سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
ڪيميائي سعادت |
عنوان
ٽيون |
صفحو :6 |
عنوان ٽيون
دنيا کي سڃاڻڻ
فصل پهريون
آدمي دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟
توکي ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا، دين جي رستي جي
منزلن مان هڪ منزل آهي، ۽ حق تعاليٰ جي حضور
ڏانهن ويندڙ مسافرن لاءِ هڪ گذرگاهه آهي، صحرا
جي ڪناري تي هڪ سينگاريل بازار آهي ته جيئن
مسافر پنهنجي رستي جو سامان خريد ڪن.
دنيا مان مقصود آخرت جو توشو آهي، ڇا لاءِ جو
انان کي پيدائش جي وقت سادو ۽ ناقص پيدا ڪيو
ويو آهي، پر ان هوندي به هن ۾ هڪ صلاحيت رکيل
آهي ته هڪ ڪمال حاصل ڪري ۽ ملڪوت جي صورت کي
پنهنجي دل جو نقش بنائي، جيئن الائي حضور جو
لائق ٿئي، انهيءَ معنيٰ ۾ ته واٽ لهي ۽ الله
تعاليٰ جي جمال جي نظاري جي پسندڙن ۾ شمار ٿي
سگهي. اهائي سنديس سعادت جي سنتها آهي، اهوئي
سندس بهشت آهي، ۽ انهيءَ لاءِ ئي کيس خلقيو
ويو آهي. جيستائين سنديس اک نه کلندي،
تيستائين نڪي نظارو پسي سگهندو، ۽ نڪي سندس
جمال جو ادراڪ ڪري سگهندو، هي سڀ معرفت سان
حاصل ٿئي ٿو. ۽ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي
آهي الله تعاليٰ جي صنعت يا ڪاريگريءَ جي
عجائبن جي پڇاڻ ۽ الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ کي
سڃاڻڻ جي ڪنجي آدميءَ جا هي حواس آهن. پر اُهي
حواس هن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مان ٺهيل جسم کان
سواءِ ممڪن ناهن، انهيءَ ڪري کيس هن مٽيءَ ۽
پاڻيءَ واري جهان ۾ موڪليو ويو آهي، ته جيئن
هو هن جهان مان توشو هٿ ڪري، ۽ پنهنجي نفس کي
سڃاڻڻ واري ڪنجيءَ ذريعي، الله تعاليٰ جي
معرفت حاصل ڪري، ۽ پڻ ساري آفاق جي معرفت حاصل
ڪري، جا هنن حواس سان ئي سهي ڪري سگهجي ٿي
جيستائين هي حواس ساڻس شامل آهن ۽ سندس لاءِ
جاسوسي ڪندا رهن ٿا، تيستائين چئبو ته آدمي
دنيا ۾ آهي (جيئرو آهي)، ۽ جڏهن هي حواس
(کانئس) موڪلائي وڃن ٿا ۽ آدمي جون ذاتي صفتون
وڃيو باقي رهن، تڏهن چوندا آهن ته هو آخرت ڏي
روانو ٿي ويو (مري ويو). انسان جي دنيا ۾ رهڻ
جو سبب هيءَ ئي آهي، ۽ بس.
فصل ٻيون
دنيا جي حقيقت، اُن جي آفت ۽ اُن جو غرض
دنيا ۾ آدميءَ کي ٻين شين جي ضرورت آهي، هڪ ته
دل کي ناس ٿيندڙ شين کان محفوظ رکي، ۽ ان جي
غذا ڪري، ٻيو ته بدن کي برباد ڪندڙ شين کان
بچائي، ۽ اُن جي غذا حاصل ڪري.
