهي.

منجهن بعض اهڙا به آهن جي مال ته خالص نيت سان صرف ڪن ٿا، مگر ان کي مسجد جي نقش ۽ نگار تي ڪم آڻين ٿا ۽ ان کي وڏو نيڪيءَ جو ڪم تصور ڪن ٿا حالانڪه ان مان ٻه برايون پيدا ٿين ٿيون: هڪڙي هيءَ آهي جو نماز جي حالت ۾، ماڻهن جي دل ان نقش ۽ نگار جي طرف مشغول رهي ٿي، ٻئي هي ته اهڙي نقش نگار کي خود پنهنجي جڳهه ۾ بنائڻ جي خواهش ماڻهو ۾ پيدا ٿئي ٿي، ۽ دنيا سندس نگاهن ۾ وڻندڙ ۽ محبوب ٿيو پوي. مسجد جي آبادي ته انهن دلين سان ٿيندي آهي، جي خشوغ ۽ خضوع سان آراسته ۽ دنيا کان نفرت سان پيراسته هونديون آهن. اها چيز جا ماڻهن جي دل ۾ خضوع ۽ خشوع کي دور ڪري ۽ دنيا کي آراسته ظاهر ڪري، اها مسجد جي ويرانيءَ جو سبب ٿئي ٿي.

مالدارن ۾ هڪڙي اهڙي به جماعت هوندي آهي، جا فقيرن ۽ غريبن کي ڪٺو ڪرڻ درست سمجهندي آهي ته جيئن شهر ۾ سندن مشهوري ٿئي، يا وري اهڙن ۾ مال ورهائيندا آهن، جي زبان دراز ۽ مشهور هوندا آهن، يا ان قافلي کي ڏيندا آهن، جو حج لاءِ روانو ٿيندو آهي، يا وري انهن کي ڏيندا آهن جي خانقانشين هوندا آهن، ته جيئن سڀني کي پتو لڳي وڃي ۽ سندن شڪر گذار رهن. جيڪڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ”هيءَ مال لڪائي يتيمن ۾ تقسيم ڪريو، جو حج جي راه ۾ خرچ ڪرڻ کان به زياده افضل ۽ بهتر آهي“ ته ائين نٿا ڪن، ڇا لاءِ جو لوڪن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ ۾ انهن کي مزو ۽ شوق اچي ٿو، ۽ سمجهن ٿا ته اسان وڏي ثواب جو ڪم ڪري رهيا آهيون. انهن ۾ اهڙا به آهن جي زڪوات کان سواءِ هڪ پائي به خرچ نٿا ڪن، ۽ زڪوات ۽ عشر به اهڙن ماڻهن کي ڏين ٿا، جي سندن ڪاروبار ۾ لڳل آهن، ۽ ڪي ته وري اهڙا ڪنجوس آهن جو زڪوات ئي ادا نٿا ڪن، ۽ پارسائيءَ جا دعويدار بڻيا ويٺا آهن- هميشه روزا رکن ٿا ۽ رات جو بيدار رهن ٿا. انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن کي مٿي ۾ سور ٿئي ٿو ته دوا وري پير جي تريءَ تي ٿو لڳائي. هاڻي هيءُ بدبخت اهو نٿو سمجهي ته ان کي ڪنجوسائيءَ جي بيماري آهي، ۽ گهڻي کائڻ جي. ان جو علاج خرچ ڪرڻ ۾ آهي، ۽ نه بک ڪاٽڻ ۾.