دل جي غذا آهي الله تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت،
ڇا لاءِ جو هر ڪنهن شيءِ جي غذا اُن جي طبيعت
موافق هوندي آهي، ۽ اها اُن جي خاصيت آهي
انسان جي خاصيت جو ذڪراڳ ٿي چڪو آهي، باقي دل
جي برباديءَ جو سبب هي آهي ته الله تعاليٰ
کانسواءِ ٻين شين جي محبت ۾ غرق ٿيوڃي، بدن جي
سنڀال به دل جي خاطر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بدن
فاني آهي ۽ دل باقي: دل جي لاءِ بدن ائين آهي
جيئن حاجيءَ جي لاءِ حج جي راهه ۾ اُٺ. حاجي
اُٺ جي لاءِ نه هوندو آهي، پر اُٺ حاجيءَ لاءِ
هوندو آهي. لهذا حاجيءَ کي جڳائي ته جيستائين
ڪعبي ۾ نه پهچي وڃي، تيستائين ضرورت آهر اُٺ
کي گاهه پٺو چاريندو رهي. پر جيڪڏهن سارو وقت
اُٺ جي چارڻ، سينگارڻ ۽ ٽهل ٽڪور ۾ گذاريندو
ته قافلي کان پٺتي رهجي ناس ٿيندو. اهڙيءَ طرح
سان جيڪڏهن آدمي سارو وقت بدن جي سنڀال ۾ خرچ
ڪندو ته پوءِ پنهنجي سعادت کان محروم رهندو.
بدن جون حاجتون به ٽن کان وڌيڪ نه آهن: کائڻ
لاءِ کاڌو، پهرڻ لاءِ لباس ۽ رهڻ لاءِ جاءِ جي
ضرورت آهي، ته جيئن گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ تباهيءَ
کان سلامت رهي. بس هن دنيا ۾ آدميءَ کي پنهنجي
جسم جي لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ضرورت ڪانهي، بلڪ
هيءُ ته ساريءَ دنيا جو اصول آهي. دل جي غذا
خدا جي معرفت آهي، جا جيتريقدر گهڻي هوندي
تيتريقدر بهتر. بدن جي غذا آهي طعام جو جيڪڏهن
اندازي کان زياده هوندو ته هلاڪت جو باعث
بڻبو. الله تعاليٰ خواهش کي انسان تي هن لاٰءِ
مقرر ڪيو آهي ته هن کان کاڌي، پوشاڪ ۽ جڳهه جي
گهر ڪري، تان ته سندس بدن، جو سندس سواري آهي،
هلاڪت کان محفوظ رهي. خواهش جي ته فطرت ئي
اهڙي آهي، جو هڪ حد تي اُن کي قرار نه آهي ۽
هميشه زيادتيءَ جي طلب ۾ رهي ٿي. تنهنڪري الله
تعاليٰ عقل کي خلقيو آهي ته ان کي پنهنجي حد
اندر رکي، ۽ شريعت کي پيغمبرن جي واتان هن
لاءِ موڪليو آهي ته خواهش جون حدون مقرر ڪيون
وڃن. ٻالپڻي ۾ پهريائين خواهش کي ئي پيدا ڪيو
ويو آهي، ڇا لاءِ جو ان جي ضرورت هئي، ۽ عقل
کي پوءِ پيدا ڪيو ويو آهي.تنهنڪري خواهش جنهن
پهريائين جڳهه ورتي آهي، سا سدائين سرڪشي ڪندي
رهي ٿي، ۽ غالب پئجي ويئي آهي. عقل ۽ شريعت
بعد ۾ آيا آهن، انهيءَ لاءِ ته خواهش انسان کي
هم تن کاڌي ڪپڙي ۽ جڳهه جي طلب ۾ مشغول نه
ڪري، جنهن سبب هو پاڻ کي وساري ڇڏي، پر هو
چڱيءَ پر ڄاڻي ته هي کاڌو ۽ ڪپڙو ڇا لاءِ آهن،
۽ خود هو پاڻ جهان ۾ ڇا جي لاءِ آهي؟ ۽ پڻ دل
جي غذا کي وساري نه ويهي، جا آخرت جو توشو
آهي. هاڻي، جڏهن تون دنيا جي ساريءَ حقيقت، ان
جي آفت ۽ غرض کان واقف ٿئين، ته مناسب آهي ته
ان جي شاخن ۽ ڀاڱن کي به معلوم ڪرين.
فصل ٽيون
ٽي شيون دنيا جون اصل آهن: کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر
جيڪڏهن تون دنيا جي تفصيل تي غور ڪندين، ته
توکي معلوم ٿيندو ته دنيا مان مراد ٽي شيون
آهن: نباتات معدنيات ۽ حيوانات. زمين في الاصل
رهائش ۽ زراعت جي فائدي لاءِ آهي، معدنيات
جهڙوڪ ٽامو، لوهه ۽ پتل اوزارن ٺاهڻ لاءِ آهن،
۽ حيوان (حيوانات) سواريءَ ۽ خوراڪ لاءِ آهن:
انسان ته پنهنجي دل ۽ بدن کي انهن ۾ ئي کڻي
لڳايو آهي.
دل کي انهن شين ۾ لڳائڻ سان ان ۾ ڪيتريون
اهڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون، جي ان جي تباهيءَ
جو باعث آهن، جيئن ته، حرص، بخل حسد ۽ عداوت
وغيره، ۽ بدن کي انهن شين ۾ رُنڀائڻ سان دل پڻ
انهن ۾ ڦاسي پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿي، ۽
پنهنجي ساريءَ همت کي دنيا جي ڪاروبار ۾ صرف
ڪري ٿي.
جيئن ته دنيا جون اصل ٽي شيون آهن: کاڌو، ڪپڙو
۽ گهر، تيئن انسان جي ضرورت لاءِ اصل صفاعتون
يا هنر به ٽي آهن: هارپو، ڪورڪو ۽ رازڪو. ليڪن
انهن مان هرهڪ جون مختلف شاخون آهن، جن مان ڪي
انهن جو ساز ٺاهين ٿا، جيئن پڃارو ۽ سٽ
ڪتيندڙ، جي ڪوريءَ جو اسباب بنائين ٿا، ۽ ڪي
انهن جي ڪم کي پورت وٺائين ٿا، جيئن درزي، جو
ڪوريءَ جي ڪم کي مڪمل ڪري ٿو. انهن سڀني کي
ڪاٺ، لوهه ۽ چمڙي وغيره جي اوزارن جي ضرورت
پوي ٿي، تنهنڪري لوهار، واڍو ۽ سوچي پيدا ٿيا.
جڏهين اهي سڀ پيدا ٿيا تڏهن انهن سڀني کي
هڪٻئي جي مدد جي گهرج پيئي، ڇا لاءِ جو هرهڪ
پنهنجي سر پنهنجو ڪم مڪمل طور پورو ڪري نٿو
سگهي، انهيءَ ڪري هو سڀ پاڻ ۾ ملي پيا ته جيئن
درزي، ڪوريءَ ۽ لوهار کي مدد ڏئي، ۽ لوهار وري
انهن ٻنهي جو ڪم ڪري: ان سبب انهن سڀني جي وچ
۾ وهنوار پيدا ٿيو، جنهن مان وري دشمنيون پيدا
ٿيون، ڇا لاءِ جو هرهڪ پنهنجي حق تي راضي نه
رهيو ۽ ٻئي جي نقصان پويان پيو. ان ڪري وري
ٻين ٽن قسمن جي هنرن جي ضرورت پيئي: سياست ۽
سلطنت جو فن، قضا ۽ حڪومت جو فن، ۽ ٽيون فقه
جو علم، جنهن جي وسيلي خلق جي وچ ۾ نبيري
نڇيڙي جا قانون سمجهيا وڃن. انهن مان هرهڪ
پيشو يا ڌنڌو آهي، اگرچه انهن جو ٻين ڌنڌي
ڪندڙن وانگر هٿ سان واسطو ڪونهي.