خود پسندي (فخر ڪرڻ) به هڪ بيماري آهي، ان جو ڪارڻ محض جهالت آهي، ۽ ان جو علاج فقط معرفت آهي. هاڻي جو شخص رات ڏينهن علم ۽ عبادت ۾ مشغول آهي، تنهن کان اسين پڇون ٿا ته ”تنهنجي خود پسندي انهيءَ ڪري آهي ڇا ته هي عمل تنهنجي طاقت ۽ قوت کان سواءِ ئي توکان سرزد ٿئي ٿو، يا تنهنجيءَ خودپسندي جو سبب هيءُ آهي، ته اهو عمل تنهنجي پنهنجي ذات کان پيدا ٿئي ٿو، ۽ تنهنجي ذاتي قوت جوئي نتيجو آهي؟“ جيڪڏهن پهريون سبب آهي، ته پوءِ تنهنجي خودپسندي توکي نٿي سونهي، ڇاڪاڻ ته تون خود هڪ ٻيءَ طاقت جي هٿ ۾ هڪ اوزار آهين! پر جيڪڏهن تنهنجو چوڻ آهي ته ”هيءُ عمل مان پاڻ ڪريان ٿو ۽ منهنجي ئي طاقت ۽ قدرت کان سرانجام ٿئي ٿو،“ ته پوءِ هن ڳالهه کي ته خيال ۾ آڻ ته ڀلا هيءَ قدرت ۽ قوت، عضوا ۽ ارادو، جن جي ذريعي هيءُ عمل ظاهر ٿيو، ڪٿان آيا؟ پر جيڪڏهن تون چوين ٿو ته ”هي عمل منهنجي پنهنجي خواهش کان ظاهر ٿيو آهي، ته پوءِ اسان دريافت ڪرڻ گهرون ٿا ته تو ۾ ٻيءَ خواهش ۽ دل جي جوش جو پيدا ڪندڙ ڪير آهي؟ هاڻي، جڏهن سڀ شيون الله تعاليٰ جي طرفان عنايت ڪيل آهن، ته توکي به ان جي عنايت ۽ بخشش تي ئي اوتري خودپسندي ڪرڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو هن توکي پيدا ڪيو ۽ تو ۾ هيءُ صفتون رکيائين، ۽ قدرت ۽ ارادي کي پيدا ڪيائين، تون وچ ۾ ڪجهه به نه آهين، ۽ نه وري ڪا شيءِ تنهنجي سبب کان ئي آهي، ڳالهه فقط هيءَ آهي ته تون ان جي قدرت جو هڪ مظهر آهين ۽ بس. جيڪڏهن ڪو شخص هيءُ سوال ڪري ته ”جڏهن مان ڪجهه ڪريان ئي ڪونه ٿو، ۽ سڀڪجهه الله تعاليٰ ئي ڪري ٿو، ته پوءِ ثواب جي اميد ڪنهن هنڌ رکڻ گهرجي؟ ثواب ته اسان کي پنهنجي عمل جي ڪري ئي ملي ٿو، جو اسان جي اختيار ۾ آهي!“ ان جي جواب ۾ اسان جو چوڻ آهي ته ”صحيح ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته تون فقط حق تعاليٰ جي قدرت جو هڪ مظهر آهين، ۽ بس، ٻيو ڪجهه به نه آهين. ”جڏهن تو (اي محمد) اڇلايو تڏهن حقيقت ۾ تو نه اڇلايو،(1) پر الله تعاليٰ اڇلايو.“ پر ڇاڪاڻ ته جڏهن حرڪت کي علم قدرت ۽ ارادي کان پوءِ خلقيائين، تڏهن تو سمجهيو ته هيءَ ڪم تو پاڻ ڪيو آهي. هن جو ڳجهه گهڻو اونهو آهي ۽ تون سمجهي نه سگهندين. خير، وري به هتي اسين تنهنجي سمجهه آهر ڪجهه ٻڌائڻ چاهيون ٿا. تون فرض ڪري وٺ ته عمل، جو تون ڪرين ٿو، تنهنجي ئي قدرت سبب آهي (تون ان تي قادر آهين)، پر تنهنجو عمل، ارادي، علم ۽ قدرت کان سواءِ ممڪن نه آهي. هاڻي تنهنجي عمل جي ڪنجي هيءُ ٽي شيون آهن ۽ هي ٽي ئي الله تعاليٰ جون عطا ڪيل آهن. اُن جو مثال هيءَ آهي، جو هڪ محفوظ خزانو آهي جنهن ۾ ججهي دولت ۽ بيشمار نعمتون آهن، ۽ تون ان خزاني کي حاصل ڪري نٿو سگهين، ڇا لاءِ جو تو وٽ ان جي ڪنجي ڪانه آهي. خزانچي ان خزاني جي ڪنجي توکي ڏئي ٿو، جنهن سان تون اهو خزانو هٿ ڪرين ٿو.

هاڻي ٻڌاءِ ته تون ان دولت جي نسبت ان خزانچيءَ ڏانهن ڪندين جنهن توکي ڪنجي ڏني آهي، يا پنهنجي هٿ ڏانهن ڪندين، جنهن ان ڪنجيءَ ذريعي وڃي خزاني تي قبضو ڪيو آهي؟ تون پاڻ ان ڳالهه کي سمجهين ٿو ته جڏهن ان (خزانچي) ڪنجي تنهنجي حوالي ڪئي، ته پوءِ خزانو رڳو کڻڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم هو؟ تنهنجي قدرت، جا ڪمن جي ڪنجي آهي، ان جا سڀيئي اسباب الله تعاليٰ عنايت فرمايا آهن. لهٰذا، ان جي فضل ۽ ڪرم تي نازل ڪرڻ گهرجي، جنهن عبادت جي خزاني جي ڪنجي تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي.

جيڪڏهن ڪو مفلس عقلمند هن ڳالهه تي تعجب ڪري ٿو ته حق تعاليٰ جاهل کي مال بخشيو آهي ۽ مون کي باوجود عقل هئڻ جي به ان کان محرم رکيو آهي، ته هو به خودپسنديءَ ۾ داخل آهي. ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته عقل سڀني نعمتن کان وڏي شيءِ آهي، ۽ اها به حق تعاليٰ جي مٿس مهرباني آهي جنهن کيس عقل جي نعمت عطا ڪئي آهي. جيڪڏهن ٻيئي، عقل ۽ مال، انهيءَ کي ڏنا وڃن ها، ۽ جاهل کي ٻنهي کان بي بهره رکيو وڃي ها ته هيءَ ڳالهه البت انصاف وٽان نه هجي ها. هن عقلمند کي (جو اهڙي شڪايت ڪري ٿو) جيڪڏهن عقل جي عيوض مال وٺڻ لاءِ چيو وڃي ته هو اهڙي آڇ ڪڏهن به قبول نه ڪندو.


 

[1] قرآن مجيد: وفد من تزڪي.

(1) علم الجدل اهو آهي جنهن ۾ حجت بحث ۽ رائزني ڪئي وڃي ٿي (Polemcs).

(1) قرآن مجيد: ”وَمَارَ مَيُت اذرميت و الٰڪنُ اللهّ رَمَي“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org