هن سبب ڪري دنيا جا شغل (ڌنڌا) گهڻو وڌي ويا ۽
هڪ ٻئي سان ڳنڍجي پيا. ماڻهن پاڻ کي انهن ۾ گم
ڪري ڇڏيو ۽ هن ڳالهه کي وساري ويٺا ته انهن
سڀني ڳالهين جو اصل ٽن شين کان وڌيڪ نه آهي:
کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر. دنيا جا هي مڙيئي ڌنڌا انهن
ٽن شين لاءِ آهن، ۽ هي ٽي شيون بدن جي لاءِ
آهن، ۽ بدن دل جي واسطي آهي ته جيئن ان جي
لاءِ سواري ٿي رهي، ۽ دل الله تعاليٰ جي لاءِ
آهي. پر ماڻهو پاڻ کي ۽ خدا تعاليٰ کي انهيءَ
حاجيءَ وانگر وساري ويٺا آهن جنهن ڪعبي جي سفر
کي وساري سارو وقت اٺ جي خدمت چاڪريءَ ۾ صرف
ڪيو.
هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص هن دنيا ۾ پنهنجو ڪم پورو
ڪري، ڪوچ ڪرڻ لاءِ آماده ئي نه رهندو ۽ آخرت
جو خيال ئي نه ڪندو، ۽ دنيا جي ڌنڌن ۾ ضرورت
کان وڌيڪ مشعول رهندو، ته گويا انهيءَ دنيا کي
نه سڃاتو انهيءَ جهالت کي خيال ۾ رکي، رسول
الله فرمايو آهي ته ”دنيا هاروت ۽ ماروت کان
به وڌيڪ جادوگر آهي، ان کان حذر ڪريو.“ جڏهن
دنيا اهڙي جادوگر آهي، ته پوءِ اُن جي مڪر ۽
فريب کي سمجهڻ ضروري آهي، ۽ هاڻي وقت آيو آهي
ته ماڻهن کي اُن جي ڪمن جو مثال ڏيئي واقف
ڪريون.
فصل چوٿون
دنيا جي جادوءَ جا مثال ۽ دنيا وارن جي غفلت
پهريون مثال:
دنيا جو پهريون جادو هي آهي ته هوءَ پنهنجو
پاڻ کي تنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي،
جو تون سمجهين ته توسان دل لڳي ويئي اٿس،
حالانڪ ائين ڪين آهي. هوءَ هميشه تو کان ڀڄندي
رهي ٿي، مگر درجي بدرجي ۽ جيئن توکي خبر نه
پوي. اُن جو مثال پاڇي وانگر آهي جو ڏسڻ ۾
بيٺل نظر اچي ٿو، پر هميشه گهٽبو ئي رهي ٿو.
ڇا توکي معلوم نه آهي ته تنهنجي عمر به اُن
وانگر آهستي آهستي گذرندي وڃي ٿي ۽ هر لحظي
گهٽجي ٿي! اها دنيا آهي جا توکان ڀجھندي
موڪلائي رهي آهي، پر تون اُن کان بيخبر آهين.
ٻيون مثال:
اُن جو ٻيو جادو هي آهي ته هوءَ پاڻ کي تنهنجو
دوست ڄاڻائي ٿي، ته جيئن توکي پنهنجو عاشق
بڻائي، ۽ تنهنجي اڳيان هي ظاهر ڪري ٿي ته هوءَ
توسان سدائين سازگار رهندي ۽ ڪنهن ٻئي جي طرف
ڪانه ويندي. ليڪن اوچتو ئي اوچتو، هوءَ توکي
ڇڏي تنهنجي دشمن وٽ هلي وڃي ٿي. اُن جو مثال
انهيءَ ڪمينيءَ ۽ شرير عورت وانگر آهي، جا
ماڻهن کي ٺڳي پاڻ تي موهت ڪري ٿي ۽ پوءءِ کين
پنهنجي گهر وٺي ماريو ڇڏي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام مڪا شفي ۾ دنيا کي هڪ
ٻڍيءَ عورت جي شڪل ۾ ڏٺو، کانئس پڇيائين ته
”تو گهڻا مڙس ڪيا آهن؟“ جواب ڏنائين ته ”ايترا
گهڻا، جو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن.“ پڇيائينس ته
”مري ويا يا انهن توکي طلاق ڏني؟“ دنيا چيو ته
”نه، بلڪ مون سڀني کي ماري ختم ڪري ڇڏيو.“
تنهن تي حضرت عيسيٰ فرمايو ته ”مون کي انهن
بيوقوفن تي عجب ٿولڳي، جي ڏسن به ٿا ته تو ٻين
سان ڪهڙو برتاءُ ڪيو آهي، ۽ پوءِ به تو ڏانهن
رغبت رکن ٿا، ۽ سبق نٿا پرائين.“
ٽيون مثال:
دنيا جو ٽيون جادو هيءُ آهي ته هوءَ پنهنجي
ظاهر کي سينگاري رکي ٿي، ۽ منجهس جيڪي مصيبتون
۽ محنتون آهن تن کي لڪايو ڇڏي ٿي، ته جيئن
جاهل ان جي ٻاهرئين زيب ۽ زينت تي ٺڳجي. ان جو
مثال ان بدشڪل زال جيان آهي، جا پنهنجي منهن
کي ڍڪي ۽ پٽ جا وڳا ۽ گهڻا زيور پهري پاڻ کي
خوب سينگاري، پري کان جو به کيس ڏسي، مٿس عاشق
ٿيو پوي، ۽ جڏهن سندس منهن تان گهونگهٽ هٽائي
ته ان جون بڇڙايون ڏسي پشيمان ٿئي. حديث شريف
۾ آيو آهي ته ”قيامت جي ڏينهن دنيا کي بدشڪل
پوڙهي زال جي صورت ۾ حاضر ڪندا. سندس اکين
سايون ۽ ڏند ٻاهر نڪتل هوندا. جڏهن ماڻهو ان
کي ڏسندا ته الله تعاليٰ کان پناهه گهرندا ۽
پڇندا ته ”هيءَ خوار ۽ بڇڙي عورت ڪير آهي؟“
کين ٻڌايو ويندو ته هيءَ اُها دنيا آهي جنهن
تي اوهين مغرور ٿي هڪٻئي سان حسد ۽ دشمني
رکندا هئا. هڪٻئي جو خون وهائيندا هئا ۽ مٽيءَ
مائٽي جا ناتا ٽوڙيندا هئا. پوءِ ان (دنيا) کي
دوزخ ۾ وڌو ويندو ۽ هوءَ پڪاريندي ته ”اي
منهنجا مالڪ، ڪٿي آهن منهنجا دوست؟“ الله
تعاليٰ پوءِ حڪم ڪندو ته ”انهن کي به ان سان
گڏ دوزخ ۾ وڌو وڃي.“
چوٿون مثال:
جيڪڏهن ڪو حساب لڳائي ته ازل کي ڪيترو زمانو
گذريو آهي جڏهن دنيا هئي ڪانه ۽ هاڻي آبد
تائين ڪيترو زمانو بچيو آهي جڏهن دنيا ڪانه
هوندي، ته ڏسندو ته باقي ڪي چند ڏينهن ازل ۽
آبد جي درميان وڃي رهيا آهن. لهذا سمجهڻ گهرجي
ته دنيا جو مثال مسافر جي رستي مثل آهي جنهن
جي ابتدا پينگهو آهي ۽ انتها قبر، ۽ وچ ۾ ڪجهه
ٿوريون منزلون آهن- هر سال جھڻڪ هڪ منزل آهي،
هر مهينو هڪ فرسنگ، هر ڏينهن هڪ ميل، ۽ هر
پساهه هڪ وک آهي، جو هميشه جاري آهي. ڪنهن جي
لاءِ هڪ فرسنگ جو رستو آهي، ۽ ڪنهن جي لاءِ ان
کان گهٽ يا وڌ، ليڪن مسافر اهڙيءَ طرح ماٺ ڪيو
ويٺو آهي، جو ڄڻڪ هميشه هتي ئي رهندو ۽ پنهنجي
ڪاروبار جو اهڙيءَ طرح انتظام ڪري ٿو، جو ڄڻ
ڏهن سالن کاءِ کيس انهن ڪمن جي وري ضرورت نه
پوي، حالانڪ ڏهن ڏينهن اندر هو زمين داخل ٿي
وڃي ٿو.
پنجون مثال:
دنيا جو هي هڪ ٻيو فريب آهي. دنيا جي مزن ماڻڻ
۽ انهيءَ جي رنج ۽ رسوائيءَ جي حالت جا دنيا
وارن کي قيامت ڏينهن نصيب ٿيندي، تنهن جو مثال
اهڙو آهي، جيئن ڪو شخص سڻڀو ۽ لذيذ کاڌو کائي،
جنهن کان هن جو معدو خراب ٿي پوي ۽ هو قيء ڪرڻ
لڳي ۽ پنهنجي معدي، نفس ۽ قضائي حاجت جي
خواريءَ کي ڏسي شرمسار ۽ پشيمان ٿئي ته ”لذت
ته ويئي، پر ذلت باقي رهي.“ جيئن کاڌو وڌيڪ
لذيذ، تيئن ان جي ڪرپٽي به زياده خراب ۽ گندي
هوندي. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي لذت به
جيتريقدر زياده هوندي، تيتريقدر ان جي عاقبت
زياده خوار خراب ٿيندي هي سڀڪجهه موت جي وقت
معلوم ٿي وڃي ٿو. جنهن شخص جون دنيوي نعمتون
(باغ، ٻانهيون، غلام ۽ سون چاندي، وغيره)
جهجهيون هونديون، تنهن کي ساهه ڏيڻ وقت انهن
شين جي جدائيءَ جو رنج به زياده ٿئي ٿو بنسبت
انهيءَ شخص جي، جنهن وٽ ٿورو مال آهي. ۽ اهو
رنج ۽ عذاب موت ڪري زائل نه ٿو ٿئي، پر اٽلندو
وڌي وڃي ٿو، ڇا لاءِ جو انهن شين جي دوستي دل
جي صفت آهي، ۽ دل پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي
ٿي، ۽ مري نه ٿي. دنيا جو هي به هڪ جادو آهي
جنهن جو گهڻا ماڻهو شڪار ٿين ٿا.
ستون مثال:
دنيا جا ڌنڌا ڌاڙي جڏهن پيش ايندا آهن، تڏهن
ظاهر اُنچ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ۽ ماڻهو ڀائيندا
آهن ته انهن کي جهٽ ٿا پورو ڪري وٺون، پر ممڪن
آهي ته انهن سئو ڪمن مان هڪ اهڙو نڪري پوي، جو
ساري ڄمار ان ۾ ئي ختم ٿي وڃي. حضرت عيسيٰ
عليه السلام فرمايو آهي ته ”دنيا جي سيڪڙوءَ
جو مثال انهيءَ شخص وانگر آهي جو درياءَ جو
پاڻي پيئي: جيئن وڌيڪ پيئي، تيئن وڌيڪ اڃائجي-
پاڻي پيئندو رهي، تان جو پيٽ ڦاٽي پويس، پر
اُڃ هرگز نه لهيس.“ ۽ اسان جي پياري رسول
فرمايو آهي ته ”جيئن ممڪن ناهي جو ڪو ماڻهو
پاڻيءَ ۾ گهڙي ۽ آلو نه ٿئي، تيئن ممڪن ناهي
جو ڪو شخص دنيا ۾ ڪاهي پوي ۽ پليد نه ٿئي.“
اٺون مثال:
دنيا ۾ جو شخص اچي ٿو ان جو مثال اهڙو آهي،
جيئن ڪنهن ميزبان جي گهر ڪو اچي مهمان ٿئي، ۽
ان ميزبان جي عادت هيءَ هجي ته هميشه مهمانن
خاطر پنهنجي گهر کي سينگاريل رکي: هڪڙو ٽولو
کائي وڃي ته ٻئي ٽولي کي گهرائي، ۽ انهن جي
اڳيان سون جا طبق رکي، جن تي تازا ۽ سڪا ميوا
۽ چانديءَ جا واسوڙا واس ڌوپ لاءِ ڌريل هجن،
ته ڀل خوشبوءِ حاصل ڪري ۽ ميوا کائي، انهن کي
ڇڏي وڃن ته ٻيا اچي انهن جي جاءِ وٺن. هاڻي،
جو شخص عقلمند آهي ۽ ان ميزبان جي عادت کان
واقف آهي، اهو واس ڌوپ جلائي ان مان خوشبوءِ
جو مزو وٺي، طبقن ۽ واسوڙن کي خوشيءَ سان
پنهنجي جاءِ تي ڇڏي، ۽ شڪريو ادا ڪري روانو
ٿئي ٿو، باقي جيڪو بيوقوف هوندو، سو سمجهڻ
لڳندو ته اهي سڀ شيون مون کي ڏنيون ويون آهن
ته پاڻ سان کڻي وڃان، پوءِ رخصت جي وقت جڏهن
اهي شيون کانئس کسيون وڃن ٿيون ته روئڻ لڳي
ٿو، ۽ غم ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح، دنيا به مسافرن
لاءِ هڪ وقف ٿيل مهمانسراءِ آهي جتان واٽهڙو
پنهنجو توشو ڀل کڻي وٺن، ۽ جو ڪجهه سراءِ ۾
آهي تنهن جي طمع نه ڪن.
نائون مثال:
انهن دنيا وارن جو مثال، جي دنيا جي ڪاروبار ۾
مشغول ٿي آخرت کي وساري ويهن ٿا. انهيءَ قوم
جي مثال وانگر آهي، جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا هجن ۽
اچي هڪ ٻيٽ تي منزل ڪن، ۽ پوءِ قضا حاجت ۽
طهارت خاطر ٻيڙيءَ کان ٻاهر نڪري اچن: اتي
ٻيڙيءَ وارو اعلان ڪري ٿو ته ”خبردار! ڪو به
شخص زياده وقت خرچ نه ڪري ۽ ضروري ڪمن کان
سواءِ، ٻئي ڪنهن ڪم ۾ لڳي نه وڃي، ڇا لاءِ جو
ٻيڙي جلدي رواني ٿيڻ واري آهي.“ پوءِ، هو ان
(ٻيٽ) ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا. انهن مان جيڪي وڌيڪ
سياڻا سمجهدار هئا، سي ته جلدئي ڪم لاهي واپس
اچن ٿا ۽ ٻيڙي خالي ڏسي، سٺي جڳهه وٺي ويهن
ٿا، ٻيا وري ان ٻيٽ جا عجائب ڏسي، حيرت ۾ پون
ٿا، ۽ ان جي خوشنما گلن ۽ مٺي آواز سان
ڳائيندڙ پکين ۽ رنگارنگي پٿرن جي نظاري ۾
مشغول ٿي وڃن ٿا، ۽ جڏهن موٽي اچن ٿا ته ڪشادي
جڳهه نه ڏسي، سوڙهي ۽ اونداهي جڳهه تي ويهي
تڪليفون سهن ٿا. انهن مان ڪن وري انهن عجيب
شين جي فقط ڏسڻ تي اڪتفا نه ڪئي، پر اتان عمدا
عمدا پٿر کڻي اچي ٻيڙيءَ ۾ نهايت ئي تنگ جڳهه
۾ ويهن ٿا، مگر پٿرن رکڻ جي جاءِ نه ڏسي. انهن
کي پنهنجي گردن تي رکن ٿا. ٻن ڏينهن گذرڻ بعد،
انهن پٿرن جو سٺو رنگ بدلجي ڪارو ٿي پوي ٿو، ۽
انهن مان بدبوءِ اچڻ لڳي ٿي- اڇلڻ جي جاءِ نه
ڏسي، هو گهڻو پشيمان ٿين ٿا ۽ لاچار اهو بوجو
ڪلهن تي کڻڻو ٿو پوين. انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن
جي ٻيٽ جي خوبصورت شين کي ڏسي ايترو ته محو ٿي
وڃن ٿا، جو ٻيڙيءَ واري جي منادي نٿا ٻڌن، ۽
ٻيڙي رواني ٿي وڃي ٿي. پوءِ ان جزيري ۾ رلندي
پنندي، ڪي بک جي وگهي مري وڃن ٿا، ۽ ڪن کي
مرون کايو کپايو ڇڏين. انهن ۾ پهرئين گروه جو
مثال مومنن ۽ پرهيزگارن جو آهي ۽ پوئين جو
مثال ڪافرن جو آهي جن پاڻ سان گڏ خدا ۽ آخرت
کي به وساري ڇڏيو آهي ۽ سڄا ئي دنيا جا ٿي پيا
آهن، وچ وارا ٻه ٽولا گنهگارن جي طرح آهن، جن
اصل ايمان جي حفاظت ته ڪئي، ليڪن دنيا کي هٿان
نه ڇڏيائون. هڪ ٽولي درويشيءَ هوندي به موج
ورتي، ۽ ٻئي ٽولي نعمتن جو مزو ماڻيندي گهڻو
مال گڏ ڪيو، جو سندن لاءِ وڏو بوجو بڻجي پيو.
فصل پنجون
سڀڪا دنيا جي شيءِ مذموم ناهي
دنيا جي جا هيءَ مذمت ڪئي وئي آهي، ان مان اهو
خيال نه ڪجانءِ ته جو ڪجهه دنيا ۾ آهي، سو سڀ
مذموم آهي، بلڪ دنيا ۾ اهڙيون شيون به آهن، جي
دنيا مان نه آهن. مثلا: علم ۽ عمل دنيا ۾ آهن،
ليڪن دنيا مان نه آهن، ڇا لاءِ جو اهي آخرت ۾
به انسان سان گڏ هلندا. علم ته جيئن آهي تيئن
آدميءَ سان گڏ رهندو، باقي عمل جيتوڻيڪ هوبهو
نه رهندو مگر ان جو اثر ضرور رهندو. هي اثر ٻن
قسمن جو آهي: هڪڙو، دل جي جوهر جي پاڪائي ۽
صفائي آهي، جا گناهن کي ترڪ ڪرڻ سان حاصل ٿئي
ٿي، ۽ ٻيو الله تعاليٰ جي ذڪر سان اُنس آهي،
جو عبادت کي جاري رکڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو.
اهي ئي باقيات صالحات ۾ داخل آهن. علم ۽
مناجات جي لذت ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر سان اُنس،
ٻين سڀني لذتن کان وڌيڪ آهن هي سڀ دنيا ۾ آهن
پر دنيا مان نه آهن. تنهنڪري سڀ لذتون مذموم
نه آهن، بلڪ اهي مڙيئي لذتون به بريون نه آهن
جي گذري ۽ فنا ٿي وڃن ٿيون، انهن جا به ٻه قسم
آهن: هڪڙيون اهي، جي جيتوڻيڪ دنيا مان آهن ۽
مرڻ کان پوءِ به نه رهنديون، ليڪن آخرت جي
ڪمن، علم ۽ عمل جون مددگار آهن ۽ مومنن جي
گهڻائيءَ لاءِ تلاهي جيئن نڪاح، خوراڪ، لباس ۽
رهائش بشرطيڪ ضرورت جي مطابق هجن. آخرت جي
راهه لاءِ هي شرط آهي ته ڪو به آدمي دنيا ۾
ايتري ئي قناعت ڪري، جنهن مان فقط دين جي ڪمن
لاءِ فراغت حاصل ڪرڻ مقصود هجي، ته اهو دنيا
وارن مان نه آهي.
لهٰذا دنيا جون مذموم شيون اُهي آهن، جن مان
دين جو ڪم مقصود نه هجي، بلڪ غفلت، فراموشي ۽
هن دنيا سان نينهن لڳائڻ جو ڪارڻ بڻجن، ۽ هُن
جهان (آخرت ڏانهن نفرت جو باعث ٿين. انهيءَ
ڪري ئي رسول الله (صلعم) جن فرمايو آهي ته
”دنيا ۽ جيڪي ان ۾ آهي سو ملعون آهي، مگر الله
جو ذڪر ۽ اهي شيون جي ان ۾ مدد ڪن، سي نه.“